قدمن چمڻ لاءِ
منهنجي ذهن ۾ هڪڙا خيال ٿي آيا، ٻيا ٿي ويا. مون کي فقير الهه ورايو ياد اچي ويو. هو ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ هوندو؟ مون کي خبر هئي ته جنهن پير جو هو مجاور هو، تنهن جو مقبرو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو هو.
فقير الهه ورايو نهايت نهٺو ۽ خوش طبع انسان هو. ننڍي وڏي سان نوڙت سان پيش ايندو هو، ۽ غريب غربي جي وت آهر خدمت ڪندو هو. جو نئون ماڻهو، پير جي مزار جي زيارت ڪرڻ ايندو هو، ان کي هو مقبرو گهمائيندي، پير صاحب جي تاريخ، شجرو ۽ هن جون ڪيل ڪرامتون ٻڌائيندو هو. هن جو گهڻو وقت خدا جي ذڪر فڪر ۾ گذرندو هو. پير جي مريدن ۽ زيارتين وٽان هن کي نذرانا، خير خيرات ۽ لٽو ڪپڙو پيو ملندو هو، جنهن مان هن جو ۽ هن جي ڪٽنب جو ڪشادو گذر ٿي ويندو هو. ٻارهين مهيني پير جو عرس ٿيندو هو. ان موقعي تي فقير کي هزارن جا نذرانا ۽ تحفا ملندا هئا.
هو ان ڏينهن مون وٽ دوا وٺڻ آيو هو، جنهن رات بچاءُ بند ڀڳو هو، پر پاڻي اڃا ٺٽي کان گهڻو پري هو. ٻه چار ڄڻا ٻيا به موجود هئا. ٻوڏ جي باري ۾ گفتگو پئي ٿي.
هن چيو ”پاڻيءَ کي طاقت ئي ناهي، جو ٺٽي ۾ پير پائي سگهي. هي پيرن فقيرن جو آستانو آهي. هتي سائين .... گهوٽ جو روضو آهي. منهنجي عمر سّٺ سال آهي. ڪڏهن ڪڏهن بند ڀڳو ضرور آهي، پر ٺٽي ۾ پاڻي ڪڏهن نه گهڙيو آهي. هي لڏ پلاڻ ڪرڻ وارا ماڻهو احمق آهن، هنن ۾ ايمان ڪونهي، خدا تي ڀروسو ڪونهي. جي هتي ٻوڏ آئي ته پوءِ نعوذباالله اسان جو مرشد ڪوڙو!“
هن جي ڳالهائڻ ۾ خود اعتمادي ۽ اطمينان جي جهلڪ هئي.
پاڻي ته ان رات ئي ٺٽي جي گهٽين ۽ گهرن ۾ گهڙي آيو. مون کي به سخت ڪم ڪرڻو پيو. هينئر به لانچ ۾ بگهاڙ تي پناهه وٺندڙن کي طبي امداد ڏئي، واپس مڪليءَ وڃي رهيا هئاسين. لانچ ۾ ڏهه ٻارهن ڄڻا هئا: ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر، پٽيوالا ۽ نيويءَ جا ماڻهو. ڳالهه ٻولهه جو موضوع اٿل هئي:
”هتي ڪيترا نه پير فقير آهن، پر اهي به هن مصيبت کي روڪي نه سگهيا.“ هڪڙي چيو.
”هي سڀ اسان جي ڪرتوتن جو نتيجو آهي. ماڻهن جو آخرت ۾ اعتبار نه رهيو آهي، خدا ۾ ايمان نه رهيو آهي ۽ پيرن اوليائن کي ڇڏي ڏنو اٿن“ ٻئي چيو.
”دوست، اسان جي بدڪاري ۽ گناهن ڪري ٻوڏ ته اچي نٿي سگهي، البت انجنيري وارن جي بد انتظامي ۽ بيپرواهي ان لاءِ جوابدار ٿي سگهن ٿيون.“ پهرين مرڪي جواب ڏنو.
ٽئين چيو ” اها خدا جي سچن ٻانهن ۽ ولين جي ڀلائي آهي، جو ٺٽي جو گهڻو حصو بچي ويو.“
پهرين وري چيو ” انهن ڳالهين جو مدار فطرت جي قانونن تي آهي. پاڻي پنهنجي ليول مطابق جتي پهچي سگهيو ٿي، اتي ويو آهي. جيڪي جايون مٿي دڙي تي هيون، اهي بچي ويون. هيٺاهين وارين جڳهين کي پاڻيءَ ٻوڙي ڇڏيو. ايئن ڪو نه آهي ته بدڪارن جا گهر ٻڏي ويا، ۽ ٻين جي جاين کان پاڻي پاسو ڪري ويو. هيٺاهينءَ وارا مقبرا، مسجدون ۽ مندر به بچي ڪو نه سگهيا.“
چوٿين چيو ”شهر ۾ ته هيءَ ڳالهه پئي هلي ته هڪ الهه لوڪ بزرگ، ٺٽي ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ڏسي، جامع مسجد ۾ دعا گهري ته مولا، ٺٽي کي ايترو پاڻي ڏي، جو شهر به درياهه ٿي وڃي. ان ڪري ئي هي سيلاب آيو.“
مڪليءَ تي پهتاسون ته معلوم ٿيو ته جن سيلاب جي ستايلن، قبن اندر وڃي ٻارن ۽ زالن سميت اجهو ورتو هو، تن کي اتان ڪڍيو پيو وڃي؛ ڇو ته ان نموني قبرن جي بيحرمتي پئي ٿي.
چوڌاري ماڻهو ئي ماڻهو ٿي نظر آيا. ٻوڏ ڪري ماڻهن کي سخت مصيبتن سان مقابلو ڪرڻو پيو هو.
شروع ۾، جڏهن بند ٽٽڻ جي خبر آئي، تڏهن هراس ۾ ماڻهو گهر ۾ مال ڦٽو ڪري وٺي ڀڳا، ان گهٻراهٽ جو فائدو وٺي، لچن ۽ لفنگن خوب ڦر لٽ ڪئي. ٻهراڙيءَ وارن کي اوچتو اچي پاڻيءَ گهيرو ڪيو، جنهن ڪري هو فقط جانيون بچائي، مشڪل سان ٻاهر نڪتا. گهر جو سمورو سامان سڙو، ڍور ڍڳا ۽ فصل پاڻيءَ جو بَکُ ٿي ويا. ڪن کي پنهنجيءَ حياتيءَ تان به هٿ ڌوئڻا پيا.
مڪليءَ تي پهتا. کيسا خالي، رهيو کهيو کڻي ڪو نه سگهيا، ڌنڌا ڌاڙي بند، اُپت ڪو نه رڳو کپت. ٻه مکيه مسئلا هئا، هڪ اجهو، ٻيو اٽو. بارش به پئي پئي. مڇر بي انت هئا. ڪن وڃي مقبرن ۾ مٿو لڪايو هو، ڪن جهوپڙيون جوڙيون هيون، ۽ ٻيا وري کليل ميدان تي مينهن ۽ مڇرن جو مقابلو ڪندي، بيمارين جو شڪار بنجي رهيا هئا. پردي نشين عورتن واسطي ته هر معاملو ڪٺن هو. سڀ حيران ۽ پريشان هئا.
اَن ڪو نه مليو، يا مليو ٿي ته تمام مهانگو. کاڌي پيتي جون ٻيون شيون به اڻ لڀ. دال بصر ملڻ به مشڪل. آمريڪي کير ۽ گيهه وٺڻ لاءِ ماڻهو ٻارين ٻچين، ڪلاڪن جا ڪلاڪ، اچي قطار ۾ بيهندا هئا. ڪالرا ۽ مدي جي تپ جا ٽڪا ماڻهن نه ٿي هڻايا. پوءِ شرط وڌو ويو ته مفت سرڪاري راشن انهن کي ملندو جيڪي ٽڪا هڻائيندا. اهو ٻڌي، ڪن ماڻهن ٻيڻو راشن حاصل ڪرڻ خاطر، ڪوڙ ڳالهائي، ٻه ٻه، ٽي ٽي دفعا ٽڪا هڻايا؛ جنهن جي نتيجي ۾ هو بيمار ٿي پيا ۽ مرندي مرندي بچيا.
نانگ بلائون به ٻاهر نڪري آيا هئا، ۽ اهي پڻ انسانن کان ڏاڍا وير وٺي رهيا هئا. مليريا، پيچش ۽ پيٽ جون بيماريون وڌي ويون هيون.
سوين ماڻهو بگهاڙ بند تي وڃي ڪٺا ٿيا هئا. بند جي چوڌاري ميلن ۾، پاڻي ئي پاڻي هو. هنن کي مدد پهچائڻ آسان ڪم نه هو. اسين، جڏهن وياسون، تڏهن ڪيترن ماڻهن ٻڌايو ته کين ٻن ڏينهن کان مانيءَ جو گرهه نصيب نه ٿيو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن دوائن وٺڻ ۽ ٽڪا هڻائڻ کان صفا انڪار ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته ”اسان جا پيٽ خالي آهن، اسان کي کاڌو کپي، دوائن کي ڇا ڪنداسون؟ ڀلي ته بيمارين ۾مري وڃون، گهٽ ۾ گهٽ هنن بکن کان ته جان ڇٽي پوندي.“
هڪ ڏينهن، مڪليءَ واري عارضي اسپتال ۾، دوا وٺڻ لاءِ فقير ورايو اچي نڪتو. ٻيون خبرون چارون به ڪيائين. جڏهن پاڻي ٺٽي کي ويجهو اچي پهتو، تڏهن هن به سلامتي ان ۾ سمجهي ته سامان سميت ڪنهن محفوظ هنڌ ڏانهن لڏي وڃي. هو ٻيڙيءَ رستي مڪليءَ تي پهتو. هتي مريدن هن کي جهوپڙي بنائي ڏني. مريدن جي مدد ۽ ڪوشش ڪري، هن کي ڪا خاص تڪليف ڏسڻي ڪا نه پئي. تڏهن به چيائين ”ٻوڏ ڪري ڏاڍا دربدر ٿيا آهيون خدا اهڙو عذاب دشمن تي به نه آڻي.“
اٿل جو پاڻي هٽي ويو. ماڻهن واپس اچي پنهنجا وٿاڻ وسايا. حالتون سڌري ويون. هڪ ڏينهن، مان پنهنجي پٽيوالي سان هڪ گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هوس ته هڪ هنڌ ماڻهن جو ميڙ ڏٺم. پٽيوالي کان پڇيم ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ چيائين ته هي ”سائين ...... اولياءِ“ جو عرس ملهائجي رهيو آهي. مون کي ياد اچي ويو ته هي فقير الهه ورائي وارو پير آهي. وڌي وڃي ميڙ جي هڪ پاسي کان بيٺس. فقير الهه ورايو تقرير ڪري رهيو هو. هن پنهنجي مرشد جي ڪرامتن جو ذڪر پئي ڪيو......
هو چوڻ لڳو ”جڏهن درياهه شاهه جي ڪپ تي، سائين .... گهوٽ، اسلام لاءِ لڙندي شهيد ٿي ويا، تڏهن درياهه شاهه قسم کڻي وعدو ڪيو هو ته مان ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور سائين... گهوٽ جا قدم اچي چمندس.... ۽ صدين کانپوءِ، هن سال درياهه شاهه پنهنجو وعدو پورو ڪيو، جنهن کي عام ماڻهو ٻوڏ سمجهي رهيا آهن.....!“
ميڙ مان ”حق ! حق!“ جو نعرو بلند ٿيو، ۽ مان مرڪندو موٽي آيس.
٭
ٺٽو، ٩ – فيبروري 1957ع
ماهوار هلال پاڪستان: جولاءِ 1957ع