جٺ
سارو ڏينهن گهر جي چوديواريءَ اندر ڇنڊ ڦوڪ، رڌ پچاءَ، ٻارن جي پَٽ کوهه ۽ مڙس جي خذمت چاڪريءَ ۾ چَٽُ ٿيو وڃي. مٿي کنهڻ جي فرصت به ڪا نه. آخر ته انسان آهي، ڪڏهن ڪڏهن تفريح به ته هجي.
بيراج ڪالونيءَ ۾ فقط ”عورتن جو باغيچو“ ئي هو، جتي سانجهيءَ جو ستين – اٺين بجي عورتون ڪٺيون ٿينديون هيون. ڪلاڪ – ٻه ڳالهين ٻولهين، کل ڀوڳ ۽ ٺينگ ٽپا ڏيڻ ۾ ڏاڍي مزي سان گذرندو هو.
براج جي پل، جا ميل کن پري هئي، اتي پڻ وڻندڙ وايو منڊل ۽ نرمل نظارو هو. سير ۾ ڏاڍو لطف ايندو هو. مگر اوڏانهن وڃڻ واسطي مهلت ڪٿي. ڪڏهن ڪڏهن مرد موج ۾ اچي ويندو هو ته برقعي جو ڪارو ڪفن پارائي ٽهلڻ لاءِ گڏ گهليندو هو. ان ۾ تفريح وري ڌوڙ هئي. مرڳوئي تازي هوا جي ڪميءَ ڪري، برقعي جي ستن پردن پٺيان ساهه گهٽجڻ لڳندو هو.
پر مڙس جي سنگت ۾ اهو مزو ڪٿي! هو ته پاڻ کي عورت کان وڌيڪ عقل وارا سمجهن ٿا، ۽ پنهنجون سياست جون ۽ الائي ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون شروع ڪري ڏيندا؛ جي ٻڌي دل ئي ڪچي ٿيڻ لڳي. يا وري ڪندا نصيحتون ...... ”گهر جو خرچ گهٽاءِ، پيسو ڪو نه ٿو بچي، ٻارن جي صفائيءَ جو ڌيان رکندي ڪر.....“
جتي پنج – اٺ مايون ويٺيون هونديون آهيون، اتي جو ته لطف ئي ٻيوهوندو آهي. ڪچهري ڪندي اونده تي وڃي ته به پتو ئي ڪو نه پوي. رات کٽي وڃي ڳالهيون نه کٽن!
ها، سو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي عورتن جي دل ۾ اهو خيال جاڳيو ته ڇو نه ڪيڏانهن پڪنڪ ڪجي؟ هڪ شام جو ”عورتن جي باغيچي“ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پڪنڪ ضرور ڪبو. گهڻي بحث مباحثي بعد ٺهراءُ پاس ٿيو ته حيدرآباد جي ”راڻي باغ“ ڏانهن هلبو، ۽ سارو ڏينهن اتي بسر ڪبو.
راڻي باغ هر مهيني جي پوئين جمعي تي رڳو ضاعفن واسطي کليل هوندو آهي. مردن کي اندر وڃڻ جي اجازت ڪا نه هوندي آهي. هنن به اهو ڏينهن پڪنڪ خاطر مقرر ڪيو. اڃا ته مهيني جو پهريون جمعو گذريو هو. مڙئي عورتون بيچينيءَ سان ان ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳيون.
ان ڏينهن لاءِ وڏا وڏا پروگرام رٿجڻ لڳا. فلاڻي تفريح ڪبي، فلاڻيون رانديون ڪبيون، فلاڻي شرارت ڪبي. رات جو عورتن جي باغيچي ۾ ڏاڍي چاهه سان ان عظيم ڏينهن کي ياد ڪيو ويندو هو، جهڙي طرح ٻهراڙيءَ وارا ايندڙ ميلي يا ملاکڙي جون ذوق شوق سان ڳالهيون ڪندا آهن.
خدا خدا ڪري اهو ڏينهن به آيو. رات جو سڀني زالن کي آخري اطلاع ڏنو ويو ته سڀاڻي صبح جو سوير ئي هلبو. ڪو خاص انتظام ڪرڻو ڪو نه هو. کاڌي پيتي لاءِ هنن جو فيصلو هو ته سڀڪا پنهنجو کاڌو پچائي پاڻ سان کڻي هلي. باغ ۾ هلي هڙئي گڏجي طرحين طرحين طعام کائينديونسين. باقي رهي اسان کي اوڏانهن کڻي هلڻ لاءِ گاڏي، سا وري ڪهڙي ڏکي ڳالهه آهي. ايس-ڊي-اوز ۽ انجنيئرن وٽ لائيٽ وينس آھن. ڪنهن نه ڪنهن وٽان ضرور ملي ويندي. نه ته به لٿي پٿي اسپتال ۾ امبيولنس ته ٻيٺي آهي. هڪ ڇا، ويهه عورتون سخت بيمار بڻجي پونديون، جن کي حيدرآباد پهچائڻ لاءِ اسان کي گاڏي ملڻ گهرجي.... چڱو، هاڻي ٽڙي پکڙي وڃو!
زالن پنهنجي مڙس کان اجازت ورتي. جن کي ڪنهن ضرورت يا مجبوريءَ ڪري مڙس موڪل نٿي ڏني، تن به ٻه ڳوڙها ڳاڙي اهو حق حاصل ڪيو.
صبح جو گهرو ڌنڌي ۽ رڌ پچاءَ ۾ ساڍا ست وڄي ويا، حالانڪه هنن جو ساڍي ڇهين روانو ٿيڻ جو پڪو پروگرام هو. سڀ باغيچي ۾ گڏ ٿيڻ لڳيون. ڳالهيون شروع ٿيون..... فلاڻي اڃا چلهه تي ويٺي آهي، فلاڻيءَ جو خاوند بستري داخل آهي، هوءَ ان جي ٽهل ٽڪور ۾ رڌل آهي؛ فلاڻيءَ جا مزمان اچي ويا نه هلندي؛ فلاڻيءَ تي سخت بخار حملو ڪيو آهي، نه هلي سگهندي؛ فلاڻي ڪپڙا بدلائي رهي هئي، ايندي هوندي.... ڪن ڏي ماڻهو موڪليا ويا ته جلدي پهچي وڃن.
اوچتو هڪ ڄڻيءَ رڙ ڪري پڇيو ”ڪنهن کي گاڏيءَ واسطي به چيو ويو آهي يا نه؟“
ٻيون ته هزارين ڳالهيون پئي ٿيون، پر صبح کان وٺي ان طرف ڪنهن جو به ڌيان ڪو نه ويو هو، حالانڪه پهرين ان ڪم جو خيال رکڻ کپندو هو. بهرحال، هڪدم ماڻهو ڀڄايا ويا. مگر جتان ڪٿان ناڪامي نصيب ٿين. ٻه – ٽي گاڏيون اول ئي حيدرآباد وڃي چڪيون هيون. هڪ – ٻه گاڌي ڊٺي پئي هئي، ۽ ٻن – ٽن جا ڊرائيور غائب هئا، ڇو ته اڄ جمعو هو ۽ هتي جمعي جي موڪل هوندي آهي.
مڙني جا مکڙا مرجهائجي ويا. هاڻي ڇا ٿيندو؟...... پر اڙِي امبيولنس ..... ڀڄ ڊاڪٽر جي بيگم!
هن ڊاڪٽر کي اچي چيو ”هڪ مائي سخت بيمار آهي. هن کي زناني تڪليف آهي، جا توهان کي نه ٻڌائي ۽ نه ڏيکاري ٿي سگهجي. هن کي امبيولنس ۾ حيدرآباد ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ پهچائڻو آهي. اسين پڻ هن سان گڏ وينديونسين.“ ڊاڪٽر مشڪي ڏنو. امبيولنس ته خود بيمار هئي، ۽ ٻن ڏينهن کان علاج واسطي ورڪشاپ ۾ بيٺل هئي. ڊرائيور کي گهرائي چيائين ته ڪنهن به نموني گهلي سهلي گاڏي ڪاهي وڃ. ڊرائيور جواب ڏنو ته ورڪشاپ اڄ بند آهي ۽ گاڏيءَ ۾ فلاڻي فلاڻي خرابي آهي ۽ ان جو هلڻ ته هڪ طرف پر چرڻ به ناممڪن آهي.
عورتن ۾ ٽاڪوڙ پئجي ويو هو. ڀڄ ڀڄان شروع هئي. ڪانفرنسون ٿي رهيون هيون. هنن ڊرائيور کي سڏائي دٻ ڪڍي ته تون سچو ٿين ته ڪم ٿي سگهي ٿو. ٻڪرار سچائيءَ تي چڙهي ته کڙهه تي کير پياري..... ڊرائيور جي زال کي گهرائي هنن کي پڪنڪ تي هلڻ جي نينڍ ڏني وئي، حالانڪه پهرين هوءَ ڪنهن ڳاڻاٽي ۾ ڪو نه هئي. ساڳئي وقت هن تي اهو به ڪم رکيو ويو ته هوءَ پنهنجي مڙس جي ڪن-مهٽ ڪري.
ڊرائيور وري ڊاڪٽر وٽ آيو ۽ اچي چيائينس ته جيڪڏهن هو ايس.ڊي.او ڏانهن ليٽر لکي ڏئي ته هڪ سخت بيمار لاءِ امبيولنس گهرجي ۽ هو ورڪشاپ (ڪارخانو) کولائي مسترين کي ڪم ۾ لڳائي، ته ڪلاڪ ڏيڍ ۾ گاڏي هلڻ جهڙي ٿي ويندي.
ڊاڪٽر جي چٺي پهچائڻ ۽ مڙس جي ڪن- مهٽ ڪرڻ لاءِ ايس.ڊي.او جي زال کي موڪليو ويو. ”امبيولنس ۾ منهنجي ساهيڙي وڃڻي آهي، اُٿو جلدي ڪريو!“..... ايس.ڊي.او مرڪندو، مسترين سميت، اس ۾ ميل پنڌ ڪري ڪارخاني ۾ پهتو.
امبيولنس جو هوائي جهاز جهڙو مخصوص شور ٻڌي، عورتن جا چهرا چمڪي اٿيا. ڪي چنچل ۽ چلوليون ته مستيءَ ۾ ڀرجي نچڻ لڳيون.
يارهن وڄي ويا هئا. ڏينهن به ڏاڍو تپي ويو هو، پر عورتن جا ارادا پهاڙ وانگر اٽل هئا.
پراڻي سلهه جي مريض وانگر کنگهندي ۽ بدهاضمي جي بيمار وانگر پٺيان گئس ڪڍندي، امبيولنس چالو ٿي.
ڄامشوري ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ گاڌي ٻه دفعا خراب ٿي پئي. ڪلون ۽ پرزا ٺيڪ ڪندي، ڊرائيور دل ئي دل ۾ انجڻ بڻائيندڙن ۽ شايد عورتن کي به گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو. کليل پٿريلو ميدان، نه وڻ نه ٽڻ، سج به چوٽيءَ تي، لُک اهڙي پئي لڳي جو چمڙي ساڙيو ٿي ڇڏيائين. امبيولنس بَٺي بڻجي وئي. عورتن منهن تي کڻي کولي ڇڏيو، پر باقي بدن ته برقعي ۾ بند هو. گرمي هنن نازڪ جسمن کي نپوڙي، پگهر جي صورت ۾ پاڻي ڪڍي رهي هئي.
گاڏي چُري پئي ته هوا به لڳي ٿي ۽ ڪجهه آٿت به پئي ٿيو ته اجهو ڪي منزل تي پهتاسين، بيهي ٿي ته دوزخ هو.
هڪ مائي، جنهن جا ٻين سڀني کان گهڻا ٻار هئا، تنهن پاڻيءَ جي گهگهي کنئي هئي. انهيءَ ته سٽ به ڪا نه جهلي. خشڪي ۽ اڃ کان سڀني جون نڙيون سُڪي ٺڪر ٿي ويون. عورتن جا ٽهڪ ۽ مذاق گهٽجي ويا، ۽ ٻارن جو روڄ راڙو وڌي ويو.
گاڏي ڪوٽڙيءَ پهتي. سڀني هوٽل تان پاڻي پيتو. هنن جي پيٽ ۾ وري ساهه پيو. هو وري تازگي محسوس ڪرڻ لڳيون. منزل به ويجهي هئي. جسم سان گڏ هنن جي دل به اڇلون ڏيڻ لڳي.
ڄامشوري کان، ڪوٽڙيءَ رستي، راڻي باغ تائين اڌ ڪلاڪ جو پنڌ هو. پر گاڏي خراب ٿيڻ ڪري ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ويو.
گاڏي، باغ جي دروازي وٽ اچي بيٺي. سڀ کلنديون، خوش ٿينديون هيٺ لٿيون، ڄڻ ته جنت جي در وٽ پهتيون هيون. سڀڪا پنهنجي پنهنجي بِدڙي سنڀالي دروازي ڏانهن وڌڻ لڳي.
اتي ٻه پوليس وارا بيٺا هئا. هڪ ڄڻو هنن ڏي وڌي آيو ۽ چيائين:
”اڄ گورنر صاحب جي ميونسپالٽيءَ هن باغ ۾ پارٽي ڪئي آهي، ان ڪري ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت ڪانهي.“
هنن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته هڪدم گرمي ٻيڻي ٽيڻي ٿي وئي هئي، ۽ هو پگهر جي درياهه ۾ غوطا کائي رهيون هيون.
٭
ڄامشورو، ۸ – جون 1955ع
مارئي: آگسٽ 1957ع