مهاڳ : سندي ذات هنجن (محمد ابراهيم جويو)
پنهنجي هِن پياري ساٿيءَ سان اسان جا انيڪ لاڳاپن جا ڌاڳا رات جي اُڀ ۾ سدا چمڪندڙ چنڊ ۽ تارن جا ڌاڳا، ڏينهن جي اوجل صبح جا ڌاڳا، اسان جي حالَ جا ڌاڳا ڳنڍيل آهن، ۽ ڪو هڪ ڌاڳو به ڇڪجي ٿو، ٿوري ئي ڪا اُن کي ساهَه اچي ٿي، ته هُن جو مَنُ ضرور اُتي لرزبو هوندو. پر خاص طرح اسان جي ٻولي، جيڪا اسان جو ساهُه آهي ۽ جنهن سان اسان جو مَنُ جيئي ٿو، اُها هُن کي ۽ اسان کي (ان کان اسين باخبر هجون يا نه) هڪ گهڙي به جدا ٿيڻ نه ٿي ڏئي.
”ٻولي“، آواز، دانهَن ۽ دانهَن جو جواب ٻوليءَ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون زندگيءَ جي وڏي وٿ آهن ۽ اُن لاءِ وڏو آٿت آهن، بلڪ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهن. روسي اديب ترگنيف (83-1818ع)، جنهن پنهنجي عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنهن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو هو، پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي تي چيو هو: ”جڏهن به مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي ملڪ تي ويچاريندي منهنجو من لرزجي ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري، سچار، آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏئين ٿي ۽ مون کي بچائين ٿي. جي تون نه هجين، ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجهه منهنجي وطن تي وهي واپري رهيو آهي، اُن کي ڏسي، آءٌ هوند ڊهي، بنهه پٽ اچي پوان!“ پر ڪو ايئن آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي مليل هوندي! اسين به پنهنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته اُها اسان جو ڏڍ آهي، آٿت آهي ۽ اسان جا شڪ ۽ نراسائيون دور ڪري ٿي، ۽ جيڪا ٻولي اسان کي اڄ ”سَندي ذات هَنجن“ جهڙو نثر ڏيئي سگهي ٿي ۽ اُن جهڙي پرک ڏيئي سگهي ٿي، اُها ٻولي ڪيئن نه عظيم هوندي! ۽ نيٺ ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي ملي هجي!
ترگنيف جو لاش جڏهن ٽيهن سالن جي غريب الوطنيءَ کان پوءِ روس جي مٽيءَ ۾ پورجڻ لاءِ پئرس مان وڃي رهيو هو، تڏهن مشهور فرينچ اديب، فيلسوف ۽ تاريخ نويس رينان اٿي چيو هو: ”ترگنيف کان وڌ دنيا ۾ اڄ ڪو شخص ڪونهي، جو هڪُ پنهنجي سڄيءَ قوم جو ترجمان بڻجي سگهيو هجي! هُن جي وڏن جا ڪيئي خاموش نسل، جيڪي صدين جي ننڊ ۾ ٻُڏل هئا، اُنهن کي به هِن جي ذريعي آواز مليو آهي، ۽ اُهي وري زندهه ٿيا آهن.“ سچ پچ، ٻولي قومن جو آبِ حيات آهي- انساني روح جو سدا تازو، ڀريو ڀاڳيو، پاڪ چشمو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو ماضي گڏ ڪري رکن ٿا، ۽ پنهنجي تمنائن جو، ڄاڻ جو، تجربي جو ۽ اڳ- ويچار ۽ پروڙ جو عڪس ڏسن ٿا، ۽ اِهو سڄو ڪم سندن سگهڙَ، اديب ۽ شاعر ڪن ٿا.
ترگنيف نثر نويس هو ۽ همه- وقتي اديب هو. شعر جي دنيا ۾ اسين به پنهنجي تاريخ جي هڪ دور ۾ هڪ اهڙو پنهنجو محسن رکون ٿا- لطيف، جيڪو هڪُ ئي سڳورو شخص اسان جو پورو ترجمان هو، ۽ پوءِ اسان کي ٻيا به ڪي شاعر پنهنجي پنهنجي دور جا ڪجهه ڪجهه ترجمان مليا، پر اسان جي نثر جي دنيا اڃا اَهڙن ئي رڳو ڪجهه- ڪجهه ترجمانن سان آباد آهي، اُن کي اڃا ڪنهن دور جو هڪ ئي پورو ترجمان نه مليو آهي. اسان جي هِن رهنما اديب ۽ نقاد ساٿيءَ، رسول بخش پليجي ۾ اُها ڏات ۽ ڏانءُ هئا، جو هو ادب جي نثري صنف ۾ پنهنجي دور جو پورو ترجمان بڻجي سگهي ها- پر افسوس، هُن جي سياسي مصروفيتن هُن کي اُها فرصت نه ڏني.
هلندڙ صديءَ جي پوئين اڌ شروع ٿيڻ سان اسان جي ادبي دنيا ۾ هڪَ تازه دم چرپر شروع ٿي، ۽ اسان جا قلمڪار، شاعر ۽ اديب، ملڪي آزاديءَ جي مسئلن سان مُکاميل ٿيندي ئي، ۽ اُنهن جي پهرينءَ اجنبيت ۽ دهشت تي غالب پوندي ئي، پنهنجي وطن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، پنهنجي ماڻهن جون، اُنهن جي غريبيءَ جون، اُنهن جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي حقن جون ۽ سندن روزمره جي مسئلن جون….. ۽ اِيئن ڪجهه وقت ئي نه گذريو ته سندن حيرت جي حد نه رهي، جو مٿن تهمتن ۽ بهتانن جا بند ٻڌجڻ شروع ٿي ويا، ۽ ري گناهه هو ڪافر بڻجي ويا، غدار به ٿي ويا، ۽ ڪيئي قسم جا لقب مٿن لڳي ويا. ڳالهه کي ڪجهه ڪَنائيندي، ڏٺائون ته اُهي ڌوڙيا مٿن اُتان ٿي اُٿيا، جتي جهالت هئي، بيجا عصبيت هئي ۽ هٺ ڌرمي هئي، ۽ وڏي ڳالهه ته جنهن پاسي دولت ۽ دولت جا ذريعا هئا ۽ اقتدار هو، ۽ اُنهن جو اونو هو، ۽ اُنهن تي ڏاڍو وڏو آڌارُ ۽ گهمنڊُ هو. ترت ئي پوءِ خود منجهن به ڪي اِهڙا نڪورا نوان اديب اسري ميدان تي آيا، جيڪي سامراجي يورپ جي انساني زوال کان متاثر ”جديديت“ جا سِڌا يا اُن جي اثر ۾ آيل ڪجهه اُهڙي اردو ادب ۽ ڪجهه هڪ ٻن ڀارت جي اُهڙن سنڌي اديبن وسيلي، ايترا ته هڪدم عادي ۽ اصلي متوالا بڻجي پيا، جو پنهنجي ادب جي محبِ وطن ۽ انسان دوست ڪردار کان لادعوى ٿي،”بيزاريءَ ۽ فرار“ جي مُوڊ ۾، ادب ۾ ”ڳالهه“ کي ڇڏي ”فن“ جا دعويدار ٿي بيٺا، ۽ ڪي ته اَهم- واد (Egotism) ۾ اچي، خاص طرح ”جسم جي پنٿ“ (Cult of Body) کي ”جوانيءَ جي راهه“ (Way of Youth) سڏيندي، ڪي اِهڙا سطحي ۽ سهل، ابتا ۽ لاتعلق ”فنپارا“ پيش ڪرڻ لڳا، ۽ اڳرا ٿي، اُنهن جو دفاع ڪرڻ لڳا، جو عصري ادب جي سرمايه پسند ۽ اقتدار پرست اصلوڪن عداوتين کي پنهنجي تهمت بازين ۽ بهتان تراشين لاءِ ويٺي ويٺي ڪافي گهڻو مواد ملندو رهيو- جيئن هاڻي به اُنهن کي وٽانئن ملندو رهي ٿو. هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
جيئن پراڻيءَ شيءِ جو پراڻو هجڻ ئي اُن جي قدر جو ماڻ نه آهي، تيئن نئينءَ شيءِ جو نئون هجڻ به اُن جي چڱائيءَ جو دليل ڪونهي. نظرياتي طور، اسان جا ”جديدي“ دوست پاڻ به پنهنجيءَ اِن ”جديديت“جي ڪنهن انساني وٿ يا قدر جا قائل نه آهن بلڪ هو پنهنجي
”جديدي ادب“ کي انسانَ ۽ انسان جي دنيا کان پري رکڻ ئي پنهنجو منصب سمجهن ٿا. اصل ۾، خود فن به هُنن لاءِ ڪا اهميت ڪانه ٿو رکي- فن کي هو هڪ کيل، هڪ سانگُ ئي سمجهن ٿا، ۽ چون ٿا ته زندگي، جيڪا ڳنڀير ۽ ڳري آهي، اُن سان فن کي ملائڻ ئي نه کپي، ڇوته فن نِرو فن ئي رهڻ کپي. ايئن هو زندگيءَ کان فن کي پري رکي، جيئن ادب کي تيئن اُن جي فن کي به پنهنجي انفرادي مرضيءَ ۽ ريچڪ جي تابع رکڻ چاهين ٿا، بلڪ اُن لاءِ هو هر تسليم ٿيل ۽ پسند پيل ادبي ۽ فني معيار جي مذاق اُڏائين ٿا، ۽ جديديت جي عشق ۾، اُن لاءِ پنهنجي نفرت، بلڪ ڪراهت جو اظهار ڪن ٿا. کُليو کُلايو هو چون ٿا ته هنن جي ”تخليق“ مخصوص ماڻهن لاءِ، بلڪ فقط سندن پنهنجي پاڻ لاءِ آهي- هُنن کي ئي اُن مان مسرت حاصل ڪرڻي آهي، ۽ اُن لاءِ هُنن جي اِها ڪوشش ٿي رهي ته پنهنجي فنپاري مان انساني دلچسپيءَ جي ڳالهين يا مسئلن کي جيئن پوءِ تيئن گهٽائيندا وڃن- ويندي سندن ادب ۾ سندن ٻولي به ماڻهن جي ٻولي نه رهي- تان جو باقي جيڪا سندن ڪاوش بچي، سا خالص سندن ”فن“ هجي، ۽ پوءِ اُهو اَهڙو فن هوندو، جو اُن کي فقط فن جا خاص ڄاڻو، يعني آخري طور رڳو هو پاڻ ئي سمجهي سگهندا، ۽ اُن مان سڄي جمالياتي مسرت ۽ ٻيو به جو ڪجهه اُن ۾ باقي هجي سگهندو، سو اُهي پاڻ ئي اُن مان حاصل ڪري سگهندا!
هيءَ جديديت، ”جدت براءِ جدت“، ”جدت پنهنجي ريچڪ ۽ رؤنشي لاءِ“، ادب ۽ فن جو ايئن جيڪو حشر ڪري ٿي، اُن مان ڏسي سگهجي ٿو ته فائدو نيٺ ڪنهن کي آهي. جيڪڏهن اُن مان انساني ڪارجُ، انسان کي بهتر انسان بنائڻ جو ڪارجُ، انساني سماج جي تبديليءَ جو ڪارجُ سِڌ نه ٿيو، ته باقي اُن مان فقط هڪ ئي ڪارج سِڌ ٿيندو يعني بيٺلَ ۽ موجود سماج جي خيريت ۽ سلامتي ۽ اُن جو تحفظ. ۽ اِهوئي اسان جا هي، فقط ڏِک ۽ نالي لاءِ، پاڻ کي ”نئين کان نوان“ ترقي پسند چوندڙ دوست چاهين ٿا- ڇوته هو (عالمي توڙي ملڪي، ڪنهن به سطح جي) انقلاب کان ڊڄن ٿا ۽ کين اُن کان نفرت آهي، جيڪو مٿن ذميواريون رکڻ چاهيندو، ۽ هو انساني مسئلن جي سلسلي ۾ ڪابه ذميواري قبولڻ لاءِ تيار نه آهن.
عالمي سطح تي، مغرب جو سامراج اڄ کُليو کُلايو انسان- دشمن فسطائي راهه تي بيٺو آهي ۽ ڪٿي به، ڪنهن به صورت ۾ انقلاب نٿو چاهي. دنيا جو هر سُک ۽ چڱائي ۽ اُن جي دولت جا سڀ وسيلا هو پاڻ لاءِ پسند ڪري ٿو، ۽ ان لاءِ هو جيئن سائنس کي تيئن ٻئي علم، ادب ۽ فن کي پنهنجي عوام ۽ پوئتي پيل محڪوم دنيا جي قومن ۽ عام انسانن جي خلاف استعمال ڪرڻ چاهي ٿو- سائنس کي هڪ دڙڪي طور يعني اُن جي ڊيڄاريندڙ ۽ ناس ڪندڙ حيثيت سان، ۽ علم، ادب ۽ فن کي هڪ دلبي طور يعني انهن جي منفي اِبلاغي حيثيت ۾. محڪوم ۽ پوئتي پيل دنيا ۾ هِن سامراج جي ”گراهڪ“ قومن جون حڪومتون ۽ اُتان جا حڪمران طبقا- ڇاڪاڻ ته اُهي به پنهنجي پنهنجي ملڪ جو هر سُک ۽ چڱائي ۽ اُن جي دولت جا سڀ وسيلا پاڻ لاءِ پسند ڪن ٿا- مغرب جي اِن انسان دشمن سامراجي منصوبي ۾ شريڪ آهن، ڇوته اِن ۾ اُهي پنهنجي فوري خيريت ۽ سلامتي ڏسن ٿا. ادب ۽ فن ۾ ”جدت براءِ جدت“ جو رجحان، انسان ۽ انسان جي مسئلن ڏانهن بي تعلقيءَ جو رجحان، ادب ۽ فن کي سندن اُن منفي ابلاغي حيثيت ۾، عالمي سامراج لاءِ ۽ اُن جي گراهڪ قومن جي حڪمران طبقن لاءِ، اُنهيءَ دلبي طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اُهي جيڪي عالمي سامراج ۽ اُن جي ملڪي حڪمران گروهن جي منصوبن کي ڄاڻن ٿا، ۽ اُنهن سان شامل نه آهن، سي هرگز پنهنجي ادب ۽ فن کي، جديديت جي چَڪمي ۾، ايئن دلبي طور استعمال نه ڪري سگهندا.
اسين پنهنجي محترم عزيز ساٿيءَ جا دلي شڪرگذار آهيون، جو پاڻ اسان کي هيءُ وقتائتو ۽ اهم ڪتاب ڏنو اٿن. ادب ۽ فن ۾ جديديت جي فتني لاءِ، جنهن جا مغرب جي سامراجي دنيا ۾، جتي اُن جي اوسر ٿي، گهڻيئي دلڪش نالا ۽ گهڻيون ئي مٿي- ڦير تاويلون موجود آهن، اُن سڀ لاءِ پاڻ اسان کي هِن ڪتاب ۾ جيڪا تفصيلي ڄاڻ ۽ پرک جي ڪسوٽي ڏني اٿن، اُها اسان لاءِ پنهنجي ادب کي وطن دوست، عوام پسند، انقلابي راهه تي قائم رکڻ ۾ املهه رهبريءَ جو ڪم ڏيئي سگهندي- ۽ اِها راهه ئي اسان لاءِ پنهنجي ادب ۽ فن جي سچي ترقي پسند انساني راهه آهي.
محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد سنڌ
13-09-1983ع