لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

”سندي ذات هنجن“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو لکيل آهي.
ڪتاب بابت محمد ابراهيم جويو پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
Title Cover of book سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

باب يارهون : هڻ ٿي فريدا ! شاد ول ..

هُڻ ٿي فريدا! شاد ول
ڏکڙين ڪون نا ڪر ياد ول،
جهوڪان ٿيسن آباد ول،
ابها نئن نه وهسي هڪ - مڻي.

(خواجه فريد)

(فريد! هاڻ وري خوشي ٿي
ڏکڙن کي وري ياد نه ڪر،
پنهنجون وستيون وري آباد ٿي وينديون
زماني جي نئين هاڻ رڳو هڪڙي پاسي ڪانه وهندي!)

[b]عالمي عوامي مقابلي جو نئون نرالو تاريخي دؤر
[/b]ڌرتيءَ جي ڌيئن ۽ پُٽن ڪڏهن به وس پُڄندي ڦورو ۽ ظالم ٿوراين جي ڦُرلٽ ۽ ظُلم کي قبول نه ڪيو آهي ۽ انهن کان پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ ساڻن ملهُون ۽ مقابلا ڪرڻ بند نه ڪيا آهن.

[b]باغي رَتَ جي جڳ مڳ جرڪندڙ ليِڪَ
[/b]حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان اٽڪل ٻه سَئو سال اڳ، چيني غلامدارن جي ڦورو ۽ ظالم راڄ جي خلاف چين شينگ ۽ ووڪانگ جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪامياب هاري بغاوت کان گهڻو اڳ کان وٺي، حضرت عيسيٰ کان مني صدي اڳ رومي غلام اسپارٽئڪس جي اڳواڻيءَ هيٺ ٻن لکن غلامن جي ناڪام بغاوت تائين ۽ ان کان وٺي اڄ تائين جي هزارين سالن جي عرصي ۾ هر ملڪ جا ڪَئِين حق پرست، انصاف پسند، ڦُريل ماريل ماڻهو اڪيلي سِرُ توڙي ٻين سان گڏجي هر قسم جي ڦورن ۽ ظالمن خلاف هر ميدان ۾، هر هٿيار، هر وسيلي ۽ هر طريقي سان هزارين لکين ڪروڙين ننڍيون توڙي وڏيون بغاوتون ۽ مقابلا ڪندا، وڙهندا، مرندا، ماريندا رهيا آهن. فتح توڙي شڪست جي حالت ۾ هُو کين ڪمزور ڪندا، پوئتي هٽائيندا، اڪثر سندن اقتدار ۽ بالادستي، ڏاڍ ۽ جبر جي تختن کي ٽُڪي ٽُڪي، پاڙان کائي کائي، اونڌا ڪندا ۽ مجموعي طور ڦُرلٽ ۽ ظلم جي نظامن کي اندران کوکلو ڪندا رهيا آهن. ابن مريم کان وٺي فاطمه جي لال تائين، سُقراط کان برونو تائين، منصور کان سرمد ۽ صوفي شهيد تائين، اسپارٽئڪس کان لومبا تائين، دودي ۽ درياهه خان، هوشو ۽ هيمونءَ کان جولس فيوچڪ ۽ وان تروئي تائين ۽ ان کان پوءِ اڄ جي انساني تاريخ جي ڪهاڻي درحقيقت انصاف پسند ۽ حق پرست انسانن طرفان ڦُرلٽ ۽ ظُلم جي راڄ آڏو آڻ مڃڻ کان انڪار ۽ ان سان سِرَ جون سَٽون ڏيڻ جي، سُورهيائيءَ جي سرهاڻين ڀري ڳاڙهي ريٽي ڪهاڻي آهي. بدر کان ڪربلا تائين، اروڙ ۽ وڳهه ڪوٽ کان مياڻيءَ ۽ دُٻي تائين، اسٽالن گراڊ کان دين بين ڦو ۽ بيروت تائين حق پرست باغي، رات جي هڪڙي روشن جڳ مڳ، جڳ مڳ جرڪندڙ ليِڪ دُنيا جي سمورن ملڪن ۽ سمورن کنڊن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندي، سمورن زمانن، مڪانن کي لتاڙيندي اچي اسان تائين پهتي آهي. اها رَتَ جي لِيڪَ اسان جو هڪڙو وڏي ۾ وڏو روحاني ۽ ثقافتي مقدس ورثو آهي. دنيا جو ڪوبه چنگيز يا هلاڪو، يزيد يا حجاج، تيمور يا نادر شاهه، هٽلر يا مسوليني ان رت ۾ سمايل حق پرست بغاوت ۽ مقابلي جي شعلن کي وِسائي نه سگهيو آهي. حق پرست بغاوتون ۽ مقابلا اڄ تائين جاري آهن ۽ توڙ تائين جاري رهندا.
عوام جي ڦُرلٽ ۽ ظُلم سان لڳاتار مقابلن ڪَئِين ڇٽ پٽن سان هڻي ڇڏيا، پر بُنيادِي سماجي سببن جي ڪري، هن کان اڳ هر هنڌ ۽ هر دؤر ۾ هڪڙي ڦورو ۽ ظالم ٿورائيءَ جي تختي اونڌي ڪرڻ کان پوءِ ان جي جاءِ تي اقتدار عوام جي اڪثريت جي هٿن ۾ نه، پر ڪنهن ٻي ڦورو ۽ ظالم ٿورائيءَ جي هٿن ۾ ئي اچي ٿي سگهيو. هڪڙي ڦورو ۽ ظالم نظام جي جڳهه فقط ٻيو ڦورو ۽ ظالم نظام ئي والاري ٿي سگهيو.
هزارين سالن جي لکين ڪروڙن ويڙهين جو نتيجو هميشه ساڳيو اهو نڪرندي نڪرندي، نيٺ اڄ اسان جي دؤر ۾ اها سڀاڳي منزل اچي سهڙي آهي، جڏهن هڪڙي ڦورو ۽ ظالم ٿورائيءَ جي جاءِ تي خود مظلوم ۽ محڪوم پورهيت گهڻائي سماج ۽ ان جي هر شيءِ جي مالڪ ٿي سگهي ٿي. هيترن ڦورو ۽ ظالم نظامن جي جاءِ هڪ حق پرست ۽ انصاف پسند سماجي نظام والاري سگهي ٿو. ناانصافين ۽ ظلمن جي هڪڙي ڊگهي ۽ ظاهري طرح نه کُٽندڙ ٻاٽ اونداهي رات کان پوءِ ڌرتيءَ جي حلالي ۽ ڪرمي ڌيئن، پُٽن کي پنهنجو ورثو ۽ پنهنجو حق نيٺ ملي سگهي ٿو ۽ آهستي آهستي، ڏاڪي به ڏاڪي ملي رهيو آهي. گذريل اڌ صديءَ کان ٿورڙي وڌيڪ عرصي ۾ ڌرتيءَ جي ٽئين حصي تان ڦورو ۽ ظالم ٿورايون ۽ سندن لٺ سردار آقا، دُنِيا جا سامراجي، بي عزت ٿي موچڙا کائي تڙجي چڪا آهن. اڄ اتي انهن ملڪن جي مالڪ اڳوڻن معتبرن جي جنس دوا لاءِ به ڪانه ٿي ملي سگهي. سندن شان شوڪت ۽ جاهه جلال جا نشان يا ته قبرن ۾ ساڻن گڏ پوريل آهن يا ڀوتخانن ۽ عجائب گهرن ۾ ماڻهن جي عبرت لاءِ رکيا ويا آهن.
اڄ هڪ طرف سڄي دُنِيا جا محنتي، محروم، مظلوم ۽ محڪوم ماڻهو ته ٻئي طرف سندن دشمن دنيائي سامراج ۽ سندس ملڪ جا ڇاڙتا، ڦورو ۽ ظالم پنهنجي پنهنجي الڳ ڪئمپ قائم ڪريو، هڪٻئي سان اکيون اکين سان ملايو، مقابلي جي ميدان ۾ دوبدو ٿيا بيٺا آهن. هن کان اڳ تاريخ ۾ ايئن ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي. هيءُ اڄ تائين جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏ ۽ سڀ کان وڌيڪ فيصلو ڪندڙ مقابلو آهي. انسان ذات جي روشن آئيندي جو سمورو دارومدار ان مقابلي ۾ سوڀ پائڻ تي آهي.
سمورين کوٽين ۽ ڪمزورين جي باوجود، دُنِيا جو عوام، ڪڏهن اڻ لکي نموني رڙ بند ته ڪڏهن ڊرامائي انداز ۾ زبردست ڇال ڏيندو، پنهنجي عظيم منزل مقصود ڏانهن وڌي رهيو آهي. تاريخ جي اڻ ٽر قلم، نه ميٽجي سگهندڙ روشن اکرن ۾، سندن نرڙن تي “سوڀ” ۽ سندن دشمنن جي نِرڙ تي “شڪست” جا لفظ اُڪيري ڇڏيا آهن. ان لکئي کي ڪوبه مٽائي نٿو سگهي.
توڙي هلين تڪڙو، توڙي هلين وِک،
پر لکئي منجهان لِک، ذرو ضايع نه ٿئي.

(لطيف)

[b]نوان ۽ اڻ ٻُڌل فرض
[/b]هي نسبتاً نئون ۽ نرالو عالمي دؤر دُنِيا جي ادب ۽ فن کي اڳي جي ڀيٽ ۾ نوان ۽ اڻ ٻُڌل فرض ٿو سونپي.
اڄ دُنِيا جي انقلابي عوام جي ادبي، فني ۽ ثقافتي فوج سندس سموري انقلابي عوامي فوج جو هڪ سُورهيه ۽ سوڀارو لشڪر آهي، جنهن جي جهنڊن تي “ڄاڻ، سمجهه، روشني، محبت، جدوجهد ۽ سُرهيائي” جا لفظ سوني پاڻيءَ ۾ اُڪريل آهن. هن لشڪر بنا، دُنيا جا عوام هرگز جٽادار سوڀ حاصل ڪري نٿا سگهن.
اڄ جو سچو پچو نئون عالمي ادب ۽ فن دنيا تي رڳو تنقيد نٿو ڪري، ان کي ڊاهي نئين سر اَڏڻ ۾ به ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺو آهي. اهو ڪنهن هڪڙي فرد يا ٽولي بدران ڌرتيءَ جي ڌيئن ۽ پُٽن جي زبردست اڪثريت جي ڏکن، سکن، اُميدن ۽ انديشن، لڙڪن ۽ مُرڪن، سپنن ۽ ساڀيائن جي اهڙي باشعور ۽ بامقصد فنڪارانه ۽ اثرائتي ترجماني ٿو ڪري جو اهو سندن بهتر آئيندي واسطي جدوجهد جي واٽ جو سونهون، سندن ٻانهن جو ٻَل، دلين جو سهارو ۽ اکين جي روشني ثابت ٿي رهيو آهي.

[b]نئون اعليٰ عوامي ادب تخليق ڪرڻ لاءِ گهربل سائنسي سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه هن دؤر ۾ ئي ميسر آهي
[/b]فطرت سان گڏ انساني سماج ۽ انساني سوچ بابت صحيح ڄاڻ، ڦورو طبقن جي سخت مخالفت جي باوجود، گذريل صدين ۾ “ڦُڙيءَ ڦُڙيءَ تلاءَ” وانگر آهستي آهستي گڏ ٿي، وڌي ويجهي، نيٺ گذريل صديءَ م هڪ باقاعدي علم ۽ سائنس جي رُتبي کي اچي رسي آهي. اها هاڻ ئي ان پوزيشن ۾ آئي آهي جو سماج ۽ انساني سوچ (جنهن مان ادب، فن، علم ۽ سائنس وغيره پيدا ٿيا آهن) بابت اڻ ڄاڻائي، ڌوکيبازي ۽ نسوري ڪوڙ، زٽ ۽ گمراهيءَ تي ٻڌل ڳالهين سان صحيح معنيٰ ۾ مقابلو ڪري سگهي.
انسانن جي اڪثريت اڃان تائين انهن ڳالهين بابت صحيح ڄاڻ ۽ سمجهه حاصل ڪري نه سگهي آهي، پر ان جو هڪ حصو ان ڌُٻڻ کان ٻاهر نڪري چڪو آهي. هاڻ اديبن، عالمن، دانشورن توڙي عام ماڻهن لاءِ اهو ممڪن ٿي پيو آهي ته جيڪڏهن هو چاهين ۽ پوري اورچائيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان ڊگهي جدوجهد ڪن ته انساني سماج، انساني سوچ ۽ انهن جي پيداوار (ادب، فن ۽ علم وغيره) بابت صحيح ۽ پڪي پختي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا.

[b]زندگيءَ جي هيڪڙائي، نرالائي، پيچيدگي، سڀ-طرفائي، وسعت ۽ گهرائيءَ جو ترجمان ادب
[/b]عام طرح ادب ۾ زندگيءَ کي سماجي طرح هڪ هنڌ بيٺل، اڻ چُرندڙ، ڇڙوڇڙ ۽ هڪٻئي کان ڌار سماجي لقائن، روپن ۽ حالتن جي صورت ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ نه پاڻ ۾ ڳنڍيل، هڪٻئي مان پيدا ٿيندڙ، هڪٻئي تي دارومدار رکندڙ، هڪٻئي کي متاثر ڪندڙ، هڪٻئي ۾ پيٺل ۽ هر وقت چُرندڙ پرندڙ ۽ بدلجندڙ نظامن جي سلسلي جي روپ. ان ادب جو ڏوهه ڪونه هو. اهو گهڻي ڀاڱي سائنسي عالمي تاريخي نقطي نظر ۽ سائنسي سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه جي روشنيءَ ۾ ڪيل زندگيءَ جي سڀ طرفي، اونهي ۽ وسيع مطالبي ۽ مشاهدي جي پيداوار نه هو.
هن دؤر جو عوامي ادب ان ڳالهه ۾ اڳين عوامي ادبن کان گهڻو اڳتي آهي.
اهو زندگي ۽ سماج کي صحيح عالمي تاريخي نقطي نگاهه کان، سائنسي، سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه جي روشنيءَ ۾، سندن سموري زمان ۽ مڪان جي هيڪڙائي ۽ وحدت، لاڳاپي ۽ تسلسل، دارومدار ۽ باهمي اثراندازي، هڪٻئي ۾ سمايل هجڻ ۽ لڳاتار چرپر، تبديليءَ جي صورتن ۾ سندن سمورن رنگن ۽ روپن ۾، سطح، رفتار ۽ رُخ جي لڳاتار تبديليءَ سان، سندن پنهنجو پاڻ کي بظاهر دهرائيندو رهڻ، پر حقيقت ۾ ڏاڪي به ڏاڪي، هيٺان کان مٿي ويندڙ حالتن ۾، ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

[b]اڳ جي عوامي ادب ۽ هاڻوڪي عوامي ادب ۾ فرق
[/b]اڳ عوام دشمن نظامن جي مقابلي ۾ نئين نظام قائم ڪرڻ جو واضح تصور موجود ڪونه هو. ان نئين نظام کي قائم ڪرڻ واريون قوتون، انهن جون تنظيمون، سوچيل سمجهيل طئي ٿيل مقصد ۽ پروگرام موجود ۽ معلوم ڪونه هئا. ان ڪري ان دؤر جي عوام جي گهڻگهري ادب لاءِ اهو ئي ڪافي سمجهيو ويندو هو ته اهو رائج ڦورو ۽ ظالم سماجي نظام جي ڌار ڌار، ڇڙوڇڙ ڳالهين ۽ سندس مشينريءَ جي ڌار ڌار پرزن جي، بنا واضح مقصدن جي، عام اوگهڙ ۽ مخالفت ڪري، مظلومن تي ٿيندڙ ظلمن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ۽ وچولن ۽ مٿين طبقن جي دلين ۾ مظلوم لاءِ قياس ۽ همدردي ۽ ظالمن لاءِ نفرت پيدا ڪري. ان ادب کي اڄوڪي سماجي ٻوليءَ ۾ سڌارڪ ادب سڏي سگهجي ٿو.
پر هيءَ صدي ٻي صدي آهي. هيءَ صدي پراڻن نظامن خلاف نه رڳو نفرت جاڳائڻ، مظلومن لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ جي صدي آهي پر انهن سان مظلوم عوام طرفان منظم نموني ڊگهي ۽ اڻانگي، مرڻ جيئڻ جي ويڙهه ڪري کين ڊاهي نيست نابود ڪري سندن جاءِ تي هڪڙو انصاف ڀريو عاليشان نئون نظام قائم ڪرڻ جي صدي پڻ آهي. ان ڪري هن دؤر ۾ عوام جي گهڻگهري ادب جا فرض اڳوڻي سڌارڪ ادب جي ڀيٽ ۾ انقلابي آهن. اهو پراڻي عوام دوست ادب جو نقل نٿو ڪري سگهي ۽ اوستائين محدود رهي نٿو سگهي. هُن ۽ هن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
اڳوڻي دؤر ۾ اديبن ۽ فنڪارن جو دنيا کي بدلائڻ جي اڻ لکي جدوجهد ۾ ڪردار تمام گهٽ اثرائتو، جهَڪو ۽ اڻ لکهو آهي. هن دؤر ۾ سندن ڪردار نهايت نمايان ۽ اثرائتو آهي. ان ڪري اڳوڻن دؤرن جي عوام جي گهڻگهرن اديبن ۽ فنڪارن جي سماجي ذميوارين ۽ فرضن ۽ اهميت ۽ هاڻوڪن عوام جي گهڻگهرن اديبن ۽ فنڪارن جي ذميوارين ۽ فرضن ۽ اهميت ۾ به زمين آسمان جو فرق آهي.