لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

”سندي ذات هنجن“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو لکيل آهي.
ڪتاب بابت محمد ابراهيم جويو پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
Title Cover of book سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

باب نائون : دنيا کي لِيڪَ!

ڪو ٿو ڪاگر ڪوريين؟ ويٺو وڃايين مس!

(لطيف)

آمريڪا ۽ يورپ جا سماجي طور جاهل، ذهني مريض ۽ پاڻ پوڄيندڙ زوالي اديب ۽ فنڪار پنهنجي گندين ۽ سڙيل سوچن ۽ وهمن جي مَٽُ ۾ جيڪا مانڌاڻي وجهيو بيٺا آهن، تنهن آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي سرمايه دار طبقي ڏانهن مائل (پيٽ ڀريل توڙي بُکين ڀان) اديبن کي به تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. انهن مان نيپال، سلمان رشدي (مصنف “آڌيءَ رات جا ٻار” وغيره) جهڙا ته بين الاقوامي زوالي ۽ اوڇنگاري برادريءَ جي مٿي جا موڙ بڻجي ويا آهن.
تازو سلمان رشدي جو انگريزي ناول “آڌيءَ رات جا ٻار” ڇپيو آهي. يورپ ۽ آمريڪا جو ورلي ڪو نامور اديب رسالو يا اخبار رهيل آهي، جنهن هن ناول جي شان ۾ باقاعدي قصيدا نه پڙهيا هجن. بس مڙس ڳالهه ڪريو مٿان ٿيو ڪِريو پون! ڪاش اهو “عالمي شاهڪار” اردوءَ ۾ به ترجمو ٿئي ۽ ماڻهو ڏسن ته اهي آهن ڪهڙيون چيزون جن ههڙن حريفن کي حيران ڪيو آهي!
جاهل کان جاهل، سيکڙاٽ کان سيکڙاٽ ماڻهو به اهڙيون بيهوديون، اڻ ٿيڻيون، هندستان جي تهذيب ۽ ثقافت سان ڪوبه ميل نه کائيندڙ ڳالهيون نه لکي، جهڙيون هن ماڻهُوءَ ويهي لکيون آهن! هڪڙو باب پڙهبو ته مٿو ڄڻ ٺَڪاءُ ڏيئي ڦاٽڻ تي هوندو. ايڏيون بور ڳالهيون، ايڏي خشڪ، چچريل، غلط ۽ بيهودي زبان! پنهجي ڏاڏيءَ بابت، ماءُ بابت، ڀيڻ بابت، پُڦِي بابت، اهڙيون بور ۽ بيهوديون ڳالهيون لکيون اٿس، جو هتي بابت ذرو ڄاڻ رکندڙ ماڻهو چوندو ته هن ماڻهُوءَ کي هتي جي ثقافت ۽ تهذيب جي الف-ب جي به خبر ڪانهي.

[b]ڏاڏيءَ جو سڏاتورو پوٽو!
[/b]مثلاً لکي ٿو ته، “ڏاڏيءَ جي وڏي زميندار پيءُ جي مرضي ٿي ته منهنجو ڊاڪٽر ڏاڏو، جيڪو غريب هو، تنهن کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏي. سو ڏاڏي کي ريجهائڻ لاءِ پنهنجي ڌيءَ کي هٿرادو بيمار ڪري، چادر مان ٽنگ ڪڍي، هڪڙي پاسي ڏاڏي کي بيهاريندو هو ۽ ٻئي پاسي ڏاڏيءَ کي. ڏاڏي کي چوند هو ته، ‘ٽنگ مان هٿ وڌائي مريض کي تپاس.’ اهڙيءَ ريت ڏاڏي کي سندس عضوا هٿ لاهرائي ڏيکاريندو هو ته هو ڏسي ته مال ٺيڪ آهي! ڏاڏو پهرين ڏينهن جي تپاس خاص ڪري ڇاتين جي تپاس مان ئي مرض کي سمجهي ويو ۽ ڏاڏيءَ تي عاشق ٿي پيو پر زميندار صاحب ڇهه مهينا روبرو بيهي ڌيءَ جي ڇاتين ۽ ٻين عضون جي اها تپاس جاري رکائي!”
هڪڙو مسلمان جاگيردار پاڙي جي هڪ بُکئي گهر جي ڊاڪٽري پاس ڪيل سيکڙاٽ کي پنهنجي سدا ملوڪ ڌيءَ وٺڻ تي آماده ڪرڻ لاءِ ڇهه راتين جا پير ڀر بيهي پنهنجي ڌيءَ جون ڇاتيون مهٽرائيندو رهندو هو ۽ سو به هندستان ۾، اها ڳالهه فقط اهڙن ماڻهن جي دماغ ۾ اچي سگهي ٿي، جن کي ڪا فني تخليق پيدا ڪرڻي ڪانهي، رڳو دماغ ۾ گڏ ٿيل ڪرفتي خارج ڪرڻي هجي.
ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ڪئين ٻيا اهڙا اديب به آمريڪا ۽ يورپ جي زوالي ڪرفتِيءَ جا ٽوڪرا مٿن تي رکيو، پنهنجن ملڪن ۾ انهن جا هوڪا ڏيو مها جديد اَدَبَ ٿيا بيٺا آهن.

[b]هندي ۽ اردو-ڏيرياڻيون ويرياڻيون – پر....!
[/b]هندي اردو هونئن ته پاڻ ۾ ڏيرياڻيون ويرياڻيون آهن پر زوالي اوڇنگاري ادب جي پيدائش جي معاملي ۾ ٻئي ڄڻ سڳيون بلڪه جاڙيون ڀيڻون! هڪڙيءَ جو ڪنجهندڙ ڪرڪندڙ سکڻي ڍڍپٽ وارو ادب پڙهي وري ٻيءَ جو پڙهي ڏسو. چئو ته ڪر ساڳئي قلم مان نڪتل آهن! ساڳيو حال سنڌي ۽ پنجابيءَ جو آهي. بس ڳل ڳل سان لائي کڻو! ساڳي ڪنجهه ڪُرڪ، ساڳيون ڪوڙيون ڍڪون، ساڳيا پار ۽ تار و گهار، ساڳيا اکري تَرڪُ تال، ساڳي بي معنيٰ پاروٿي لفاظي، ساڳيون اڌ اکريون، سڀ پگهر مان شم، داد جا گهورا، تيسمارخان، هوڏانهن به داد-طلب لوڻو، هوڏانهن به، ته ڪير ڏسي ٿو الائي نه، ته ههڙيون بلائون اسان ماريون آهن!
پنهنجي پاڻ پوڄيندڙ، آدم بيزار، خَسِيسُ ذهنيت واري اندر جي گندگيءَ جي تعريف ڪرڻ ۽ ڪرائڻ لاءِ هنن باهمي امداد جي عالمي، ملڪي ۽ مڪاني ادارا ٺاهيا آهن. ڄڻ شهر جي هرڪا مائي پنهنجي گهر جو گند ڪچرو گڏ ڪري شهر جي چوواٽي تي رکي، سڄي شهر ۾ پڙها گهمارائي ۽ ماڻهو گڏ ڪري، ان گند جي پاڻ به ويهي تعريف ڪري ۽ شهر وارن کي به تعريف ڪرائي.
پاڪستان ۾ اردو، پنجابي ۽ سنڌيءَ ۾ جيڪو وللي واويلائي ادب ٿو لکجي، تنهن جي ڀيٽ ۾ اسان جي محترم بزرگ شاعر، غالبِ سنڌ حضرت فيض بخشاپوري صاحب جا غزل ڄڻ سادگيءَ، روانِيءَ ۽ معنويت جا معراج ۽ سماجي شَعُور ۽ مقصديت جا سمنڊ آهن.

[b]پنجابي ادب جا حال
[/b]پاڪستان جي دؤر ۾ جوشوا فضل الدين جي ناولن کي ڇڏي، باقي پنجابيءَ ۾ گذريل سالن تائين ڪل 18 ناول لکيا ويا، پنجابي تذڪره نگار عصمت الله زاهد جي چوڻ موجب انهن ۾ عبدالمجيد ڀٽي، سليم خان گمي ۽ احمد سليم جي ٽن ناولن کي ڇڏي، باقي 15 ناول “نوان” ۽ “علامتي” آهن، يعني سولي سنڌيءَ ۾ وللي واويلائي ادب جو چريو ڌاتورو آهن. فخر زمان جي ٻن ناولن “ست گواهي لوگ” ۽ “اِک مري بندي دي ڪهاني” جون ملڪن ۾ پوڪارون آهن. چون ٿا ته هندستاني پنجاب جا پنجابي جديد زوالي ادب ۽ پڙهندڙ انهن ناولن پٺيان چريا آهن ۽ اهي يونيورسٽيءَ جي ڪورس ۾ رکايا اٿن! اسان جا پڙهندڙ به جي اهي پڙهي ڏسن ها ته خبر پئجي وڃين ها ته برابر، ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي!
هند ۽ سنڌ جي وللي واويلائي زوالي برادري
هند ۽ سنڌ جي سنڌي زوالي اديبن جي تخليق کي پڙهي ماڻهو ته ڀانئي ته سندن سُڃ تي سِيٽَ ڦوڪ ۽ آڪڙ تي کِلان يا سنڌي ادب جو جيڪو حال ڪيو اٿن، تنهن تي ويهي روئان.
ڏسڻا وائسڻا اديب به وللي واويلائي ٿي پيا آهن
ڏسندي ڏسندي چڱا ڀلا ڏسڻا وائسڻا سنڌي اديب “جيڏيان جهرمر لائي، ته ميڏا روح به نه رهيا!” واريءَ ڳالهه وانگر شَعُوري توڙي لاشعوري طرح وللي واويلائي اديب بڻجي ويا. منجهانئن هاڻ مس مس وڃي ڪن مڙسن پير جهليا آهن، پر بدن مان بيماري اڃا به صفا ڪانه ويئي اٿن.

[b]وللي واويلائي ادب جي ڦهلجڻ جا ڪارڻ
[/b]سرمايه داريءَ دنيا ۾ هر شيءِ کي واپار جي جنس بڻائي ڇڏيو آهي. ائڊورٽائيزنگ سرمايه داريءَ جو اسم اعظم جو ڦيڻو آهي ۽ ان کي ڄڻ “قم باذني” جو اذن آهي. ائڊورٽائيزمينٽ جا جديد مشهوريءَ ذريعي اها هڪ ڀيري زهر کي به امرت مشهور ڪري، ماڻهن کي ان جو شائق ۽ خريدار بڻائي سگهي ٿو.
ڪتاب سرمايه داري نظام ۾ هڪ وڏي واپاري جنس آهي. ڪتاب لکائڻ ۽ وڪڻڻ هن دؤر جو اربن کربن جو هڪ تمام وڏو بزنس ۽ ڪاروبار آهي. ان ۾ اربن جو نفعو آهي. ان جي پبلسٽي ۽ مشهوريءَ تي لَک نه پر ڪروڙ خرچ ڪيا وڃن ٿا. پبلسٽيءَ بنا عظيم ترين شاهڪارن کي ڪير ٽڪي تي به نه پڇندو. پبلسٽيءَ سان گند جي دٻي ۾ اُڇلائڻ جهڙا ڪتاب موتين جي مُلهه وڪڻي سگهجن ٿا.
وللي واويلائي، جادوئي، ڪرامتي، جنس پرستي ۽ مار ڌاڙ وارو ادب، سرمايه دار سامراجين جو پنهنجو پيارو ادب آهي. هو جمهوري، عوامي، انقلابي ادب بدران ان ادب کي سڄيءَ دنيا جي عوام تي مڙهين ٿا.

[b]هٿرادي جديد تنقيدنگاري ۽ جُڙتو عظيم تنقيدنگار
[/b]“اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيئي اڳڙيون!”
هنن پنهنجي ادبي ڪاروبار جي ڪارخانن ۾ تنقيد جا جُڙتو اُصول ۽ قدر ۽ جُڙتو عظيم تنقيدنگار پيدا ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ سڄي جهان ۾ انهن کي مشهور به ڪري ڇڏيو اٿن. انهن جي مدد سان هنن جُڙتو “عظيم عالمي ادب” ۽ بوگس “عظيم عالمي ادب” به تيار ڪرائي ڇڏيا آهن. انهن جي هٿرادين ادبي ڪرامتن کي ملڪن ۾ اهڙو مشهور ڪرائي ڇڏيو ويو آهي، جو اڻ ڄاڻ ماڻهُو اُنهن جا نالا ٻُڌيو غش ٿيو وڃن. حالانڪه سرمايه دار پبلسٽيءَ جي پيدا ڪيل انهن ادبي پِيرن ۾ ايتري ڪرامت آهي، جيتري عام رواجي ٺوڳي پِيرن ۾.

[b]مخرج واريون تنقيدي عربيون فارسيون
[/b]اڄ اسان جي ملڪ ۾ جن يورپي ۽ آمريڪي عالمي ادبي پارکن ۽ منصفن جون سَندون پيش ڪيون وڃن ٿيون، سي نه حقيقي عالمي معيار جا پارکو آهن ۽ نه وري سڄي جهان ۾ عوام ۽ عوام دشمنن جي وچ ۾ هلندڙ سڀ-طرفي ويڙهه ۾ غيرجانبدار آهن. جاچ ڪبي ته خبر پئجي ويندي ته اهي ادبي ڪانيءَ ڪرامت وارا بزرگ جيڪي ادبي معتبريءَ جا پڳڙ ٻڌيو، وڏي مخرج سان تنقيدي عربيون، فارسيون پيا ڪن ۽ فتوائون پيا جاري فرمائين، سي خيرن سان عالمي سرمايه دار طبقي جي ڪنهن نه ڪنهن “پارٽيءَ” جي نقطي نظر جا ادبي ۽ فني ٻولڙيا ۽ دلال آهن. فن ۽ ادب جي ميدان ۾ عوام جي تاريخي عالمي مفادن جي ترجماني ڪرڻ جي ڀانءِ وٽن ڪاري رات آهي.

[b]مفروضن جي پيڙهه تي ٻڌل فرضي سَؤ-ماڙ
[/b]زوالي ادبي “ماهر” نظريه دان، پارکو ۽ فيلسوف جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه ۾ سڀ کان ماهر آهن ته اها آهي منهن جي پڪائي ۽ نڪ جي ڏاڍائي.
هڪڙو علمي ۽ سائنسي طرح بلڪل بي بنياد مفروضو تيار ڪري ان کي بار بار دهرائيندا. اهڙيءَ ريت پيڙهه پڪي ڪري، وري ان مٿان ٻيو مفروضو، ان جي مٿان ٽيون، اُن مٿان چوٿون... مفروضا در مفروضا، زٽ در زٽ.... تان جو هڪڙو فرضي سئو-ماڙ کڙو ڪري ڇڏيندا! ڪنڌ مٿي ڪري نهار ته مٿي ۾ ڦيري پئجي ويندي! علمي حياءُ ۽ شرم جو نالو به نه. ستر گز زبان، هٿرادي جناتي ٻوليءَ ۾ چير چر، مُنهن تي رُڪ چڙهيل، اکين مان ٽانڊا وسندڙ يا بي حيائي تيرا آسرا!
واويلائي ايڊيٽوريل پڙهبو ته ڀانئبو ته ڄڻ ڪو جبل ڦاٽي پيو آهي! حقيقتن ۽ دليلن بدران بي حقيقت لفاظي جي گرم لاوا پيئي وسي! سَؤ زٽ في صفحي جي حساب سان آگ وسائيندا هلندا.

[b]يان پال سارتري به انهن منجهان
[/b]يان پال سارتري جي ادبي عظمت جون ملڪن ۾ پوڪارون آهن پر جيئن اسين اڳ چئي آيا آهيون، الجزائر جي جنگ آزاديءَ جي تائيد ڪرڻ جي باوجود سندس عالمي نقطي نظر زوالي، مايوسي ڦهلائيندڙ ۽ بنيادي طرح رجعت پرست آهي.
هو وجوديت (Existentionalism ) جو علمبردار ليکيو وڃي ٿو. وجوديت جو ٻن اکرن ۾ مطلب آهي ته زندگيءَ ۾ پنهنجي وجود جو حالتن آهر ڪونه ڪو انڌو منڊو ثبوت ڏيڻ. اها ڳالهه ظاهري طرح زندگيءَ بابت مايوسي ڦهلائڻ کان الڳ آهي، پر حقيقت ۾ ٻنهي ڳالهين ۾ بنيادي طرح ڪوبه فرق ڪونهي.
سارتري جو رينگٽ به ساڳيو ڪافڪا، البرٽو، موراويا، ڪامو، ايلياس ڪئنيتي پارن وارو آهي ته زندگي بي معنيٰ ۽ بي مقصد آهي. ان مان سواءِ مايوسيءَ، تباهيءَ ۽ برباديءَ جو ٻيو ڪجهه به ورڻو سرڻو ڪونهي.
هنن جو چوڻ رڳو ايترو آهي ته پنهنجي ذاتي ڀرم ڀريءَ لاءِ، زندگيءَ ۾ مڙيئي ڪنهن نه ڪنهن سماجي برائيءَ کان انڪار ڪري يا ٻيءَ ڪنهن ريت اهو ثبوت ڇڏجي ته هن بي مقصد دنيا ۾ اسين به آيا هئاسين ۽ رهي ويا هئاسين. سارتري جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ۽ ٽماهي “مهراڻ” ۾ ڇپيل هڪڙي ڪهاڻي Wall (“ديوار” مترجم زرينه بلوچ) مان سندس وجودي فلسفي جي نچوڙ جو سنڌي پڙهندڙ پورو اندازو لڳائي سگهن ٿا.

[b]ادب جو نوبل انعام – عالمي سرمايه داريءَ جو ثقافتي هٿيار
[/b]هيءُ اهو انعام آهي، جنهن جي وسيلي سرمايه داري دنيا اهڙن ماڻهن کي انعام ڏيئي مشهور ڪري ٿي، جي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏين ٿا. سچ جي ملاوت بنا، ڪوڙ ڪهڙي ڪم جو؟ هن انعام جو هڪڙو حصو جائز نموني ڏيئي، ان جو دنيا ۾ ڌاڪو ڄمائي، ان تي عوام جو اعتماد پيدا ڪري، ان جي باقي حصي کي ناجائز سرمايه پرست ۽ عوام دشمن مقصدن لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. ٿلهي ليکي، سائنسي ڪارنامن تي انعام اڪثر جائز نموني ۽ سماجي ڪارنامن تي انعامن سرمايه داري دنيا جي فائدي لاءِ حقيقي مستحقن بدران سرمايه داريءَ جي دل گهُرين کي ڏنا ويندا آهن ۽ اهڙيءَ ريت عوام کي انهن ميدانن ۾ سندن اصل هيرا لڪائي، مٿن دشمنن جا جُڙتو هيرا مڙهيا ويندا آهن.
برابر ڪڏهن ڪڏهن عظيم روسي اديب ميخائيل شولوخوف کي به انعام ڏين ٿا. ٽئگور کي به انعام مليو، پر اهڙيءَ ريت ان انعام جي ساک قائم ڪئي وئي. تنهن کان سواءِ ٽئگور جو ادب سرمايه دارن لاءِ اهڙو خاص خطرناڪ ته ڪونهي! امن، شانتي ۽ پيار جي ڳالهين ۾، تصوف ۾، ڀڳوان جي ڀڳتيءَ ۾، سرمايه داريءَ لاءِ ڪهڙو خطرو؟ خطرو ته عوام ۾ سجاڳي آڻڻ جي ڳالهين ۾آهي، جدوجهد ۾ آهي، ويڙهه ۾ آهي! انهن ڳالهين ڪرڻ واري عظيم عوامي ادب کي انعام نه ملندو. ها پئسترنيڪ جهڙن عوام جي جدوجهد خلاف ڀينڊيون ۽ ڏچرپا ڪرڻ وارن کي، مايوسيءَ ۽ موت جا پيغام ڏيندڙ اديبن(1) کي جام نوبل انعام!

[b]ڇڙواڳ ۽ مايوس طبقي جو ڇڙواڳ ۽ مايوس ادب
[/b]ڇوٽو وچولو طبقو ڇڙوڇڙ آهي. بنهه وڏين تباهين کان بچيل ۽ وڏين ڪاميابين جي امڪانن کان محروم آهي. هن طبقي جي ماڻهن جا طبقاتي مطلب هن سماج ۾ پورا ٿي سگهن ئي نٿا. نه وري اهي انهن قوتن جي صحيح ۽ ڪامياب اڳواڻي ڪري سگهن ٿا، جيڪي هن سماج ۾ اهي بنيادي تبديليون آڻي سگهن ٿيون، جن مان گهڻين تبديلين جي هن طبقي کي به سخت گهرج آهي.
ان ڪري هن طبقي جي ماڻهن جا خيال خودپرستيءَ تي ٻڌل، محدود ۽ سطحي آهن. ان طبقي جا ڪيترا اديب پنهنجي ادب ۾ اڪثر رڳو پنهنجي ئي طبقي جي انفرادي مصيبتن تي روڄ راڙو ڪن ٿا.
اڄ ٽينءَ دنيا جي ملڪن ۾ هن طبقي جا ٽي اُبتڙ مُفاد ٽن ڌار ڌار رستن وٺڻ سان پورا ٿي سگهن ٿا. وچان چوٿون رستو ڪونهي. پهريون ته هو پورهيت عوام جي اڳواڻي ڪري، جاگيرداري، سرمايه داري ۽ سامراج جي ڦُرلٽ ۽ غلاميءَ جي ڳَٽَ کان عوام کي آزاد ڪرائي. ٻيو ته هُو جاگيردارن، سرمايه دارن ۽ سامراجين جو پُڇ لٽڪائو ۽ شڪاري ڪُتو بڻجي، انهن پاران عوام کي ڏاڙهي، ۽ ان جي عيوض مالڪن کان انعام طور ٽڪر وٺي کائي. ٽيون ته هُو پورهيت عوام جي پُٺ وٺي، سندن جدوجهد ۾ شريڪ ٿي، وٽن عزت ڀريو مقام حاصل ڪري. هُو ٽئين رستي تي هلڻ ۾ پنهنجي بي عزتي ٿو سمجهي، پهرئين رستي جي منجهس جرئت ۽ لياقت ڪانهي.
تنهن ڪري هُو گهڻو ان ڪوشش ۾ آهي ته جاگيردار سرمايه دار حاڪم طبقن ۾ شامل ٿيان يا انهن جي ويجهڙائي ۽ سرپرستي حاصل ڪريان، انهن جهڙو ٿيان ۽ انهن سان گڏجي موجون ماڻيان.
دنيا جون حالتون ڪيتريون به بدلجن پر ٽين دنيا جي ملڪن جي گهڻائيءَ ۾ ظاهري طرح ڇوٽي وچولي طبقي جي بالادستيءَ جا في الحال ڪي به امڪان نظر نٿا اچن.
ڇوٽڙو وچولو طبقو جيتري سماجي ترقي ڪري ٿو، جيترو عوام کان پري ان جي دشمن طبقن جي اوڏو رسي ٿو، اوترو اهو عوام دشمن طبقن جي تاريخي مقدر ۾ جيڪا شڪست زوال ۽ جيڪا تباهي ۽ ذلت لکيل آهي، تنهن کي لوڏو رسي ٿو.
اڄ اهو ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ سماجي طرح خصي آهي، نه نر نه مادي، يا ٻه ٽي ڏينهن نر ته گهڻا ڏينهن مادي.
ان ڪري کيس پنهنجو ڪوبه گڏيل طبقاتي آئيندو نظر نٿو اچي ۽ انفراديت، اڪيلائپ، ڇڙواڳيءَ ۽ مايوسيءَ جو شڪار ٿئي ٿو. ان جو هڪ ئي علاج آهي ته هُو پورهيت عوام جي سمنڊ ۾ گڏجي انهن سان ملي هڪ ٿي وڃي ۽ انهن سان گڏجي انسان ذات جي گڏيل نجات لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ شريڪ ٿي، وڏي مائٽيءَ وارو ٿي وڃي.
پر ان لاءِ گهڻي ڀاڱي هُو تيار ڪونهي.
ان طبقي جو ادب ان انفراديت، اڪيلائپ، ڇڙواڳيءَ ۽ مايوسيءَ جو زهر پنهنجي ادب وسيلي سموري سماج ۾ ڦهلائي ٿو.
هونئن به نقل ڪرڻ انساني فطرت آهي. حاڪم طبقا وللي وايلائي ادب جي همت افزائي ڪن ٿا. ان ڪري هيٺين طبقن جا عام اديب، فيشن سمجهي، غلامانه ذهنيت وچان ان جو نقل ڪن ٿا.

[b]وللي واويلائي ادب لکڻ سولو آهي
[/b]ان لاءِ ڪنهن به وڏي مشاهدي، ڪنهن به وڏي ڄاڻ، فني ڪاريگريءَ ۽ تخليقي محنت جي درڪار ڪانهي. سکڻي، مٿي ۾ سور وجهندڙ گهوڙا گهوڙا ۽ يخي برائي يخي ڪوبه ماڻهو جنهن کي چار اکر لکڻ اچن ٿا، سو به ڪري سگهي ٿو. نه ٻوليءَ جي ۽ نه گرامر جي گهڻي ڄاڻ هجڻ جو ايڏو لاچار آهي.

[b]پنهنجي خاص ٻولي ٺاهي ورتي اٿن
[/b]وللي واويلائي ادب پنهنجا خاص تصور، محاورا، علامتون ۽ ٻيا اظهار جا طريقا گهڙي، دنيائي سطح تي پنهنجي بي پناهه پبلسٽيءَ جي وسيلن کي ڪم آڻي، ڦهلائي، عام ڪري ڇڏيا آهن. هاڻ جنهن کي “جديد” اديب ٿيڻو هجي، سو تمام آسانيءَ سان “ٻاٻرا ڪنڊا” صليب ڪلهي تي کڻي هلڻ، “ڇيهون ڇيهون ٿيل ڏات” وغيره وغيره ٺهيل ٺڪيل فقرا ورجائي، “جديد” اديب ٿي سگهي ٿو.

[b]سستي شهرت جا فوري موقعا
[/b]هن ادب تي جيئن ته پابندي ڪانهي، ڦورو طبقن طرفان ان تي ڪوبه دٻاءُ ڪونهي، بلڪه اڻ سڌيءَ طرح ان جي همت افزائي ٿيندي آهي، تنهن ڪري هن قسم جي ادب ذريعي بنا تڪليف ۽ خوف جي مُفت جي شهرت ملي ٿي. غريب ملڪن ۾ به هن ادب سان واسطو رکندڙ ماڻهو اڪثر مٿين وچولن طبقن جا آهن. انهن جا هٿ وڏا آهن، انهن جي اخبارن، رسالن ۽ ٻين پبلسٽيءَ جي ادارن تائين گهڻي رسائي آهي. سُکيا ستابا منجهن گهڻا آهن، ان ڪري ماڻهو انهن جي ٽولي ۾ شريڪ ٿي، هٿوهٿ کڄيو وڃي، جيڪي بنهه تار خرابيءَ ۾ وڃيو پون، سي رات وچ ۾ “عظيم جوان سال اديب” مشهور ٿيو وڃن.