لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

”سندي ذات هنجن“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو لکيل آهي.
ڪتاب بابت محمد ابراهيم جويو پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
Title Cover of book سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

باب ڏهون : اڳوڻُو يورپي ترقي پسند ادب

جتي هنج هئا، اتي ڪانگن ڪانگيرا ڪيا.

(لطيف)

ٻين به ڪيترين شين وانگر هيءُ جديد ادب به سرمايه دار يورپ جي پيداوار آهي، اتي ئي سندس روايت جون پاڙون آهن ۽ اتان ئي اهو ٻيءَ دنيا ۾ پکڙيو آهي. هن يورپي سماج ۾ ارتقا جي هڪ خاص ڏاڪي تي جنم ورتو آهي. ساڳئي وقت اهو يورپ جي رجعت پرست ادب جي روايت جي سلسلي جي هڪڙي ڪڙي به آهي.
يورپ جي ادب جي تاريخ کي ٿلهي ليکي پنجن وڏن دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. انهن مان چوٿون پنجون دؤر گڏ هلي رهيا آهن. چوٿون زوال طرف وڃي رهيو آهي ۽ پنجون اُسري نسري ڪمال طرف وڌي رهيو آهي.
پهريون اُن جو دؤر قديم غلامدار، يونان ۽ روم جي علم ۽ عظمت جو دؤر آهي، جيڪو انساني تاريخ ۾ اڄ به بي مثال ۽ يگانو ليکجي ٿو. يوناني مدبر پيريڪليس جي حضرت عيسيٰ کان اٽڪل چار سئو سال اڳي کان اٿينس جي شهر ۾ ڪيل جمهوريت ۽ ڊڪٽيٽرشپ جي ڀيٽ واري تقرير اڄ به پڙهندا ته وات مان “واهه واهه” نڪري ويندي! معلوم ٿيندو ته عقل ۽ تَدبُر، فصاحت ۽ بلاغت جو هڪڙو درياهه پيو اُڇلون ڏئي! ٿيوسپيڊائيڊس جي پوليشيائي لڙاين جي تاريخ پڙهو. هومر جا لافاني داستان ۽ سئفو شاعراڻي جي محبت جا گيت پڙهو. ائرسٽوفئنس جا ڊراما پڙهو. ان کي اڄ جي بهترين تخليق سان ڀيٽي ڏسو ته خبر پوندي ته يوناني علم ۽ ادب پنهنجو مٽ پاڻ هئا. پئٿاگوراس، ائين ايگزاگورس، ڊما ڪرئٽس، هرئڪليٽس، سُقراط، بقراط، افلاطون جهڙا يگانا عالم، داناءُ فيلسوف ۽ سائنسدان يونان جي ئي دنيا کي ڏنل هئا. تنهن کانپوءِ انهن سمورن تارن ۽ چنڊن جو سج، سڪندر اعظم جو استاد ارسطو هو، جيڪو حضرت عيسيٰ کان 384 سال اڳ ڄمي، دنيا ۾ 62 سال رهي، لافاني بڻجي ويو. هن لاءِ سندس وفات کان چوڏهن صديون پوءِ عظيم مسلمان داناءُ ابن رشد چيو، “ارسطو سمورين سائنسن جو اول ۽ آخر آهي. کانئس اڳ ڪوبه قابلِ ذڪر سائنسدان پيدا ڪونه ٿيو ۽ کانئس پوءِ جي چوڏهن صدين ۾ ڪنهن به سندس تعليم ۾ ڪو خاص واڌارو ڪونه ڪيو آهي... ارسطو عظيم ترين عالم آهي، خدا کيس بي مثال بڻايو هو.” ساڳيو رنگ جلد ئي پوءِ روم ۾ ٿيو. اُتي سائنسدان ۽ فيلسوف ته ايترا نه هئا پر ٻين شعبن ۾ بي مثال عالم ۽ اديب ۽ ٻيا يگانا داناءُ پيدا ٿيا. سيسرو، پلمي، جوليس سيزر وقت جي علم ۽ دانش جا ٻيا سوين جڳمڳائيندڙ چنڊ، تارا هئا.
تنهن کان پوءِ قرون وسطيٰ ۾ صدين جون صديون يورپ تي مذهبي جهالت، تنگ نظري ۽ تعصب ۽ وحشي جبر جي رات ڇانيل رهي. اهو يورپي ادب جو ٻيو ۽ اونداهو دؤر هو.

[b]ڀلن جي پيٽان ٺلها ۽ ٺلهن جي پيٽان ڀلا!
[/b]پندرهين صديءَ ۾ اهو اونداهو دؤر اڃا ختم نه ٿيو هو ته ان دؤر جي پيٽَ مان يورپي علم ۽ ادب جو ٽيون دؤر، جيڪو روشن دؤر هو، سو ڄائو ۽ سورهين صديءَ ۾ اُسري نسري وهيءَ چڙهيو. پندرهين صديءَ واري يورپي جاگيرداري نظام جي ڀيٽ ۾ اهي اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي قوتون اُسرڻ نِسرڻ شروع ٿي ويون، جن اڳتي هلي، زبردست ويڙهيون ڪري، نيٺ کيس ختم ڪري سندس جاءِ تي سرمايه داري نظام کي قائم ڪيو، سورهين صديءَ کان ئي سرمايه داري نظام جا بُنياد پوڻ شروع ٿي ويا ۽ نيون اُسرندڙ ترقي پسند سرمايه دار قوتون سردار جاگيرداريءَ جي اقتصادي ۽ سياسي، ذهني ۽ روحاني بالادستيءَ، هڪ هٽيءَ ۽ آمريت جي قلعن کي ڊاهڻ ۾ جُنبي ويون. جاگيرداري پنهنجا اُکڙيل پيرَ وري ڄمائڻ لاءِ بار بار جوابي حملا ڪندي رهي. تان جو اوڻويهين صديءَ جي اڌ تائين اهي سمورا حملا ناڪام ٿي ويا ۽ سرمايه داري پوري يورپ تي ڇانئجي وئي ۽ سڄي دنيا جي مٿان ڇانئجڻ لڳي.
جيئن فوج جا ڪَئيِن قسم هوندا آهن، بَحرِي، بَري ۽ هوائي وغيره، تيئن ٻن سماجي نظامن وچ ۾ ٿيندڙ جنگ ۾ وڙهندڙ فوجون به طرحين طرحين جون هونديون آهن. مادي ۽ روحاني، اقتصادي ۽ سياسي، ثقافتي ۽ نظرياتي، فوجي ۽ سفارتي وغيره.
جاگيردار ۽ سرمايه دار سماجي نظامن جي وچ ۾ صدين تائين هلندڙ، هن ڌرتي ڌوڏيندڙ، شاهي جنگ ۾ سرمايه داري لاڙا رکندڙ علم ۽ سائنس، ادب ۽ فن هڪ اهم قوت طور ڪم ڪيو. اهي نئين نظام جي لشڪر جي ثقافتي فوج هئا. اهو سڄو عرصو نين اُسرندڙ ترقي پسند سرمايه دار قوتن جي عقل ۽ سمجهه کي وڌائيندا، سندن دلين ۽ روحن کي مضبوط ڪندا، ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿيندا ۽ سندن سُونهَپَ ڪندا رهيا.
اڄ به جيڪو بوڪيشو جي ڪهاڻين جي مجموعي “دي ڪئميران” ۽ بالزاڪ جي “شرارت ڀريل ڪهاڻيون” (Droll Stories) يا ماپاسان جون ڪهاڻيون ۽ اهڙيون ٻيون شوخ ۽ مزيدار ڪهاڻيون پڙهندو، تنهن ڄڻ جاگيرداري فرعونيت ۽ سندس روحاني ڇاڙتن جي منافق اڊمبر کان مرعوب ٿيڻ جي مرض خلاف حفاظتي ٽُڪا هڻائي ڇڏيا! ان تي ڪنهن به جاهل فرعون ۽ ڪنهن به مقدس منافق جي آڪڙ ۽ رُعب تابُ جو ۽ ڪنهن به ڪتابن سان لڏيل گَڏههُ جي پُستين جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو!
دنيا جي ادب جي تاريخ ۾ جاگيرداري فرعونيت ۽ خاص ڪري دِين ڌَرم جي ٺيڪيدارن جي روحاني هڪ هٽي ۽ آمريت خلاف هيءُ ڪو پهريون ادبي حملو ڪونه هو. هن کان صديون اڳ عرب، ايران ۽ هندستان وغيره ۾ تَصَوُف ۽ ڀڳتي لهر جي شاعرن انهن خلاف پنهنجا آواز بلند ڪيا هئا، جن جا پڙاڏا اڄ تائين پيا گونجن.
هر سُٺي نئين شيءِ يا ڳالهه جا خالق عوام ۽ عوام دوست ماڻهو هوندا آهن ۽ عوام دشمن رجعت پرست اڪثر انهن جي هر ممڪن مخالفت ڪندا رهيا آهن، پر اڳتي هلي جڏهن اهي شيون يا ڳالهيون مقبول ٿي وينديون آهن، تڏهن عوام دشمن انهن جا هٿرادو وارث بڻجي، انهن تي قبضو ڪري، انهن کي پنهنجو هٿيار بڻائيندا رهيا آهن. صوفي شاعريءَ تي ڪنهن زماني کان وٺي حاڪم طبقن جو قبضو ٿي چڪو آهي ۽ اهي ان کي پوٺِي (پاليل فرمانبردار وهٽ وانگر) ڪريو پيا هلائين، ان ڪري جيئن يورپ جي موجوده سامراج پرست پاليل ۽ پوٺِي ادب کي ڏسي ڪو مشڪل سان اندازو لڳائي سگهندو ته اڳي ڪنهن زماني ۾ يورپ جي ادب ۾ ڪهڙا انقلابي جوهر هئا، تيئن صوفي شاعريءَ جي پوءِ جي حالتن کي ڏسي عام ماڻهو اهو اندازو لڳائي ڪونه سگهندو ته پنهنجي شروعاتي اؤسر جي ترقي پسند دؤر ۾ ان ۾ ڪهڙيون بجليون ڀريل هيون. ان ڪهڙن طوفانن جا مقابلا ڪيا آهن ۽ مڪر، منافقي، تنگ نظري ۽ تعصب جا ڪهڙا ڪوٽ ڪيرايا آهن.

[b]مذهب جي آڙ ۾ هڪ هٽي ۽ روحاني آمريت
[/b]هر ٻي شيءِ وانگر صوفي شاعري به اُبتڙن جو ميلاپ هئي. ان ۾ ترقي پسند توڙي رجعت پرست عنصر پاڻ ۾ گڏ هئا ۽ پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا. ترقي پسند عنصر هيءُ هو ته ان وقت جي جاگيردار فرعونيت ۽ ان جي ڇاڙتي مذهبي ٺيڪيداري، هڪ هٽي ۽ روحاني آمريت خلاف جيڪا عوام جي دلين ۾ بي پناهه نفرت هئي ۽ غُصو هو، تنهن جي ترجماني ڪندي هن جاگيردارن کي اڻ سڌيءَ طرح ۽ سندس روحاني ڇاڙتن کي سڌيءَ طرح اُگهاڙو ۽ ننگو ڪري ان تي ملامت جا تير وَسايا.

[b]“... ته پوءِ ڇا ڪجي؟”
[/b]هر ڪاروبار ۽ هر علم (Discipline) جي پنهنجي خاص، ڍڪيل ٻولي هوندي آهي، پنهنجو هڪ خاص علامتي ڪوڊ هوندو آهي. مثال طور واپاري اگهن گهٽجڻ جي ڳالهه ڪرڻ بدران “بازار جي ڪِرڻ” جي ڳالهه ڪندا آهن. حالانڪه بازار پنهنجي جاءِ تي بيٺي هوندي آهي. شاعر ۽ عاشق، ٻي ڪنهن ڳالهه بدران رُڳو نرگسي نيڻن ۽ چانڊوڪي رات جون ڳالهيون ڪندا آهن، تيئن تَصَوفُ جي شاعري ڦورو ۽ ظالم جاگيرداريءَ سماجي نظام لاءِ “دُنِيا” ۽ “آسمان” جون علامتون ڪم آنديون آهن. جيڪا لعنت ملامت، اميرن، خانن، نوابن، بادشاهن، سلطانن ۽ شهنشاهن ۽ سندن ڇاڙتن تي ۽ جنهن نظام انهن کي ملڪ جو مالڪ ڪيو آهي، تنهن تي وسائڻي هوندي اٿن، اها “فڪ ناهنجار”، “فلڪ ڪج رفتار”، “دنيائي دُون”، “چرخ گردون”، “ستم پيشه آسمان” کي مُنهن ۾ ڪري، مٿن وسائيندا رهيا آهن.
“هي آسمان خراب آهي ته پوءِ ڇا ڪجي؟” ان جا جواب ٻن قسمن جا ڏنا ويا آهن. پهريون ته گهٽ گوهي ڏيئي، ڪنهن نموني، پاڻ کي هن نظام جي شڪنجي مان ڇڏائي، جيترو موقعو هٿ ڪري سگهو، اوتريون موجُون ماڻي ۽ عيش ڪري وٺو! ٻيو آهي ته دُنِيا کي تَرڪ ڪري، پنهنجي اندر ۾ گهڙي وڃو ۽ ان کي اُجاريو، هلڻ جي تياري ڪريو.
هي ٻئي جواب حاڪم طبقن جي دل وٽان آهن. سماج جا بهترين دماغ ۽ دليون جيڪڏهن ساڻن اندر اُجارڻ ۾ مصروف ٿي وڃن ته ٻيو ڦورن ۽ ظالمن کي ڇا کپي!
سواءِ هڪ اڌ استثنا جي، هنن شاعرن وٽ انهن کان سواءِ ٽيون صحيح جواب نه هو ۽ نه وري ان وقت ٿي ئي سگهيو ٿي. اهو صحيح جواب اڃا تاريخ جي ڪُک ۾ سرجيو ئي ڪونه هو. ان جا مهانڊا اڃا ايندڙ زمانن جي اونداهن پاڇُولن ۾ لِڪل هئا. جاگيرداري نظام جا تاريخي ڏينهن اڃان پورا ڪونه ٿيا هئا. کيس دسي دفن ڪرڻ وارين سماجي قوتون جيڪي، سماجي قانون مطابق، ان وقت، فقط سرمايه داري قوتون ئي ٿي سگهيون ٿي، سي اڃا اُسريون نِسريون ئي ڪونه هيون. ان لاءِ کين صديون گهربل هيون. هزارين سڀ طرفين لڙاين ۾ کٽيل سوڀون ۽ تجربا گهربل هئا.
والٽير، روسو، بالزاڪ ۽ ٻيا ارڙهين صديءَ جا يورپي سرمايه دار اديب ۽ دانشور تاريخي ارتقا جي گهڻو مٿاهين ڏاڪي تي آيا. هُو صدين جي اقتصادي ۽ سياسي، نظرياتي ۽ روحاني لڙاين جي هڪ ڊگهي سلسلي ۾ عوام طرفان حاصل ڪيل شاندار ڪاميابين کانپوءِ، عالمي ادب جي اسٽيج تي پيش ٿيا هئا. تاريخ هنن لاءِ هڪ اسٽيج اڳي ئي تيار ڪري، سينگاري ڇڏي هئي. وقت سندن انتظار ڪري رهيو هو.
هُو سماج جا تماشائي، ان تي غيرجانبدار تبصرو ڪندڙ يا عوام جا سَکڻا همدرد بڻجي ڪونه آيا هئا. هُو ڌُر ڌڻي ٿي آيا هئا. هُو عوام جي دلين جي عدالت م عوام جي مجرمن جي ڏوهن جا تفصيل ۽ ثبوت پيش ڪندڙ، سندن ڏوهه ثابت ڪندڙ ۽ سندن جوڳي سزا تجويز ڪندڙ هئا. سندن اعليٰ فنڪاريءَ واري ڳالهه ۾، ان جي آواز ۽ انداز ۾، پنهنجن کي سڏ ۽ دشمنن کي للڪار هئي. ان ۾ سوڀ لاءِ توڙ تائين وڙهڻ جو اٽل ارادو ۽ ان جي حاصل ڪرڻ جو مڪمل يقين هو. هُو هڪ نئين نظام ۽ نئين دؤر جا نقيب ۽ روشن سڀان جي خوشخبري ڏيندڙ هئا.

هرڻ هٺيلا بيٺا سوچين!
حافظ شيرازيءَ حسرت ڀريون صدائون هنيون هيون:
بياڪه قاعده آسمان بگردانيم،
فلڪ راشگف بشگايم، و طرح نو باندازيم!

(اچو ته هن دُنِيا جو نظام بدلايون – پراڻو جهان ڊاهي نئين جي پيڙهه رکون!)
اهي صدائون پنهنجي زماني ۾ “بوند بوند لئي ڀٽڪي ڀٽڪي، وري ڊوڙي، ٿڪجي ٿڪجي، ڦان ٿي، پَٽَ تي ڇڙهيون هڻندڙ، ڪنهن واڍ وڙيل، هليلي هرڻ، جي پاڻيءَ لاءِ حسرت ڀري پڪار وانگر، هڪ پل لاءِ، وقت جي رڻ پَٽَ ۾ گونجي، تاريخ جي خلائن ۾ گم ٿي ويون.” چئن صدين کان پوءِ هاڻ اهي صدائون ڌرتِيءَ جي هڪڙي حصي ۾ تاريخ جو اٽل فرمان بڻجي، ارڙهين صديءَ جي انقلابي اَدب جي باهه جهڙين لکڻين جي ٻرندڙ لفظن منجهان، وقت جي فرعوني نظام ۽ ان جي علمبردارن کي گهُوري رهيون هيون!

[b]پراڻو پاپي نظام
[/b]هر نئون طبقاتي نظام پنهنجي اؤسر ۽ جوانيءَ وقت ترقي پسند ٿئي ٿو ۽ سماج کي اڳتي ڌِڪي ٿو. اڳتي هلي اهو پنهنجون سموريون ترقي پسند قوتون خرچ ڪري سُڃو ٿي پوڙهو ۽ رجعت پرست بڻجي، سماج لاءِ “جيءَ جو جنجال” بڻجيو وڃي. ان وچ ۾ سندس پيٽَ ۾ سرجيل نئون ترقي پسند نظام جنم وٺي ٿو، جو به پنهنجي اؤسر ۽ جوانيءَ وقت، اڳئين جي ڀيٽ ۾، ان جي اؤسر ۽ جوانيءَ جي وقت کان به وڌيڪ، ترقي پسند ٿئي ٿو. نيٺ اهو به پوڙهو ٿي پوي ٿو ۽ سندس پَيٽَ مان نڪتل نئون نظام کيس ختم ڪري پاڻ ان جي جاءِ وٺي ٿو. غلام دار نظام به پنهنجي وقت آهر ترقي پسند هو. جڏهن اهو پوڙهو ۽ رجعت پرست ٿيو، تڏهن نئين ترقي پسند جاگيردار نظام سندس جاءِ ورتي. ان جي پوڙهي ۽ رجعت پرست ٿيڻ بعد سرمايه دار نظام سندس جاءِ ورتي، جيڪو پنهنجي اؤسر ۽ جوانيءَ جي وقت انهن ٻنهي کان سَوين دفعا وڌيڪ ترقي پسند هو.
پندرهين عيسوي صديءَ کان اوڻويهين صديءَ تائين اهو يورپ ۾ جاگيرداري نظام کي ڊاهي، ان جي جاءِ وٺڻ جي لڙاين ۾ مشغول هو. نيٺ جاگيرداريءَ تي مڪمل سوڀ پائڻ کانپوءِ ان جي ڄڻ ڪنهن اسم اعظم جي ڦيڻي يا ڪنهن “قم باذني!” جي حڪم سان سماج جي پيداواري ۽ تخليقي قوتن جي پيرن ۾ پيل جاگيرداري زنجيرون ٽوڙي، انهن ۾ نئون ساهه وجهي، کين اُٿاري کڙو ڪري، سموري سماج، سموري يورپ ۽ پوءِ آمريڪا ۾ اهو انقلاب آڻي ڇڏيو، جنهن جو مثال اڳين سمورين صدين ۾ ڳولڻ اجايو آهي. ان ڄڻ هڪ جادوءَ جي لڪڙي گهمائي سڄي دُنِيا جو نقشو بدلائي ڇڏيو!
تان جو اوڻويهين صديءَ تائين وڌي ويجهي اهو پنهنجون بُنيادي ترقي پسند صلاحيتون خرچ ڪري سماج لاءِ هڪڙي ڄَؤرَ بڻجڻ شروع ٿيو. ان ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا کي ڦُري لُٽي ڪنگال بڻائي ڇڏيو. 1825ع ۾ سرمايه داري نظام ۾ پهريون ڀيرو اقتصادي بحران آيو. هاڻ ڏهين پندرهين سال نئون ۽ اڳي کان وڌيڪ پيچيدو ۽ اونهون بحران ٿو اچي. اهو ٻن عظيم جنگين ذريعي دُنِيا کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي چڪو آهي ۽ ٽي لاءِ تياريون پيو ڪري. اڃان اهو جيئرو آهي، سندس نوان نوان سماجي معجزا ڏيکارڻ جي قوت به صفا ختم ڪانه ٿي آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو نئون انقلاب کيس اڃان به نوان ڊوز ڏيندو تڳائيندو اچي. اڃان به وٽس زبردست پيداواري ۽ تخليقي قوتون ۽ دولت جا اڻ کُٽ خزانا آهن. سماج جي مختلف ميدانن ۾ سندس قبضا، برتريون، بالادستيون ۽ هڪ هٽيون ۽ بچت ۾ رکيل (رِزرو) قوتون اڃان به موجود ۽ سلامت آهن.

[b]رَتُ پياڪ ڏائڻ!
[/b]پر تاريخي ۽ مجموعي طرح، اهو هاڻ انساني سماج لاءِ هڪ مُدي خارج ۽ مُفت خور، اٽي تي چٽي، رَتُ پياڪ پوڙهي ڏائڻ بڻجي پيو آهي. ڪنهن زماني ۾ دُنِيا جي پيداواري ۽ تخليقي قوتن جي پيرن مان زنجيرون ڪڍڻ وارو هيءُ نظام هاڻ خود انهن لاءِ هڪ ارڙ بلا جيڏي زنجير بڻجي چڪو آهي. اهو هينئر دُنِيا ۾ فقط ڦُرلٽ، بيروزگاريءَ، مهانگائيءَ، بک، ڏڪار ۽ جنگ ڦهلائڻ وسيلي ئي ڪجهه عرصو وڌيڪ جيئرو رهي سگهي ٿو. هونئن نه.
عالمي ڦُرلٽ، هڪ هٽي ۽ عام تباهيءَ تي ڀاڙيندڙ، قبر جي ڪنڌيءَ تي پهتل، هن نظام وٽ زندگيءَ جي ڪنهن به ميدان ۾ سياست، اقتصاديات، علم، ادب ۽ فن وغيره جي ميدان ۾، هينئر ماڻهن کي آڇڻ لاءِ ڪابه خوشي يا آئيندي جي خوشخبري ڪانهي. اهو دُنِيا کي فقط مايوسي، عام تباهيءَ ۽ موت جو پيغام ئي آڇي سگهي ٿو. جهڙي سماجي نظام جي حالت اهڙا سندس غالب سماجي لاڙن جي ترجماني ۽ وڪالت ڪندڙ ادب جا افعال، جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا، جهڙو زوال پذير سرمايه دار سامراجي نظام اهڙو سندس هيءُ پيارو ٻچڙو يعني جديدي زوالي ادب.

[b]ٻه ادب
[/b]جڏهن اوڻويهين صديءَ ڌاري سرمايه داري نظام پنهنجي ترقي پسند فطرت بدلائي هڪ هٽي رجعت پرست سامراج ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿيو، تڏهن ٻه ڳالهيون ٿيون.
پهرين ڳالهه ته سرمايه دار ادب ۾ رجعت پرست لاڙا زور وٺڻ لڳا ۽ حاوي ٿي ويا. ٻيو ته سرمايه داريءَ جي پيٽ اندر پورهيت انقلاب جون قوتون سرجڻ شروع ٿيون ۽ پورهيت ادب پيدا ٿيڻ شروع ٿيو. اهڙيءَ طرح يورپي ادب جا ٻه نوان دؤر يعني ان جو چوٿون ۽ پنجون تاريخي دؤر شروع ٿيا. هڪڙو زواليت پرست ۽ رجعت پرست سرمائيدار ادب جو دؤر، جيڪو سرمايه داريءَ جي زوال جو ماتم ڪري ٿو، ٻيو پورهيت ترقي پسند ۽ انقلابي ادب جو دؤر، جيڪو پورهيت طبقي ۽ پورهيت انقلاب جي اُسرڻ، نِسرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ جي عڪاسي، ترجماني، مدد ۽ رهبري ڪري ٿو. هڪڙو مُردار ماضيءَ جو ماتم ڪندڙ آهي، ٻيو عوام جي روشن آئيندي جي آجيان ڪندڙ ۽ ان کي ڳائيندڙ وڄائيندڙ آهي.
هنن ٻنهي هڪٻئي جي اُبتڙ ۽ مختلف ادبن جي سلسلي ۾، ويهين صديءَ جي پهرين چوٿائي هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. هن چوٿائيءَ ۾ اهي ٻه اديب تخليق ۾ سرگرم هئا، جيڪي انهن ٻنهي قسمن جي ادبن جا باني ۽ مکيه علمبردار هئا ۽ انهن جي سڀ کان وڏي علامت بنبا. اهي ٻه هئا گورڪي ۽ ڪافڪا. ڪافڪا 1924ع ۾ وفات ڪئي ۽ گورڪيءَ ڪجهه سال پوءِ. ڪافڪا سرمايه دار زوال جو ترجمان ۽ ماتمي اديب هو ۽ گورڪي پورهيت انقلاب جي آجيان ڪندڙ، ان جا قصيدا ڳائيندڙ، ان جي مدد ۽ رهبري ڪندڙ ۽ ان پاران سِرَ جون سَٽون ڏيندڙ مجاهد انقلابي اديب هو. ٻئي پنهنجي پنهنجي فن ۾ قابل هئا. هو ڳالهين کي مُنجهائڻ ۾ ۽ هي ان مُنجهيل سُٽ کي سنوارڻ ۾! ٻنهي قسمن جا اديب هند، سنڌ ۽ دُنِيا جي هر ملڪ ۾ موجود آهن. جديدي ادب جي وبا جو باني ڪافڪا ليکيو ويندو آهي ۽ وجوديت جي فلسفي جي ملاوت جي باوجود سارتري، البرٽو موراويا ۽ ڪامو ڪافڪا جا ئي خليفا آهن.
هونئن رجعت پرست جديد ادب جون پاڙون عالمي ادب ۾ تاريخ ۾ گهڻو هيٺ به ڏسي سگهجن ٿيون. اهو ايترو پراڻو آهي جيتري رجعت پرستي.

[b]نِتُ نوان ٻهروپ
[/b]مغربي ادب جي تاريخ تي هڪڙي مٿاڇري نظر وجهڻ سان ئي معلوم ٿي ويندو ته نام نهاد “نئون” ۽ “جديد” ادب ڏاڏي آدم جي واري جي شيءِ آهي، ۽ نِتُ نَوان ٻَهرُوپ ڪندو ۽ پاڻ تي نوان ليبل چنبڙائيندو، هر دؤر ۾ پاڻ کي “نئون” ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي آهي. Neoterikos (نئين کان نئون)، Baroque (نمودي)، Parnassianism (قدامتي)، Metaphysical (مابعدالطبعياتي)، Impressionism (تاثرائيت)، Symbolism (علامتيت)، Hermetism (رهبانيت)، Futurism (مستقبليت)، Existentialism (وجوديت) وغيره وغيره ڪَئِين ٻَهرُوپ، ڪَئِين ليبل، پر ڳالهه اها ئي ساڳي پراڻي پاروٿي. يعني عوام جي زندگي جي حقيقتن کان ڀاڄ، انهن کي ٽوڙڻ، مروڙڻ، ادب کي ڦورو طبقن ۽ سندن حوارين جي هٿ جو هٿيار ۽ ماڻهن کي بطال ڪرڻ لاءِ چَرسُ ۽ ڀنگ جهڙو نشو بنائڻ.

[b]Neoteric شاعري:
[/b]“نئين کان نئين” جي رينگٽ کي وٺون. اهو حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به گهڻو گهڻو اڳ شروع ٿيل رينگٽ آهي. قديم رَوم ۾ “حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان 146 سال اڳ (رَوم جي دشمن) ڪارٿيج ۽ ڪارنن جي (رومين هٿان) تباهي کانپوءِ رَومي اميرن ۾ خشحالي ۽ ٻاهرين حملن کان سلامتي حاصل ڪرڻ ڪري Otium (واندڪائي) جي مزن ماڻڻ ۽ (فقط) پاڻ کي خوش ڪرڻ واري ادب لاءِ ماحول پيدا ٿيو. ان ماحول ۾ شاعرن جو Neoterics نالي هڪڙو نئون ٽولو پيدا ٿيو، جن “نئين کان نئين” جي تلاش ۾ “ادب براءِ ادب” جي ذهنيت ڦهلائي.” (1)
17هين صديءَ ۾ جڏهن يورپ ۾ سُڌاري Reformation جي تحريڪ هلي ته ان جي مخالفت ۾ رجعت پرست قوتن “سڌاري جي مخالفت” Counter Reformation جي تحريڪ هلائي. ان رجعت پرست تحريڪ سُڌارن جي حامي ادب جي مقابلي ۾ Baroque (نمودي) ادب پيدا ڪيو. “ان مکيه علمبردار اٽليءَ ۾ گيامبتيستامرينو Giambatista Marino، اسپين ۾ لوئي ڊي گونگورا Louis de Gongora ۽ جرمنيءَ ۾ مارٽن اوپز Martin Opitz هئا. ان ادب جون مکيه وصفون هيون، علامت نگاري، لفاظي ۽ (سکڻي) صنعت گري. (2)
انگلينڊ ۾ رجعت پرست تحريڪ پادري شاعر جان ڊان جي Metaphysical (مابعدالطبعياتي) شاعري جو رُوپ ورتو. ان شاعري ۽ Baroque ادب ۾ ڪيئي هڪجهڙايون هيون.(3)
اوڻويهين صديءَ ۾ فرانس ۾ رجعت پرست ادب کي Parnasianism واري ليبل هيٺ هلايو ويو. ان جو مشهور علمبردار چارلس بادليئر Charles Baudelaire هو، جنهن جي فتويٰ هئي ته، “جيڪا شيءِ فن ناهي، سا بدصورت ۽ نڪمي آهي.”(4)
انهيءَ دؤر ۾ انهيءَ قسم جي ادب تي تاثراتي (Impressionists)، علامتي (Symbolist) ۽ ماورائي (Transcendentalist) ليبل چنبڙايا ويا. تاثراتي ليبل واري ادب جو باني پال ورلين Paul Verlaine ۽ علامتي ليبل واري ادب جو باني اسٽيفين ملارمي Stephane Mallaarme هو. جرمن شاعر رلڪي Rilke علاميت جو وڏو علمبردار ليکيو ويو ٿي.
ماورائيت جو زور به حقيقي زندگيءَ جي ترجماني ڪرڻ بدران نام نهاد روحانيت ۽ اندر جي اُڌمن جي ذڪر تي هو.(5)
انهيءَ صديءَ جي آخر ۾ ئي اهي اديب حضرات پيدا ٿيا، جن جو نالو ئي هو Decadents (زواليت پرست)، سندن مکيه نمائندو فرينچ شاعر جولس لافاگو Jules Lafergue هو.(1)
انهيءَ صديءَ ۾ جڏهن اٽليءَ کي فاشزم جو ڪوڙهه وڪوڙي ويو، تڏهن فاشي اديبن Futurist (مستقبلي) ۽ Hermeric، Emerlismo (رمباني) ليبلن هيٺ اهي فاشي ادبي نظريا پيش ڪيا ته ادب جو ڪم حال سان نه مستقبل سان آهي. ٻيو ته ادب کي ظاهري دُنِيا جي جهڳڙن سان واسطو ٽوڙي تارڪ الدُنِيا بڻجي پنهنجو اندر اُجارڻ گهرجي.(2)
اظهاريت Expressionism جي ليبل هيٺ اهڙو ادب پيش ڪيو ويو، جنهن “زندگيءَ کي عمل ۾ سرگرم حالت ۾ نه پر خيالي پُورن جي صورت ۾ پيش ڪيو.(3)
هن ئي صديءَ جي پهرين ڏاڪي ۾ ڪافڪا جو ڀوائتن خوابن جهڙو ادب ماڻهن تي مڙهيو ويو.(4)
سندس ناول “مُقدمو”، “قلعو” ڄڻ ڪنهن ڀيانڪ خواب وانگر آهن، جن ۾ مايوسي ۽ خوف جو زهر ڦهلايو ويو آهي.
يان پال سارتري پنهنجي وجوديت Existentialism جي نظريي جو نظرياتي اظهار پنهنجي ڪتاب “هُجڻ، نه هُجڻ” “Being and nothingness, Nousi” وغيره ۽ ناولن “مکيون”، “گندا هٿ”، “هارائيندڙ کٽي ٿو” نيڪراسوو وغيره ۾ ڪيو آهي. ان نظريي جو مکيه نُڪتو اهو مايوس بڻائيندڙ خيال آهي ته، “انسان کي آزاديءَ جي سزا مليل آهي” ۽ “سندس زندگي هڪڙو بي اثر جذبو آهي.”(5)
ساڳيو حال Neo-expreimentalism, Experimentalism, Dadaism, Surrealism, ۽ ٻين اهڙين قسمين قسمين ۽ روز بروز بدلائجندڙ ليبلن واري ادب جو آهي. اهو ادب به عوام لاءِ بي معنيٰ ۽ ڪنهن به ڪم جو نه هو.(6)
ناول جي دُنِيا ۾ رجعت پرست ادب، خالص ناول (Pure Novel)، نئين ناول (New Novel)، علامتي ناول (Allegorical Novel)، ويندي اُبتي ناول (Anti Novel) جهڙا عوام جي زندگيءَ جي حقيقتن ۽ سندس سمجهه سان ڪوبه واسطو نه رکندڙ فضول ۽ بيهودا ابوبهر پيدا ڪيا.
اهڙن نام نهاد “نون” ناول نگارن، ناولن اندر، ڪنهن ڪهاڻي، پلاٽ، ڪردار، صورت، ڏانءُ، معنيٰ، زماني جي اڳ پُٺ جي لحاظ، سوچ ۽ احساس جي تجزيي وغيره جي مذمت ڪئي. هنن حقيقتن کي سڙيل لاش وانگر بدبودار ڪري پيش ڪيو. (تاريخي) وقت جي حساب ڪتاب کي ٿُڏي ڇڏيائون. منجهن جيڪي وڃي بچيو سي هئا سکڻا انگ اکر، جنهن مان ڪن عالم فاضل اڪابر پڙهندڙن کي پنهنجو ناول پاڻ جوڙڻو هو. (ناول ۾) ناول نگار جو، سنئون سڌو، پڙهندڙن سان خطاب ڪري ڳالهه ڪرڻ، عيب ٺهرايو ويو. (1)
ٻولي ناقص آهي. گرامر جي ضرورت ڪانهي. ان ڪري گرامر جي چيلهه ڀڃي، اُبتي ٻولي لکجي، سا ڳالهه به پراڻي آهي. آسٽريا جي تاثراتي جرمن شاعر هگو وان هاف مئنسٽل Hugo von Hofmannsthal 1902ع ۾ پنهنجي مضمون “لارڊ چئنڊوس جو خط” ۾ اعلان ڪيو ته انساني ٻولي منهنجي جذبن جي اظهار ڪرڻ کان قاصر آهي.”(2)
رجعت پرست فن ۽ ادب جا اهي نخرا رُڳو ڪي مغرب تائين به محدود ڪونه هئا. اهو هڪڙو عالمي تاريخي لقاءُ آهي. مثال طور “مان اديب آهيان، منهنجي ذميواري فقط پاڻ سان سچائي آهي. عوام جاهل آهي. اهي منهجي ڳالهه سمجهن نه سمجهن، تنهن سان منهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي.” اها ڳالهه جهڙي مغرب ۾ تهڙي مشرق ۾ ڪئي ويندي پئي رهي آهي.
اڄ کان ٽي سَؤ سال اڳ جي منگ گهراڻي جي چيني اديب يوئان هن تائو Yuan Hung tao اعلان ڪيو هو ته هُو “جهڙن تهڙن عام ماڻهن سان گڏ مُرڪي يا روئي نٿو سگهي... سُٺي اديب جو مکيه فرض آهي... (فقط) پاڻ سان سچو رهڻ.”(3)
سورهين صديءَ جي چيني اديبن تان يوئان چون Tian Yiian Chun ۽ چنگ هسنگ Chung Hsing “چيني گرامر جي قاعدن جي پورائي ڪرڻ کانسواءِ ادب تخليق ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون.”(4) پر قصو نه هليو