باب ٽيون : دلين جو درد – نئين کوجنا؟
جيڪر آءٌ هُياس، ڪاگري گوندر ول جي.
(لطيف)
پيڙهي وڇوٽيءَ جي ڳالهه کي وٺو. ڇا، ماڻهن اولاد فقط هن دؤر ۾ ڄڻڻ شروع ڪيو آهي؟ اولاد ۽ مائٽن جي خيالن ۾ فرق فقط هن دؤر ۾ ئي پيدا ٿيو آهي؟ ڇا اڳين دؤرن جا ماڻهو سدائين ايئن سوچيندا، چوندا ۽ ڪندا هئا، جيئن سندن مائٽ سوچيندا، چوندا ۽ ڪندا هئا؟ جي ايئن هجي ها ته ماڻهو اڃا تائين غارن ۾ ڪونه ويٺا هجن ها؟ ڇا نئون نسل، هينئر ئي، هن دؤر ۾ ئي، آسمان جي ڳڙي وانگر مٿان ڪِريو آهي؟ ڇا اڳي نوان نسل ڪونه هوندا هئا. اهي اڳين نسلن سان زبردست اختلاف ڪونه رکندا هئا؟
هر ڪا شيءِ ڪنهن ٻي شيءِ مان پيدا ٿي آهي ۽ سندس پيٽ ۾ سُڀان پيدا ٿيڻ واري ڪا ٻي شيءِ سرجي رهي آهي. هر شيءِ جنهن مان پيدا ٿي آهي، تنهن جو ۽ جيڪي منجهائنس پيدا ٿيڻ وارو آهي، تنهن جو ميلاپ آهي. هر شيءِ ۽ ڳالهه ماضيءَ، حال ۽ آئيندي جو سنگم آهي. هر شيءِ ۽ ڳالهه بي انت ڪائنات ۽ بي انت وقت جي چوواٽن تي بيٺل زمان ۽ مڪان جو هڪ اهڙو سنگ ميل ۽ حد نشان آهي، جيڪو سڀني ڏسين ۽ زمانن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو.
خلا ۾ لٽڪيل، سيل مهر ٿيل دؤر!؟
اڄوڪو دؤر ڪو اهڙو خلا ۾ لٽڪيل، چئني طرفن کان سيل مهر ٿيل دؤر ڪونهي، جنهن ۾ ٻين دؤرن جي هوا به اچي نه سگهي، جيڪو قطعي نرالو، قطعي بي مثال ۽ قطعي ڌار هجي.
ان جي خصوصيتن توڙي عموميتن ٻنهي کي ڌيان ۾ رکڻ بدران ان جي فقط خصوصيتن ۽ نرالاين تي اجايو زور ڏيڻ ۽ سندس عموميت کي، سندس ٻين دؤرن سان هڪجهڙاين کي صفا نظرانداز ڪرڻ، هن دؤر جي تصور کي بگاڙڻ ۽ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ آهي.
هيءُ دؤر هڪ اهڙو نئون دؤر آهي، جنهن ۾ نه رڳو ماضيءَ جي سمورن دؤرن جو سلامت رهڻ جهڙو سماجي جوهر سمايل آهي، پر سندس پيٽ ۾ ايندڙ نون سماجي دؤرن جا ٻِج به موجود آهن ۽ موري رهيا آهن. سڀاڻي اهي پنهنجا سَلا ۽ گونچ ڪڍندا.
هن دؤر جي ٻين دؤرن سان تسلسل، ساڻن لاڳاپن ۽ هڪ جهڙاين کي نظرانداز ڪري، ان کي هڪڙو ابوبهر ڪري ڇو ٿو پيش ڪيو وڃي؟ ان ڳالهه جو “روحاني راز” ڪهڙو آهي؟
[b]جديدي ماما پَٽ ۾ ڇو پيا آهن؟
[/b]ڳالهه ڪندا آهن ته ٻار ماءُ کي چيو ته، “امان! ماما چريو ٿي پيو آهي! اڄ وچ بازار ۾ پَٽ تي سمهي رهيو!؟” ماءُ چيو، “ابا! مامهين واپاري ٻچو آهي. ان چرپڻ جو به ڪو مطلب هوندو. ڪو پيسو پٽ تي ڏٺو هوندائين جو هونئن لِڪائي نه کڻي سگهيو هوندو ته ايئن کنيو هوندائين!” ڳالهه به اها هئي.
سو هن “نئين دؤر” جي رٽ ۾ به هنن “جديد” اديب مامائن جو وڏو مطلب آهي. هن دؤر کي هو، اجهو هينئر آسمان مان ڪِريل، ڳڙو ڪري، انهيءَ لاءِ پيش ٿا ڪن ته جيئن ان هٿرادي، خاص الخاص “نواڻ” جي آڙ ۾ هو هن دؤر کي، پنهنجيءَ پَر ۾، سماجي ۽ ادبي تاريخي تسلسل، اڳ پُٺ ۽ رشتن ناتن کان ڪاٽي، کيس اڪيلو ئي اڪيلو، لاوارث ڇورو ڇِنو سماجي دؤر “ثابت ڪري” پاڻ کي سندس اڪيلو وارث ثابت ڪري، کيس هر ڳالهه ۾ رڳو نرالو ئي نرالو ڏيکاري، مٿس پنهنجو نرالو ادب ۽ نراليون ادبي ڪسوٽيون ۽ نرالا ثقافتي فرمان مڙهي سگهن. ان مها نواڻ جي امرت ڌارا سان هو هر “مرض” جو علاج ڪري سگهن ٿا ۽ هر “مصيبت” کي منهن ڏيئي سگهن ٿا.
مثال طور جي چئبن ته “ٻوليءَ جي ٻيڙي نه ٻوڙيو!” ته چوندا، “‘نئين’ دؤر جي ‘نون’ ماڻهن جي ‘نون’ احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندڙ ‘نئون’ ادب پراڻي ٻوليءَ ۾ لکي نٿو سگهجي!” چئبو ته “ادب عظيم مقصدن ۽ عظيم فن جو، سهڻيءَ صورت ۽ سهڻيءَ سيرت ٻنهي جو سنگم ۽ ميلاپ هئڻ گهرجي” ته چوندا ته “اها پراڻي دؤر جي ڳالهه آهي. ‘نئين’ دؤر سان پراڻا ادبي قدر ۽ ڪسوٽيون لاڳو ئي نٿيون ٿي سگهن.”
اهڙيءَ ريت لفظ “نئين” جي بيهودي رٽ لڳائڻ سان هنن کي ادب خلاف هر جهالت ۽ بيهودگي ڦٻي سگهي ٿي. ان ڪري هو رڙ ڪريل لفظ “نئون” کي چُهٽي پيا آهن ۽ ا ن کي ڍال بڻائي، بنا روڪ ٽوڪ جي، ادبي ۽ فني ميدان ۾ عوام خلاف سنگين ثقافتي جرم ڪري رهيا آهن.
[b]پيڙا جي “ايجاد!”
[/b]جديدين جي چوڻ موجب سندن جُڙتو جديد ادب جيڪو وڏي ۾ وڏو تير ماري ٿو، سو آهي انسان جي اندر جي پيڙا جو اظهار ڪرڻ. ان ڳالهه کي هو “اندر جي پيڙا”، “پيڙا جي احساس”، “ذات جي انڪشاف”، “اندر جي ٻرڻ ۽ ٽُٽڻ”، “ڀرڻ ڀڄڻ جي ماتم”، “ذات جي اظهار جي سچائي”، “ٽڙندڙ-پکڙجندڙ، ڀڄندڙ، ڀُرندڙ قدرن” ۽ “علامتن جو ترجمان” ادب سڏين ٿا ۽ “هيءَ پيڙا، هي سناٽو، منهنجي اندر جو!” جا نعرا هڻي، وڏي فخر سان چؤطرف لوڻا هڻي، پنهنجي ان کوکليءَ لفاظيءَ ۽ مخرج جو داد طلب ڪن ٿا.
ڇا انسان جي دل ۾ درد، ڪا نئين سائنسي کوجنا آهي، جيڪا هينئر هن “جديد سماجي سائنسدانن” اوچتو ڪري وڌي آهي؟ ڇا اڳ انسانن کي ڏک ڪونه هئا؟
برابر، اڄ عوام دشمن قوتون انسانيت کي عام تباهيءَ جي اوڙاهه جي ڪناري تي بيهاريو، کيس ان ۾ ڌِڪو ڏيڻ جي سعيي ۾ آهن. برابر اڄ جي هٽلرن، مسولينين، پهلوين ۽ سندن جانشينن، عوام لاءِ اهڙا اهڙا وحشي عذاب ايجاد ڪيا آهن، جن جو چنگيزن ۽ هلاڪوئن ۽ نادرن کي پتو به ڪونه هو. برابر اڄ به انسانن جي اڪثريت جي زندگي ڄڻ جيئري دوزخ جي برابر آهي، پر ڇا هاڻي وانگر اڳي به غلامداري ۽ جاگيرداري ۽ پيداواري لاڳاپن ۽ انهن جي پيڙهه تي اڏيل غلامداري جاگيرداري ريتن رسمن جا راڪاس “آدم بوءِ، آدم بوءِ!” ڪندا، انسانن جي جسمن ۽ روحن کي چيڀاٽيندا ڪونه رهندا هئا؟ ڇا طبقاتي سماجن جي قائم ٿيڻ جي روز اول کان وٺي، ڊڪٽيٽري نظامن جي وحشي اونداهين جي ڀيانڪ، نه کُٽندڙ رات ۾، ڦورو ۽ ظالم طبقن هٿان عام انسان اندر ۾ سڙندو، ٻرندو، پچندو ۽ رجهندو ۽ وِهُه جا وٽا پيئندو ڪونه رهيو آهي؟ هنن هومرن، ورجلن، شيڪسپيئرن، حافظن، رومين، ڪبيرن، تُلسيداسن، ميران ٻاين، لطيفن ۽ سانوڻ فقيرن، پنهنجي درديلن گيتن، نغمن ۽ بيتن ۾ سمايل لافاني درد جا املهه موتي تڏهن ڪنهن جي دلي جي ڏک جي سمنڊن جي پاتال مان ڳولي هٿ ڪيا هئا؟ هن گونگي ٻوڙي ڌرتيءَ جي سيني ۾ جيڪي دٻيل دانهن گهُٽيل آهُن جا طوفان ۽ گونگن لڙڪن جا سمنڊ دفن ٿيل آهن، سي تڏهن ايئن سکڻا بي سبب آهن؟
ڇا اندر جو حال اورڻ ادب ۽ فن ۾ اهڙي پراڻي ڳالهه ناهي جهڙا هن ڌرتيءَ تي پاڻي، وڻ ۽ پٿر!
اٽڪل اڍائي سَئو سال اڳ لطيف پنهنجو پچندڙ اندر ههڙين لافاني سٽن ۾ اوريندو هو:
ڪڏهن ڪڏهن جيڏيون، ڪو پهه اچيو پوءِ،
سو پڻ ساڙو هوءِ، جو آهي ساههُ سرير جو!
- - - - - - - - -
مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن، مون وٽ وٿاڻان.
- - - - - - - - -
سور مَ ڏي ڌوڻ، آءٌ اڳيئي ڪاهري،
جا پر پاڻيءَ لوڻ، سا پر منهنجي جندڙي!
- - - - - - - - -
اڏوهيءَ جئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سيئن!
گوندر مٿان جندڙيءَ ويا ولين جئن!
کانئس هڪ صديءَ پوءِ دهليءَ ۾ مير تقي مير پنهنجي حال تي هينئن افسوس ڪندو هو:
سرِ شام ہی بُجھا رہتا ہے،
دل ہوا ہے چراغ مفلس کا!
(ڪنهن مسڪين جي ڏِيئي وانگر منهنجي دل سانجهيءَ کان ئي وساڻي وساڻي پيئي آهي.)
۽ سندس هم عصر خواجه مير درد ههڙا درديلا غزل چوندو هو:
زندگی ہے یا کوئی طوفان ہے،
ہم تو اس جینے کے ہاتھوں مر چلے۔
۽ غالب چئي ويو آهي:
زندگی اپنی گر اس طرح سے گذری غالب،
ہم بھی کیا یاد کرینگے کہ خدا رکھتے تھے۔
- - - - - - - - -
اب تو گھبراکے یہ کہتے ہیں کہ مرجائینگے،
مر کی بھی چین نہ پایا، تو کدھر جائینگے۔
انهن کان سَوين سال اڳ سورهين صديءَ ۾ شاهه ڪريم هي ڏکارا بيت پئي چيا:
آيل سهڻو در، سوهڻي ڪام وسهي،
سُتي هئڙم گڏ، جان جاڳان تان ناهه پرين!
- - - - - - - - -
سيئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاڻان،
اکر اڳيان اڀري، واڳو ٿي وريام.
شاهه ڪريم کان چار سَئو سال اڳ ٻارهين صديءَ ۾ پاڪ پتڻ جي شيخ فريد پنهنجي دل جو درد ههڙن سنڌيءَ گاڏڙ بيتن ۾ بيان پئي ڪيو:
فريدا ڏُکان سيتي ڏينهن ڳيا، سولان سيتي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر وات.
(فريد! ڏينهن ڏکن ۾ گذري ويو ۽ رات سورن ۾، مٿان پاتڻي بيٺو دانهون ڪري ته پنهنجو ٻيڙو ڪُنن جي وات ۾ اچي ويو!)
فريدا مين جاڻيا دک مجهه ڪو، دک سڀا اي جڳ،
اُچي چڙهه ڪي ويکيا، تان گهر گهر ايها اڳ.
(فريد! مون ڀانيو ته رُڳو مون کي ڏک آهن پر ڏک سڄي جهان کي آهن. مٿي ڪوٺي تي چڙهي ڏٺم ته گهر گهر اها ئي ڏک جي آڳ پيئي ٻري!)
جي اڃا به ڪيئي صديون، گهڻيون گهڻيون صديون پوئتي، تاريخ جي شروعات جي ڪوهيڙي ۾، جڏهن روم ته ڇا، يونان به ڪجهه ڪونه هو، تڏهن فرعونن جي دؤر جي قديم مصر ۾، “راڳيندڙن جي گيتن” (Songs of the Harpers) جا پڙاڏا ٻُڌڻ ۾ ايندا، جن ۾ زندگيءَ کان عاجز اهڙن دُکي انسانن جون درديليون ڪهاڻيون سمايل هيون، جيڪي ان زندگيءَ کان موت بهتر سمجهندا هئا. اهي ڏکارا گيت قبرن تي اُڪيري ڇڏيا هئا. انهن مان هڪڙي جو عنوان هو:
“زندگيءَ مان عاجز انسان” “The man who was tired of life” جو گيت.1
دراصل موجوده دؤر جي هر بڇڙائي، ڦُرلٽ ۽ وحشانيت جي باوجود، زماني ۾ جيئن پوئتي وڃجي، تيئن عام انسان جي زندگي وڌيڪ مجموعي غيرمحفوظ، وڌيڪ سُڃي، سکڻي، وڌيڪ اذيتناڪ اچي ٿي. اڄوڪي عالمي سرمايه داري/ پورهيت دؤر کان جاگيردار عالمي دؤر عام انسانن لاءِ وڌيڪ اذيتناڪ هو. ان کان غلامدار دؤر اڃا به وڌيڪ وحشي ۽ بي رحم هو. اڄ به دنيا جي ملڪن جي ماڻهن جي اڪثريت فاقن ۾ آهي، اُگهاڙي آهي، پر اڳ ماڻهو ٻار وڪڻڻ تي مجبور ڪيا ويندا هئا. ماڻهو بک جي انڌ وچان ٻئي ماڻهُوءَ کي کائيندو هو. روز ڪونه ڪو چنگيز، تيمور، نادر شاهه، شاهه شجاع پارو علائقي يا بين الاقوامي بدمعاش، لوفرن ۽ ڌاڙيلن جا ڊمبلا وٺيو، ڊڊا ڊوڙائيندو، نعرا هڻندو، ماڻهن جي مٿان ٽُورو ٿيو بيٺو هوندو هو ۽ ڪُوسَ ڪَريو، گهر ساڙيو، سندن ٻار ٻان ڪريو، ٻارن ٻچن کي نڪن ۾ سُوئا ٽُنبيو، ناڪيليون وجهيو، گهوڙي پُٺيان ڊوڙائيندو، کڻيو ويندو.
اڄ به پنهنجي حقن جي گهُر ڪرڻ وارن سان ڇا نه ڪيو وڃي ٿو! پر اڳي حالت اڃا به بدتر هئي.
[b]سِرُ به وڏيءَ سفارش سان لهندو هو!
[/b]اڳي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ يا سياسي اختلاف رکڻ واري کي تلوار جي هڪ ڌڪ سان سِسِي لاهي يا ڦاسيءَ جي جهٽڪي سان پورو ڪرڻ جي نرم سزا ڪا ورلي ۽ وڏيءَ سفارش ۽ اثر رسوخ سان ملندي هئي، اڪثر کين اهڙا ڀيانڪ ايذاءَ ڏئي ماريو ويندو هو، جو سندن مائٽ رحم جون اپيلو ڪندا هئا ته هنن کي هڪدم ختم ڪيو وڃي! منصور کي جڏهن ڦٽڪا هڻي، سندس کَل ماس تان اُڏائي، سندس هٿ پيرُ وڍي، پوءِ سندس رَتُ ڳاڙيندڙ ڍڍڙيءَ کي سوريءَ تي ٽنگيو ويو، تڏهن سج لٿي مهل ڪن خدا ترسن وڏي اثر رسوخ سان آخر اهو “رحمدليءَ” وارو فرمان جاري ڪرايو ته هاڻي ڀلي ڌڪ هڻي، سندس سِسِي لاهي، کيس وڌيڪ عذاب کان ڇڏايو وڃي، پر شهر جي ڪوٽوال قانوني اعتراض اُٿاريو ته، “هاڻ سج لهي ويو آهي، وقت ختم ٿي ويو آهي، سِسِي سڀاڻي لهندي، اڄ نه!”
اميرالمومنين عبدالله بن زبير رضه جيڪو حضرت علي رضه کان پوءِ خليفو ٿيو ۽ جنهن کي مڪي شريف کي جلائيندڙ، صحابه ڪرام ۽ ٻين لکين مسلمانن جي قاتل، سنڌ تي چڙهائي ڪرائيندڙ ۽ اسلامي تاريخ جي چنگيز، حجاج بن يوسف، شهيد ڪرائي، کيس سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو، تنهن جي لاش کي ڪيترن ڏينهن بعد به ٽنگيل ڏسي، ماڻس بي بي اسماءَ رضه هيءُ دل ڏاريندڙ جملو چيو هو، “هيءُ شهسوار اڃا گهوڙي تان نه لٿو آهي!” سوار ڏينهن جا ڏينهن گهوڙي تان نه لٿو. حڪم ڪونه هو.
وقت جي فرعونن جي مخالفن جي لاشن سان جنگ اتي به ختم ڪانه ٿيندي هئي. لاش دفن ڪرڻ لاءِ مائٽن جي حوالي ڪرڻ بدران پَٽَ تي اُڇلائي ڪتن ۽ ڳِجهن جي حوالي ڪري، مٿن پهرو بيهاريو ويندو هو ته متان مائٽ لڪ چوريءَ ڪُتن ۽ ڳِجهن کان ڇڏائي، کڻي وڃي، دفن نه ڪري ڇڏين!
جيئري کَلون لاٿيون وينديون هيون. پاليل نانگن جي کوهن ۽ بُکين بگهڙن ۽ شينهن جي پڃرن ۾ اُڇليو ويندو هو. جيئري گڏهه يا ڍڳي جي کَل ۾ سبي ڇڏيو ويندو هو. کَل سُڪندي هئي ته بدن کي پيڙيندي هئي ۽ ماڻهو پيڙجندو ويندو هو.... پهريائين ڪاساين جي ڪاتين سان اکيون ڪڍائي، پوءِ هاٿين هيٺان چيڀاٽيو ويندو هو. جيئري زمين ۾ دفن ڪرايو ويندو هو. جيئري ڀِتين ۾ لنبائي ڇڏيو ويندو هو. هڪڙي ماڻهوءَ جي ڏوهه ۾ ان جي پڙ ڏاڏي جي ڄڻ ٻچي ۽ سندس ڄڻ ٻچي کي ختم ڪيو ويندو هو!
دُنِيا جي ڦورو ۽ ظالم نظامن ۽ طبقن جي انسان ذات خلاف ڏوهن جي تاريخ اسان جي وهم ۽ گمان کان وڌيڪ ڀيانڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ آهي. اڄ، جو رجعت پرست اڳوڻي زماني کي ياد ڪري چپ پيا چَٽين ۽ ان کي وري ماڻهن تي مسلط ڪرڻ لاءِ واجهه پيا وجهن، سو به ان ڪري. تاريخ بظاهر پاڻ کي دهرائي ٿي. ساڳيا ڏک، ساڳيون تباهيون، ساڳيا ظلم، ساڳيا بيداد بار بار عوام تي نازل ٿين ٿا ۽ انهن جو هڪڙو اڻ کُٽندڙ سلسلو هليو اچي، پر اهو دهرائڻ جو عمل هر دفعي اڳي کان اوچيءَ سطح تي ٿئي ٿو، ڇو ته هر دؤر ۾ عوام اڪثر انفرادي طرح ۽ وچ وچ ۾ اجتماعي طرح، ڦورن ۽ ظالمن ۽ سندن نظام خلاف هزارين لکين مختلف طريقن سان وڙهندا، طوفان اُٿاريندا، انقلاب آڻيندا ۽ انهن کي وِک وِک تي وڌيڪ ڪمزور ڪندا ۽ کانئن ڪڏهن ٿورا ٿورا ڪڏهن وڏا وڏا حق حاصل ڪندا رهن ٿا.
ان ڪري مجموعي طور اڳوڻي زماني جي انسانن جون زندگيون اڄ کان ڪَئِين دفعا وڌيڪ ڏکن سورن سان ڀريل هيون.
جيتري قدر اسان جي پيڙائي حضرات ۽ سندن سفيد پوش طبقي جو تعلق آهي، اڄوڪي دؤر ۾ به جڏهن جتي جتي ڦورو ۽ ظالم نظام رائج آهي، اتي پورهيت عوام جي زندگي دوزخ جي برابر آهي ۽ سندن دلين ۾ دکن جا کورا پيا ٻرن، تڏهن پڙهيل سفيد پوش طبقي جا نسبتاً پتڪڙا ڏک انهن جبل جيڏن سورن سان ڀيٽڻ ڄڻ درحقيقت سفيد پوش طبقو مجموعي طرح پنهنجي خاص ماحول جي تربيت (Conditioning) سبب پورهيت خاص جي اڄوڪن سورن ۽ ڏکن کي پرکڻ ۽ سمجهڻ ته ڇا، رڳو انهن جو تصور ڪرڻ جي به نه خواهش رکي ٿو، نه ذهني، جذباتي ۽ تخيلي لياقت ۽ قوت.
حقيقت هن حال جِي جي ظاهر ڪريان ذري،
ته لڳي ماٺ مِرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري، اوڀر اُڀري ڪين ڪي.
(لطيف)
مطلب اهو ناهي ته ڪو ادب ۾ اندر جو حال جيڪو اورجي ويو، سو اورجي ويو. هاڻ ان جو ورق وري ويو. آئيندي ان جي ادب ۾ ڪابه گنجائش ڪانهي. مطلب اهو آهي ته هي جيڪي اندر جي حال اورڻ تي هڪ هٽيءَ ۽ ٺيڪي جا دعويدار پيڙائي ادب پيدا ٿين ٿا، انهن جي جيڪا سڌي توڙي اڻ سڌي دعويٰ آهي ته اندر جو حال اسان وارو “نئون” ادب ئي اوري ٿو، ڄڻ اها سندن ئي ادبي ايجاد آهي، سا دعويٰ ادبي تاريخ ۽ حقيقت جي روشنيءَ ۾ انتهائي غلط، واهيات ۽ بوگس آهي.
تنهن کان سواءِ خود ان دؤر ۾ جنهن کي نام نهاد جديدي، جديد دؤر سڏين ٿا، يعني ويهين صدي، تنهن ۾ به سڄيءَ دنيا اندر، يورپ، آمريڪا ۽ ايشيا ۾، هند ۽ سنڌ ۾، جيڪو عظيم ادب پيدا ٿيو آهي، سو اڄ جي نون پراڻن انسانن، ڏکن ۽ پيڙائن جو ترجمان ناهي ته ٻيو وري ڇا آهي؟ ڇا، جديد حضرات جي خودپرست مِيڪ مِيڪ ۽ مايُوس واويلا، گورڪي، شولوخوف، پبلونرودا، ناظم حڪمت، لوسون، يئنگ مو (چيني ناول “جوانيءَ جو نغمو” جي لکڻ واري)، آمريڪي مصنف هاورڊ فاسٽ، ويٽنام شاعر گيانگ نام، ڪرشن چندر، منٽو، فيض، ساحر، اياز ۽ ٻين هن دؤر جي بي انداز عوام دوست اديبن طرفان دُنِيا جي سمورن کنڊن، سمورن ملڪن ۽ قومن جي ماڻهن جي دکن دردن جي جيڪا فنڪارانه انداز ۾، زبردست اثر رکندڙ عڪاسي ۽ ترجماني ڪئي وئي آهي، تنهن جي ڌوڙ کي به رسي سگهي ٿي؟ درحقيقت ان جي ڀيٽ ۾ هنن جون مايوسي ڏياريندڙ، سخت بور ۽ بيزار ڪندڙ بي مقصد کڳيون آڦريل پيٽن جون کٽيون اوڳرايون ٿيون لڳن.
ته ڇا اڄ ۽ ڪالهه ۾ ڪوبه فرق ڪونهي؟ ڇا، نوان دؤر بنهه ٿيندا ئي ڪونهن؟ انهن مان هرهڪ جون پنهنجون خصوصيتون ڪونه ٿينديون آهن؟ ڇا، اڄ جو دؤر نئون دؤر ڪونهي ۽ ان جو پنهنجو ڪو نئون ادب ڪونهي؟
انهن سڀني سوالن جو جواب ها ۾ آهي. ٿوري ۾ ڳالهه جو مطلب ته هيءُ دؤر برابر نئون دؤر آهي ۽ ان جو نئون ادب به آهي، پر هڪڙي پاسي اڄ جو دؤر اڳين دؤرن سان ڳنڍيل، انهن مان پيدا ٿيل، انهن سان تسلسل رکندڙ آهي ته ٻئي پاسي فطرت، انساني سماج ۽ سوچ جي بنيادي قانونن مطابق جيئن ته دنيا ۾ ڪابه شيءِ يڪي هڪ ساري ٿي ئي نٿي سگهي ۽ جيئن ته هر شيءِ اُبتڙ شين جو ميلاپ ۽ انهن جي پاڻ ۾ ويڙهه جو ميدان هوندي آهي، ان ڪري نئون دؤر ۽ نئون ادب به يڪا هڪ جهڙا ۽ هڪ سارا ۽ سڄي جا سڄا يڪا هڪڙا ناهن. منجهن اُبتڙ شيون ۽ ڳالهيون سمايل آهن، جيڪي هر وقت هڪٻئي سان ويڙهه ۾ مشغول آهن.
[b]هڪ نه ٻه نوان ادبي دؤر
[/b]تاريخي حساب کان ويهين صديءَ جو نئون دؤر هنن ٻن اُبتڙ دؤرن مان بنيل آهي:
(1) سرمايه داري نظام جي راڄ جو نئون زوالي دؤر ۽ (2) ان جي مخالف پورهيت عوام جي سامراج دشمن جدوجهد جو نئون دؤر.
سرمايه داري نظام جي هن دؤر ۾ سرمايه داري نظام جاگيردار دشمن، جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند نظام مان ڦري، مردار جاگيرداريءَ سان سمجهوتو ڪندڙ رجعت پرست ۽ سامراجي نظام بڻجي چڪو آهي ۽ قسمين قسمين گهوٽالن ۾ ڦاسي، زوال ۽ تباهيءَ طرف وڃي رهيو آهي.
سرمايه داريءَ جي هن نئين رجعت پرست دؤر ۾ جڏهن سرمايه داري سامراج تاريخ جي سمورن رجعت پرست قوتن سان، خاص ڪري جاگيرداريءَ سان، عوام جي خلاف هڪ ناپاڪ اتحاد قائم ڪيو آهي، تڏهن ان عوام دشمن اتحاد جي نقطي نگاهه ۽ موقف کان هن دؤر جي زندگي ۽ سماج جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندڙ ادب ٻن قسمن جو آهي. (1) رجعت پرست جاگيردار ادب. هيءُ ادب جاگيرداريءَ جي گذريل صدين جي وحشي ۽ ڀيانڪ دؤر کي سونو پاڻي ڏيئي، چمڪائي، دلڪش بڻائي پيش ڪري ٿو ۽ بي شرميءَ سان دهل وڄائي ۽ جهُمريون هڻي، ان جا گيت ڳائي ٿو. (2) مايوسيءَ ۽ موت جو پيغام ڏيندڙ، رجعت پرست، سامراج پرست، سرمايه دار ادب.
ان جي اُبتڙ دُنِيا جي پورهيت عوام جي بهتر زندگيءَ ۽ روشن آئيندي لاءِ جدوجهد جو نئون دؤر اهو دؤر آهي، جنهن ۾ دُنِيا جي سمورين قومن ۽ ملڪن جي عوام جون طبقاتي ۽ قومي آزاديءَ، ملڪي خودمختياري، جمهوريت ۽ هڪ انصاف ڀريي سماجي نظام لاءِ ۽ هر قسم جي ناانصافيءَ، اڻ برابريءَ ۽ بالادستيءَ، دٻاءَ ۽ ظلم خلاف جدوجهدون، ڌار ڌار رستن تان هلندي هلندي، نيٺ ان مٿاهينءَ منزل کي رسي ويون آهن، جتي اهي سڀ آهستي آهستي پاڻ ۾ ملي، هڪ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، ۽ پنهنجي گڏيل دشمن، عالمي سامراج ۽ سندس ملڪي ۽ مڪاني ڇاڙتن خلاف قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي زبردست ويڙهه ۾ جُنبي ويون آهن. ان لاڳيتيءَ عالمي ويڙهه جي ڪري، دُنِيا جا عوام روز بروز وڌيڪ سجاڳ، وڌيڪ سمجهُو، وڌيڪ مُتحد ۽ وڌيڪ سرگرم، وڌيڪ ويڙهو، وڌيڪ سوڀارا، وڌيڪ تخليقون ۽ تعميرون ڪندڙ بڻبا پيا وڃن. حقيقي نئون ترقي پسند ادب پنهنجي بهترين سيرت ۽ صورت ۾، ان شاندار سفر ۾، سندن سوجهرو، سندن سونهون، سندن آسرو ۽ آڌار آهي. کين ڏڍ، دلداريون ۽ همتون ڏياريندڙ آهي. سندن پُشت پناهي ڪندڙ ۽ سندن سورهي ساٿي آهي. هيءُ ادب نئين دؤر جي انقلابي لشڪر جي مهڙ واري شاندار روحاني فوج آهي، جيڪا سڀ کان اڳ بجلي بڻجي دشمن تي ڪڙڪي ٿي ۽ ان وقت به وڙهندي رهي ٿي، جڏهن ٻين انقلابي دستن لاءِ وڙهڻ جي ڀيڻي نٿي رهي.
پورهيت عوام جي زندگي ۽ جدوجهد جي هن نئين دؤر جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندڙ نئين ادب کي طبقاتي نگاهه ۽ موقف جي خيال کان چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (1) زندگيءَ جي جمهوريت پسند، ترقي پسند، سرمايه دار نقطه نگاهه ۽ موقف کان ترجماني ڪندڙ سرمايه دار ترقي پسند ادب. (2) ننڍي وچولي سُفيد پوش طبقي جي نقطي نگاهه ۽ موقف کان زندگيءَ جي ترجماني ڪندڙ (Petty Bourgeois) يا ڇوٽو سرمايه دار يا سفيد پوش ترقي پسند ادب. (3) صحيح پورهيت عالمي نقطه نظر، سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه بِنا، رُڳو دل جي ڌوڙ تي تخليق ڪيل پورهيت ادب. (4) پورهيت طبقي جي صحيح سائنسي عالمي نقطي نظر، سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه جي روشنيءَ ۾ پورهيت سماجي نقطي نگاهه ۽ موقف کان زندگيءَ جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندڙ پورهيت ترقي پسند ادب.
هتي اها ڳالهه سمجهڻ جهڙي آهي ته سرمايه داري لاڙا دُنِيا جي هر علائقي ۽ هر ملڪ ۾ مختلف نموني جا آهن. آمريڪا ۽ يورپ ۾ اهي زواليت ۽ پڄاڻيءَ ڏانهن مائل آهن، ڇو ته اتي سرمايه داريءَ جي عروج وارو دؤر گذري، ختم ٿي چڪو آهي، پر ٽينءَ دُنِيا ۾ هڪڙي پاسي نوان قومي عوامي جمهوري ۽ سوشلسٽ لاڙا ته ٻئي پاسي سرمايه داري لاڙا اڃا اُسري ۽ نسري رهيا آهن. اهڙيءَ ريت سرمايه داري لاڙن اندر به اُبتڙ موجود آهي. ان ڪري اهي هڪ پاسي عالمي سامراج جا حامي آهن ته ٻئي پاسي سامراج دشمن عوام جا حامي به! ان ڪري ٽينءَ دُنِيا ۾ قومي، عوامي، جمهوري ۽ پورهيت ترقي پسند ادبي لاڙن سان گڏ هڪڙي پاسي اُسرندڙ سرمايه داريءَ وارا جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند ادبي لاڙا به آهن ته ٻئي پاسي زواليت پرست، رجعت پرست، سرمايه داري، سامراج پرست لاڙا به.