لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

”سندي ذات هنجن“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو لکيل آهي.
ڪتاب بابت محمد ابراهيم جويو پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
Title Cover of book سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

باب اٺون : ماضِيءَ جو ادب

ماڻهو سڀ سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

(لطيف)

عوام دشمنن هميشه پنهنجي دؤر جي هر سچائيءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي ڇتي مخالفت پئي ڪئي آهي. اها مخالفت “اڄ” جي ڪوڙ، ناحق ۽ رجعت پرستيءَ جي وسيلي به ڪئي اٿن ۽ “ڪالهه” جي مُدي خارج سچائي ۽ سابق ترقي پسنديءَ سان به ڪندا رهيا آهن.
هُو هميشه ڪالهوڪي سچ، ڪالهوڪي حق ۽ ڪالهوڪي ترقي پسنديءَ تي زور ڏيندا ۽ ان کي اڄوڪي سچ، اڄوڪي حق ۽ اڄوڪي ترقي پسنديءَ ۽ انقلاب کي دٻائڻ لاءِ کڙو ڪندا رهيا آهن. بلڪل ايئن جيئن ڪالهوڪي ڏاڍي مڙس کان پوليس پڳيءَ، پيراڍي ۽ لال جو ڪم وٺندي آهي.
جڏهن ڪالهه “اڄ” هو ۽ جڏهن ڪالهوڪي ترقي پسندي، ان وقت جي “اڄ” جي ترقي پسندي هئي، تڏهن اهي ساڳيون سماجي قوتون، جيڪي اڄ انهن جي ساراهه مان نٿيون ڍاپن، سي ڪات ڪهاڙا کڻي، سندن پويان پيل هيون.
اڄ عوام دشمن چون ٿا، “ڇا جو عوامي ادب، ڇا جو عوامي دشمن ادب؟ ڪهڙو پورهيتن جو ادب، ڪهڙو سرمايه دارن ۽ جاگيردارن جو ادب؟ ادب، ادب آهي. دنيا جو عظيم ادب ڏسو! هر قسم جي ماڻهن ان کي لکيو آهي. غريب کان غريب ۽ شاهوڪار کان شاهوڪار اديبن ان کي لکيو آهي، پر مجال آهي جو ان ڪري ڪو تِر جو به فرق پوي؟ عظيم ادب عظيم آهي، چاهي ان کي غريب لکيو هجي يا شاهوڪار. ادب ۾ اهو غريب شاهوڪار، سرمايه دار پورهيت جو ڏڦيڙ وجهڻ جهالت ۽ بيهودگي آهي.”
عوام جو دشمن هڪڙو ٽولو نه، گهڻا ٽولا آهن. جيڪڏهن سُرت نه ڪبي ته ماڻهو هڪڙي دشمن جي ڳالهين کي مُنهن ڏيڻ ۾ اهڙو محول ٿي ويندو ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري ويهندو، جو هڪڙي دشمن کان پاڻ بچائيندي ٻين دشمنن جو آسان شڪار ٿي پوندو. هڪڙي ٽولي جي وڇايل ڪوڙڪيءَ کان پاڻ بچائيندي، ازخود ٻين ٽولن جي وڇايل ڪوڙڪين ۾ ڦاسي پوندو!
جاگيردار رجعت پرست ادبي ٽولو سدائين فرمائيندو رهندو آهي ته فقط “پنهنجو” يعني جاگيردار رجعت پرست “ادب” پڙهو! “پرائو” يعني ترقي پسند سرمايه دار ادب يا پورهيت ادب نه پڙهو. اُهو آمريڪا، يورپ، روس ۽ چين وارن ڪافرن جو ادب آهي. ان سان پنهنجو ڪهڙو واسطو؟ ان جي جواب ۾ ترقي پسند چوندا آهن ته، “ادب نه ‘پنهنجو’ ٿيندو آهي نه ‘پرائو’. ادب سڄيءَ دنيا جي انسانن جي، سموري انسانيت جي گڏيل ميراث آهي.”
جاگيردار رجعت پرستن جي اُٿاريل دليلن جي جواب جي حد تائين اهو جواب صحيح آهي، پر مڪمل طرح ۽ غيرمشروط طرح صحيح ڪونهي. مثلاً ماضيءَ جي ادب ۽ فن کي وٺو.

[b]ماضيءَ جو عظيم ادبي ورثو:
[/b]هنجن سي هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهارئين،
ته لڳن سي ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌي ڪڏهين.

(لطيف)
اسان جو “هينئر”، “اڳ” جي پيڙهه تي بيٺل آهي. هن دؤر جو پورهيت توڙي ٻيو اعليٰ ادب، ماضيءَ جي اعليٰ ادب جي پيڙهه تي بيٺل آهي. ان پيڙهه کان سواءِ اهو هرگز تعمير ٿي نه سگهي ها.
ماضيءَ جي انسان دوست، روشن خيال ۽ ترقي پسند ادب انساني تاريخ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي ڪري انسان ذات ان جي جائز طرح ٿورائتي آهي ۽ سدائين رهندي.
ماضيءَ جي ادب کان تنقيدي نموني پر توجهه ۽ احترام سان سِکڻ کان سواءِ ڪوبه اديب صحيح معنيٰ ۾ اعليٰ عوامي ادب تخليق ڪري نٿو سگهي.
ماضِيءَ جي انسان دوست، روشن خيال ۽ ترقي پسند اديبن ۽ فنڪارن پنهنجين حدبندين، نقصن ۽ اڻ پوراين جي باوجود، ادب ۽ فن تخليق ڪرڻ لاءِ ڏاڍا ڪشالا ڪيا ۽ ڏک ڏٺا آهن. ڪيترين حالتن ۾ هنن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

[b]جيئرا جاڳندا معجزا
[/b]هنن مان ڪي اهڙا به هئا، جن جي تخليقي فتحن ۽ ڪارنامن اڳيان جوليس سيزر، سڪندراعظم، چنگيز، تيمور ۽ نيپولين جهڙن جون فتحون هيچ هيون. هنن پنهنجي وقت، پنهنجي طبقاتي، ملڪي ۽ قومي سوچ ۽ سمجهه جي حدن اندر، فن جا اهي تاج محل اڏي ڇڏيا آهن، جن جي سُونهن ۽ عظمت، هر ڳالهه جي باوجود، ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. هنن پنهنجي وقت جي هماليه جي چوٽين کي سر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ستارن تي ڪَمَندُ وڌا آهن. هنن اهڙا جيئرا جاڳندا معجزا ڏيکاريا آهن، جيڪي هر نسل کي اچرج ۾ وجهندا رهندا. هي ماڻهو انسانيت جو سينگار ۽ هن ڌرتيءَ جا مرڪ هئا. ڌرتيءَ جا پُٽ ۽ ڌِيئون هميشه سندن ياد کي احسانمنديءَ جي آلاڻ سان ڀريل اکين سان ۽ احترام ۽ شڪر گذاريءَ وچان جهڪيل ڪنڌن سان، نمي سلام ڪندا رهندا.
ماضيءَ جي اديبن ۽ فنڪارن زندگيءَ جون جيڪي لکين ڪروڙين، اڪثر اڻ پوريون، هڪ طرفيون، پر گُوناگُون جهلڪيون اسان کي ڏيکاريون آهن، انهن سمورين گڏجي، ڇنڊجي ڇاڻجي، ڄاڻ، سمجهه ۽ ڏاهپ جي داڻن ڪڻن جا ايڏا انبار گڏ ڪري ڇڏيا آهن، جو جيڪڏهن اسين انهن کي جانچي ڏسون، صاف ڪريون ۽ وري تنقيدي ۽ تخليقي نموني پرکيون ته “ڪڻن مان ڪيچ” واري حساب سان اسان وٽ ڪيچ پچي پون.
دنيا جو اعليٰ ادب اسان جو اهڙو بي بها ورثو آهي، جنهن جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، ان کي وڌائڻ ويجهائڻ ۽ انهن مان پورو پورو تخليقي نفعو حاصل ڪرڻ اسان جو مقدس عالمي تاريخي فرض ۽ اعزاز آهي.
انهن ڳالهين جي باوجود اها ڳالهه هرگز نظرانداز ڪرڻي ناهي ته ماضِيءَ جو ادب عوام لاءِ تمام گهڻين غلط ۽ نقصانڪار ڳالهين سان به ڀريل آهي.
ماضِيءَ جي ادب ۾، ڪافي حد تائين، خود ماضِيءَ جي عظيم ادب ۾ به، انساني سماج جي سڀ کان وڏين ۽ بُنيادِي حقيقتن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. سماجي تاريخ جي هڪڙي پاسي سڀ کان نيچ ۽ ظالم ۽ ٻئي پاسي سڀ کان عظيم ۽ نيڪ ڪارنامن تي ۽ سڀ کان اهم سماجي لاڙن ۽ تحريڪن تي پردو وڌو ويو آهي ۽ انهن بابت خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي. انهن جي جاءِ تي عام طرح ڏهين درجي جي معمولي ڳالهين کي کنيو ويو آهي ۽ کين حد کان وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي.
ماضِيءَ جي ادب مجموعي طرح عوام کي پنهنجي مدد کان محروم رکيو آهي ۽ سندن دشمنن جي خدمت ڪئي آهي.
ان جا مکيه سبب هئا اڻڄاڻائي ۽ مجبوري. اڻڄاڻائي اها، جو ماضِيءَ جو ادب عام طرح سماج بابت نهايت هڪ طرفي، مٿاڇري، سطحي، قياسي، گهڻي ڀاڱي غلط ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ ۽ سمجهه جي آڌار تي تخليق ڪيل هو.

[b]ماضِيءَ جو ترقي پسند ادب
[/b]خود اهو ادب جنهن کي اسين اڄ ماضِيءَ جو ترقي پسند يا عظيم ادب چئون ٿا، اهو به اُبتڙن جي ميلاپ ۽ ويڙهه جي پيداوار هو. اهو يڪو، سڄو سارو ترقي پسند ۽ عوام دوست ڪونه هو.
گذريل زمانن جا جيڪي عظيم اديب ۽ فنڪار پنهنجي دؤر ۽ پنهنجي نظام جي ترقي پسند لاڙن جا ترجمان ۽ وڪيل هئا، تن جون تخليقون ان وقت جي حالتن ۾ رجعت پرست تخليقن جي ڀيٽ ۾ کڻي ڪيتريون به اڳڀريون ۽ ترقي پسند هيون پر تڏهن به اهي پنهنجي دؤر ۽ پنهنجي سماجي نظام ۽ پنهنجي حاڪم طبقن جي سوچ، سمجهه، لاڙن ۽ آدرشن کان قطعي طرح آجيون هرگز ٿي نٿي سگهيون.
اهڙو ڪوبه اديب، فنڪار يا دانشور ڪونهي، جيڪو پنهنجي دؤر جي سوچن، لاڙن ۽ آدرشن کي صفا ڇڏي رڳو ايندڙ زمانن جي سوچ، لاڙن ۽ آدرشن کي اختيار ڪري سگهي. اديب ۽ فنڪار ڪهڙو به باڪمال هجي ۽ ڪيڏو به دورانديش ۽ آئيندي جا خواب ڏسندڙ هجي، پر سندس تخليقن تي ڪنهن نه ڪنهن نموني، ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ پنهنجي دؤر، پنهنجي سماجي نظام ۽ پنهنجي دلپسند سماجي گروهن ۽ طبقن جي سوچن ۽ آدرشن جون مهرون ضرور لڳل هونديون.
اڪثر عالمي شاهڪار پنهنجي سموري عوامي مقبوليت، ڪمال ۽ عظمت جي باوجود، بُنيادِي طرح هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڪن خاص طبقن ۽ گروهن جي ادبي ۽ فني مفادن جي ترجماني ڪن ٿا.

[b]ڪنهن جي بازار پئي لُٽجي؟
[/b]جيڪي واقعي وڏا فنڪار آهن، اهي پنهنجي ذاتي ۽ پنهنجي دلپسند طبقاتي سوچن ۽ لاڙن سان گڏ سماج جي ٻين طبقن جي پسند جي ايتري وسيع ۽ قابليت واري ترجماني ڪن ٿا، جو سواءِ تمام قابليت ۽ باريڪ بينيءَ واري تپاس جي، اهو معلوم ئي ڪونه ٿي سگهندو ته هُو حقيقت ۾ بُنيادِي طرح ڪهڙن طبقن جي سوچن، لاڙن ۽ قدرن جي ترجماني ۽ وڪالت ڪري رهيا آهن. اهي وڏا فنڪار بي پناهه فني ڏانءُ ۽ ڏات کانسواءِ هن جهان ۽ زندگيءَ بابت هڪ وسيع ۽ گهرو عالمي نقطي نگاهه پڻ رکن ٿا. سندن ڀيٽ ۾ عام پڙهندڙ جو عالمي نقطي نظر تنگ ۽ محدود آهي. ان ڪري سندن ڏات ۽ وسيع عالمي نقطي نظر جي ميلاپ مان جيڪي تخليقون ٺهن ٿيون، سي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ ۾ کاٽ هڻي کيس پاڻ تي فدا ڪريو ڇڏين.
هڪ ته اڻ لکي کاٽ ڪري ٻيو ته پڙهندڙن جي اڻ ڄاڻ ۽ اڻ تربيت يافته هجڻ ڪري عام پڙهندڙن کي ورلي ڪو اهو سَماءُ پئجي سگهي ٿو ته فلاڻيءَ عظيم تخليق ۾ ڪهڙي گروهه يا طبقي جي سماجي ۽ عالمي نقطي نظر جي ترجماني ۽ وڪالت ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ ڪهڙا ڪهڙا جزا صحيح ۽ عوام دوست آهن ۽ ڪهڙا غلط ۽ عوام دشمن. جهڙيءَ ريت ڪنهن سُٺي بورچيءَ جي رڌل طعام کي کائي، ماڻهو رُڳو وات چٽيندو رهجي ويندو آهي ۽ اڪثر کيس اها خبر ئي ڪانه پوندي آهي ته هيءُ کاڌو ڪهڙين شين مان ٺهيل آهي ۽ اهي سندس صحت واسطي ڪيتري قدر فائديمند يا نقصانڪار آهن، تهڙيءَ طرح سواءِ ڪن ٿورڙن تمام ڄاڻو پڙهندڙن جي، ٻين کي اهو سَماءُ ئي ڪونه پوندو آهي ته هن تخليق ۾ ڪهڙي سماجي سوچ جو مال مصالحو آهي ۽ هن ۾ ڪنهن جي بازار پئي لُٽجي؟ هو رُڳو ان جي ڳالهه ڪرڻ جي ڍنگ ۽ ٻين فني ۽ فڪري چاشنين ۾ ئي گم ٿي ويندا آهن.
خود اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي دؤر ۾ ته ڇا سڀني دؤرن جا عجائب بڻجي ويا آهن، انهن جي سوچ تي به غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ڪيترين نهايت اهم ڳالهين ۾، اڄ جي حساب سان، اهي اڄ جي معمولي کان معمولي ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ به قدامت پرست ۽ مُدي خارج ٿي چڪا آهن. سندن ڳچ خيال انسان ذات لاءِ نهايت نقصانڪار ٿي چڪا آهن بلڪه ان وقت به هئا پر ماڻهن کي ان وقت ان جو سَماءُ ئي نٿي پيو!
مثلاً ارسطو، سُقراط ۽ افلاطون ڪير سڏائي؟ الڪندي، فارابي، غزالي، بو علي سينا، ابنِ رشد، ابن خلدون ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ خود فردوسي، حافظ، عمير خيام، ڪاليداس، شيڪسپيئر کان وڌيڪ سندن دؤر جو روشن خيال ۽ انسان دوست ڪو ٿيو!؟

[b]ارسطو، ولبر فورس ۽ اڄ جو ننڍو ٻار!
[/b]پر انهن سڀني جي عظيم ادبي ۽ فڪري شاهڪارن ۾ ڪا هڪڙي سِٽ به غلاميءَ جي نظام جي خلاف ته ڪڍي ڏيکاريو؟ اهي سڀ ويچارا پنهنجي دؤر ۽ پنهنجي وقت جي سماجي نظام جي سماجي فڪرن جي حدن کي اورانگهي، اهو تصور به نٿي ڪري سگهيا ته ماڻهُو، ماڻهوءَ کي ذاتي طرح ۽ ٻارن ٻچن سميت غلام بڻائي ڍورن ڍڳن وانگر وڻيس ته وهائي، وڻيس ته سندن سودا ڪندو وتي، اها ڳالهه ڪا ظلم جي ڳالهه آهي! هُو غلاميءَ جي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ آواز اُٿارڻ جو سوچي به نٿي سگهيا.
ولبر فورس ۽ ٻيا جن غلاميءَ جي نظام خلاف انگلينڊ، آمريڪا ۽ يورپ ۾ جهاد ڪئي، سي علمي، ادبي ۽ فڪري طرح مٿين عظيم هستين جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ڪجهه به ڪونه هئا، پر ڳالهه دؤر ۽ نظام جي آهي. هنن کي سندن دؤر ۽ سماجي نظام هڪ خاص حد کان اڳتي سوچڻ ئي نه ڏنو. ولبر فورس وارا ان دؤر ۽ نظام ۾ آيا، جيڪو دؤر ۽ جيڪو نظام اڳين دؤرن ۽ نظامن جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳتي هو، جنهن جي ڪري غلاميءَ جو نظام مُدي خارج بڻجي چڪو هو.
اڄ جي هڪڙي ننڍڙي ٻار کي به خبر آهي ته ماڻهُو طرفان ماڻهوءَ کي غلام بنائڻ گندو ڏوهه آهي. ان حساب سان سماجي فڪر جي ڪسوٽيءَ تي اڄوڪو ٻار به غلاميءَ بابت سوچ ۾ مٿين سمورين يگانين هستين کان ڪي زمانا اڳتي آهي!
ٿامس هارڊي، ٽالسٽاءِ ۽ ٽئگور وغيره ڪيئن ٿا ڀانيو؟ پر سندن ادب مان جيڪو سبق ملي ٿو، سو آهي رضا تي راضي رهڻ ۽ تقدير تي ڀاڙڻ، ويڙهه کان پاڻ بچائڻ. اديب ته جبل جيڏا پر سندن ادب جو تت اڄ ڪهڙو ماڻهو قبول ڪندو؟ ڪير چوندو ته عوام لاءِ اهو سبق فائديمند آهي؟ اهو سبق ڪهڙن طبقن کي فائدو ڏئي ٿو، سا ڳالهه اڄ هرڪو سمجهي سگهي ٿو!

[b]ادبي بُتَ!
[/b]اڳ جي ادبي هستين جي تخليق جي عوام جي نقطي نگاهه کان ڇنڊڇاڻ نه ٿيڻ ڪري ڪيترن کي ڏٺو ويندو ته اهي سَکڻا بُتَ آهن. سندن انڌي پُوڄا پيئي ٿئي. درحقيقت اها پوڄا حاڪم طبقن جا ادبي ۽ فني دلال ٿا ڪرائين.
انهن نام نهاد عظيم هستين مان ڳچ جيترا عوام جي نقطي نظر کان، خود سندن دؤر ۾ به، تمام قدامت پرست، پوئتي پيل ۽ عوام جا مخالف هئا.
ڪيترا “وڏا” بنايل اديب پنهنجي ڳالهه کي ٺاهڻ لاءِ اهم سماجي مسئلن بابت نهايت هڪ طرفيون، غيرذميواريءَ واريون، نقصانڪار ۽ گمراهه ڪندڙ ڳالهيون ڪري ويا آهن. پڙهندڙن جي اٻوجهائي ۽ اڻڄاڻائيءَ جو ناجائز فائدو وٺي سهڻي، دلفريب ۽ ڇرڪائيندڙ ٻولي، نهايت فصاحت ۽ بلاغت سان، اهي نسورا زٽ ۽ ڊز هڻي ويا آهن. اهي جعلي “دانائي” ۽ “تجربي” جا نُڪتا هو اهڙي پيغمبري شان سان ڪري ويا آهن، ڄڻ مٿن ڪا وَحِي لٿي هئي.
اهو ڌنڌو اڄ تائين چالو آهي. سنڌي ادب جو جائزو وٺبو ته مختلف دؤرن جي ادب ۾ اهڙا موتي ڪيترن ئي هنڌن تي پکڙيل نظر ايندا!

[b]سو فيصدي ترقي پسند تخليق
[/b]جيڪا ماضيءَ جي تخليق ڪالهه، ڪالهوڪي ماحول ۾، سو فيصدي ترقي پسند هئي سا به ضروري ناهي ته اڄ اسان جي ماحول، دؤر ۽ نظام جي حساب سان به، ترقي پسند هجي.
ان جي خوبين مان سِکبو، سندس اڳوڻي ترقي پسند سماجي سيرت ۽ ڪردار کي سڃاڻبو ۽ تسليم ڪبو ۽ اڳوڻي زماني جي سلسلي ۾ انهن کي ساراهبو، پر اڄوڪين حالتن ۾، نه رُڳو انهن جي ساراهه نه ڪبي ۽ ماڻهن کي انهن کان متاثر ٿيڻ لاءِ آماده نه ڪبو، پر انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سندن چڱايون ۽ مدايون نروار ڪبيون.

[b]عوامي ٻولِي ۽ عوامي انداز واريون تخليقون
[/b]جيڪي تخليقون عوامي انداز ۾ عوام لاءِ سندن ئي دل پسند ٻولِيءَ ۾ لکيل هجن، سي به لازمي ناهي ته عوام-دوست ۽ ترقي پسند هجن. ڪيتريون بدترين عوام دشمن تخليقون نهايت دلنشين نموني وڏي ڏات ۽ ڏانءُ سان لکيل آهن.
اهڙين عوام دشمن تخليقن ۾ جيترو ڏانءُ ۽ ڏات وڌيڪ هوندا، اهي جيتريون اثرائتيون ۽ مقبول ٿينديون، اوتريون ئي اهي وڌيڪ پنهنجو زهريلو عوام دشمن اثر ڦهلائي عوام کي نقصان پهچائينديون.

[b]پيشو ته مون وارو! پر قدر ڪونهي!
[/b]اڪثر ماڻهو جنهن به ڳالهه ۾ ڀَڙُ هوندو آهي، تنهن بابت سمجهندو آهي ته دنيا ۾ آهي ئي اها ڳالهه، جي ڏاتِ آهي ته به اها. جي ڄاڻ آهي ته به اها، جي نيڪي آهي ته به اها، مطلب ته سڄي ڪائنات جي تخليق جو مقصد ئي ڄڻ رُڳو اها ڳالهه آهي. سينٽرل جيل حيدرآباد جو جلاد خواص خان اڪثر چوندو هو ته، “سائين! ڦاسي ڏيڻ ڪو هر ڪنهن للوءَ پنجوءَ جو ڪم ناهي! ڪيترا ماڻهو اهڙا نالائق هوندا آهن جو اڌ ڪلاڪ کين ٽنگي وري کڻي لاهي ڏس ته اڃا به پيا چُرن پُرن! هاڻ وري چاڙهڻ تي ٿي خواري! آءٌ پنهنجي هٿ سان انهن جو ڳاٽو مروٽي ڇڏيندو آهيان! جيل ۾ فساد ٿين، تڏهن به ايئن! جهيڙي مهل ڪو فسادي قيدي هٿ چڙهي وڃي ته ماٺ مٺيءَ ۾ ان جو ڳاٽو مروٽي ڇڏيندو آهيان! پر قدر ڪونهي!”
پنهنجي پيشي ۽ ڪِرتِ بابت اهڙي قسم جا خيال هر ڪِرتِ ۽ پيشي وارن ماڻهن کي هوندا آهن. هرڪو ڀائيندو ته، “پيشو ته مون وارو، ٻيون ٺلهيون ڳالهيون! پر قدر ڪونهي!”
اڪثر اديب ۽ فنڪار به ڀائين ٿا ته، “ڪائنات ۾ جيڪي آهي، سو رُڳو ادب ۽ فن. اهي پاڻ مراديون پيدا ٿيل قدرتي چيزون آهن. اهي ئي نيڪيءَ، سُونهن، سچائيءَ ۽ تخليق جا سرچشما آهن. اهي ڪنهن به ٻيءَ شيءِ جون پيداوار ناهن. ڪنهن ٻيءَ شيءِ کان متاثر نه ٿيون ٿين. ڪنهن به ٻيءَ شيءِ تي انهن جو دارومدار ڪونهي. ڪنهن به ٻيءَ شيءِ سان ڳنڍيل ناهن. بس يڪي سر پاڻ آهن. ازلي ۽ ابدي آهن. عالمي ۽ آفاقي آهن.”
ان باري ۾ اديبن ۽ غيراديبن جي وچ ۾ فرق رڳو اهو آهي ته اڪثر ٻين ڌنڌن ۽ هنرن وارا ماڻهو اهي وهم گهڻي ڀاڱي پاڻ تائين محدود رکڻ تي مجبور آهن، پر اديب ۽ فنڪار انهن وهمن کي عوام ۾ ڦهلائين ٿا. کين جيئن ته ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڏاتِ آهي ۽ هو ٻين کي هڪدم متاثر ڪرڻ جا بادشاهه ٿين ٿا، تنهن ڪري هو پنهنجي ان گمراهه ۽ هوائي سوچ کي عوام ۾ ڦهلائڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. هڪڙي ڏاهي جو قول آهي ته، “پڙهيل احمق جاهل احمق کان وڏو احمق ٿئي ٿو.” پڙهيلن جون ڦهلايل اهي گمراهيون ۽ وهم اڻ پڙهيلن جي ڦهلايل وهمن ۽ گمراهين کان وڌيڪ جهالت ۽ گمراهي ڦهلائين ٿيون.

[b]ادب ۽ فن جا عالمي ۽ آفاقي قدر
[/b]چڱيءَ طرح ويچار ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري ڏسبو ته خبر پئجي ويندي ته ادب ۽ فن جا عالمي ۽ آفاقي قدر ۽ اُصول به حقيقت ۾ اهڙا قطعي ۽ آخري طرح عالمي ۽ آفاقي ناهن. نه وري اهي ادبي ۽ فني ۽ فني ميدان ۾ هلندڙ طبقاتي ويڙهه ۾ اهڙا ڪي غيرجانبدار قدر ۽ اُصول ئي آهن.
ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ سڀني طبقن جي وچ ۾ مُفادَن جون ڪي هڪ جهڙايون آهن ته ڪي تضاد به.
ادب ۽ فن جي عالمي ۽ آفاقي قدرن جا اصطلاح فقط محدود ۽ نسبتي معنيٰ ۾ صحيح ٿيندا. هونئن نه. انهن مان مراد مادي ۽ روحاني قدرن ۽ مُفادَن جون اهي هڪجهڙايون آهن، جيڪي تاريخ جي هر دؤر جي روشن خيال ادب جي وچ ۾ هميشه رهيون آهن، پر انهن هڪجهڙاين کان سواءِ انهن جي وچ ۾ تضاد به سدائين موجود رهيا آهن. اهي هڪجهڙايون ۽ تضاد هر دؤر، هر سماجي نظام ۽ هر طبقي جي فني ۽ ادبي قدرن، لاڙن جي وچ ۾ آهن. اڳئين دؤر جي روشن خيال، ترقي پسند ۽ انقلابي ادب ۽ فن جي وچ ۾ ساڳيءَ طرح هڪجهڙايون ۽ تضاد آهن.
ادبي ۽ ٻين سماجي قدرن جي آفاقيت انهن قدرن جي سماجي سيرت جو فقط هڪڙو پاسو، حقيقت جو فقط هڪڙو تهه ۽ پريان نظر ايندڙ ٻاهريون ڏيک آهي. اندرو اندر، حقيقت مختلف بلڪه اُبتڙ آهي. ان حقيقت جو ٻيو ۽ وڌيڪ اهم پاسو انهن قدرن جو پاڻ ۾ ٽڪر ۽ مقابلو آهي.
آفاقيت صدين جي ادب جي پاڻ ۾ عام هڪجهڙائيءَ ۽ ميلاپ واري پاسي جي ترجماني ٿي ڪري. هر دؤر ۽ هر طبقي جي ترجماني ڪندڙ ادب ۾ پنهنجون پنهنجون نراليون ۽ خاص وصفون ۽ خاصيتون به آهن. هي آفاقي قدرن جي پوش هيٺ لِڪل آهن ۽ پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. ان ڪري هر ادبي تخليق ساڳئي وقت آفاقي ادب ۽ قدرن جي ميلاپ ۽ پڻ انهن جي پاڻ ۾ ويڙهه جو روپ ۽ سندن عموميت ۽ خصوصيت جي صورت آهي. انهن قدرن جي وچ ۾ هلندڙ ويڙهه جو پاسو اول ۽ حاوي آهي ۽ ميلاپ ۽ هڪجهڙائيءَ جو پاسو ثانوي ۽ ماتحت آهي.
انهن مان ڪنهن به هڪ پاسي کي (Absolutize) ڪبو ۽ قطعي ۽ آخري سمجهبو ته حقيقت جي پروڙ جو توازُن بگڙي پوندو ۽ اسان جي ڄاڻ غلط ٿي پوندي.
ادبي قدرن جي آفاقيت به انساني سماجي قدرن جي آفاقيت (Universality) وانگر آهي. مثال طور انساني سماج جو اهو هڪڙو آفاقي قدر آهي ته، “بني آدم اعضائي لکيريگرند”، “انسان هڪٻئي جا عضوا آهن.” هڪ معنيٰ ۾، هڪ سطح ۽ هڪ حد تائين اها ڳالهه صحيح آهي، پر اسين روزمره جي زندگيءَ خواه انساني تاريخ ۾ ڏسون ٿا ته اهو قدر نِسبتي آهي ۽ ڪُلي ناهي. اهو فقط مخصوص حالتن ۽ حدن اندر صحيح آهي ۽ پنهنجي اندر ۾ اها بنيادي حقيقت لڪايو ويٺو آهي ته هڪڙا انسان ٻين جا ماري آهن. مارين ۽ مرندڙن ۾ ڄڻ روزِ ازل کان وٺي جنگ هلي رهي آهي. جيستائين ان جنگ ۾ انسانن جي وڏي اڪثريت جي سوڀ نه ٿي آهي، تيستائين آدم جا ٻچا هڪٻئي جا عضوا ٿي ئي ڪونه ٿيندا.
طبقاتي سماج ۾ هر قسم جا آفاقي قدرن جو تصور نِسبتي تصور آهي، قطعي ناهي. تنهن ڪري انهن ۾ گهٽ-وڌائي ٿيندي رهندي آهي. سماج جا ڪيترا “عالمي ۽ آفاقي” قدر درحقيقت تنگ ۽ عارضي طبقاتي قدر ثابت ٿيا آهن. مثلاً اڳي اهو هڪڙو طئي ٿيل عالمي سماجي قدر سمجهبو هو ته گولو ۽ غلام ذليل آهي، بي وفا آهي، نيچ آهي ۽ ٻيا ڪَئِين پهاڪا ۽ چوڻيون ان “عالمي ۽ آفاقي” “سچائي” جي تائيد ۾ چيل آهن. فردوسيءَ جهڙي ماڻهُوءَ به چيو آهي:
“پرستار زاده نيايد بکار!”
(گولي جو پٽ ڪنهن به ڪم نه ايندو)
پنهنجيءَ پر ۾، هن جي نظر ۾، ان کان وڏي دليلن کان بي نياز سچائي ٻي ٿي نٿي سگهي، پر اڄ اسان کي خبر آهي ته ذليل، بي وفا ۽ نيچ دراصل ڪير هئا ۽ آهن... غلام دار يا غلام!
جيئن جيئن انسان ترقي ڪندو هلي تيئن تيئن نوان عالمي ۽ آفاقي قدر ٺهندا رهن ٿا ۽ ٺهندا رهندا ۽ ڪي پراڻا رد ٿي ويندا رهن ٿا.
تنهن کانسواءِ انهن قدرن جي ظاهري شڪل صورت بظاهر ساڳي رهندي به انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم ۽ حقيقي استعمال ۾ هميشه فرق بلڪه تضاد پئي رهيو آهي. هر طبقي، گروهه، هر “آفاقي” قدر کي پنهنجي خاص مفاد جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ ان موجب انهن جون فوقيتون (Priorities) مقرر پئي ڪيون اٿس.