لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

”سندي ذات هنجن“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو لکيل آهي.
ڪتاب بابت محمد ابراهيم جويو پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
Title Cover of book سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

باب ستون : ادب تخليق ڪرڻ لاءِ رُڳو احساس ۽ جذبا ڪافي آهن ڇا؟

اوريائين آڻين، ميڙيو معلم خبرون!
سا تان سڌ نه ڏين، جتي وَهه ويڌ ڪري!

(لطيف)

چيو وڃي ٿو ته ادب رُوح جو ريلو آهي، احساس آهي، ان لاءِ ڪنهن به خاص سماجي ڄاڻ، سمجهه ۽ پروڙ جي ضرورت ڪانهي، جيڪي اک ڏسي ۽ رُوح محسوس ڪري اهو لکڻ ئي ادب آهي. ان کان وڌيڪ نعريبازي آهي.
ڇا، اها ڳالهه صحيح آهي؟ هرگز نه!
ادب سڌيءَ طرح دماغ سان مخاطب نٿو ٿئي. اهو اڻ سڌيءَ طرح، دل جي معرفت دماغ سان پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو. سندس ٻولي علمي ڳالهين ۽ عقلي دليلن جي نه پر احساسن ۽ جذبن جي ٻولي آهي. سندس وسيلو رواجي لفظ نه پر لفظن وسيلي ٻين جي دلين ۽ تصورن تي چِٽيل تصويرون آهن.
پر بامعنيٰ احساس يا جذبا به ڪنهن نه ڪنهن ڄاڻ، ڪنهن نه ڪنهن سمجهه تي ٻڌل هوندا آهن. ڄاڻ ۽ سمجهه کان خالي، بي معنيٰ احساس ۽ جذبا بي اثر ۽ فضول ٿين ٿا. اديب ۽ فنڪار جا احساس ۽ جذبا زندگي ۽ انساني سماج بابت جيتري وڌيڪ ڄاڻ ۽ سمجهه جي سرچشمن مان ڦُٽي نڪتا هوندا، اوترا ئي اُهي وڌيڪ اثرائتا ٿيندا. اهي زندگيءَ جي بُنيادِي حقيقتن ۽ سچاين جي جيتري گهري ۽ وسيع پروڙ جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندا، اوترا ئي اُهي وڌيڪ قيمتي ۽ ڪارائتا بڻبا. زندگيءَ ۽ انساني سماج جي بنيادي حقيقتن ۽ سچاين جي ڄاڻ، سمجهه ۽ پروڙ کان خالي ادب ۽ فن ۾ کڻي ڪيتري ڪاريگري ۽ هنر، سِٽاءُ ۽ فن هجي پر اهو ڄڻ پاڻيءَ تي ڦوٽو آهي، جيڪو پل ۾ ڦِسي پوندو.
اڄ جو انسانيت دوست ۽ عوام دوست مثالي ادب اهو ۽ فقط اهو ٿي سگهي ٿو، جيڪو انساني سماج، انساني تاريخ ۽ اڄ جي دنيا جي مکيه ۽ بنيادي حقن ۽ سچاين کي ڄاڻي، سمجهي، پروڙي، انهن جي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ وسيلي عڪاسي، ترجماني ۽ وڪالت ڪري.

[b]ڀرپور سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه کان سواءِ اعليٰ عوامي ادب تخليق نٿو ڪري سگهجي
[/b]نه سڀ صحيح سماجي عالم ۽ سائنسدان ۽ نه وڏا اديب ۽ فنڪار هئا ۽ نه سڀ اديب، شاعر ۽ فنڪار ڪي وڏا سماجي عالم هئا، نه وري ڪو ايئن آهي ته ڪو هروڀرو سڀ گهڻي سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه رکندڙ اديب، شاعر ۽ فنڪار گهٽ سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه رکندڙ اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کان لازمي طرح وڏا اديب، شاعر ۽ فنڪار هوندا. ممڪن آهي ته انهن ۾ صحيح سماجي ڄاڻ، سمجهه ۽ پروڙ هجي، پر ڏانءُ ۽ فن جي معاملي ۾ پوئتي پيل هجن.
استثنائون يعني نِياريُون حالتون هر هنڌ آهن پر عام طرح ايئن آهي ته وڏي ۾ وڏا اديب، شاعر ۽ فنڪار اهي ماڻهُو ٿيا آهن، جن ڪتابن توڙي ذاتي مشاهدي ۽ تجربي وسيلي هن جهان، انساني سماج ۽ انساني زندگيءَ جو پنهنجي دؤر جي سڀ کان اڳتي وڌيل علمن جي روشنيءَ ۾ ڳوڙهو ۽ تخليقي مطالعو ۽ استعمال ڪيو، اڄ جي دؤر جي سچي اديب ۽ فنڪار لاءِ به انساني زندگي، انساني سماج ۽ انساني تاريخ بابت سماجي علمن ۽ سائنسن جي پوري واقفيت، سمجهه ۽ پروڙ بيحد ضروري آهي.

[b]زندگيءَ جا ڪي بُنيادِي ۽ وڏا سوال
[/b]هيءَ ڪائنات ڇا آهي؟ ان جي بناوٽ ۽ تاريخ ڇا آهي؟ ڌرتيءَ ۽ ان تي پيدا ٿيل زندگيءَ جي ڪهاڻي ڇا آهي؟ انسان ڪيئن پيدا ٿيو ۽ تاريخ جون ڪهڙيون منزلون ٽپي هِتي پهتو آهي؟ انساني سماج ڇا آهي؟ هيءَ دنيا جيئن آهي تيئن ڇو آهي؟ ڇا، اها هميشه ايئن رهي آهي ۽ سدائين ايئن رهندي! يا ڇا اها بدلجي پئي؟ جي ها، ته ڪيئن ۽ ڪهڙين قوتن جي زور تي؟ ڇا ان تبديليءَ جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي ٿو؟ جي ها، ته ڪيئن؟ ڇا اهڙا به ڪي قانون آهن، جي فطرت، انساني سماج، انساني سوچ سڀني سان هڪجهڙا لاڳو هجن؟
ڇا، ڪائنات جا اهڙا وڏي ۾ وڏا سوال به آهن، جن کان وڏو سوال ٻيو اڄ تائين پيدا ڪونه ٿيو آهي؟ انهن جا ڪهڙا جواب ڳولي لڌا ويا آهن؟ وغيره وغيره. اهي سوال جواب انسان جي علم ۽ سندس سمجهه ڀرئي عمل جي پيڙهه آهن. پيڙهه کان سواءِ اڏاوت ڪهڙي؟
روز ازل کان عظيم انساني ذهن، انهن ڳالهين بابت سوچيندا رهيا آهن. اڄ انهن بابت سوچڻ ۽ صحيح جواب معلوم ڪرڻ جي جيڏي ضرورت آهي، ان کان وڌيڪ اڳ ڪڏهن ڪانه هئي. اڄ جيتري انهن جوابن معلوم ڪرڻ جي سهوليت آهي اوتري اڳ ڪڏهن به ڪانه هئي.
جيڪو استاد، شاعر، اديب، خطيب ۽ عالم وغيره پنهنجي سبق، ڪلام، خطاب يا ٻيءَ تحرير ۽ تقرير وسيلي عوام کي مخاطب ٿئي ٿو، سو جيڪڏهن ان کان اڳ پنهنجيءَ وِتَ آهر پنهنجون بهترين صلاحيتون ڪتب آڻي، ان علمي ۽ عملي پيڙهه بابت ٽيهن ئي نسن جو زور لڳائي، هر ممڪن حد تائين صحيح معلومات حاصل ڪري، انهن جي روشنيءَ ۾ عوام سان نٿو ڳالهائي ۽ رڳو جيڪا ڳالهه هتان هُتان ٻُڌي اٿس، سا يا جيڪا خيال ۾ اچيس ٿي، سا پيو ڪري يا رڳو ڊز پيو هڻي ته ان کان وڌيڪ “نيم حڪيم خطره جان، نيم مُلا خطره ايمان!” ٻيو ڪونهي.
هن جهان ۽ ان ۾ وسندڙ انساني سماج جي سمورين پيچيدگين کان پوريءَ طرح واقف ٿيڻ جي ڀرپور ايمانداريءَ واري ڪوشش ڪرڻ ۽ سدائين ڪندو رهڻ، هر سچي عوامي اديب ۽ فنڪار جو اولين فرض آهي.

[b]باخبر، باشعور ۽ باضمير ڏات ڌڻي
[/b]باخبر، باشعور ۽ باضمير ڏات ڌڻي اهو ٿيندو، جيڪو پاڻ کي هن دؤر جي سڀ کان اڳتي وڌيل فطري ۽ سماجي ڄاڻ، سمجهه ۽ سوچ سان هٿياربند ڪري، ان جي روشنيءَ ۾ ۽ ان جي مدد سان، ٻين ڳالهين سان گڏ، نه رڳو اهو ڏيکاري ته دنيا جي ۽ هن ملڪ جي عوام جي زندگي ڪيئن ٿي گذري؟ پر اهو به ڏيکاري ته اها ايئن ڇو ٿي گذري ۽ ڇو نه ٻي بهتر طرح ٿي گذري؟ اهو ادب نه رڳو اهو ڏيکاري ته هن کان بهتر زندگي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ۽ ٿيڻ گهرجي، پر اهو به ڏيکاري ته اها ڪهڙي رستي، ڪهڙن طريقن سان ۽ ڪهڙن وسيلن سان بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ اهي ڪهڙا ماڻهُو، ڪهڙيون سماجي قوتون آهن، جيڪي ان ڳالهه جي ٽيهن نَسن سان مخالفت ڪن ٿيون ۽ ڪنديون رهنديون ۽ ڪهڙيون آهن، جيڪي ان بهتر زندگيءَ لاءِ عوام جي مدد ۽ رهبري ڪري سگهن ٿيون ۽ ڪن ٿيون. اهو باضمير ادب ۽ فن پنهنجو اهو فرض سمجهندو ته اهڙين قوتن سان موت ۽ حياتيءَ جي جنگ لڙي، جيڪي عوام جي بهتر زندگيءَ واسطي جدوجهد جي راهه جو پٿر آهن ۽ انهن قوتن سان دل جان سان ٻانهن ٻيلي ٿي، وِک وِک سان ۽ ڪُلهو ڪُلهي سان ملائي هلي، جيڪي ان جدوجهد جون مددگار ۽ سرواڻ آهن.
سماج جي خرابين ۽ ظلمن تي هر ايماندار اديب ۽ فنڪار کي ڏک ۽ ڪاوڙ ٿئي ٿي ۽ هُو ادب ۽ فن وسيلي ان جو اظهار ڪري ٿو، پر سچي ايماندار اديب جو فرض رڳو اتي ختم نٿو ٿئي، پر سچي ۽ ايماندار اديب کي سوچڻو پوندو ته جن خرابين ۽ ظلمن کان هُو نفرت ٿو ڪري، سو رڳو اتفاقي آهي يا موجوده نظام ۾ اهي لازمي آهن. اهي رڳو ڪنهن هڪڙي وقت تي، ڪنهن هڪڙي هنڌ ٿين ٿا يا سڄي سماج ۾ هر وقت ٿين ٿا؟ انهن جو ڪارڻ فقط ڪو هڪ اڌ خراب ۽ ظالم ماڻهُو آهي يا اهڙا خراب ۽ ظالم ماڻهُو سماج ۾ هر وقت ۽ هر هنڌ موجود آهن؟ جي اهڙا ماڻهُو سماج ۾ هر دؤر ۾ هر هنڌ موجود ۽ غالِب آهن ته ايئن ڇو آهي؟ ڇا اهو رڳو ڪو اتفاقن جو سلسلو آهي يا اهڙا ڪي سماجي ڪارڻ آهن، جن جي ڪري اها صورتحال ايئن آهي ۽ هيتريون صديون ۽ هيترا زمانا قائم رهي آهي ۽ بدلجڻ جو نالو ئي نٿي وٺي؟ انهن ڪارڻن کي دور ڪرڻ ۽ انهن خرابين ۽ ظلمن جي پاڙ پٽڻ لاءِ عملي طرح به ڪجهه ٿي ۽ ڪري سگهجي ٿو يا رُڳو انهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو؟
اُن لاءِ کيس هر قسم جي جاچ ڪرڻي پوندي، باخبر ۽ باشعور ٿيڻو پوندو. گهربل ڪتاب پڙهڻا پوندا. ضروري پڇا، ڳولا ۽ جاکوڙ ڪرڻي پوندي. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ، جي کيس پڪ ٿي وڃي ته هن ڪَلُور کي ختم ڪرڻ جي ڪا واٽ آهي ۽ اها واٽ فلاڻي آهي ته پوءِ هڪڙي ايماندار ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ ان اديب ۽ فنڪار جو اخلاقي، سماجي ۽ انساني فرض ٿي پوي ٿو ته ثقافتي، ادبي ۽ فني ميدان ۾ پنهنجن اعليٰ آدرشن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ان واٽَ جي ڪاميابيءَ لاءِ، پنهنجي ادبي ۽ فني صلاحيتن وسيلي جيڪي ڪجهه ڪري سگهي، سو ڪري. آدرش ڌارڻ ۽ انهن جي ڪاميابيءَ بابت لاتعلق ٿي وڃڻ منافقي ۽ مَڪارِيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿيندو.

[b]براين ۽ ظلمن جي صرف اوگهڙ؟
[/b]بُراين ۽ ظلمن کي اُگهاڙو ڪرڻ ۽ انهن لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ نفرت پيدا ڪرڻ ادب ۽ فن جو اهم فرض آهي. ساڳيءَ طرح ظالم لاءِ نفرت ۽ مظلوم لاءِ همدردي ۽ قياس پيدا ڪرڻ به ضروري آهي، پر اهو سڀ ڪجهه ناهي.
بيماريءَ جو تفصيلي ذڪر ڪري ويهي رهڻ ۽ علاج جي ڳالهه ئي کائي وڃڻ، ڌاڙي جو اکين ڏٺو احوال ٻُڌائڻ ۽ ڌاڙيلن کي ڪيئن پڪڙجي، سا ڳالهه ئي نه ڪرڻ، بلڪه مرض جي علاج ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ جي ڳالهه ٻُڌي ڪاوڙجي پوڻ غيرفطري حرڪتون آهن.
ڪهڙو نه عجيب لڳندو جو پُٽُ، جو ماءُ کي چوي، “امان! اڃا توکي ڇا کپي؟ ادا وڏي جي قتل ٿيڻ جي سڄي اکين ڏٺي واردات توکي ٻُڌايم، سندس واسطي تنهنجي دل ۾ قياس ۽ قاتلن لاءِ نفرت به پيدا ڪيم. توکي واقعي جي خبر به پيئي، توکي قياس ۽ افسوس به ٿيو. نفرت به ٿي. باقي بدمعاش ڪير آهن، انهن کي ڪيئن پڪڙجي؟ ڪنهن جي مدد سان پڪڙجي، ڪهڙو رستو وٺي پڪڙجي، وڙهن ته ڪيئن وڙهجي، انهن ڳالهين سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ اهي ڇو معلوم ڪري توکي ٻُڌايان؟”
اهڙو ئي رَويو آهي انهيءَ اديب جو جيڪو چوي ٿو ته، “آءٌ رُڳو پيڙا بيان ڪندس. ان جي ڪارڻن ۽ علاجن جي منهنجي اڳيان ڳالهه به نه ڪريو، نه ته آءٌ وٺي واڪا ڪندس ته، ‘ادب ۾ نعري بازي پئي ٿئي!’”

[b]مظلوم ۽ قياس جوڳا ڪردار به ڪافي ناهن!
[/b]ساڳيءَ طرح رڳو مظلوم ۽ قياس جوڳا ڪردار پيش ڪرڻ به ڪافي ناهي. اها ڳالهه نه رُڳو عوامي ادب جي انقلابي مقصدن جي خلاف ٿيندي، پر خود سماجي حقيقتن جي به خلاف ٿيندي.
ڇا سماج ۾ عوام جا رُڳو اهي ۽ اهڙا ئي ڪردار آهن؟ ٺيڪ آهي. هڪ حد تائين عوام هينئر برابر “ڪارا، ڪوجها، ڪوڙا ۽ مُور نه موچارا” آهن. برابر منجهن ڄاڻ ۽ سمجهه ڪانهي. منجهن عقل گهٽ آهي. هُو ڪيترين ڳالهين ۾ ڪِريل، بي حال، بي ثمرا، بي وسيلا، دوست، دشمن جي سڃاڻپ نه رکندڙ، ڇڙوڇڙ، وائڙا، بتال، جهنگ جا جناور آهن. هُو برابر ڊيڄو، هراسيل، موچڙن ڪُٽيل، ذليل ۽ خوار آهن.
پر اها ڳالهه فقط هڪ حد تائين صحيح آهي. ان کان وڌيڪ نه.
مٿئين جزوي حقيقت جي باوجود به هر دؤر ۾ هن ڌرتيءَ تي گذران، مال، دولت، تهذيب تمدن ۽ انسانيت جا خالق ۽ قوت جا سرچشما عوام ئي هئا ۽ اهي ئي رهندا. ايئن نه هجي ها ته اسين اڃا تائين غارن ۾ ويٺا هجون ها.
تنهن کان سواءِ اها جُزوي حقيقت ۾ تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي. اڄ پورهيت عوام منجهان هزارين لکين ماڻهُو مفت خور، ڦورو ۽ ظالم طبقن جي ماڻهن کان ڪَئِين دفعا وڌيڪ پڙهيل، قابل، داناءُ، سورما، سائنسدان، سپهه سالار، انقلابي سياسي اڳواڻ ۽ مُدَبَر بڻجي چڪا آهن ۽ بڻجي رهيا آهن.
اڄ به اسان وٽ عوام ۾ هر وقت اهڙا مرد، عورتون ۽ ٻار ٻُڍا موجود آهن، جي دَٻاءُ ۽ وحشانيت جي اونداهيءَ رات ۾ ٽانڊاڻا، ڏيئا ۽ روشنيءَ جا منارا بڻجي چمڪن پيا.
انهن ماڻهن جون ادب ۾ تصويرون چِٽڻ لازمي آهن.

جيڪڏهن....!
جيڪڏهن اڳوڻين صدين جي عالمي ۽ ملڪي ادب ۾ عوام جي سچن پچن مثالي ماڻهن جون وڌ ۾ وڌ اعليٰ تصويرون چِٽيل هجن ها ۽ اسان وٽ اهڙن تمام گهڻن ماڻهن جا مثال اکين اڳيان هجن ها ته جيڪر اسان جي بهتر زندگيءَ لاءِ اڄوڪي جدوجهد ۾ اڄ کان ڏهوڻي سُرِت، سمجهه، يقين، خوداعتمادي، ٻڌي ۽ قوت هجي ها.

هنن جا ٻيا هيرا! عوام جا ٻيا!
اسان جي هيرن ۽ عوام جي دشمنن جي هيرن ۾ ڪهڙو فرق بلڪه تضاد آهي، تنهن جو اندازو رُڳو ٻنهي ڌرين جي “مَحبُوبه” بابت مختلف بلڪه اُبتڙ تصورن مان ئي لڳائي سگهجي ٿو.

[b]مثالي مَحبُوبه ڪنهن کي چئجي؟
[/b]هڪڙي پورهيت جا عورت کي پسند ڪرڻ جا اُصول، ماپا توراڙا ۽ ڪسوٽيون، مُفت خور طبقي جهڙا ساڳيا ٿي نٿا سگهن.
پورهيت جي دلپسند عورت اها ٿي نٿي سگهي، جيڪا سڄو ڏينهن رُڳو هار سِينگار ڪريو، اڇڙي چمڙيءَ واري گُڏي ٿيو، ويٺي ناز نخرا ڪري، پاڻيءَ جو وَٽو به پاڻ ڀري پيئڻ لاءِ تيار نه هجي، ڪَک ڀڃي ٻيڻو نه ڪري سگهي، وات مان ڪو اکر ڪڍي ته ڏهه ڏينهن مُنهن سُڄايو ويٺي هجي. پورهيتن جي تصورن جي محبُوبه اها سدا ملوڪ “مڙس ماڻهُو”، لڏڻ هوندي، جيڪا دل ڏيئي ته وري مار موچڙي جي ڊپ کان پير پوئتي نه موڙي وڃي. اونداهي سُهائيءَ جو خيال نه ڪري، پن جي کڙڪي يا ڪُتي جي ڀؤنڪ تي ڏڪي نه وڃي. ڪوهه اڌ پنڌ ڪرڻو هجي ته ڪري اچي، پڇاڙيءَ جو جي محبت جون ويرياڻيون ڪُهاڙيون اُڀيون ٿي وڃن ته يا بسم الله! ڪري، پهرين پنهنجو سِرُ اَڏيءَ تي رکي!
جيڪا زال بڻجڻ کان پوءِ لولو به پچائي، مال به ڏُهي، گاهه پٺو به ڪري، گهر جو ڪارخانو به هلائي، ٻار به پالي، ڪنهن مهل ڪاوڙ ۾ ٻه سونٽيون لڳي وڃنس ته مهينو سڄو مٿو ٻڌيو به نه ويٺي هجي، لٿي پٿي مڙس سان لٺ ڌُڪي ۾ به سروبَدر لٺ وڄائي ڄاڻي، هروڀرو ڪنهن للوءَ پنجونءَ جي حشمت ئي نه ٿئي، جو ساڻس مُهاڏو اٽڪائي سگهي!

[b]حقيقت، حقيقت پسندي ۽ حقيقت نگاري ڇا آهن؟
[/b]جڳ مشهور داناءَ اينجلس چيو آهي: “Things are dead by destination” (جن شين جي مقدر ۾ موت آهي، سي (ڪن ڳالهين ۾) ڄڻ هينئر ئي مئل آهن.) ساڳيءَ طرح ڊگهي عرصي جي خيال کان سڀاڻي وجود ۾ اچڻ واري حقيقت کي اڄوڪي حقيقت ڪري شمار ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪرڻ گهرجي.
ظاهر ۽ باطن ۾، صورت ۽ اصليت ۾ اڪثر تضاد هوندو آهي. ڪيتريون شيون ظاهري طرح حقيقت نظر اينديون آهن، پر اِهي اڪثر پنهنجي حقيقت وڃائي چڪيون هونديون آهن. هُو اهي زنده لاش هونديون آهن، جيڪي اڃا دفن نه ٿيا آهن. ساڳيءَ طرح ڪيتريون زبردست حقيقتون عام اکين کان اوجهل هونديون آهن. انهن کي ڏسڻ لاءِ دوربيني ۽ خوردبينيءَ جي لوڙ پوندي آهي.
سائنسي عالمي تاريخي نقطي نظر جي دوربيني ۽ صحيح سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه جي خوردبينيءَ سان ڏسبو ته اڄ سموريءَ دنيا ۾ “وجاءَ الحق، وزهق الباطل انالباطل ڪان زهوقا.” (حق آيو، باطل تباهه ٿي ويو، بيشڪ باطل تباهه ٿيندڙ شيءِ آهي) وارو منظر نظر ايندو، پر عام ماڻهن جون اکيون انهن حقيقتن کي في الحال ڏسي نٿيون سگهن.
حقيقت نگاريءَ جو مقصد اهو ناهي ته ادب ۽ فن ئي ختم ڪري ڇڏجي، رُڳو فوٽو گرافي ڪجي جا لازمي طرح بلڪل سطحي، هڪ طرفي ۽ بي جان هوندي. عوامي ادب ۽ فن جو مقصد عوام کي سندن زندگيءَ جو صحيح، گهرو ۽ ڀرپور شَعُور ڏيڻ آهي. اها ڳالهه تڏهن ٿي سگهندي، جڏهن ادب ۽ فن کي سندس دستوري هٿيارن يعني بامقصد وڌاءَ، مفروضن ۽ سينگار سان هٿياربند رهڻ ڏنو وڃي.

[b]پورهيت ادب تي اجايو زور ڏيڻ جو ڪهڙو ضرور؟
[/b]سرمايه دار ترقي پسند اديب ۽ وللي واويلائي اديب ٻئي ڌريون هن باري ۾ مختلف نمونن ۾ ساڳي ڳالهه چون ٿا. هي چون ٿا ته، “پورهيت ادب تخليق ڪرڻ جي ڳالهه تي اجائي زور ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي. سماج ۾ رُڳو پورهيت ته ڪونهن! ڇو نه سڀني طبقن بابت لکجي؟”
پورهيت عوام بابت، پورهيت عوام لاءِ، سندن ئي باشعور عالمي نقطي نظر ۽ بيهڪ کان ادب ۽ فن تخليق ڪرڻ تي گهڻي ۾ گهڻو زور ڏيڻ ان ڪري ضروري آهي، جو دنيا جو اڄ تائين جو ادب نوانوي ڏهائي نوانوي سيڪڙو غيرپورهيت آهي ۽ ڪافي حد تائين پورهيت مخالف ادب آهي. ان ڪري باخبر ۽ باشعور پورهيت ۽ غيرپورهيت ادب جي وچ ۾ توازن سراسر پورهيت ادب جي خلاف بيٺل آهي. اهڙي بگڙيل توازن کي درست ڪرڻ عوام جي لاءِ اشد ضروري آهي.
پر اسين کڻي ڪهڙي به ڪوشش ڪريون ته به موجوده حالتن ۾ اسين ان توازن کي درست ڪري نٿا سگهون.
انهن حالتن ۾ باخبر ۽ باشعور اعليٰ پورهيت ادب جي تخليق تي جيترو گهڻو زور ڏجي، سو ٿورو ٿيندو. جيڪو به ماڻهو عوام جي خلاف ناهي، سو ان ڳالهه کي انصاف ڀريو بلڪه انتهائي لازمي سمجهندو.

[b]اوڻٽيهه راتيون چور جون هڪڙي رات شاهه جي!
[/b]ٻين طبقن جي جذبن، اُمنگن ۽ سندن هيرن، هيروئنن جو ذڪر ته صدين کان ٿيندو اچي ۽ اڄ به ٿئي پيو. باشعور عوام جي هيرن ۽ هيروئنن ۽ ٻين مثالي ڪردارن ۽ ڪارنامن جو ذڪر ذري گهٽ ڄڻ ٿيو ئي ڪونهي. ان هڪ طرفائيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ پورهيت عوام بابت ادب ۽ سو به باشعور انقلابي سمجهه ۽ نقطي نگاهه وارو ادب تخليق ٿيڻ ضروري آهي.
اڳي هر ڳالهه ۾ غيرملڪي عوامي طبقن جي هڪ هٽي هئي. هاڻ صدين بعد نيٺ عوام جو وارو آيو آهي ۽ اهي آهستي آهستي هن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي هر شعبي تي قبضو ڪري رهيا آهن. “اوڻٽيهه راتيون چور جون هڪڙي رات شاهه جي!” هاڻ شاهه عوام جو زمانو اچي ويو آهي. ان کي وارو ڏيڻ ۾ ڪنهن کي ارهو نه ٿيڻ گهرجي.
ڇا پورهيت ادب جي معنيٰ سکڻي نعريبازي آهي؟
عام طرح پورهيت ادب جو مطلب اهو ورتو ويو آهي ته پورهيت ادب کي فقط پيٽ جي مسئلن تائين محدود رکيو وڃي، سو به نهايت مشيني، بيهودي، سطحي ۽ غيرفني نموني، سُونهن جي مقابلي ۾ رڳو بُک تي لکجي. مانيءَ کي سونهن جو مخالف ڏيکاري، سونهن کي رد ڪجي ۽ مانيءَ جا نعرا هڻجن.
اها ان مسئلي ڏانهن، نهايت بي سمجهي، بي علميءَ واري رَوِش آهي. انسان کي ماني به کپي ته محبوب به. علم به کپي ته عمل به. لطيف ۽ حافظ جا شعر به کپن ته اينسٽائين ۽ مارڪس جا سائنسي نظريا ۽ کوجنائون به.
اقتصادي مسئلن سميت سمورا انساني مسئلا ادب جو جائز مواد آهن، پر رُڳو رُکي، ٻُسي ۽ غيرفني نموني مسئلا بيان ڪرڻ ادب ناهي. سچو ادب سيرت سان گڏ صورت به آهي. صحيح سوچ ۽ مقصد سان گڏ صحيح ڏانءُ ۽ ڏات به آهي. صحيح سوچ ۽ مقصد کان سواءِ ادب، ادب ته آهي پر کوکلو ۽ ڪوڙو ادب آهي. ساڳيءَ طرح ڏات ۽ ڏانءُ کان خالي ڳالهيون صحيح سوچ ۽ مقصد واريون ڳالهيون ته هونديون پر انهن کي ادب ۽ فن ڪونه ڪوٺي سگهبو.
مقصد ۽ فن ۾ توازُن جو مسئلو ڏکيو مسئلو آهي، پر ان کي ڪوشش سان حل ڪري سگهجي ٿو. عالمي پورهيت ادب ۾ ان کي نهايت خوبصورتيءَ، نَفاسَت ۽ ڪاريگريءَ سان حل ڪيو ويو آهي.

[b]جاگيردار سرمايه دار ادب معنيٰ جاگيردارن يا سرمايه دارن جو جاگيردارن يا سرمايه دارن لاءِ لکيل ادب؟
[/b]نه. جاگيردار ادب اهو جيڪو لکيو کڻي هڪڙي بُکئي ڀان هاريءَ هجي، پاڻ جهڙن ئي بکين ڀانگن لاءِ، سندن ئي باري ۾ ۽ سندن ئي ٻوليءَ ۾، پر مجموعي طرح ان جو تاثر جاگيردار طبقي جي سوچ، لاڙن ۽ مفادن مطابق هجي.
ساڳيءَ طرح سرمايه دار ادب اهو ادب آهي، جيڪو لکيو ڀلي سرمايه دار نظام توڙي سرمايه دارن کي گاريون ڏيندڙ ماڻهوءَ هجي، پر شعوري يا لاشعوري طرح ان ۾ ڳالهه اها ٿيل هجي جا سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح سرمايه دار طبقي جي سوچ جي مطابق هجي ۽ پَس و پيش انهن جي حڪمت عمليءَ کي هٿ ڏئي. مثال طور، عام ماڻهن ۽ سفيد پوشن جي رُڳو انهن سماجي اُمنگن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري، جن جي پوري ڪرڻ لاءِ بظاهر پورهيت انقلاب يا پورهيت اقتدار جي ضرورت نه پوي ۽ اهي سرمايه دار اقتدار جي حدن اندر ئي پوريون ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريل هجي.

[b]ڇا پورهيت طبقي جو اديب جيڪو ادب تخليق ڪري، سو پورهيت ادب چئبو؟
[/b]اسين چئي چُڪا آهيون ته حاڪم طبقن جا زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نمائندا رُڳو سندن طبقي جا نه هوندا آهن. هُو اڪثر گهڻو ڪم ڦُريل ماريل طبقن مان ڀرتي ڪيل ڇاڙتن کان وٺندا آهن. ڦورو فوج جي اڪثريت غريب طبقن جي هارين جي هوندي آهي. ادب ۾ به ڪيترا بُکيا ڀانگ اديب ۽ فنڪار پيٽ ڀريل طبقن جون ٻوليون ٻوليندا آهن. ان جي اُبتڙ هينئن به ٿيو آهي ته سفيد پوش طبقن مان به ڪي ڪي اديب پورهيت ادب يا گهٽ ۾ گهٽ پورهيت دوست ادب تخليق ڪندا رهيا آهن. ان ڪري پورهيت ادب جي سڃاڻپ جي ڪسوٽي رڳو لکندڙ جو پورهيت هجڻ ناهي.

[b]ڇا پورهيتن سان هَمدرديءَ وارو هر ادب پورهيت ادب سڏي سگهجي ٿو؟
[/b]ڏسڻو اهو آهي ته ادب، پورهيت طبقي جي علمي تاريخي نقطي نظر، مُفادَن ۽ سندن جدوجهد جي ڀرپور ۽ اونهي سمجهه ۽ شعور جي روشنيءَ ۾ تخليق ڪيو ويو آهي يا ان بنا؟ پهرين حالت ۾ ان کي باشعور پورهيت ادب چئبو، ٻيءَ حالت ۾ ان کي پورهيت ادب ته چئبو پر باشعور نه بي شعور، دل جي ڌوڙ تي تخليق ڪيل پورهيت ادب.
پر مڪمل طرح باشعور پورهيت ادب لاءِ رڳو صحيح فطري ۽ سماجي سمجهه جي ضرورت ناهي. اها به ضرورت آهي ته لکندڙ پاڻ کي باخبر ۽ باشعور پورهيت عوام جي پوزيشن ۾ وجهي، ذهني ۽ جذباتي طرح انهن جو موقف ۽ بيهڪ اختيار ڪري، يعني خود ڌر- ڌڻي بڻجي لکي ۽ نه هڪ ڄاڻو ۽ سمجهو ٽياڪڙ ۽ خدا ڪارڻ جواب ڏيڻ وارو تماشائي بڻجي.

[b]ڇا سفيد پوشن ۽ ٻين طبقن بابت ادب تخليق نه ڪجي؟
[/b]ڇو نه ڪجي؟ پر هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ رکي پوءِ:
(1) لکندڙ اڪثر سفيد پوش طبقي جا آهن ۽ انهن گهڻي ڀاڱي رڳو پنهنجي طبقي بابت لکيو آهي. عوام بابت لکيو اٿن ته عوام جي باخبر، باشعور نقطي نظر ۽ موقف کان نه پر سندن پنهنجي طبقي جي نقطي نظر ۽ موقف کان. ادب ته اڳيئي سفيد پوش طبقي بابت ۽ ان لاءِ لکيل ادب جو غَلبو آهي. ادب جي گاڏي اڳيئي ان طبقي جي پاسي اولار ٿي بيٺي آهي.
(2) سفيد پوش طبقو ساڳئي وقت ٻن اُبتڙ قسم جي سماجي مُفادَن ۽ سماجي منزلن ڏانهن ڇِڪ محسوس ڪري ٿو. اهو گهڻي ڀاڱي عوام مان پيدا ٿيل آهي، هينئر به سندس گهڻي ۾ گهڻا بُنيادِي ۽ دائمي مُفاد عوام سان گڏيل آهن، پر سندس سماجي ڪَعبو قبلو ڦورو طبقا آهن، جن سان گڏجي هڪ ٿيڻ لاءِ هُو تڙپندو رهي ٿو. اها ڳالهه ٻي آهي ته مجموعي طور هُو ڪڏهن به اها منزل حاصل ڪري سگهي ئي نٿو. سفيد پوشن جي عوام سان گڏپ وارن سماجي مُفادَن بابت ادب به صحيح نُقطي نظر کان لکيل هجي ته پورهيت ادب جو حصو ٿي سگهي ٿو، ڇو ته سفيد پوش هڪ حيثيت ۾ پورهيت آهي. البت ٻيءَ ۾ هُو عوام کي ڦُريندڙن ۾ شامل ۽ ساڻن به پتيدار آهي، سا ڳالهه به ڪڏهن وسارڻي ڪانهي.
بهرحال سچو باخبر ۽ باشعور پورهيت اديب سفيد پوشن بابت ته ڇا خُود جاگيردار ۽ سرمايه دار طبقن بابت لکندو ته به اهو پورهيت ادب ئي چئبو، ڇو ته پنهنجي پورهيت نقطي نظر يا موقف جي ڪري اهو ادب، پورهيت طبقي بابت نه هوندي به ۽ انهن جي دشمنن بابت هوندي به، پورهيت عوام جي ئي نقطي نظر ۽ موقف کي هٿي ڏيندو. مثال طور گورڪيءَ جا آمريڪي سرمايه دارن بابت تاثر جيڪي سنڌيءَ ۾ “ڪروڙپتيءَ” جي عنوان سان ڇپيل آهن.
اَلبَت بُنيادِي طرح پورهيت ادب پورهيتن بابت ئي هوندو ۽ انهن لاءِ ئي تخليق ڪيل هوندو. اهو بُنيادِي طرح پورهيت عوام جي انهن سماجي اُمنگن ۽ آدرشن جي ترجماني ڪندو، جيڪي فقط سماجي انقلاب ۽ پورهيت انقلابي اقتدار وسيلي ئي پورا ٿي سگهن ٿا.

[b]ڇا وللي واويلائي ترقي پسند آهن؟
[/b]ڪيترائي وللي واويلائي پاڻ کي ترقي پسند سڏائين ٿا، ان لاءِ هُو ڪَئِين پراڻيون سندون ۽ انعامي ٻلا ڪڍيو ڏيکارين. ڇا هو واقعي ترقي پسند آهن؟
جيڪي شيون يڪيون ۽ سڄيون ساريون نظر اچن ٿيون، سي فقط ٻاهران ۽ پري کان ايئن نظر اچن ٿيون. حقيقت ۾ اهي گهڻن اُبتڙ ۽ پاڻ ۾ وڙهندڙ جُزن جون ٺهيل هونديون آهن.
هر ٻيءَ شيءِ وانگر ادبي ۽ فني تحريڪون به، اُبتڙن جي ميلاپ ۽ پاڻ ۾ ويڙهه جي پيداوار آهي. اهي به ان ويڙهه جي نتيجي طور پنهنجون خاصيتون ۽ مقدار بدلائين ٿيون. جيڪي شيون شروعات ۾ ترقي پسند هيون، سي حالتن جي تبديليءَ سان گڏ آهستي آهستي پنهنجو روپ بدلايو پنهنجي اُبتڙن ۾ بدلجي سگهن ٿيون. ترقي پسند ادب جي تحريڪ هڪ گهڻ-طبقاتي ادبي گڏيل مَحاذُ هو، جنهن ۾ ٿورا سماجي سُرت ۽ سمجهه رکندڙ پورهيت اديب به هئا ۽ گهڻا سرمايه داري لاڙا رکندڙ توڙي موقعي پرست ۽ ابن الوقت ماڻهو به هئا.
جنهن دؤر ۾ عوام جي جدوجهد چاڙهه ۾ اچي ٿي ۽ ترقي پسنديءَ ۾ عزت آبرو ۽ فائدا آهن، تڏهن موقعي پرست اديب ترقي پسنديءَ جا سڀني کان وڏا پڳڙ ٻَڌيو، اسٽيج تي سڀني کان اڳ اچيو، براجمان ٿيو وڃن ۽ پاڻ کي ترقي پسنديءَ جا واحد نمائندا ۽ چوڌري ڪريو مشهور ڪرائين.
پر جڏهن اها لاٿ ۾ اچي ٿي، ته هي رات وچ ۾ بدلجيو ماڻهُو ئي ٻيا ٿيو پون، ڄڻ ترقي پسنديءَ نالي ڪنهن شيءِ جا واقف ئي ناهن!
سموري ملڪ جي ابن الوقت سابق ترقي پسندن جي اها حالت آهي، اڄ هُو “ساڌن سان سن مُک، پئنچن سان پورا” ٿيا ويٺا آهن. “ماسي ورائي، دم پنهنجي دم پرائي.”
سنڌ ۾ به اڄ ڪيترا سابق ترقي پسند موقعي پرست ادبي چوڌري، موقعي پرستن جي ازلي آئين ۽ دستور مطابق، پنهنجي ادبي دڪانن تي ترقي پسنديءَ جا پراڻا بورڊ ٽنگيو، انهن هيٺ پنهنجن دڪانن کي زندگيءَ کان مايوسيءَ جي مکين جهنگيل زوالي مال سان سٿيو، مُڇون وٽيو، مجمعا لڳايو ويٺا آهن ۽ ترقي پسند ۽ بامقصد عوامي ادب تي ٺٺوليون ڪندي ۽ مٿس نعريبازيءَ جا الزام هڻندي، وات ئي بند نٿو ٿئين. اهڙي قسم جا ماڻهو حقيقي طرح نه اڳ ترقي پسند هئا ۽ نه اڄ آهن.