باب ڇهون : طبقاتي مفادن ۽ نظرين کان بالاتر خالص ادب جو ڍونگ
گڏ جِت گذران هو، جَڙَ لڳي تنهن جاءِ،
مون توهين سين آءِ، اِها ساڃاءُ سپرين!
(لطيف)
زوالي چون ٿا ته اسان جو ادب خالص آهي. ان ۾ ڪابه ملاوت ڪانهي، ڪابه غيرادبي ڳالهه ڪانهي. ان ۾ نه ڪنهن طبقي جي ڳالهه آهي، نه ڪنهن نظريي جي، ڇو ته اهي ڳالهيون ادب کي خراب ٿيون ڪن. ادب کي ادب نٿيون رهڻ ڏين ۽ پروپيگنڊا بڻايو ڇڏين.
ڇا، اها ڳالهه سچي آهي؟ ڇا واقعي خالص ادب نالي ڪا شيءِ دنيا ۾ ٿي آهي؟ يا ٿي سگهي ٿي؟ ڇا، ڪنهن نه ڪنهن فرد، انساني گروهه، طبقي يا قوم جي فائدي يا نقصان جي سڌي يا اڻ سڌي، ڪنهن نه ڪنهن قسم جي، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين، ترجماني يا وڪالت يا تبلغ (پروپيگنڊا) ڪرڻ کان سواءِ به ڪو ادب وجود ۾ اچي سگهيو آهي يا سگهي ٿو؟
دنيا ۾ ڪوڙيون ڳالهيون سچين ڳالهين کان لک ڪروڙ دفعا گهڻيون ٿيل ۽ ڦهليل آهن. اهي لکين ڪروڙين ڪوڙيون ڳالهيون ڪن ايامن کان لکين ڪروڙين دفعا ورجائينديون رهيون آهن ۽ روز پيون ورجائجن. سچي ڳالهه ڪا اڌ دفعو، ڪنهن ڪنڊ پاسي کان لڪي ٿي وئي ته ٿي وئي، نه ته ٻيو ٿيو خدا جو نالو. ان ڪري ضرورت آهر زندگيءَ جي سچاين کي جيترو گهڻو ورجائجي سو ٿورو.
اچو ته ذهني تڪليف کان وئون ويندڙ، علمي ۽ سائنسي ڳالهين کان پري کان ٽهندڙ، پنهجي قومي نازڪ مزاجيءَ جي گهوڙي کي، هڪ پل لاءِ لغام ڏيئي ۽ پنهنجي ڪَک جيترو بار نه سهندڙ ۽ لحظي ۾ بور ٿي پوندڙ دماغ کي ٿورڙي تڪليف ڏيئي، انساني زندگي ۽ سماج جي ڪن بنيادي حقيقتن ۽ سچاين کي، بنهه ٿورڙن لفظن ۾، هڪ دفعو وري ورجائي وٺون.
انسان ۽ حيوان ۾ هڪ وڏو فرق اهو آهي ته انسان جون ضرورتون رڳو جسماني ناهن. دنيا ۾ انسان ٿي رهڻ لاءِ رڳو اٽو، لٽو ۽ اَجهو ڪافي ناهن، اهي به کپن، پر ڪجهه ٻيو به کپي. “او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.” سندس ذهني، جذباتي ۽ روحاني ضرورتون ڳڻي پوريون ڪري ڪونه سگهبيون. انهن ضرورتن جي پورت کان سواءِ انسان ۽ حيوان ۾ ڪهڙو فرق؟
پر ماڻهوءَ جي جياپي لاءِ مرڳو هڪڙي حيوان جي جياپي جيترو به بندوبست به نه هوندو، ته اهو انسان ڇا مان ٿيندو؟
ڄمندي ڄام ڪير به ڪونهي، ننڍڙي ٻار کي پهلوان مرد ليکي نٿو سگهجي. ٻار، ٻار آهي، پهلوان مرد ٻي ڳالهه آهي، پر جيڪو ماءُ پيٽان ڄاول انساني ٻچڙو، ٻار جي درجي کي ئي رسي نه سگهندو ۽ اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندو، سو اڳتي وڌي پهلوان مڙس ڇا ٿي سگهندو؟ الف-ب ياد ڪرڻ ۽ کوڙا پڪا ڪرڻ سان ماڻهو پي.ايڇ.ڊي. ڊاڪٽر ۽ علم جو اڪابر ٿي ڪونه پوندو، پر الف-ب ياد ڪرڻ ۽ کوڙا پڪا ڪرڻ بنا به ڪو ماڻهو علم جو ڊاڪٽر ۽ اڪابر ڪونه ٿي سگهندو. انسان جيسين ٻيو ڪجهه ٿئي، جيسين شاعر، مدبر، پهلوان، انجنيئر، عاشق، واپاري يا ولي الله جو بڻجي، تنهن کان اڳ سندس پيٽ ۾ ڪجهه ٽڪر مانيءَ جو پوندو رهڻ ضروري آهي. سيءُ واءُ کان بچاءُ لاءِ بدن تي ڪپڙي جي ليڙ ۽ سسيءَ مٿان ڍنگر ٽارو هجڻ به لازم آهي، ڇو ته بُکون، سرديون ۽ لُڪون ندوريون آهن ۽ ڪنهن جي اڳتي هلي عالم يا انجنيئر وغيره ٿيڻ جي صلاحيت جو ڪو لحاظ نٿيون ڪن.
ٿورو ياد ڪريون ته ننڍڙي هوندي ڪيترا نه بيحد هوشيار، ذهين ۽ محنتي ٻار پاڻ سان گڏ پڙهندا هئا! انهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه موتيءَ جا داڻا هئا ۽ اهي ڇا ڇا نه بڻجي ٿي سگهيا! پر مڙس يا ته بکن ۽ بيمارين هڻي فنا ڪري ڇڏيا يا اڻ هوندي وگهي مال چاريندي، ڪوڏريون هڻندي، يا چوريون ڪندي ۽ پوليس جون مارون کائيندي، ڄڻ جيئري ئي ختم ٿي ويا!
حسرت ان غنچون په هي جو بن کِلي مرجها گئي!
(افسوس گلن جي انهن مُکڙين تي آهي، جيڪي ٽِڙڻ بنا ئي ڪومائجي ويون.)
سڀ ڪهان ڪچ لاله و گل مين نمايان هوگئين!
خاڪ مين ڪيا صورتين هونگين ڪي پنهان هوگئين!
(خاڪ ۾ الائي ڪهڙيون سدا ملوڪ صورتون لڪل هونديون! سڀ جون سڀ ڪٿي پڌريون ٿيون! منجهانئن مس ڪي ٿوريون گلن جي روپ ۾ ظاهر ٿيون آهن.)
“غالب” اها ڳالهه اجائي ڪانه ڪئي آهي. زمين توڙي سماج جي خاڪ ۾ الائي ڪهڙا ڪهڙا گل سمايل آهن، جن کي ظاهر ٿي ٽِڙڻ نصيب ئي نه ٿيو. ڌرتيءَ جي ڌين رڳو اهي ڳاڻ ڳڻيا لال ته ڪين ڄڻيا، جن مان ڪي ارسطو ۽ سُقراط، ارشميدس ۽ هرئڪليٽس، ابن رشد ۽ بو علي سينا، ڪاليداس، شيڪسپيئر، رومي، لطيف، گئليلو ۽ برونو، نيوٽن ۽ اينسٽائين، سهڻي، سسئي، مارئي ۽ جون آف آرڪ، دودو ۽ درياهه خان ۽ ٻيا اهڙا ڳچيءَ ۾ ڳهه ڪري پائڻ جهڙا ماڻهو بڻيا! انهن ڪُکن ۾ ڪئين اهڙا لکن جا مٽ، مور مڙس، لڪل هئا، جيڪي اٽي لٽي ۽ اجهي جي اڻ هوند جي پارن سرجندي ئي ساڙي ڇڏيا.
[b]ڳالهه جو اکر ٿورو ته:
[/b]انسان کي سڀ کان پهرين گذر کپي، پوءِ ئي هو جيئرو رهي سگهندو. مذهب، فلسفي ۽ سائنس بابت سوچي سگهندو، ادب ۽ فن تخليق ڪري سگهندو ۽ ڳُجهارتون ۽ ڏور ڏيئي سگهندو. ميلاپ جا گيت ۽ وڇوڙي جون وايون ڳائي سگهندو. ڪو گراهه ڀور پيٽ ۾ هوندن، تڏهن ئي موملون ۽ مينڌرا، ڪاڪ ڪنڌين تي، هڪٻئي کي ماڻي سگهندا.
[b]اياز بلڪل سچ چيو آهي:
[/b]“ڍَوَ بنا ڍولا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي!”
بدقسمتيءَ سان دنيا ۾ جيترا گهرجن اوترا گذر جا وسيلا ڪونهن. تنهن ڪري هزارين سالن کان وٺي گذران جي گهڻن ۾ گهڻن وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ لٺ لڳندي اچي. “ڏاڍو سو گابو” واريءَ ان ويڙهه ۾ هر هنڌ ۽ هر دؤر ۾ ٿورا بدمعاش ۽ غنڊا ماڻهو پنهنجي پتيءَ کان تمام گهڻا وڌيڪ گذر جا وسيلا (چراگاهه، زمينون، ڪارخانا وغيره) ڦٻائي ويهي رهندا آيا آهن. جنهن جو پيڙهه تي قبضو سو عمارت جو مالڪ، جنهن جو ٿُڙ تي قبضو، سو ٽارين، پنن ۽ ميون سوڌو سڄي وڻ جو ڌڻي!
گذران جي وسيلن تي قابض ٿيڻ کان پوءِ اهي ڦورو ۽ ظالم ٽولا هر ٻي شيءِ، سياست، قانون، انصاف، علم، مذهب، فن، تعليم، فلسفي توڙي نظريي تي قابض ٿي ويندا رهيا آهن ۽ انهن کي هٿرادو بڻائي، بگاڙي ۽ خراب ڪري پنهنجي ڦورو ۽ ظالم مطلبن لاءِ ناجائز طرح استعمال ڪندا رهيا آهن. هڪڙي پاسي انهن شين جي مدد سان ته ٻئي پاسي اُگهاڙي جبر ۽ ڏنڊي جي زور تي، اهي ماڻهو ماڻهن جي وسيلن کان محروم بڻايل اڪثريت کي ڍورن وانگر وهائي، سندن ڪمائيءَ مان مال ۽ دولتون گڏ ڪري، عيش ۽ بادشاهيون ڪندا رهيا آهن.
اهڙيءَ طرح هزارين سال اڳ انساني تاريخ جي هڪڙي ڏاڪي تي، انسان اهڙن مخالف وڏن ٽولن ۾ ورهائجي ويا، جن مان هڪڙا پيٽ ٽڪر تي پورهيا ڪري، دولتون ۽ ملڪيتون ٺاهيندا رهيا آهن ۽ ٻيا انهن دولتن ۽ ملڪيتن تي ناجائز قبضا ڪري، ملڪ جا مالڪ بڻجي، عيش ڪندا رهيا آهن. انهن ٽولن کي سماجي علم جي ٻوليءَ ۾ “طبقا” سڏجي ٿو. غلام ۽ غلامدار طبقا، هاري ۽ زميندار طبقا، مزدور ۽ سرمايه دار طبقا انساني تاريخ جا ڇهه وڏي ۾ وڏا طبقا ٿيا آهن.
انهن مخالف طبقن جا ٿورا مفاد پاڻ ۾ گڏيل ۽ گهڻا هڪٻئي جي سخت خلاف ۽ اُبتڙ پئي رهيا آهن. هڪڙي جو فائدو ٻئي جي نقصان بنا ٿي نٿو سگهي. هڪڙي جي نقصان جو لازمي طرح ٻئي کي فائدو ٿو رسي. مخالف طبقن جي مخالف نفعن نقصانن کي “طبقاتي مفاد” چئجي ٿو. اُبتڙ طبقاتي مفادن جي ويڙهه کي “طبقاتي ويڙهه” سڏجي ٿو. انساني تاريخ جي ذري پرزي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڏسبو ته پس پيش انساني تاريخ جو نچوڙ (تفصيل نه) اها طبقاتي ويڙهه آهي. انساني تاريخ جي هر شيءِ، سماج، تاريخ، مذهب، قانون، سياست، ادب، فن وغيره تي اُبتڙ طبقاتي مفادن ۽ سندن ويڙهه جا اثر ڏسي گهجن ٿا، بشرطيڪه ماڻهو سماجي علم ۽ سائنس جي خوردبين ۽ دوربين سان انهن کي تپاسي.
خاص حالتون هر ڳالهه ۾ آهن، ان ڪري جڏهن به ڪا عام ڳالهه ڪبي تڏهن اها ڳالهه هر وقت ذهن ۾ رکبي ته خاص حالتن ۾ اَوس ان عام ڳالهه جي اُبتڙ به ٿيڻو آهي. خاص حالتن جي ڳالهه کي ذهن ۾ پاسيرو رکي، غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته انساني سماج جي تاريخ ۾ بُنيادي اهميت ماڻهن جي گذر سفر جي اُبتڙ مفادن يعني اُبتڙ اقتصادي مفادن کي حاصل آهي. مفادن کي جيڪڏهن ڪنهن جاءِ سان ڀيٽ ڏجي ته پوءِ چئبو ته گذر سفر جا مفاد ان جاءِ جي پيڙهه آهن ۽ ٻيا مقصد انهن جي مٿين اڏاوت ۽ رنگ روغن.
[b]پرائي دل پرديس
[/b]اسين سنڌيءَ ۾ چوندا آهيون، “پرائي دل پرديس آهي.” حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پرائي ڇا، پنهنجي دل به پرديس آهي. اسان مان ڪنهن کي خبر آهي ته خود اسان جي دل ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون “سلڻ نه جهڙيون، ڪرڻ نه جهڙيون” ڳالهيون ذهن جي ڪنڊن پاسن ۽ تهخانن ۾ لڪيون، دٻيون ۽ دفن ٿيون پيون آهن ۽ اهي ڪيڏي مهل، اوچتو، سٽ ڏيئي، پنهنجا ڪفن ڦاڙي، ٻاهر اچي، ڪهڙيون قيامتون برپا ڪنديون! سلطان باهوءَ سچ چيو آهي ته “دل درياءَ سمندرون ڊونگهي، ڪون دلان ديان جاڻي؟” (دلين جا درياهه سمنڊ کان به اونها آهن، انهن جا راز ڪير ٿو ڄاڻي سگهي؟)
ان حقيقت جي باوجود، ٿلهي ليکي ۽ عام طرح بنيادي حقيقت اها آهي ته ماڻهوءَ جا خيال ۽ سوچون بنيادي طرح مادي دنيا ۽ مادي زندگيءَ جو عڪس هوندا آهن. ماڻهو جهڙي نموني جيئي ٿو، اهڙي نموني جا خيال ۽ سوچون ڌاري ٿو.
مُهاڻو اڪثر مڇين ۽ ٻيڙن بابت سوچيندو، سيٺ اڪثر بازار جي اگهن بابت، ڀاڳين کي چورن ۽ پوليس تي باهيون هونديون ۽ پوليس کي چورن، وڪيلن ۽ ڪورٽن تي. ساڳيءَ طرح گڏيل مفادن ۾ به ماڻهو انهن گڏيل مفادن کي بنيادي اهميت ڏئي ٿو، جيڪي سندس گذر سفر ۽ اقتصادي مفادن بابت آهن. گڏيل سوچون به اهي اهم آهن، جيڪي گذر سفر بابت آهن، جن ماڻهن جا گذر سفر جا وسيلا گهڻين ڳالهين ۾ هڪجهڙا آهن، تن جون بنيادي سوچون به ساڳيون. جي رپئي جا سورهن آنا نه ته به ڏهه ٻارهن آنا ته بلاشڪ ساڳيون هونديون. زميندار لاڙ جو هجي يا اُتر جو، سنڌ جو هجي يا پنجاب جو، ايران جو هجي يا ملايا ۽ اسپين جو، ايشيا جو هجي يا لاطيني آمريڪا جو، ڪارو هجي يا گورو يا پيلو، سندس سوچ، پاڻي، ٻج، ڀاڻ، جيت مار دوائن، فصل جي اگهن ۽ هارين جي “سستين ۽ ڪاهلين” بابت هوندي. سڄي دنيا جي هارين جي سوچ به موسم، زميندارن جي زيادتين، فصل نه ٿيڻ، گذر ۾ تنگيءَ بابت ساڳي هوندي. سيکاٽ جي پوليس واري جي سوچ پنهنجي ڳوٺ جي پوليس جي ستايل ڀاڳئي جهڙي نه پر ڪوريا يا يونان جي ڪنهن ڳوٺاڻي ٿاڻي جي سپاهيءَ سان وڌيڪ ملندي. سڀني جي سوچ اها ئي هوندي ته، “ڀاڳين ۽ ٻين ماڻهن جو دماغ خراب آهي. انهن کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي!” ساڳيءَ طرح سکر، ڪوٽ ادو، مني پور (ڀارت)، ڪوالالمپور، پاناما ۽ اسپين جي چورن جا خيال ۽ سوچون به هڪٻئي سان ايترو ملندڙ جلندڙ هونديون، جو سڳن ڀائرن جون به اهڙيون نه هونديون. حالانڪه انهن کي هڪٻئي جي وجود به پتو نه هوندو! سندن رنگ، نسل، مذهب سڀ هڪٻئي جي اُبتڙ هوندا.
مطلب ڳالهه جو ته جن ماڻهن جا گذر سفر جا وسيلا ۽ طريقا عام طرح ۽ لڳ ڀڳ هڪجهڙا آهن ۽ سماج جي اقتصادي نظام ۾ سندن پوزيشن هڪجهڙي آهي، يعني هو ساڳئي سماجي طبقي جا ماڻهو آهن، تن جون سماج بابت سوچون بُنيادي طرح ۽ لڳ ڀڳ هڪجهڙيون ٿين ٿيون. چاهي هو ڪهڙن به ڌار ڌار علائقن، ملڪن يا زمانن ۾ رهندا هجن ۽ سندن قبيلو، قوم، رنگ، نسل، ٻولي، ثقافت ۽ مذهب ڪهڙا به مختلف بلڪه مخالف ڇو نه هجن، هو اڪثر هڪ خاص قسم جي گذر سفر رکندڙ انساني گروهن ۽ سندن سماجي سوچن جا مخالف هوندا آهن، چاهي اهي سندن هم وطن، هم مذهب، هم زبان ڇو نه هجن.
روءِ زمين جا مزدور ۽ سرمايه دار هڪٻئي جا اَقي ويري آهن، چاهي پاڻ ۾ هم وطن، هم مذهب ۽ هم زبان ڇو نه هجن، روءِ زمين جا زميندار، مذهبن، ٻولين ۽ تهذيبن جي اختلافن ۽ تضادن جي باوجود هارين خلاف ساڳي ٻولي ٻولين ٿا. “چي سست! ڪم چور! اٽي تي چٽي!” اها ساڳي ٻولي، کانئن سندن ساڳيا طبقاتي مفاد ٻولائين ٿا.
ماڻهو پنهنجن دشمنن يعني حاڪم طبقن جي طبقاتي سوچ کان به متاثر ٿين ٿا.
عربيءَ ۾ چوندا آهن “الناس عليٰ دين ملوڪهم” (ماڻهو پنهنجي بادشاهن جي دين تي هلندا آهن.) صدين کان ڦورو ۽ ظالم حاڪم طبقا، فريب توڙي زبردستيءَ سان، ڪڏهن دين ڌرم جي آڙ ۾، ڪڏهن علم ۽ ڏاهپ جي نالي ۾، ڪڏهن قدرتي قانون جي نالي ۾، سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح پنهنجا طبقاتي خيال، سوچون ۽ نظريا عوام تي مڙهيندا رهن ٿا. ان ڪري عوام جي سوچ جو هڪ وڏو حصو دشمن طبقن جي طبقاتي سوچ پٽاندڙ هوندو آهي. اها سوچ مٿن زباني توڙي لکت ۾، گهرن، ڪچهرين، اسڪولن، عبادتگاهن، ثقافتي گڏجاڻين، ڪتابن، اخبارن، رسالن، فلمن، ٽي وين وغيره ذريعي مڙهي ويندي آهي.
هونئن به طبقن جي وچ ۾ ڪابه چين جي شاهي ديوار ٺهيل ڪانهي، جنهن ۾ هڪڙا هر وقت هڪڙي پاسي هجن ۽ ٻيا سدائين ديوار جي ٻئي پاسي. مختلف طبقن جا ماڻهو ڏينهن ۾ هزار دفعا هڪٻئي سان ملن ٿا يا ٻيءَ ڪنهن طرح هڪٻئي جي طبقاتي سوچ جي سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح اثر هيٺ اچن ٿا. ان ڪري هڪڙي طبقي جي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ رڳو سندس طبقي جا خيال نه پر ڪيترن ٻين طبقن، خاص ڪري حاڪم طبقن جي طبقاتي نفعي نقصان، وارا خيال به اڪثر گهر ڪري ويٺا هوندا آهن. اهڙيءَ ريت هڪڙي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ غالباً خيال گهڻو ڪري سندس ڄاڻ ۽ سمجهه آهر سندس ئي (حقيقي يا فرضي) طبقاتي نفعي نقصان مطابق هوندا آهن، پر انهن سان گڏ بلڪه انهن سان مڪمل طرح گڏ وچڙ ٿيل حالت ۾، ٻين طبقن، خاص ڪري ٻين حاڪم طبقن، کان پرايل انهن طبقن جي نفعي نقصان وارا خيال، به لاشعوري طرح موجود هوندا آهن. اهي گڏ وچڙ خيال ڪڏهن کيس ڪهڙي طبقاتي سوچ جي گس ڏانهن وٺي ويندا آهن ته ڪڏهن ڪهڙي. انهيءَ ڳالهه کان اديب فنڪار به آجا ناهن. سندن سوچ به ايئن گڏ وچڙ هوندي آهي. ان ڪري شعوري يا لاشعوري طرح اڪثر هر تخليق ۾ مختلف طبقن ۽ گروهن جي گڏيل ۽ اُبتڙ طبقاتي مفادن جي گڏ وچڙ ادبي ۽ فني ترجماني ۽ عڪاسي ڪيل هوندي آهي.
[b]دنيا جي ثقافت مجموعي طرح ڦورو ۽ ظالم طبقن جي ترجماني ڪري ٿي
[/b]
دنيا جي ثقافت ان ڪري بنيادي طرح ڦورو ۽ ظالم طبقن جي ترجمان ثقافت آهي. ان ۾ فقط ڪجهه جزا دنيا جي پورهيت طبقي جي گهڻائيءَ جي زندگين ۽ مفادن جي ترجماني ڪن ٿا.
ادب ۽ فن ثقافت جو حصو آهن، ان ڪري دنيا ۾ جيڪو ڪُل سُٺو يا بُرو لکيو ويو آهي، اهو مجموعي طرح ڦورو ۽ ظالم طبقن جو ترجمان پئي رهيو آهي. ان جا فقط ڪجهه جزا، ڪجهه تخليقون، جزوي يا مجموعي طور عوام جي ترجماني ڪندڙ آهن. انهن کي به پوريءَ طرح ڇنڊي ڇاڻي ڏسڻو آهي ته اهي ڪيتريءَ حد تائين تائين عوام جون ترجمان آهن، ڪيتريءَ حد تائين نه.
[b]طبقاتي ۽ ٻين مفادن ۽ نظرين کان بالاتر ۽ خالص ادب دنيا ۾ ڪڏهن به پيدا ڪونه ٿيو آهي
[/b]دنيا ۾ اڄ تائين اهڙو هڪڙو اکر به نه ڳالهايو ويو آهي نه لکيو ويو آهي، جيڪو ذاتي، طبقاتي ۽ ٻين سماجي مفادن ۽ نظرين کان خالي يا بالاتر هجي، ڇا لطيف جي ڪلام جي هڪ وڏي حصي جي سٽ سٽ، اکر، اکر، حڪمران طبقن جي ظُلم ۽ زبردستي، سندن قدرن ۽ پسندن ۽ نظرين جي خلاف ۽ عوام جي فائدي ۾ ڪونهن؟ ڇا خود سندس مذهبي تشريح به، مجموعي طور، ڦورو ۽ ظالم طبقن واري مذهبي تشريح جي اُبتڙ ڪانهي؟ الف ليليٰ سڄو عورتن، غلامن، نوڪرن ۽ پورهيت طبقن خلاف پروپئگنڊا سان سٿيو ڪونه پيو آهي؟ عام طرح ڪلاسيڪي ادب ۾ حسن، وفاداري، بهادري، شان، سخاوت، مهرباني وغيره گُڻن کي جنهن نموني پيش ڪيو ويو آهي، سو سراسر حاڪم طبقن جي رائج تصورن، نظرين ۽ مفادن وٽان ۽ باشعور عوام جي صحيح عالمي تصورن، نظرين ۽ مفادن جي خلاف ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ جيڪو مسٽندو ڪم چور، ڦورو ۽ ظالم حاڪمن طرفان، چوري ۽ گناهه، ڦُرلُٽ ۽ تباهيءَ ۾ شامل ٿئي ۽ ٻيءَ ڌُرَ جا گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو قتل ڪري، سو ٿيو بهادر، چاهي انهن هن جو ڪَک به نه بگاڙيو هجي! چاهي هُو پنهنجن گهرن ۾ پنهنجن ڪَکن، لڄن ۽ نياڻين جو بچاءُ پيا ڪندا هجن! جيڪا مفت خورن ڪک ڇني ٻه نه ڪري، ماڙين ۽ محلن ۾، سڄو ڏينهن غريب پورهيتن کان ويٺي پان مهٽائي ۽ ويلي تي سئو گهرن جي گذران جي رقم جيترا کاڌا ۽ ميوا هضم ڪري ۽ سڄو ڏينهن حڪم هلائي، پاڻ جيڏين جون زندگيون زهر ڪري، سا ٿي محبت ۽ پوڄا جي لائق! ڇا، حقيقي انساني سونهن ۽ دلڪشي رڳو عضون جي ماپ، اڇڙي ڳاڙهڙي رنگ، چُميءَ، ناز نخري ۽ ڇنڊ ڦوڪ ۾ آهي؟ دنيا جو ڪلاسيڪي ادب گهڻي ڀاڱي رڳو مفت خور ۽ ظالم طبقن جي اهڙين مفت خور عورتن جي شان ۾ قصيدا ٿو پڙهي، جيڪي حقيقي سونهن سان ٽمٽار، عوام جي بکين نياڻين جي جُتيءَ جي برابر ڪونه هيون! انهن کي هڪڙو ڏينهن به عوام جي ڌين جهڙي سخت ۽ ڪٺور زندگي گذارڻي پوي ها ته ٻوٿ سُڪي پادر ٿي پونن ها! لک غنڊا گڏ ڪري انهن جي زور تي، ماڻهن جا گهر ڦُري ٻهاري، بي حيائيءَ سان ائنڊ ٻڌي، شهر مان لنگهڻ ۽ پاڻ پڏارائڻ، اهو ٿي پيو شان! ڪروڙن اربن جا ٽپڙ مسڪين بکين جي وات تان کسي، انهن مان ڪجهه ٽڪر خوشامدي ٽٽوئن يا ڀاڙت قاتلن کي ڏيڻ، سا ٿي سخاوت! راڄن کي جلائي، ساڙي، ٻاري، خاڪ ڪري پوءِ منجهائن ٻن چئن کي ڪتي واري زندگي گهارڻ جي موڪل ڏيڻ، سا ٿي مهرباني، عنايت خسروانه، نوازشات سڪندرانه!
اهي سڀ ڳالهيون ڦورو ۽ ظالم حاڪم طبقن جي مفادن، قدرن ۽ نظرين مطابق پروپئگنڊا جون ڳالهيون ناهن؟ جنهن ادب ۾ اهي اڻ لکي فنائتي نموني سمايل آهن، سو بدترين معنيٰ ۾ نظرياتي، طبقاتي ۽ پروپئگنڊا ادب ناهي؟
دنيا جي پراڻي توڙي اڄوڪي ادب ۾ هڪڙي سِٽَ ته ڪو ڏيکاري، جنهن ۾ توڙي کڻي ستن پردن ۾ ويڙهيل، پر ڪنهن نه ڪنهن فرد، گروهه يا طبقي جي مفادن ۽ قدرن جي تبليغ نه ڪئي وئي هجي! ڏسڻ واريون اکيون هجن ته ڏسي سگهبو ته سامراجي دنيا جا سائنسي ۽ خلائي افسانا ۽ خود ٻاراڻو ادب به عوام دشمن پروپئگنڊا جي جيوڙن سان ڀريا پيا آهن! چوڻين، پهاڪن، نقلن، ٽوٽڪن تي ويچار ڪريو ته گهڻا غريب عوام جي ساراهه ۾ آهن، گهڻا مٿن ٽوڪ ۽ چٿر جا!
چرچي ڀوڳ، مزاح ۽ طنز واري ادب کي ٻيهر غور سان پڙهو ۽ ڏسو ته انهن جو نشانو اڪثر ڪهڙي طبقي جا ماڻهو آهن ۽ سڌي يا اڻ سڌي ساراهه ڪهڙي طبقي جي ٿيل آهي؟
هندستان پاڪستان جي شفيق الرحمان جهڙن مزاح نگارن جون مزاحيه لکڻيون ان خيال سان وري پڙهي ڏسو. جڳ مشهور انگريزي مزاح نگار پي جي ووڊ هائوس جي لکڻين ۾ لڪل لارڊن پاران معذرت پڙهو. سندن اڻ سڌي تعريف پڙهو. انگلينڊ جي ڀيانڪ ظالم ۽ مجرم جاگيردار نظام کي ڏنل سونو پاڻي ڏسو. اهڙي هر تخليق سڌي يا اڻ سڌي، نفيس ۽ نازڪ، بخملي ۽ اطلسي، فني، پوشن ۾ ويڙهيل طبقاتي پروپئگنڊا نظر ايندي.
[b]طبقاتي مفادن کي سمجهڻ پيچيدو ۽ ڏکيو ڪم آهي
[/b]سماجي لاڳاپا، تضاد ۽ مفاد ڪَئِين قسمن جا، گهڻ طرفا ۽ نهايت پيچيدا ٿين ٿا، ڪي مادي آهن ته ڪي روحاني ته ڪي سڌا آهن ته ڪي اڻ سڌا. ڪي ويجها ۽ فوري آهن ته ڪي تمام ڏورانهان ۽ گهڻيءَ دير سان اثر ڏيکاريندڙ. وڏي ڳالهه ته هڪڙا عالمي تاريخي حساب سان نسبتاً دائمي ۽ بنيادي ٿين ٿا ته ڪي ان حساب سان عارضي ۽ ثانوي نوعيت جا.
انساني سماج جي هڪڙي بنيادي عالمي تاريخي حقيقت اها پئي رهي آهي ۽ اڄ تائين قائم آهي ته مفت خور، ڦورو ۽ ظالم طبقا پنهنجي بنيادي ۽ دائمي طبقاتي لاڳاپن، تضادن ۽ مقامن کي نسبتاً چڱيءَ طرح سمجهي، پروڙي، کين بنيادي اهميت ۽ اوليت ڏيندا رهيا آهن. هُو پنهنجي جڳ جهان جي طبقاتي دوستن جا جگري دوست ۽ پنهنجي جڳ جهان جي دشمنن يعني پورهيت عوام جا جاني دشمن پئي رهيا آهن.
هُو پنهنجي طبقي جي ماڻهن سان پنهنجي سنگين ترين اختلافن ۽ تضادن کي، هر قسم جي ڪُتن واريءَ ويڙهه کان پوءِ جلد از جلد حل ڪندا يا گهٽائيندا ۽ حد ضابطي اندر رکندا رهيا آهن. ٻئي طرف هُو عوام جي اندر جيڪي ننڍا وڏا حل ٿيڻ جوڳا اختلاف ۽ تضاد آهن، انهن کي وڏي سازش، منصوبه بندي ۽ جاکوڙ سان وڌائي وڻ ڪندا ۽ ڦرڙيءَ مان ڦَٽُ بڻائي، ناقابل حل بڻائيندا رهيا آهن. هُو عوام جي ذهنن ۽ ضميرن کي خاندان، پاڙي، ذات پات، راڄ، قوم، مُلڪ، مذهبن، رنگ ۽ نسل جي رفق جي آڙ ۾ تعصب ۽ نفرت جي هڻ کڻين ۽ ڪوراڙين هٿان ڏنگارائي، سندن نس نس ۾ هڪٻئي لاءِ زهر ڀرائي، کين هڪٻئي کان پري، ڇڙوڇڙ ۽ اڪيلو اڪيلو ڪري، صدين جون صديون، وَيرَ، دشمني ۽ ڪروڌ جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪري، جنم قيدن جون سزائون ڪاٽارائيندا رهيا آهن.
سندن جيڪي عوام جي بُنيادِي، دائمي ۽ ڪڏهن به حل نه ٿيڻ جوڳا دشمنيءَ وارا تضاد آهن، انهن جي سلسلي ۾ هُو هڪڙي طرف عوام سان آقي ويريءَ وارو ورتاءُ ڪري، کين پيڙهيندا ۽ چيڀاٽيندا رهيا آهن ته ٻئي پاسي عوام کي ڏيکاءُ اهو ڏيندا رهيا آهن، ڄڻ انهن تضادن جو ڪو وجود ئي ڪونهي. کين اهڙي ڪا ڳالهه خيال ۾ ئي ڪانهي. عوام سندن ٻچا آهن.
عوام اندر به ڌار طبقا ۽ پَرتُ هوندا آهن، جهڙوڪ هاري، مزدور، وچولي طبقي جو هيٺيون پَرتُ وغيره. انهن ۾ مُفادن جي بنيادي ۽ دائمي هڪجهڙاين سان گڏ دوستاڻي نموني حل ٿيڻ جوڳا جزوي ۽ ثانوي تضاد به هوندا آهن ۽ انهن تضادن جي ڪري عوام جي مختلف گروهن جون ڦورو طبقن سان خاندان، ذات، مذهب وغيره ۽ گذر سفر جي بنياد تي جزوي ۽ ثانوي هڪ جهڙايون به هونديون آهن. ڦورو طبقا عوام کي هميشه اها پٽي پڙهائيندا رهندا آهن ته اسان جي توهان جي وچ ۾ طبقاتي، بنيادي ۽ دائمي تضاد ڪا شيءِ ناهن. توهان جون پاڻ ۾ مفادن جون بنيادي ۽ دائمي هڪجهڙايون به ڪا حقيقت ڪانه ٿيون رکن. اصل ڳالهيون آهن، اُهي جن جي ڪري اوهان جا پاڻ ۾ تضاد آهن ۽ اسان سان هڪ جهڙايون آهن. هُو ماڻهو کي ٻُڌائيندا رهيا آهن ته، “دنيا ۾ اصل رشتو خاندان، پاڙي، قبيلي، مذهب، قوم، رنگ يا نسل وغيره جو آهي. ان ڪري ساڳئي خاندان يا پاڙي يا قوم يا مذهب يا رنگ يا نسل جي ڪري پاڻ، پاڻ ۾ هڪ آهيون. اسين ان رشتي جي ڪري اوهان جا ٿيو، ٻيءَ دنيا کي ترڪ ڪريو ويٺا آهيون.” حالانڪه سموري تاريخ ڏيکاري ٿي ته هُو پنهنجي ذاتي ۽ طبقاتي مفاد خاطر پنهنجي خاندان، پاڙي، راڄ، مذهب، قوم، رنگ ۽ نسل جي غريب ماڻهن جا هميشه ترا ڪڍندا رهيا آهن ۽ تاقيامت ڪڍندا رهندا.
دنيا جي عوام لاءِ، عالمي تاريخي حساب سان، نسبتاً دائمي ۽ بُنيادِي رشتو، محنت، محروميءَ، مظلوميءَ، محڪوميءَ جو، انهن کان نجات حاصل ڪرڻ ۽ هڪ نئين انصاف ڀري دنيا اَڏڻ جي ازلي ضرورت ۽ ان لاءِ جدوجهد جو رشتو ئي آهي. ٻيا رشتا، عالمي تاريخي حساب سان، پنهنجي حصي جي اهميت رکندي به پَس پيش ثانوي سماجي رشتا آهن.
پر دنيا جا عوام سماج جي سٽاءَ ۽ ارتقا جي رازن کان اڻ واقف آهن، ان ڪري هُو اڃا تائين گهڻي ڀاڱي پنهنجن بنيادي لاڳاپن، تضادن ۽ مفادن ۽ ٻئي درجي لاڳاپن وغيره جي وچ ۾، حقيقي ۽ نمائشي مفادن وغيره جي وچ ۾، اهم ۽ خَسِيس مفادن وغيره جي وچ ۾، فرق سمجهي نه سگهيا آهن. ان ڪري هو پنهنجي دائمي، بُنيادِي، حقيقي ۽ اهم سماجي مفادن کي ڇڏي، فقط ٻئي ٽئي درجي جي، عارضي، خَسِيس، نقلي ۽ نمائشي مفادن کي اهميت ڏيئي، انهن پويان لڳي، هڪٻئي کان ٽُٽي، ڇڙوڇڙ ٿي، وڃي پنهنجي ازلي ۽ بُنيادِي دشمن طبقن جا شڪاري ۽ هڪٻئي جا مارا بڻجي، صدين جون صديون ڌڪ کائيندا رهيا آهن.
مثال طور جڏهن هڪڙين قومن، ملڪن، نسلن وغيره جا پورهيت عوام ٻين قومن، ملڪن يا نسلن جي پورهيت عوام پنهنجي بنيادي طبقاتي دوستيءَ جي رشتن ۽ لاڳاپن ۽ پنهنجي قوم، ملڪ ۽ نسل جي ڦورن ۽ ظالمن سان سندن جيڪي نسبتاً دائمي ۽ بُنيادِي تضاد ۽ وَيرَ آهن، تن کي وساري نظرانداز ڪري، صدين جي اڻ ڄاڻائي ۽ گمراهيءَ جو شڪار ٿي، فوري فائدن جي انڌي لالچ ۾ اچي، ذات، راڄ، قبيلي، دين ڌرم، قوم، رنگ، نسل وغيره جي نالي جي آڙ ۾ پنهنجي حقيقي سڄڻن يعني ٻين ذاتين، راڄن، قبيلن، مذهبن، قومن، رنگن ۽ نسلن جي پورهيتن سان وڙهن ٿا، تڏهن فطري دوست ڦِريو هڪٻئي جي نسلن لاءِ ويري بڻجيو ۽ پنهنجي فطري ويرِين جا ٻانهن ٻڌا ٻانها ٿيو، هڪٻئي جا ٻَوٽَ پَٽيندا ۽ ويرِين جا سهم سهندا رهن ٿا ۽ سندن دشمن الولِيون ڪندا رهن ٿا.
عوام دشمنن طرفان صدين کان ڦهلائجندڙ گمراهيءَ کان سواءِ، عوام جي طبقاتي ۽ سماجي حقيقتن بابت اڻڄاڻائيءَ ۽ مونجهاري جا ٻيا به ڪَئِين سبب آهن.
علمي طرح وڏو سبب اهو به آهي ته دنيا ۾ تضاد ۽ لاڳاپو، دوستي ۽ دشمني ٻئي آهن ۽ ٻنهي جو وري پاڻ ۾ لاڳاپو به آهي. هڪٻئي تي دارومدار به آهي، پاڻ ۾ سمايل به آهن! اهڙي پيچيدي گورک ڌنڌي کي سمجهڻ ۾ ماڻهن کي، خاص ڪري ويچارن مسڪين ماڻهن کي، ڏکيائي ۽ مونجهارو ٿئي ته ڪا عجب جي ڳالهه ڪانه ٿي.
مونجهاري جو ٻيو مکيه سبب اها ڳالهه آهي ته انسانن جا رڳو پاڻ ۾ لاڳاپا ۽ تضاد ناهن. سندن هڪڙا بُنيادِي کان بُنيادِي ۽ دائمي کان دائمي تضاد فطرت سان آهن. فطري قُوتن کان هُو ڪجهه حد تائين واقعي هڪ جهڙا متاثر ٿين ٿا. ظاهري طرح ته اها هڪجهڙائي مڪمل نظر اچي ٿي.
بنا ڪنهن امير غريب جي فرق ۽ لحاظ جي، فطري قوتون سڀني لاءِ هڪجهڙا لَقاءَ ڏيکارينديون رهن ٿيون. موسمون بدلجن ٿيون، ٻوڏون ۽ طوفان ۽ زلزلا اچن ٿا، پارا پون ٿا، لُڪون ۽ جهولا لڳن ٿا، گُل ٽِڙن ٿا، ساوڪون ۽ بهارون ٿين ٿيون، ٻاٻن توڙي ٻانهين کي وقت تي محبت جي پياس لڳي ٿي. امير توڙي فقير مائورن سور کائي ٻار ڄڻين ٿيون ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ اولاد خاطر گهاوَ سهن ٿيون. هر طبقي ۾ هڪڙا چڱا آهن ٻيا بُرا. هڪڙا سهڻا آهن ٻيا ڪوجها. هڪڙا ڏاها آهن ٻيا سادا، بيماريون، ڏک، پيار، وڇوڙا، يادگيريون ۽ پڇتاءُ امير غريب نٿا ڏسن. آخر ۾ موت هر ڪنهن جو مهمان آهي. ڪوڏيءَ جو محتاج ۽ ڪروڙپتي، ٻئي هڪڙي ڏينهن مريو وڃن، شهنشاهه ۽ پينو فقير ٻئي نيٺ خاڪ ٿيو وڃن.
عام ماڻهو انهن لَقائن کي ڏسندي ڏسندي صدين کان ائين سمجهڻ تي مجبور آهن ته فطرت جي انهن شهزور قوتن جو سڀني انسانن تي هڪجهڙو اثر پوي ٿو. اها ڳالهه فقط هڪ حد تائين صحيح آهي.
مثلاً بيمار ته سڀ ڪو ٿئي ٿو ۽ مري به سڀ ڪو ٿو، پر پورهيت جي بيماريءَ جو ڦورو طبقن جي ماڻهن جي بيماريءَ سان ڪهڙو مقابلو؟ غريب جو ٻار سَستيءَ ڦَڪيءَ لاءِ تڙپي مري ويندو. امير هچا اسي سالن جي به ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي زور تي بيمارين جي پاڙ پٽي نين شادين جا پروگرام پئي بڻائيندي. امير مرندو ته راڄ ماري پوءِ، غريب جو پٽ ننڍپڻ مان چڙهي جوانيءَ کي رسيو ته به وڏي ڳالهه. غريب عوام جي پُٽَ ڌِيئن جي جواني جهڙي کهنبي جو چٽڪو. امير پوڙهيون ٻانڀون به چَتو ته ڪر هينئر سيج تان لهي آيون آهن.
تنهن کان سواءِ فطرت جي قوتن جو انسان تي اثر هڪ طرفي آمدرفت One way Traffic ڪانهي. موٽ ۾ انسان به فطرت جي شهزور ارڏين قوتن کي سمجهي، کين پنهنجي وس ڪري، ڪتب آڻي، فطرت کي بدلائي رهيو آهي. فطري قوتن، کِنوڻين، ٻوڏن، زلزلن، طوفانن ۽ ظاهري فطري قوتن جهڙوڪ بيمارين، وبائن، ڏڪارن وغيره جي مڪمل بي لغامي به ڏاڪي به ڏاڪي گهٽجي رهي آهي.
سماجي – اقتصادي نظام ۽ ڊگهين طبقاتي ويڙهين کان پوءِ انهن جي تبديلي، انساني تقدير تي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اثرانداز ٿي رهيا آهن.
سماجي مُفادن جي پيچيدگيءَ جي حد اها آهي جو ساڳئي ماڻهوءَ جا ساڳئي هڪڙي مسئلي ۾ به اُبتڙ مفاد ٿي سگهن ٿا. سندس هڪڙي دل چوندي ته هينئن ٿئي ته چڱو، ته ٻي چوندي ته نه، ائين نه، هينئن ئي ٿئي ته چڱو! مثال طور جنهن زميندار جي زمين جبل توڙي ميدان ۾ هوندي، سو ڪنهن مهل چوندو ته مينهن ڀلي گهڻي ۾ گهڻو پوي ته جيئن باراني فصل کي فائدو رسي ته ڪنهن مهل چوندو ته هاڻ اصل نه پوي، متان ميدان وارو فصل نه تباهه ٿي وڃي! ساڳئي ماڻهوءَ جون هڪ کان وڌيڪ طبقاتي حيثيتون به ٿي سگهن ٿيون. جيڪو ماڻهُو ڪجهه زمين جو ٽُڪر پاڻ آباد ڪري ٿو ۽ ڪجهه هارين کان ڪرائي ٿو، سو هاري به آهي ته زميندار به. سندس سوچ تي ٻنهي قسمن جا اثر پوندا رهندا.
[b]ماڻهُو پنهنجا مفادَ سَنوان سِڌا بيان نه ڪندا آهن
[/b]فرد، گروهه، طبقا ۽ قومون پنهنجا سياسي، سماجي، ثقافتي، اقتصادي توڙي ٻيا مفاد اڪثر کُليا کُلايا بيان نه ڪندا آهن. پنهنجي نياڻيءَ لاءِ ور کپندو ته ايئن ڪير ڪونه چوندو ته، “ڌِيءَ لاءِ مڙس کپيم.” پر هرڪو چوندو ته، “بار لاهڻو اٿم.” سڱ گهرندڙ به ٻيءَ ڪنهن ڳالهه بدران چوندا ته، “ماءُ پوڙهي آهيس، گهر ۾ ڪو لولوي پچائڻ وارو ڪونهيس. وڏو ٻار وهارڻ خدا، خدا جي رسول جو ڏوهه آهي. وڏو بنبال آهي.” وغيره. پراون ملڪن جي مسڪين ماڻهن جا مال ملڪيتون، ٻار ٻچا، لَڄُون لُٽڻ جو ارادو هوندو ته ملڪ وڌائڻ جي ڳالهه ڪبي، ڪشور ڪشائيءَ جي ڳالهه ڪبي، مذهب ڦهلائڻ ۽ غازِي ٿيڻ جي ڳالهه ڪبي يا تهذيب جي روشني عام ڪرڻ جي ڳالهه ڪبي. ثقافتي ميدان ۾ ته خاص ڪري طبقاتي مفادن جي ڳالهه، هڪڙي نه، ستر پردن ۾ ڪئي ويندي آهي.
ڦورو طبقا پنهنجي مُفادَن جي وڪالت ٻين کان ڪرائيندا آهن
هرڪا ڌر پنهنجي مُفادَن جي وڪالت پاڻ نه ڪندي آهي. جاگيردار ۽ سرمايه دار مُفادَن جي وڪالت ۽ تبليغ ثقافتي ميدان ۾ اڪثر بکين ڀانگن اديبن ۽ فنڪارن کان ڪرائي ويندي رهي آهي. بادشاهن جا قصيدا بادشاهه ڪونه لکندا آهن، بُکيا شاعر لکندا آهن. سندن پاران ناحق ماڻهُو مارڻ جو شرَعِي جواز سندن پُٽُ ڀائٽيا ڪونه ڳولي ڪڍندا آهن، سندن پگهاردار بُکيا لالچي قاضي ڳولي ڪڍندا آهن. ساڳيءَ طرح ادب ۽ فن ۾ مختلف طبقن جي قدرن، لاڙن ۽ سندن ناپسندين، نفعن نقصانن جي وڪالت ۽ ترجماني اڪثر ٻين طبقن مان ڀرتي ٿيل، ماڻهُو ڪندا آهن.
چوندا آهن ته، “ڪن جو روئڻ به راحت ته ڪن جو کِلڻ به خواري”. هڪڙا سُٺي ڳالهه ڪندا ته به سندن ڳالهه ۾ رس ڪونه هوندو. ٻيا گهٽ ڳالهه ڪندا ته به ماڻهوءَ کي پيا وڻندا.
اديب ۽ فنڪار پنهنجي ڳالهه هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ڪن ٿا. ان ڪري سندن تخليقن ۾ طبقاتي مُفادَن جو چور ڳولي لهڻ هر ڪنهن جو ڪم ڪونهي، پر اها ڳالهه اڻٽر آهي ته ڪي گهٽ ڪي وڌ، پر هرڪو اديب ۽ فنڪار شعوري يا لاشعوري طرح ڪن نه ڪن سماجي مفادن جي ترجماني ضرور ڪري ٿو. چاهي پنهنجي پر ۾ سندس نيت کڻي ڪهڙي به هجي يا نه هجي.
اديب ۽ فنڪار ڪهڙن سماجي گروهن ۽ طبقن جي نمائندگي ٿو ڪري، تنهن جي خبر رڳو ان مواد مان ڪانه پوندي، جيڪو هُو سماجي زندگيءَ مان کڻي، پنهنجي ادبي ۽ فني تخليق ۾ ڪم آڻي ٿو ۽ ان کي اهميت ڏيئي ٿو، پر ان ڳالهه مان به پوندي ته هُو زندگيءَ جي ڪهڙين حقيقتن ۽ ڪهڙن لقائن کي نظرانداز ٿو ڪري ڇڏي يا اهميت ئي نٿو ڏئي. سندس مواد جي چونڊ ئي سندس اصلي طبقاتي لاڙن تي پهرين چُغلي هڻندي.
[b]ادب ۽ فن جي طبقاتي ڇنڊڇاڻ به هڪ ڏکيو ۽ پيچيدو ڪم آهي
[/b]ڪا تخليق ڪهڙي طبقي جي نقطي نظر جي ترجماني ڪري ٿي، سا ڳالهه سمجهڻ وڏي ڇنڊڇاڻ ۽ ڪاريگريءَ جو ڪم آهي. ان ۾ مشيني طريقو اختيار ڪري نٿو سگهجي.
بهرحال ڄاڻُو، سمجهُو ۽ سُڄاڻ ترقي پسند ادبي پارکُو اُونهي جاچ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان نيٺ سمجهي سگهي ٿو ته ان تخليق جو مجموعي تاثر ڪهڙي طبقي جي سماجي لاڙن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ پَس پيش ڪهڙي گروهه يا طبقي جي ٻولي ٻوليل آهي.