لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

”سندي ذات هنجن“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو لکيل آهي.
ڪتاب بابت محمد ابراهيم جويو پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
Title Cover of book سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

باب چوٿون : ڇا، ڏک رڳو تباهه ڪندڙ آهن؟

ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرينءَ جو!

(لطيف)

“عرفي! دل آباد بيک جو نه خرد عشق،
من هم دل ويران، بدو عالم نه فروشم!”

(عرفي)

(عرفي! عشق ڪنهن آباد ۽ خوشحال دل کي هڪڙي جَوَ جي داڻي عيوض به ڪين وٺندو! خوشيءَ ڀريل دل کي وٺي ڇا ڪبو؟ ان جي قيمت ئي ڪهڙي؟ آءٌ به پنهنجي ويران ۽ تباهه دل ٻن جهانن عيوض به نه ڏيندس!)
وللي واويلائي ادب، هڪ طرفائيءَ ۽ وڌاءُ کان ڪم وٺي، انساني دل جي سمورن رنگ برنگي جذبن کي فقط ڏکن تائين محدود رکي ٿو ۽ ڏک جو ردعمل فقط مايوسي ڏيکاري ٿو. مايوسيءَ کي وري هڪ نسبتي، جُزوي ۽ عارضي جذبي بدران قطعي، دائمي ۽ آخري جذبو ڪري پيش ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت اهو دائمي ڏک ۽ مايوسيءَ جو پرچار ڪري، انسانن سان همدرديءَ جي آڙ ۾، کين ڏکن ۽ مايوسين سان ويڙهه جي ۽ ڏک ۽ مايوسيون ڏيندڙ ماڻهن ۽ قوتن سان مقابلي جي خواهش ۽ سگهه کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. اهڙيءَ ريت اهو دوستيءَ جي رُوپ ۾ ماڻهن سان دشمني ڪري ٿو ۽ انهن يزيدي قوتن جي خدمت ۽ دلالي ڪري ٿو، جيڪي چاهين ٿيون ته ماڻهُو هڪڙي معمولي چوٽ کائڻ شرط ئي ڏکن ۽ مايوسين ۾ اهڙا وٺجي وڃن جو وري يا عمر ڪنڌ مٿي کڻي، دشمن جي مُنهن ۾ نهارڻ جو سوچي به نه سگهن.
اهو ڏک جي مسئلي کي فقط مِيڪ مِيڪ ڪرڻ تائين محدود رکي ٿو. انساني ڏک جي بُنيادِي عالمي تاريخي ڪارڻن بابت، ان جي عالمي تاريخي نوعيت ۽ ان جي بُنيادِي علاج بابت، ڏک ڏيندڙ قوتن ۽ ڏک جو علاج ڪندڙ قوتن بابت، نه رُڳو هو پاڻ چپن کي چُنو لايو ويٺو آهي ۽ ٻڙڪ به ٻاهر نٿو ڪڍي پر ٻين کي به نڙيءَ تي گهُٽو ڏيو ويٺو آهي ته انهن ڳالهين بابت اکر به ڪڍيو اٿم ته اوهان کي نعريباز ۽ پروپئگنڊا باز اديب ٺهرائي، ادب جي ملڪ مان ڏيهه نيڪالي ڏيئي ڇڏينداسين.
اهو ڏک سک جي توازن کي نظرانداز ڪري، ڏک ۽ مايوسيءَ کي مطلق (Absolute) ۽ قطعي، آخري ۽ دائمي ٺهرائي، ان کي سندس پس منظر، اڳ پُٺ کان الڳ ڪري، ان بابت خيالي ۽ بي بنياد تصور کڙا ڪري، ان کي هڪڙو ڀُوت بڻائي، انساني ڏک جي حقيقي ۽ تخليقي ترجماني ڪرڻ بدران ان کي بگاڙي، غلط ۽ گمراهه ڪندڙ نموني ۽ بيهودي ۽ واهيات انداز ۾ پيش ڪري، ان کي خوار ڪري ٿو. ڏک جي ڀوت جهڙن خيالن ۽ هٿرادن تصورن جي آڙ ۾، اهو انسانن جي حقيقي ڏک جي صحيح ۽ ڀرپور اظهار جو رستو روڪي ٿو. اهڙيءَ ريت هو پنهنجن سامراجي آقائن جي خدمت ڪري ٿو، جيڪي دُنِيا جي اربين ڏکويل ماڻهن جي حقيقي ڏک کان ڊڄن ٿا. کين خبر آهي ته جيڪڏهن اهو سمنڊن جهڙو اٿاهه ڏک گڏ ٿيو، ان کي سندس صحيح ڪارڻن ۽ صحيح علاجن سميت صحيح نموني سمجهيو ۽ پروڙيو ويو ته اهو دُنِيا ۾ اهڙو انقلابي طوفان بڻجي اُٿندو، جنهن جي سٽ هماليه جبل به سهي ڪونه سگهندو.
اهو ادب جنهن بيهودي نموني ۾ هٿرادي ڏک جو واهيات اظهار ڪري ٿو، تنهن جي ڪري ماڻهو ڏک بابت ڳالهه پڙهڻ لاءِ تيار نٿا ٿين، بلڪه جيڪي پڙهندڙ هنن جي پروپئگنڊا طوفان جي اثر هيٺ اچي، هن ادب کي ئي ادب سمجهن ٿا ۽ ان ۾ پيش ڪيل ادب کي ئي ماڻهن جي اندر جي پيڙا جو اظهار ڪندڙ ادب سمجهن ٿا، سي سموري ادب کي ههڙو هوائي، بيهودو ۽ بور ڪندڙ سمجهي، ڪنهن به حقيقت پسند ادب ڏانهن منهن ڪري به نٿا نهارين ۽ وڃيو جادوئي، اسراري، جاسوسي ۽ نام نهاد تاريخي ڪهاڻين جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائن. اهڙيءَ ريت اهو ادب ان تڙ ڪرڻ واري وانگر آهي، جيڪو شڪار کي هڪليو وڃيو، شڪاريءَ جي بندوق جي سامهون آڻي! هيءُ ادب ماڻهن کي حقيقي ادب کان ڊوڙايو، ڀڄايو، وڃيو آفيمي ادب جي حوالي ڪري.
اها ڳالهه هرڪو ڄاڻي ٿو ته ماڻهن جي وڏي ۾ وڏي گهڻائي اڄ سوڌي هميشه محرومين، مصيبتن، مونجهارن ۽ عذابن جو شڪار پئي رهي آهي. اڪثر حالتن ۾ وٽن ڇوٽڪاري جو ڪوبه رستو ڪونهي. منجهانئن گهڻا اڪثر ماٺ مٺيءَ ۾ يا ڪجهه مقابلي کان پوءِ، ان ڳالهه کي پنهنجي تقدير ۽ لکئي جو ليک سمجهي، برداشت ڪن ٿا ۽ زندگيءَ جو زهر ڦڙو ڦڙو ڪري ٻي، چڻي چڻي، حياتيءَ جي قيد جا ڏينهن پورا ڪن ٿا. سندن اندر هر دم روئندو، سڙندو پچندو ۽ ٻرندو رهي ٿو. ڪي ته ڏک وچان پاڳل ٿيو پون ۽ جيئري ئي مئن گڏ ٿيو وڃن.
ڏک، پيڙائون، مايوسيون ۽ موت زندگيءَ جون ازلي ابدي حقيقتون آهن. اهي اڄوڪي انسان جي زندگيءَ ۾ به موجود آهن، پر ڇا زندگي ۽ انسان جي دل ۾ فقط ڏک ۽ پيڙائون ئي آهن؟ ڇا انهن ڏکن ۽ پيڙائن جي ڪري ماڻهو فقط دل ۾ رجهن پچن ٿا، رڳو رڳو مايوس ئي ٿين ٿا، رڳو ماتم ئي ڪن ٿا ۽ ذهني، جذباتي ۽ روحاني طرح رڳو مرن ۽ ختم ئي ٿين ٿا؟
نه. ماڻهن جي زندگيءَ ۾ رڳو ڏک، ناڪاميون ۽ مايوسيون ۽ موت جون تمنائون ڪونهن. زندگيءَ ۾، بدترين دؤرن ۽ حالتن ۾ به، ڪي سک، ڪي ڪاميابيون ۽ ڪي زندهه رهڻ جون آسون هجن ٿيون.

[b]لازم – ملزوم!
[/b]انساني زندگي به اُبتڙن جو ميلاپ آهي. ان ۾ ڏک ۽ سک ٻئي آهن. ٻئي هڪٻئي جي اُبتڙ به آهن ته لازم ملزوم به آهن. اهي زندگيءَ جون اهڙيون هڪٻئي سان لاڳاپو رکندڙ ۽ هڪٻئي تي دارومدار رکندڙ اُبتڻيون آهن، جهڙا ڏينهن ۽ رات، ڄم ۽ موت ۽ سردي ۽ گرمي، نه سک بنا ڏک جو تصور ڪري سگهجي ٿو، نه ڏک بنا سک جو. ٻنهي جو هڪٻئي تي دارومدار آهي ۽ هڪٻئي ۾ سمايل آهن. جيئن ٿَڪ بنا آرام جو، اوجاڳي بنا ننڊ جو، رات بنا ڏينهن جو ۽ سرءُ بنا بهار جو احساس ٿي نٿو سگهي، تيئن جنهن کي ڏکن جي خبر ڪانهي، تنهن کي سکن جو ڪهڙو احساس، ڪهڙو قدر ٿي سگهي ٿو؟
اُڃ نه هوندي ته شربت به ڪونه وڻندو. ڍاؤل ماڻهو ست رڇي طعامن ڏانهن به اک کڻي ڪونه نهاريندو. جنهن جي حرم ۾ هزارين سهڻيون زالون فالتون ويٺيون هونديون، ان کي ڪهڙي خبر ته پرديسي محبوب سان اوچتي ملاقات ڇا ٿيندي آهي؟
درحقيقت خوشيءَ جو ڪافي دارومدار ڏک تي آهي. سچو سک پيدا ئي ڏک مان ٿئي ٿو. ماءُ ڏک ڏسي ٻار ڄڻي ٿي، تڏهن ان کي ٻار ايڏي خوشي ڏئي ٿو. محبوب جي هڪڙي جهلڪ ان عاشق لاءِ خوشيءَ جو خزانو آهي، جنهن ان لاءِ ڪانگ اُڏايا ۽ فالون پاتيون آهن، تارا ڳڻيا ۽ راڄن جون غلاميون ڪيون آهن.
ڏک سُکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏکن ري. (لطيف)
رڳو لٺ ٻڌي سُکن پٺيان ڪاهجي پئبو ته اهي سُک ڦريو وڏي ۾ وڏا ڏک ۽ مصبيتون ٿي پوندا. ماڻهو بُک نه ڪاٽي ۽ سڄو ڏينهن ويٺو کائڻ جون لستون وٺي، جاڳي نه رڳو سُتو پيو هجي ته جيڪر سندس ڪهڙو حال ٿئي؟ ڏک ئي سکن جي راهه ڏيکارين ٿا ۽ انهن کي پيدا ڪن ٿا.
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو. (شاهه)
ڪي ڪي ڏک ته اهڙا به آهن، جو ماڻهو هزارين سُک اُنهن تان قربان ڪري ڇڏي. ماءُکي ته ڀلا چئجي ته تون هروڀرو پاڻ کي اوجاڳا نه ڏي، ڇڏ ته ٻار ڀلي پيو رڙيون ڪري، صبح جو آرام سان اُٿي خبر وٺجانس! جي عاشق کي چئجي ته “ميان! ڇو ٿو اجايو آزار ۾ پئين! ڇڏ ته پرائي ڌيءَ ڀلي پرڻجي وڃي، تون آرام سان گهر ۾ ويهي آرام ڪر!” ته جيڪر ڪهڙو جواب ڏئي؟ ڪڏهن ماڻهو سؤ سُک عيوض ۾ ڏيئي، زندگيءَ جي بازار مان هڪڙو وڏو ڏک به خريد ڪندو آهي. چاهي اهو ذاتي هجي يا طبقاتي ۽ قومي يا عدم انساني.
سو سُک ڏيئي، وِرهه وهايم هيڪڙو. (شاهه)
ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، ڏک ۽ درد ئي علاج پيدا ڪندا آهن. طبيب ۽ ڊاڪٽر تيار ڪندا آهن. ڏک ئي نه هجي ته علاج ڇا جو؟
جان جان ناهه ضرور، تان تان طبيب ناهه ڪو،
جو سو سُرئو سور، ته ڪر ويڄ ور پيو.

(لطيف)
(جيسين ضرورت ڪانهي، تيسين طبيب ڪونهي. سُور حاصل ٿيو معنيٰ ڄڻ ان جو علاج ڪرڻ وارو ويڄ يا طبيب هٿ اچي ويو!)

[b]خوشي رڳو خوراڪ ڪانهي!
[/b]چوندا آهن ته “خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪانهي. ڏک ۽ ڳڻتيءَ جهڙو مرض ڪونهي.” ٻين پهاڪن ۽ چوڻين وانگر هيءُ پهاڪو به فقط جزوي طرح صحيح آهي. هن ۾ به ٻين وانگر هڪ طرفائيءَ ۽ وڌاءُ کان ڪم ورتو ويو آهي. خوشي برابر ماڻهوءَ کي طاقت ڏئي ٿي ۽ ڏک ڪمزور ڪري ٿو، پر هر وقت نه ۽ سدائين لاءِ نه. محرومي ۽ ڏک ڪجهه عرصي کان پوءِ محروم ۽ ڏکويل ماڻهن، قومن ۽ طبقن ۾ ڪيترين ڪمزورين سان گڏ سهپ، جفاڪشيءَ، دورانديشيءَ، بي خوفيءَ ۽ قربانيءَ جون قوتون به پيدا ڪري ٿو. سُکين ماڻهن، طبقن ۽ قومن کان اهي ڳالهيون آهستي آهستي ڪري نيٺ موڪلايون وڃن. ان ڪري نيٺ ڪنهن ڏينهن محروم ۽ ڏکيا ماڻهو، قومون ۽ طبقا سُکين کان زور ٿيو وڃن، سندن ڏک سُکن ۾ بدلجيو وڃن.

[b]ڏک تخليق ڪندڙ ۽ اَڏيندڙ به آهي!
[/b]ڏک رڳو ڊاهيندڙ ۽ ناس ڪندڙ نه پر ڪيترين حالتن ۾ اَڏيندڙ ۽ تخليق ڪندڙ به آهي. هر عظيم ۽ پياري شيءِ ۽ ڳالهه، مسئلن ۽ مونجهارن، ڏکن ۽ پيڙائن سان مقابلي ۽ ويڙهه مان پيدا ٿي آهي. ڏک انسانيت جا گهڻا اعليٰ ترين گُڻ پيدا ڪن ٿا. انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ويجهي ۾ ويجها ناتا، گڏيل ڏک، گڏيل پيڙائون پيدا ڪن ٿيون. ماڻهوءَ جي آزمائش سُکن ۾ نه، ڏکن ۾ ٿئي ٿي. ڏک ۽ پيڙائون ئي انسانن کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائين ٿا.
دُنِيا جا پياري ۾ پيارا، املهه ۾ املهه ماڻهو ڏکن ۽ پيڙائن جي اوڙاهن جهاڳڻ وارا ماڻهو ٿيا آهن. الجزائر، ويٽنام، روس، چين، فلسطين جي آزاديءَ جي پروانن ۾ زمان، مڪان ۽ مرتبي جي هر فرق جي باوجود، هڪ ڳالهه ساڳي آهي. انهن سمورن سُکن سان سڱ ڇڏي، ڏکن سان پاند اڙايو هو ۽ انهن سان مقابلو ڪيو هو.
سورن سانڍياس پورن پالي آهيان،
جُڪس آءٌ هياس، ڪا گري گوندر ول جي.

(لطيف)

[b]مايوسي قطعي ۽ آخري جذبو ڪونهي!
[/b]ڏک جو ردعل رڳو مايوسي ڪانهي. ڏک ڪاوڙ ۽ بدلي، جدوجهد ۽ ويڙهه جا جذبا، سورهيائي ۽ قربانيءَ جا جذبا به پيدا ڪري ٿو. خود مايوسي به ڪو قطعي، آخري، تبديل نه ٿيندڙ ۽ دائمي احساس ڪونهي. مايوسي ڪجهه وقت کانپوءِ بدلجي اُميد به ٿي سگهي ٿي. اها ڦِري ڪاوڙ ۽ مقابلي جو جذبو به ٿي سگهي ٿو. احساس ۽ سمجهه جي سفر ۾ مايوسي هڪ قدرتي منزل آهي، پر اها آخري منزل ڪانهي. ماڻهن، طبقن ۽ قومن جي زندگيءَ ۾ مايوسين جون ڪئين ٻاٽ اونداهيون راتيون اچن ٿيون ۽ اُميدن جي سڀاڳن صبحن کي جنم ڏيئي گم ٿيو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن اهي راتيون سڀ کان اونداهيون اُن وقت نظر اينديون آهن، جڏهن پرهه جي ڦُٽڻ ۾ باقي ڪي گهڙيون هونديون آهن!
انسان جي انفرادي توڙي گڏيل زندگيءَ جو سفر لاهين، چاڙهين ۽ ورن وڪڙن جي باوجود، بنيادي طرح ڏکن ۽ مايوسين کان سوڀن ۽ خوشين ڏانهن سفر آهي.
ڄمڻ مهل ماءُ جي اذيت ڀريل دانهن ۽ ٻار جي رڙين کان ماءُ جي ڪڇ ۾ ٻار جي معصوم ٽهڪڙن ۽ ماءُ جي چهري تي مرڪن جي ست-رنگي انڊلٺن ٽڙي پوڻ تائين سفر، غلام انقلابي اسپارٽئڪس جي دليرانه بغاوت ۽ ان جي حيوانيت سان ڪچلئي وڃڻ کان وٺي، آمريڪا ۾ غلام دارن جي بغاوت جي ڪچلئي وڃڻ ۽ غلامن جي آزاد ٿيڻ جو سفر، بنو هاشم جي مڪي مان نيڪالي ۽ سندن قريش سرمايه دارن طرفان حُقي پاڻي بند ٿيڻ کان وٺي، مڪي جي فتح تائين جو سفر، روس ۾ 1905ع جي انقلاب جي ڪچلئي وڃڻ کان عظيم آڪٽوبر انقلاب جي شاندار ڪاميابيءَ تائين جو سفر، شانگهائيءَ ۾ چيانگ ڪائي شيڪ طرفان 1927ع ۾ دغا سان انقلابين جي قتلام ڪرائڻ کان 1949ع جي چيني انقلاب جي ڌرتي ڌوڏيندڙ فتح تائين جو سفر، ويٽنام ۾ 1933ع جي پورهيت بغاوت جي ڪچلئي وڃڻ کان پوءِ ڊين بين ڦو جي عظيم فتح ۽ 1975ع واري سڄي ملڪ جي آزاديءَ جي جنگ ۾ زبردست سوڀ تائين جو سفر وغيره. ڏکن ۽ مايوسين کان سوڀن ۽ خوشين ڏانهن عالمي تاريخي سفر جي راهه ۾ جيڪي لکين حد نشان آهن، انهن مان ڪي ٿورا حد نشان اهي آهن.

[b]انسان ذات مجموعي طرح بدنصيب نه پر خوش نصيب آهي
[/b]نه رڳو انسان جي تاريخ بلڪه هن ڌرتيءَ جي ۽ هن پوريءَ ڪائنات جي تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انسان ذات مجموعي طرح بدنصيب نه پر خوشنصيب آهي. سندس آئيندو اونداهو نه پر روشن آهي. انسان کي پنهنجي مجموعي ۽ گڏيل مقدر بابت مايوس نه پر بيحد آسائتو ۽ يقين سان ڀرپور هجڻ گهرجي. هر ڳالهه جي باوجود، کيس پنهنجي انسان هجڻ تي فخر ڪرڻ جو حق آهي. مڪمل تباهيءَ جي خطرن جي باوجود، هيءُ دؤر انسان ذات جي زوال جو نه پر اؤسر جو دؤر آهي. سندس جوڀن ختم نه ٿيو آهي. اهو اڃا هاڻ اچڻ وارو آهي. هيستائين انسان جي ٻالڪپڻ جو دؤر هلي رهيو هو. ڀلا انسان جي وسهڻ ۽ تصور کان ٻاهر حيرت انگيز خوش نصيبيءَ تي ويچار ته ڪريو!
ڪائنات جا ڄاڻو سائنسدان، بي پناهه طاقت رکندڙ ريڊيائي رسدگاهن وسيلي ڪائنات ۾ اها تلاش ڪري رهيا آهن ته ڌرتيءَ جهڙو ڪو ٻيو اهڙو گرهه به آهي، جتي ساهوارا هجن. ڪجهه سال اڳ تائين روس جي گورڪي شهر واري ريڊيائي رسدگاهه جي سربراهه پروفيسر وسيو ولود ٽرائٽسڪيءَ چيو هو ته، “اسان ڌرتيءَ جي چوڌاري خلا ۾ 16 نوري سالن جي پنڌ تائين تپاس ڪئي آهي ته اتي ڪوبه ڌرتيءَ جهڙو اهڙو ٻيو خوش نصيب گرهه ڪونهي، جتي انسان ته ڇڏيو پر ڪوبه ساهوارو هجي. ڪائنات جي انهيءَ پٽ ۾ اسان جي سج جهڙا هزارين ٻيا سج آهن. انهن مان ڪيترن سجن کي پنهنجا پنهنجا گرهه آهن، پر انهن هزارين ڌرتيءَ جهڙن گرهن مان ڪنهن جي به ڪُک سائي ڪانهي.” اسان جو تارو جنهن جو نالو اسان سج رکيو آهي، سو ڪو اهڙو وڏو تارو به ڪونهي. اهو هڪڙو ٻئي ٽئي درجي جو نهايت معمولي تارو آهي ۽ اسان جي ڪهڪشان جي هڪڙيءَ ڪُنڊ ۾ پيل آهي، پر ڪائنات جي اسان واري اربين ضربيان اربين ضربيان اربين ميلن جي علائقي ۾ فقط اسان وارو تارو (سج) ئي هڪڙو اهڙو گرهه رکي ٿو، جنهن تي زندگي آهي! تنهن کان پوءِ سج جو گرهه رڳو ڌرتي ڪانهي، ٻيا به آهن. زحل آهي، مشتري آهي، مريخ آهي، وغيره. انهن مان ڪي تمام وڏا آهن ۽ ڪئين ڪئين چنڊ رکن ٿا. پر زندگي اسان جي ننڍڙي گهر يعني ڌرتيءَ تي ئي پيدا ٿي ۽ نه ڪنهن به ٻئي گرهه تي! اسين فقط هن ئي خاص ننڍڙي گرهه بدران ٻين هزارين سجن جي لکين گرهن مان ڪنهن به ٻئي گرهه تي هجون ها ته يا ته بي جان پٿر هجن ها يا ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ جا ٽڪرا!
اسان واري تاري يعني سج جي به ڌرتيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻئي گرهه تي هجون ها ته به اهي ئي پٿر يا ڪنهن ٻيا بي جان ٽڪرا هجون ها، اسان جو بخت ڏسبو جو ڪروڙين اربين گرهن مان هن اڻ لڀ ۽ بي مثال اڪيلي گرهه ڌرتيءَ تي پيدا ٿيا آهيون ۽ سو به پٿر، لوهه جا ٽڪرا بنجي نه، پر ساهوار بنجي ۽ ساهوارن ۾ به مانگر مڇ، ڏيڏر، لومڙ، ڪَڇون يا جيت جڻيا بنجي نه، انسان بنجي!
حساب لڳايو اٿن ته ڪائنات اٽڪل 30 ارب سال يعني ٽي هزار ڪروڙ سال اڳ ڦهلجڻ شروع ڪيو. ان 30 ارب سالن جي عرصي جي پنجن حصن ۾ اسان جو تارو، سج، دنيا ۾ هو ئي ڪونه. اهو ڦهلجندڙ ڪائنات جي ڪُل عمر جي پوئين ڇهين حصي ۾، اٽڪل 5 ارب سال اڳ پيدا ٿيو آهي. انهن پنج ارب سالن جي پهرين ٻن پتين ۾ يعني 2 ارب سالن تائين اسان جي ڌرتيءَ جو وجود ڪونه هو. اها اٽڪل 3 ارب سال يعني ٽي سئو ڪروڙ سال اڳ وجود ۾ آئي.
ڌرتيءَ جو سڀني کان بزرگ يا سينيئر ساهوارو انسان ناهي، ٻيا آهن. پٿر جي دؤر جو انسان 10 لک سال اڳ ڌرتيءَ تي موجود هو، پر هو ڄڻ نو وارد هو، ڇو ته کير ڏيندڙ جانور کانئس ڏيڍ ڪروڙ سال اڳ ۽ مڇيون کانئس 20 ڪروڙ سال اڳ ڌرتيءَ تي موجود هيون!
دنيا لازمي طرح ۽ اٽل نموني ترقي ڪري رهي آهي. “ڪين” مان “ڪجهه” بلڪه تمام گهڻو “ڪجهه” پيو ٿئي. اسان ڏسون ٿا ته اربين سال سج جو اٿاهه پاڙو زندگيءَ کان خالي ۽ ويران هو. پوءِ ڌرتي پيدا ٿي. اتي به سوين ڪروڙ سال زندگيءَ جو ڪوبه آثار ڪونه هو. پوءِ نيٺ زندگي پيدا ٿي، پر وڻن ٽڻن جي صورت ۾. جڏهن جانور پيدا ٿيا، تڏهن به ڪروڙين سال ڌرتيءَ جون مالڪ اهڙيون اجگر بلائون هيون، جن کي پنهنجن ٻچن جي سنڀال ۽ پرگهور جي به ساڃاهه ڪانه هئي. ماڻهو پيدا ٿيو ته اهو به پهرين وحشي آدمخور قسم جو هو. انهن ڀيانڪ ۽ وحشي جانورن جهڙن ماڻهن مان ترقي ڪري ماڻهو ماڻهو ٿيو ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اسپارٽئڪس، قلوپطره، گوتم ٻُڌ، موسيٰ، عيسيٰ عه، محمد صه، ارسطو، بو علي سينا، نيوٽن، گئليلو، لطيف، شيڪسپيئر، اينسٽائين، مارڪس، اينجلس، لينن، مائو، هوچي منهه، ميران ٻائي، قرت العين طاهره ۽ لتا منگيشڪر جهڙا ماڻهو پيدا ٿيا.
تنهن کان پوءِ هيءَ ته اڃا مس شروعات آهي. انسان کي نئين دؤر جو انسان ٿئي 25 هزار سال مس ٿيا آهن. ان عرصي ۾ 20 هزارن سالن تائين جي سندس ڪابه تاريخ ڪانه ٿي ڏسجي. سندس تاريخ پنج هزار سالن کان شروع ٿئي ٿي. اهو پنج هزار سالن جو عرصو پورهيت عوام گهڻي ڀاڱي غلامدارن، جاگيردارن ۽ سرمايه دارن جا غلام رهيا آهن. دنيا جو پهريون پورهيت سماجي انقلاب فقط 24، 25 سال اڳ آيو آهي ۽ اڃا دنيا جي فقط ٽئين حصي ۾ پورهيت گهڻائيءَ جو اقتدار قائم ٿيو آهي. ڌرتيءَ تي صحيح انساني دؤر تڏهن شروع ٿيندو، جڏهن سڄيءَ دنيا تي پورهيت عوام يعني انساني اڪثريت جو راڄ قائم ٿي ويندو. اڃا ته ڦورو ۽ ظالم ٽولن جي اڳيان اربين عوام جي بي وسيءَ ۽ مجبوريءَ جو دؤر ختم نه ٿيو آهي. جڏهن اهو دؤر ختم ٿيندو، تڏهن ئي انسان ذات پنهنجي جوانيءَ ۾ قدم رکندي ۽ صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي ترقيءَ جي سفر جو آغاز ڪري سگهندي.

[b]ڏکن جي ماٽيءَ مان سُکن جي مکڻ جو دُڪو!
[/b]جدوجهد ختم ٿيڻي ناهي. جڏهن ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ جدوجهد ڪامياب ٿي ويندي ۽ طبقا ختم ٿي ويندا، تڏهن به نئين ۽ پراڻي جي وچ ۾، صحيح ۽ وڌيڪ صحيح جي وچ ۾ جدوجهد جاري رهندي. ڏک ۽ سک ايندڙ دؤرن ۾ به هوندا، پر انهن جي نوعيت بدليل هوندي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن انهن جو توازن بدلبو ويندو. اڄ ڏکن جي سڄي ماٽي ولوڙڻ سان سُکن جي مکڻ جو دُڪو به مس نٿو نڪري ۽ اهو به ڦورو ۽ ظالم اڪثر چورايو ۽ ڦُريو کڻيو وڃن. ايندڙ دؤر ۾ ڏک جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ اعليٰ درجي جا هوندا. انهن مان سُکن جو مکڻ جهجهو نڪرندو ۽ انهن کي ڪير به اڄ وانگر شاهه شاهوڪاريءَ چورائي يا ڦُري ڪونه سگهندو.
هر قسم جي محرومين، ڏکن ۽ تباهيءَ جي خطرن جي باوجود هيءُ دؤر انسان ذات جي زوال جي مايوس ڳالهين جو نه پر سندس اؤسر ۽ عروج جي اُميدن ۽ اُمنگن ڀريل ڳالهين جو آهي.