لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

”سندي ذات هنجن“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو لکيل آهي.
ڪتاب بابت محمد ابراهيم جويو پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
Title Cover of book سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

باب ٻيو : خاص ادبي پُڙي!

دُنگي وچ درياهه، ڪي ٻُڏي ڪي اُپڙي،
هو جي واڍي واڻيا، سي سونهڻ سڀ سڙيا،
معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، اتي تاري تنهنجي!

(لطيف)

جادوئي، ڪرامتي، جاسوسي، نام نهاد تاريخي وغيره ادب کي هونئن ته سڀ پڙهن ٿا، پر اهو خاص ڪري گهٽ پڙهيل ماڻهن ۾ وڌيڪ مقبول هوندو آهي. ڳچ پڙهيل اديب ۽ دانشور قسم جا ماڻهو جيڪي خود پنهنجي سر عوام جي راءِ تي گهڻو اثر وجهي سگهن ٿا، تن جي ذهنن کي مائوف ڪرڻ لاءِ هڪڙي ٻي خاص زهريلي ادبي جنس تيار ڪري، ڳچ عرصي کان دنيا ۾ هلائي پئي وڃي. اها هڪ وچڙندڙ وبا وانگر ڏسندي ڏسندي دُنِيا جي ملڪن کي وڪوڙي وئي آهي. خاص ڪري ٽينءَ دُنِيا جي اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ ان موذي مرض هاڃا ڪري ڇڏيا آهن. ان ادب جو زهريلو پيغام اهو آهي ته، “ماڻهو نه ڪجهه ڪري سگهيو آهي ۽ نه ڪري سگهندو. زندگيءَ جو ڪوبه مطلب، ڪوبه مقصد، ڪابه معنيٰ ڪانهي، ان ۾ ڪابه آس اُميد رکڻ اجائي آهي. چوطرف صرف اوندهه هئي، اوندهه آهي ۽ اوندهه رهندي. سماجي قيامت اچي وئي آهي. اڳتي مايوسين ۽ پيڙائن جي دوزخ جي باهه کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. قسمت جي ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦٿڪڻ اجايو آهي. ڪو ڪنهن جو ڪونهي. هڪٻئي کي ڇڏيو! هڪٻئي کان پري ڀڄو! اڪيلي وجود جي ٻِر ۾ گهڙي وڃو! ڊڄو! ڀڄو! لِڪو! گم ٿيو! روئو، پِٽيو، اوڇنگارون ڏيو، ختم ٿيو! ختم ٿيو!”

[b]ڇو مئلن کي ٿو مارين!
[/b]اهو ادب اڻ ڄاڻائيءَ، جهالت ۽ گمراهيءَ جي هٿان اڳ ۾ ئي اڌ مُئل عوام کي اڃا به ٻيا نوان ڊپ ڏيئي، وهم وجهي، مت مان ڪڍي، آسن، اُميدن ۽ مقصدن کان خالي ڪري، مورڳو وائڙو ۽ بتال بنائي ٿو ڇڏي. اهو کين پنهنجو پاڻ مان، پنهنجي سموري زندگيءَ مان ۽ هن سموري جهان مان بيزار ۽ مايوس بنائي، يا ته جيئرو لاش بنائي ٿو ڇڏي يا وري هڪٻئي جا ٻوٽ پٽي کائڻ لاءِ تيار درندا بنائي ڇڏي ٿو.
اهو ادب ماڻهن ۾ بي مقصد مِيڪ مِيڪ ڪري، ڪنجهڻ، ڪُرڪڻ، روئڻ، پچڪڻ جو مرض وجهيو، منجهن بي اعتمادي، بي همتي ۽ بزدلي پکيڙي ٿو. اهو ماڻهن جو اندر کائي، سندن ذهني صحت ۽ روحاني مڙسي ختم ڪري، کين ذهني طرح پِنگِلو ۽ روحاني طرح خصي ڪريو ڇڏي.
اهو ثقافتي ڳوڙها آڻيندڙ گيس “Tear Gas” آهي، جيڪو ماڻهن جي اکين ۾ زبردستي ڳوڙها آڻي، کين روئاڙي، بيهوش ڪري، دشمن جو شڪار بڻائي ٿو.
سامراج جو هيءُ گولو غلام ادب جيڪو سندس هٿ جو باز ۽ عوام جي ثقافتي صفن ۾ سندن ففٿ ڪالم ايجنٽ آهي. تنهن ۾ گهڻو ڪري ڪوبه سُرتال ڪونهي، نه منجهس رس آهي ۽ نه وندر ۽ نه ڪنهن به قسم جو حقيقي فن. هن جا علمبردار علي الاعلان چون ٿا ته هيءُ ادب عوام لاءِ ڪونهي. ان ۾ ماڻهن جي سمجهڻ يا کين سمجهائڻ جهڙيءَ ڪنهن به ڳالهه جو هجڻ ضروري ڪونهي. هو چون ٿا ته اُن مان ماڻهن جي ڪا ڀلائي ٿئي يا بُرائي، تنهن سان اسان جو واسطو ڪونهي. ان ۾ ڪنهن به معنيٰ هجڻ جي به ضرورت به چون ٿا ته ڪانهي. هو ٻوليءَ، ان جي گرامر ۽ ان جي عام استعمال جي مڃيل طريقن کي رد ڪن ٿا. هو چون ٿا ته انسانن جي ٻولي اسان جي احساس، جذبن ۽ خيالن جو اظهار نٿي ڪري سگهي. تنهن ڪري هنن ٿورن اکرن ۽ گهڻين عجب ۽ سوال جي نشانين، ٻُرين، ڊئشن، ليڪن ۽ ڏاڪڻين واري هڪ اُبتي اڌ اکري به ايجاد ڪئي آهي.
جيئن ته هن ادب جي اظهار جو طريقو سَکڻي کڳي ۽ ڍِڍپِٽ آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن ٻيا ادب “ادب براءِ ادب” ۽ “ادب براءِ زندگي” وغيره سڏجن ٿا ته هن کي “يخي براءِ يخي” سڏي سگهجي ٿو. بشرطيڪه يخيءَ جو مطلب رڳو اجائي بي مقصد بَڪ بَڪ نه پر بيهودي ۽ بُڇڙي جهَڳي، ولل ۽ واويلا ورتو وڃي. هن وللي واويلائي ۽ جهَڳي باز ادب کي دُنِيا جي ادبي بازارين ۾ “نئين ادب” يا “جديد ادب” جي ليبل هيٺ هلايو وڃي ٿو.

[b]نوان بانڪا
[/b]لکنؤ ۾ جڏهن زوال آيو ۽ حاڪم طبقن مان سچ پچ زنده رهڻ ۽ وڙهڻ جي پهچ نڪري وئي، هو سماجي طرح سُڃا ۽ خصي ٿي پيا ۽ ڪنهن به حقيقي سورهيائيءَ واري ڪارنامي جي لائق نه رهيا، تڏهن منجهن بانڪن جو رواج پيو. انهن بانڪن جو مکيه مقصد هو بي مقصد “نواڻ” پيدا ڪرڻ.
ان “نواڻ” جي پٺيان انهن مان ڪي اڌ مٿي کي پاڪي هڻايو ۽ اڌ مٿي تي ڪلهن تائين ڊگها وار رکايو گهمندا هئا. ڪي مُڇ جو هڪڙو پاسو چَٽ ۽ ٻيو سڄو سارو رکيو پيا هلندا هئا. ڪي فقط ململيون پايو، تهه سيارن ۾، شهر گهمندا هئا ۽ اونهاري ۾ اُن جا گڊلا پايو، نٽهڻ اُس ۾ جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ نڪرندا هئا، ڪي ته ڪاوڙ ۾ اچي، ٻين کي سيڪ ڏيڻ لاءِ، پاڪيءَ جي هڪڙيءَ رهڙ سان، خود پنهنجا نڪ چپ وڍي ڏيکاريندا هئا. مطلب ته پنهنجي ذاتي ۽ سماجي ڏيوالي کي لڪائڻ لاءِ، ڪئين رنگ ڪندا هئا. اڄ ڪلهه جڏهن، تاريخي حساب سان، سامراج ۽ سرمايه داريءَ جا پويان ڏينهن آهن، تڏهن به مٿئين طبقي جا يورپي ۽ آمريڪي جوان ۽ جوانڙيون، گهر گهاٽ ۽ ڪم ڌنڌا ڇڏيو، ڪنڌن ۾ هار وجهيو، انگ ڀڀوت ڪريو، چرس جا سُوٽا هڻيو، ملنگ ٿيو، سڄيءَ دنيا ۾ هلندا وتن. هن ادب کي به بانڪو يا هِپي ادب سڏي سگهجي ٿو. فرق هيءُ آهي ته بانڪا ۽ هِپي بنيادي طرح رڳو خود سندن واسطي نقصانڪار آهن، پر هيءُ ادب عوام لاءِ قاتل زهر آهي.

[b]ڪُوڙن جا قسم
[/b]ڪُوڙن جا ڪيترائي قسم آهن. هڪڙن ڪُوڙن جا پَير هوندا ئي ڪونه آهن. انهن کي ننڍڙو ٻار به ٿڏي تي پڪڙي سگهندو. ٻيا ڪُوڙا اهڙا هوندا آهن، جن جون پاڙون ذري گهٽ ڄڻ ته پاتال ۾ هونديون آهن. اهي ڳوهه وانگر اڳواٽ ڪيتريون اونهيون ڏريون کوٽيو ويٺا هوندا آهن. کين ڊوڙائي ڊوڙائي جهلبو، ته ڪنهن هڪڙيءَ ڏر ۾ گهڙي ويندا. اها ڏر کوٽي، ڀانئبو ته پڪڙيا ته اوچتو لُوهه ڪري، ٻيءَ ڪنهن ڏر ۾ گهڙي ويندا! ٻيءَ مان ٽينءَ ۾، ٽينءَ مان چوٿينءَ ۾، چوٿينءَ مان وري پهرينءَ ۾...
هن “نئين” ادب جا علمبردار به هزارين ڪُوڙا آهن. ههڙن شرطي ڪُوڙن کي پڪڙڻ لاءِ به ڪافي ذهني ڊُڪ ڊوڙ ۽ علمي کوٽائي نه ڪبي ۽ کين سڀني ٻِرن مان ٿَڪائي ٻاهر نه ڪڍبو ته اهي وٺ ئي ڪونه ڏيندا. چي “اسين سچا! ڏٺو! ڪو پڪڙياسين؟”
اچو ته هنن جديد ڪُوڙن جي لِڪڻ جون سموريون ڏريون کوٽي ڏسون.
“نئين” ادب جي پرچارڪ هن “نئين” ادب جي انوکيءَ ۽ اچرج جهڙيءَ “نواڻ” جي حمايت ۾ طرحين طرحين جا دليل ۽ حُجتون پيش ڪن ٿا. هو چون ٿا ته هيٺين ۽ ٻين سببن جي ڪري “پراڻو” ادب موجوده دؤر جي ترجماني ڪرڻ جي لائق نه رهيو آهي ۽ فقط “نئون” ادب ئي اهو فرض انجام ڏيئي سگهي ٿو:

(1) هيءُ نئون ۽ نرالو دؤر آهي. دنيا بلڪل بدلجي ويئي آهي. زندگيءَ جون پراڻيون بنيادي کان بنيادي حقيقتون بدلجي ويون آهن. پراڻا مُقدس کان مُقدس لاڳاپا ۽ اعليٰ کان اعليٰ قدر ڀڄي ڀُري، پُرزا پُرزا ٿي چڪا آهن. رشتا ناتا ٽُٽي چڪا آهن. اڄ جي نئين نسل ۽ پراڻي نسل جي وچ ۾ پيڙهي وڇوٽيءَ جي اٿاهه کاهي آهي. هن دؤر جي پراڻي پوڙهي پيڙهيءَ ۽ نوجوان پيڙهيءَ جي وچ ۾ بنا اعلان جي اهڙي جنگ هلي رهي آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ٺاهه ۽ سمجهوتي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
(2) ڳوٺاڻو سماج ٽُٽي رهيو آهي. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ڌڙاڌڙ شهرن ۾ اچي رهيا آهن. اڄوڪو انسان خاص ڪري ٻهراڙين کان شهر ۾ آيل انسان، اڪيلائپ، اڻ سلامتيءَ، بي حسيءَ، وائڙپ، بي مقصدائيءَ، مونجهاري ۽ پِيڙا جو شڪار آهي. سندس شخصيت ڀڄي ڀُري، ڀور ڀور ٿي پئي آهي. سندس اندر کاڌل آهي. سندس ظاهر ۽ باطن ۾ تضاد آهي. هو پاڻ تي هڪڙو هٿرادو خول چاڙهي هلڻ تي مجبور آهي. سندس ٻين ماڻهن سان واسطو بي واسطيداريءَ وارو آهي. هو جيڪي ڏسي ٿو سو ناهي، ان جي اُبتڙ آهي.
(3) انساني ٻولي انسان جي اندر جو فقط محدود حدن اندر اظهار ڪري سگهي ٿي. ان جي اظهار جي صلاحيت اڃا شروعاتي ڏاڪي کان مٿي نه چڙهي آهي ۽ فقط اٽڪل روءِ پنهنجو ڪم ڪري سگهي ٿي. اها ڪنهن به دؤر ۾ انسان جي اندر جي احساسن، جذبن ۽ سوچن جي مڪمل ترجماني نه ڪري سگهي آهي، ڇو ته اها ڪري ئي نٿي سگهي. ان ڪري نئون ادب نئين انسان جي اندر جي دُنِيا جي اظهار لاءِ پاڻ کي روايتي اڻ پوري ٻوليءَ تائين محدود رکي نٿو سگهي.
(4) زندگيءَ توڙي ادب ۽ فن جا پراڻا قدر، پراڻا ادب ۽ فني ٽيڪنڪ، پراڻي زماني جي زندگيءَ، فن ۽ ادب لاءِ مناسب ۽ موزون هئا ته هئا، پر اڄ جي نئين دؤر جي نئين انسانن جي نئين شخصيت ۽ ان جي نَون مونجهارن ۽ پيڙائن جي ترجماني ڪري نٿا سگهن.
(5) فن ۽ ادب جي لاءِ ڪنهن به قسم جي اجتماعي، سماجي يا عوامي مقصد هجڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. ان جو حقيقي ۽ صحيح مقصد فقط فنڪار ۽ اديب جي اندر جي مونجهارن ۽ پيڙائن جو اظهار آهي. زندگيءَ جون جيڪڏهن ڪي اجتماعي حقيقتون، مسئلا، مونجهارا ۽ حل هوندا ته اهي پاڻيهي ڪنهن نه ڪنهن اديب يا فنڪار فرد جي احساسن ۽ سوچن جو روپ وٺي پاڻمرادو پيش ٿي ويندا، ڇو ته اديب ۽ فنڪار به ته ڪي آسمان مان ڪونه ٿا ڪِرن. اهي به هن سماج جو حصو آهن. انهن جي سوچ لازمي طرح پاڻمرادو ماڻهن ۽ سندن سماج جي احساسن، جذبن ۽ سوچن، مسئلن ۽ مونجهارن جو عڪس پيش ڪندي. ان کان الڳ ڪنهن به اجتماعي ۽ سماجي سوچ جو تصور ادب ۾ داخل ڪرڻ، ادب جي بي ادبي ۽ نعري بازي ٿيندي.
(6) ادب ۽ فن هر ڪنهن جي سمجهه ۾ اچڻ جهڙيون ڳالهيون ناهن. انهن کي آباديءَ جو فقط اهڙو تهه يا طبقو چڱيءَ طرح سمجهي ۽ پروڙي سگهي ٿو، جنهن جو ان ڏانهن خاص لاڙو هجي ۽ جنهن ان باري ۾ خاص مطالعو ۽ تجربو حاصل ڪيو هجي.
(7) ان ڪري فن ۽ ادب عام ماڻهن لاءِ نه آهن، نه هئڻ گهرجن ۽ نه وري ٿي سگهن ٿا. اديبن ۽ فنڪارن جو اهو فرض ڪونهي ته ڪو هروڀرو پنهنجو ادب ۽ فن پڙهندڙن جي دماغ ۽ ذهن تائين رسائين، سندن سمجهه ۾ آڻين. سندن ڪم آهي ته جيڪي سندن اندر ۾ آهي، تنهن جو ادبي ۽ فني نموني اظهار ڪري ڇڏين، پريان ڪو سمجهي يا نه سمجهي، تنهن سان هو ٻڌل ڪونهن.
(8) سچو پچو ادب ۽ فن پنهنجا تنقيد نگار پاڻ آهن، ڪوبه ٻيو ماڻهو، چاهي اهو ڪيڏو به وڏو نقاد ڇو نه هجي، سو سندن اهڙي پرک نٿو ڪري سگهي، جيڪا سندن سمورين ڳالهين بابت هميشه لاءِ صحيح ۽ قائم رهي. درحقيقت ڪنهن به دؤر جي ماڻهن جي اقليت يا اڪثريت پنهنجي دؤر جي ڪنهن به ادبي يا فني تخليق بابت اهو قطعي فيصلو ڪري نٿيون سگهن ته هن دؤر جي فلاڻيءَ تخليق جو رتبو فلاڻو آهي. اهو فيصلو ڪرڻ گهڻن نسلن، دؤرن ۽ صدين جو ڪم آهي ته فلاڻيءَ تخليق جو تاريخي مُلهه ڇا آهي. ان ڪري نئين ادب ۽ فن کي ماڻهن جي ٿورائيءَ يا گهڻائيءَ جي پسند يا ناپسند جو محتاج رکي نٿو سگهجي. انهن کي ڪنهن جي تعريف ۽ گِلا کان بي نياز ٿي، پنهنجو رستو وٺي، اڳتي وڌندو رهڻ گهرجي.
(9) نئون ادب خالص ۽ نِجو ادب آهي. اهو زمان ۽ مڪان کان بي نياز هڪڙي آفاقي، ازلي ۽ ابدي شيءِ آهي. شيڪسپيئر، ورجل، هومر، ڪاليداس، ميران ٻائي ۽ لطيف جي عظمت کي ڪنهن خاص زماني يا جاگرافيائي ٽُڪري اندر قيد ڪري نٿو سگهجي. ڪنهن خاص طبقي، قوم يا مذهب تائين محدود ڪري نٿو سگهجي. گُلاب جو گُل هر زماني ۽ هر علائقي ۾ گُلن جو بادشاهه آهي ۽ سندس خوشبوءِ بي مثال رهندي. روشنيءَ ۽ خوشبوءِ وانگر ادب ۽ فن جو به ڪوبه دين، ڌرم، ڪوبه طبقو يا مذهب، ڪوبه رنگ يا نسل ڪونهي. نئون ادب هر گروهي نظريي ۽ طبقاتي مفاد کان پاڪ ۽ بالاتر آهي.
(10) هيستائين جنس کي ادب ۾ جاگيرداري منافقيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي. ان جي مسئلن جو صحيح، ڀرپور ۽ جرئت ڀريو اظهار فقط “نئون” ادب ڪري سگهي ٿو، وغيره وغيره.
ڪاغذ جا گل ڏسڻ ۾ سُهڻا پر خوشبوءِ کان خالي هوندا آهن. ڪيتريون ڳالهيون به ڪاغذ جي گُلن وانگر هونديون آهن. مٿيون ڳالهيون به ايئن آهن. ڏسڻ ۾ دلفريب پر حقيقت جي خوشبوءِ کان خالي. منجهن حقيقت واجبي ساجبي ۽ وڌاءُ، هڪ طرفائي ۽ کوکلي لفاظي گهڻي آهي. مڃيل حقيقتن ۾ زباني مرچ مصالحا ۽ لفاظيءَ جو گيهه وجهي، منجهائن وات جو پلاءُ تيار ڪيو ويو آهي.
اچو ته انهن دليلن ۽ دعوائن کي ورائي ڦيرائي ڏسون ته منجهن حقيقت ڪيتري قدر آهي ۽ مرچ مصالحو ڪيترو.

[b]“نواڻ” جي طوطي ۾ ساهه
[/b]سندن هن کان اڳ بيان ڪيل دعوائن ۽ دليلن جي پهرئين کان وٺي آخري نُقطي جو تَتُ هڪڙي ئي اکر ۾ اچي وڃي ٿو. يعني لفظ “نئين” ۾. مثلاً “نئون دؤر”، “نئون انسان”، “نئين دؤر جا نوان مسئلا”، “نئين دؤر جو نئون ادب” وغيره.
جيئن قديم قصن ۾ جادوگرن جو ساهه اڪثر ڪري ڪنهن طوطي ۾ هوندو آهي، تيئن هنن غلط ۽ گمراهه ڪندڙ دعوائن ۽ دليلن جو ساهه لفظ “نئين” جي هٿرادي ۽ جُڙتو معنيٰ جي طوطي ۾ سمايل آهي. ان طوطي جي چڱيءَ طرح خبر وٺبي ته هنن جي سموري جادونگريءَ جو مانڊاڻ ڊهي اچي پٽ پوندو.
لفظ “نئين” جي اوٽ ۾ هنن موجوده دؤر کي هڪڙو ازغيبي برڙباڪاس بڻائي وڌو آهي. هنن اهو ڄڻ ڪنهن راڪاس ٺاهيندڙ فيڪٽريءَ مان خاص آرڊر ڏيئي، پنهنجي پسند جي ماپ ۽ ڊزائن تي، خاص پنهنجي ذاتي استعمال لاءِ ٺهرائي، هينئر ئي آندو آهي. ان برڙ باڪاس سان نه ڪو فطرت جو قاعدو قانون لاڳو آهي، نه انسان جو. ان جي نه ڪا اڳ آهي نه پُٺ. اهو نه ڪٿان آيو آهي ۽ نه ڪيڏانهن ويندو. بس پنهنجي سر پاڻ آهي. ذري گهٽ “نه ڪنهن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وياء” وارو لقاءُ آهي! ڄڻ ان جي اچڻ سان سموريون تاريخون ۽ جاگرافيون، سمورا فطري، سماجي، جدلي ۽ منطقي قانون قاعدا، سمورا علم ۽ سائنسون منسوخ ٿي ويا. جيڪي اڳ هو سو سمورو رد. ماضيءَ کي ليڪ، روايت کي ليڪ، ورثي کي ليڪ، فارغ ۽ سماج جي ڳانڍاپي ۽ تسلسل کي ليڪ. زندگيءَ جي صفحي تان ٻيهر هرڪو اکر “نئين” جي رٻڙ سان ميسارجي ويو. هاڻ فقط سفيد اڇو پنو رهيو. اهو آهي نئون دؤر. ان سفيد اڇي پني تي اسان جا جديدي لکڻ وارا جيڪي لکندا سو ئي هلندو. ٻي هر شيءِ رد ۽ باطل. ماڻهن کي اهو لکيو پنهنجي نصيب جو لِکيو سمجهي قبول ڪرڻو آهي. “لِکڻ واري جيڪي لِکيو! لِکيو! هئه ڙي لِکيو!”

[b]نئون!
[/b]“نئين” جو تصور نهايت من موهيندڙ آهي! اهو هر وقت سورنهن سينگار ڪريو، اسان جي تخيل جي سيج تي ويٺو آهي. اسان جي ذهن جو تصوير-گهر، سوين هزارين نين شين ۽ ڳالهين جي خوبصورت تصويرن سان سينگاريل آهي. نئين جي تصور ۾، بهار جي تازين کِڙيل، ماڪ ڀِنل، مُکڙين جون سرهاڻيون، سانوڻ جي پهرين وسڪارن جا سُر ۽ ساز، کِنوڻين جا تجلا، پهرين پيار ڀريل نگاهن جا جادو، پهرئين پيار جا خُمار، پهرئين انجام جون بي قراريون ۽ پهرئين وِصل جون سرمستيون ۽ سرشاريون، نين ڪنوارين جون لڄاريون، مُرڪون ۽ مائرن جي هنجن ۾ معصوم ٻارن جا ٽهڪڙا سمايل آهن.
ٻين بي انداز خوبصورت ۽ من موهيندڙ شين ۽ ڳالهين وانگر، هن خوبصورت ۽ من موهيندڙ تصور کي به عوام دشمن پنهنجي مُردار ۽ پليت مطلبن لاءِ ناجائز طرح ڪتب آڻيندا رهيا آهن. جديدي به ايئن ڪن ٿا.
ان ڪري اچو ته ٿورو پنهنجي دماغ کي تڪليف ڏيئي ويچار ڪريون ته “نئين” جي تصور ۾ درحقيقت ڪيتري قدر حقيقي نواڻ آهي ۽ ڪيتري قدر ڪانهي. خود نواڻ ڪهڙين حالتن ۾ ماڻهن جي فائدي لاءِ آهي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ نه. آخر ۾ اهو به پتو ڪڍندا هلون ته هي جديدي همراهه جو “نئين” جي لفظ لاءِ هيئن “قربان!” “قربان!” پيا ٿين ۽ “نئون! نئون!” ڪريو اصل مريو ٿا پون، تنهن جو اصل راز ڪهڙو آهي.
سڀ کان پهرين سوال اهو آهي ته ڇا هر نئين شيءِ يا ڳالهه لازمي طرح سُٺي آهي ۽ ان معنيٰ ۾ “نئين” سڏائڻ جي لائق آهي، جنهن معنيٰ ۾ ماڻهو “نئين” تي فدا آهن؟ “نئين” جي اکري معنيٰ آهي، اها ڳالهه يا شيءِ جيڪا اڳ ڪانه هئي ۽ اِجها هاڻ پيدا ٿي يا آئي آهي. ڪيتريون ئي نيون شيون ۽ ڳالهيون تمام خراب ۽ بُڇڙيون به ٿي سگهن ٿيون. مثال طور: نئين برطرفي، نئين بيماري، نئون دوکو، نئون ڪيس، نئون ايڪسيڊنٽ، اهي سڀ لفظي معنيٰ ۾ نوان ئي آهن، پر جنهن معنيٰ ۾ نئين شيءِ سُٺي سمجهبي آهي، ان معنيٰ ۾ نوان يعني خوبصورت ۽ پيارا ناهن، بلڪه ان جي اُبتڙ آهن.
تنهن کانپوءِ سوال آهي ته ڇا دُنِيا ۾ واقعي ڪي اهڙيون قطعي نيون شيون ٿينديون آهن ڇا، يا ٿي سگهن ٿيون، جي اڳي ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به حد تائين موجود نه هجن ۽ بلڪل قطعي طرح هر ڳالهه ۾ نيون نِڪوريون ۽ بنهه هينئر ئي پيدا ٿيل هجن؟ جواب آهي ته ايئن نه ٿي سگهي ٿو ۽ نه ڪڏهن ٿيو آهي. انگريز انهيءَ ڪري چوندا آهن ته، “There is nothing new under the sun”، “هن آسمان هيٺان ڪابه شيءِ نئين ناهي.” سائنس اسان کي ٻُڌائي ٿي ته سڀ شيون مادي مان ٺهيل آهن ۽ مادو ڪڏهن به قطعي طرح ختم نٿو ٿئي. فقط پنهنجي صورت بدلائي ٿو. گرميءَ ۾ سمنڊ جو پاڻي ڦري بخار جي صورت ۾ اچي ٿو. بخار مان ڪَڪَرن جي صورت وٺي ٿو. ڪَڪَرن مان پاڻيءَ جي صورت وٺي زمين تي ڪِري ٿو. زمين تي اهو گاهن ۽ ٻُوٽن ۾ جذب ٿي، ٻوٽن جي نون خلين جي حصن جو روپ وٺي ٿو. اتان اهو جانورن جي پيٽ ۾ داخل ٿي ان جو جزو بڻجي ٿو. ماڻهوءَ جي بدن مان اهو پگهر وغيره بڻجي گرميءَ ۾ بخار جو روپ وٺي، فضا ۾ ٻئي بخار ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ نيٺ ڪَڪَر بڻجي مِينهن جو پاڻي بڻجي وسي ٿو ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ سان گڏجي سمنڊ ٿئي ٿو، وري ساڳيو چڪر شروع ٿي وڃي ٿو.
اها ڳالهه رڳو اڄوڪن نه، پر اڳوڻن سائنسدانن کي به معلوم هئي. اڍائي هزار ورهيه اڳ يوناني سائنسدان ائين ايگزاگورس (500 ق.م – 422 ق.م) چيو ته، “ڪائنات ۾ مڪمل ۽ قطعي طرح نيون شيون ٿينديون ئي ناهن.”
دراصل ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ يا ڳالهه قطعي ڪانهي. هر شيءِ، هر ڳالهه نسبتي يا مشروط آهي، يعني فقط ڪن حالتن ۾ ۽ ڪنهن حد تائين آهي. جيڪو ٻار بنهه ٻه منٽ اڳ ڄائوآهي، ڇا اهو به بلڪل نئون ماڻهو آهي؟ سندس اکيون ۽ نڪ چڱيءَ طرح جاچي ڏسو! ڇا اهي گهر جي ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جي اکين ۽ نڪ جهڙيون ناهن؟ ويندي منجهس ڄائي ڄمندي بيماريون به اهي ئي پراڻيون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي سندس مائٽن ۽ وڏن ۾ پُشتا پُشت هلنديون اچن. اهو ٻار بيشڪ نئون آهي پر قطعي نئون ڪونهي، اهو فقط نسبتي طور ۽ هڪ حد تائين نئون آهي.
ڪلهه ڄاول چيني ۽ جپاني ٻار جو نَڪُ اهڙو ئي منو ۽ اکيون اهڙيون ئي پيٺل هونديون جهڙيون ايامن کان وٺي ان نسل جي ماڻهن جون هلنديون اچن!

[b]خصوصيت ۽ عموميت
[/b]هر شيءِ ۽ هر ڳالهه جو هڪ خاص پاسو ۽ هڪ عام پاسو هوندو آهي. هر ڳالهه ۾ ساڳئي وقت ڪافي ذاتي خصوصيتون به آهن ته ٻين سان گڏيل ڪي هڪجهڙايون يعني عموميتون به آهن.
ان ڪري اها ساڳئي وقت خاص به آهي ته عام به آهي. هن خاص ماءُ پوڻيٺڙيءَ جو ٻار اِجهو اڄ ڄائو. هن خاص ڇوڪريءَ پنهنجي محبوب کي سلام پهريون ڀيرو اڄ موڪليا آهن. انهن لاءِ اهي خاص ڳالهيون آهن، پر مائون، پوڻيٺڙيءَ جا ٻار لکين سالن کان ڄڻينديون اچن ۽ جوان پنهنجي محبوبائن کي پهريان سلام جُڳن کان ڏيندا اچن، ان ڪري دنيا لاءِ اهي عام ڳالهيون آهن.
اِجهو هينئر تازي پاڻيءَ سان ڀرجي آيل جيڪو گهڙو اسان جي اڳيان رکيو آهي، ان جو پاڻي تازو به آهي ته ڪروڙين سال پراڻو به آهي، ڇو ته ڪروڙين سالن کان ڌرتيءَ تي هڪڙو به پاڻيءَ جو اهڙو ڦُڙو ڪونه وٺو آهي، جيڪو قطعي نئون هجي!
اڄوڪو دؤر نئون برابر آهي پر قطعي ۽ مڪمل طرح نئون ڪونهي. اهو فقط نسبتي طرح نئون آهي. ڪن ڳالهين ۾ ۽ ڪنهن حد تائين نئون آهي.

[b]نوان دؤر
[/b]نوان دؤر جُڳن کان ايندا رهيا آهن. رڳو سياسي تاريخ جي خيال کان ئي وٺجي ته ويهه سال اڳ هتي 1954ع ۾ پهريون دفعو ون يونٽ جو “نئون دؤر” آيو هو. هوبهو ان جهڙو دؤر اڳ ڪونه هو. ان کان اڳ 1843ع ۾ انگريزن جو “نئون دؤر” آيو هو. تنهن کان اڳ ڪلهوڙن جو “نئون دؤر”، مغلن جو “نئون دؤر”، ترخانن، ارغونن، سومرن، سمن، عربن، برهمڻن ۽ راءِ گهراڻي جا “نوان دؤر” آيا هئا. ان کان اڳ سڪندراعظم جي نئين ڪاهه هڪ “نئون دؤر” آندو هو. ان کان اڳ بي انداز نوان دؤر آيا هئا. اهي سڀ نوان دؤر هئا. سڀ هڪٻئي کان تمام گهڻو مختلف ۽ نرالا هئا، پر ڇا اهي قطعي ۽ مڪمل طرح نرالا ۽ هڪٻئي کان قطعي ۽ مڪمل طرح مختلف هئا؟ منجهن ڪابه شيءِ مشترڪ ڪانه هئي؟ مثال طور، ڇا انهن سمورن دؤرن ۾ ماڻهن جي وڏي اڪثريت ساڳئي نموني پورهيا ڪندي ۽ بُکون ڪانه ڪاٽيندي هئي ۽ ماڻهن جا ننڍڙا ٽولا موجون ڪونه ماڻيندا ۽ حڪم ڪونه هلائيندا هئا؟ ڇا ماڻهو ساڳئي نموني گذر لاءِ ڪشالا ڪونه ڪڍندا هئا؟ پيار ۽ دوستيءَ لاءِ ڪونه واجهائيندا هئا؟ پاڻ ۾ رُسندا ۽ پرچندا ڪونه هئا؟ وِصل ۽ وڇوڙي جا گيت ڪونه ڳائيندا هئا؟ لڙايون، جنگيون ڪونه ڪندا هئا؟ ڇا انهن سڀني دؤرن ۾ پوليس جا پهرا، جيل، جلاد، بيماريون ڪونه هيون؟ هڪ طرف تعصب، نفرت، ظلم ، ٻئي طرف محبتون، قُرب، ڪچهريون ۽ شغل ڪونه هوندا هئا.
انسانن جا مسئلا ساڳئي وقت وقتي ۽ نوان به آهن ته دائمي ۽ پراڻا به آهن.