لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

”سندي ذات هنجن“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو لکيل آهي.
ڪتاب بابت محمد ابراهيم جويو پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
Title Cover of book سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

باب پنجون : من حرام تي حُجتان ڍير! (سرائيڪي چوڻي)

آڻيو آب اکين ۾ ڏيهه کي ڏيکارين... (لطيف)

[b]زال ذات سان ڏيکاءُ واري همدردي
[/b]رجعت پرست نظامن ۾ غلامداري، جاگيرداري توڙي سرمايه داري نظامن انسانيت خلاف جيڪي زبردست تاريخي جرم ڪيا آهن، تن ۾ هڪڙو وڏي ۾ وڏو جرم آهي عورت کي غلام رکڻ ۽ جنسي معاملن بابت ظالماڻو، منافقيءَ ۽ مڪر وارو پليت رويو ڦهلائڻ. انهن ڳالهين خلاف جدوجهد عوام جي ادب ۽ ثقافت جو اهم ۽ مقدس فرض آهي. اهو مسئلو ٻن مان هڪڙيءَ جنس جي يعني اڌ انسانيت جي غلاميءَ ۽ هڪ ظالماڻي ۽ منافقيءَ واري رجعت پرست روش جو مسئلو به آهي ته ان سان گڏ ۽ ان کان وڌيڪ ڦورو ۽ ظالم نظامن جي ٻين گهڻن بنيادي مسئلن منجهان هڪ بنيادي مسئلو آهي. ان جي حل لاءِ الڳ جدوجهد به ٿيڻي آهي ته هن سميت سڀني مسئلن جي گڏيل بنيادي ۽ دائمي حل لاءِ گڏيل جدوجهد به ڪرڻي آهي، الڳ جدوجهد محدود هوندي. ان جا نتيجا به محدود هوندا. اها به ڪرڻي آهي ۽ ٻي به ڪرڻي آهي. مسئلي جو بنيادي حل ڪرڻو آهي.

[b]عورت جي ذلت، انسان ذات جي ذلت
[/b]عورت جي غلامي رڳو عورت جي غلامي، بدنصيبي ۽ ذلت ناهي، هڪ حد کان پوءِ اها عورت توڙي مرد ٻنهي جي غلامي، بدنصيبي ۽ ذلت آهي. اها هن غلام ماءُ جي پٽ، هر غلام ڀيڻ جي ڀاءُ، هر غلام محبوبه جي عاشق، هر غلام زال جي مڙس ۽ هر غلام ڌيءَ جي پيءُ جي غلامي، بدنصيبي ۽ ذلت آهي. ان غلاميءَ خلاف مقدس جدوجهد ۾ رڳو عورت جي نه پر مرد توڙي عورت، سموري عوام، سموري انسان ذات جي نجات آهي.
سرمايه داري، خاص ڪري هن دؤر جي رجعت پرست بڻجي ويل زوال پذير سرمايه داري، انسان ذات جي ان ازلي غلاميءَ، بدنصيبيءَ ۽ ذلت کي کرڙي، ڌوئي، ڌرتيءَ کي ان کان پاڪ ڪرڻ جي جدوجهد ڪرڻ بدران ان جدوجهد کي روڪي ۽ ٽارپيڊو ڪري ٿي، ڇو ته اها ڌرتي ڌوڏيندڙ جدوجهد جيڪا اڌ انسانيت جي جدوجهد ٿيندي، جيڪا دنيا جي هر پُٽ جي ماءُ، هر پيءُ جي ڌيءَ، هر ڀاءُ جي ڀيڻ، هر عاشق جي محبوبه ۽ هر مڙس جي زال جي جدوجهد ٿيندي، سا جيڪڏهن واقعي صحيح نموني هلي ته اها هن زمين کي، ان جي تاريخ کي، ان جي ڦورو، ظالم، جنگجو، ڌاڙيل، رهزن ۽ قاتل سماجن ۽ نظامن کي زير زبر ڪري ڇڏيندي. دنيا جون مائون، ڌيئون، ڀيڻون، محبوبائون ۽ زالون سجاڳ ٿي اُٿي کڙيون ٿين ۽ پاڻ ۾ توڙي ٻين انسان دوستن سان ٻڌي ڪري، منظم ٿي، هڪ عالمي طاقت بڻجي وڃن، ته ڇا هو موت جي سوداگرن کي عام تباهيءَ جا هٿيار تيار ڪرڻ ڏينديون؟ جنگيون ڪرڻ ڏينديون؟ پنهنجا پٽ، پيءُ، ڀائر، محبوب ۽ مڙس سرمايه دارن جي ٽجوڙين ڀرڻ لاءِ ڪُهائڻ ڏينديون؟ موت ۽ تباهيءَ کي ڌرتيءَ جي تقدير بڻجڻ ڏينديون؟ هرگز نه!
ان ڪري عوام دشمن سازش اها آهي ته عورت، جا ڌرتيءَ وانگر هر نيڪيءَ، قوت ۽ خير جو سرچشمو آهي، جيڪا زندگيءَ جي خالق ۽ ان جي محافظ آهي، جيڪا هن ڌرتيءَ جي تقدير لاءِ مرد کان وڌيڪ ذميوار آهي، ان کي فقط جنس جو مجسمو بڻائبو، ان جي فقط جنسي محرومي، مظلوميت جي ڳالهه ڪبي، سا به ڪوشش ڪري، گندي، بيهودي، بڇان ڏياريندڙ نموني، سندس زندگيءَ ۽ سندس مقدر جي مسئلن کي فقط جنس تائين محدود رکبو، جنسي مسئلو زبردست ۽ بنيادي جمهوري مسئلو آهي. ان جي صحيح نموني ڳالهه به لازمي ٿيڻ کپي ۽ زبردست نموني ٿيڻ کپي، پر اهو عورت جو اڪيلو مسئلو ۽ فقط عورت جو مسئلو ته ڪونهي. اهو ٻين کان الڳ ته ڪونهي. ان کي اڪيلي سر ٻين کان ڌار حل ته نٿو ڪري سگهجي. جيستائين قبائلي، سرداري ۽ جاگيرداري نظام قائم آهي. سرمايه داري ۽ سامراجي نظام قائم آهي، جيستائين انهن جي سماجي، اقتصادي، ثقافتي، نظرياتي ۽ سياسي نوٽڻ قائم آهي ۽ جيستائين سمورا عوام سندن مها ڄار ۾ قيد ۽ بيوس آهن، تيستائين ٻئي عوام وانگر عورت به هڪڙي غلاميءَ جي ڄار يعني جاگيرداري رسمن رواجن جي ڄار مان نڪرندي ته سرمايه داري ۽ سو به زوال پرست سرمايه داريءَ جي ڄار ۾ ڦاسندي. هوءَ مجموعي طرح هر حال ۾ غلام رهندي.
جڏهن عورتن ۽ مردن جي ڪوشش ۽ ويڙهه سان اهڙو نظام قائم ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڀ عورتون اقتصادي طرح پنهنجن پيرن تي بيٺل هونديون، ڪنهن جون محتاج نه هونديون، ڪنهن جي کيسن ڦلورڻ، ڪنهن جي خوشامد ڪرڻ لاءِ مجبور نه هونديون، اٽي، لٽي، گهر ۽ آبروءَ لاءِ ڪنهن جون محتاج نه هونديون، جڏهن هو مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڌرتيءَ جون وارث ۽ مالڪ بڻبيون، تڏهن ئي غلامي ختم ٿيندي، نه رڳو عورت جي پر سموري عوام جي، سموري انسانيت جي.
جيڪو ادب عورت کي رڳو هڪ جنس طور پيش ڪري ٿو ۽ سندس مسئلو فقط جنسي مسئلي تائين محدود رکي ٿو، سو دوست جي ويس ۾ عورت جو دشمن ادب آهي. اهو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو ڇاڙتو ادب آهي.

[b]ڳوٺن مان شهرن ۾ اچڻ وارن جي پيڙا
[/b]هزارين سالن کان ڳوٺن مان ماڻهو شهرن ۾ ايندا رهندا آهن. هاڻ به اچن پيا، سڀاڻي به ايندا ۽ پرينهن به. هر دؤر ۾ شروعات ۾ هو پاڻ کي نئين شهر ۾ اوپرو اوپرو، وائڙو وائڙو محسوس ڪن ٿا، پر پوءِ ٺهيو وڃن، نيٺ پراڻا شهري ٿيو وڃن. اُنهن جا مسئلا اهم آهن ۽ اهي حل ٿيڻ گهرجن. پر اهي اهڙا ڪي بنهه اچرج ۾ وجهندڙ مسئلا ناهن، جي نه ڪنهن سُڻا نه ٻُڌا ۽ جنهن لاءِ ڪو نئون برڙ باڪاس قسم جو ادب لازم ٿيو پوي. عالمي ادب صدين کان ڏڪارن، قتلامن، ٻوڏين، جنگين جي پيڙا جو اظهار پئي ڪيو آهي. اها ڪهڙي اهڙي انهن کي وڏي ازغيبي پيڙا آهي، جنهن جو اظهار نه ڪري سگهندو ۽ ان لاءِ ڪنهن جو به روزگار جي خاص الخاص پيڙائي ادب جي ضرورت پئجي وڃي.

[b]پراڻا قدر ۽ ناتا ٽُٽن ٿا ته ٽُٽڻ ڏيو!
[/b]چوندا آهن “ڪُتِي، سهڪي ڌڃاڻي! ڇو؟ چي، مون کي نيپاج جو ساءُ!” هيءُ قصو اڃا به اور آهي. هتي ته مورڳو، “ڌڃاڻي، سهڪي ڪُتي!” وارو ڪم آهي!
ڀلا جيڪي اڳوڻا سماجي قديم ناتا ٽُٽن پيا سي ڪهڙا آهن؟
اڳوڻا سماجي قدر ۽ ناتا ڪهڙا هئا؟ اهي سماجي طرح جاگيرداري، سرمايه داري، سامراجي قدر ۽ ناتا هئا. ڳچ وقت تائين اهي بنيادي طرح ساڳيا رهڻا آهن. فرض ڪريو ته اهي بدلجن پيا، ٽُٽن پيا، ڀُرن پيا، پر انهن تي ٽين دنيا جي عوام کي رنج ٿيڻ جو ۽ ماتم ڪرڻ جو ڪهڙو لاچار آهي؟ اهي عوام ڪهڙا يورپي ملڪيت وارا طبقا آهن، جن وٽ سرمايه داري نظام پهرين عروج تي هو ۽ جن ان جي وسيلي پنهنجي عوام ۽ سڄيءَ دنيا جي عوام کي ڦُري ماري ۽ لُٽي موجون ماڻيون؟ اهي ڪهڙا جاگيردار، نواب، بادشاهه ۽ سُلطان آهن، جن پراڻن جاگيرداري قدرن ۽ ناتن جي ذريعي خرمستيون ڪري عيش ٿي ڪيا؟ انهن کي سرمايه داري، جاگيرداري نظامن ڪهڙو پينگهن ۾ لوڏيو هو جو هو ويهي اِنهن جي زوال ۽ سندن قدرن ۽ ناتن جي ٽُٽڻ تي پار ڪڍن؟ هنن جون ته انهن آدمخور نظامن ۽ سندن قدرن ۽ ناتن، پيڙهيون ڳاڙي ۽ سندن کلون لاهي ڇڏيون!

[b]ڪا اِٽي، ڪو ڏونڪو؟
[/b]خاص ڪري هندستان پاڪستان جي جديدين کان ته ڪو ماڻهو هجي جو پڇي ته، “ميان اوهان جو انهن مردار نظامن ۾ ڪا اِٽي، ڪو ڏونڪو! اوهان جاگيردار، سرمايه دار، سامراجي نظامن جا ماريل، ڪُٺل ماڻهو، اوهان کي انهن نظامن ڪهڙيون پڳون ٻُڌايون آهن، جو انهن جي ڏک ۾ اوهان جو هيءُ پار جو ٺڪاءُ پيو پوي ۽ اکين تان ڳوڙهو نٿو سُڪيو!؟ اوهان جي ته پاڻ خدا ٻڌي، جو اهي آدمخور نظام ۽ سندن قدر ۽ ناتا پنهنجي کُٽيءَ مرن پيا! اوهان کي ته پاڻ گهرجي ته سڄي دنيا ۾ جيڪو نئون جاگيردار دشمن، سرمايه دار دشمن ۽ سامراج دشمن، قومي عوامي جمهوري انقلابي نظام ڏاڪي به ڏاڪي اڏجي پيو، ان ۾ پهچ آهر هٿ وجهايو. ان جي اُسرڻ، نسرڻ، وڌڻ ويجهڻ جي آجيان ڪريو، خوش ٿيو، سرهايون ڪريو. اوهان کي وري محمد باقي يا محمد تغلق، تيمور يا نادر شاهه ۽ لارڊ هيٽنگس جي راڄ جو شوق ٿيو آهي، جو مٿي ۾ ڌوڙ وجهيو مُنهن مٿا پيا پٽيو!؟”

[b]“ڄڃ ۾ ڄاڻي ڪونه، چي آئون گهوٽ جي پڦي!”
[/b]انگريزن جي واريءَ ۾ ڪيترا ڪارا هندستاني به گورن انگريزن جو نقل ڪندا هئا ۽ ماڻهن تي پنهنجي صاحبلوڪيءَ جو رعب وجهندا هئا. ماڻهو انهن کي ڪارا انگريز ڪوٺيندا هئا، جيڪي ٽين دنيا جي اديب، يورپ ۽ آمريڪا جي سرمايه دار سامراج جي زوال تي ماتم ڪندڙ آمريڪي، يورپي زوالي اديبن جو نقل ڪري، دنيا ۾ سرمايه دار سامراجي قدرن ۽ ناتن جي ٽُٽڻ جو ادبي ماتم پيا ڪن، سي به ادب جا ڄڻ ڪارا انگريز آهن.
انگريزن جي دؤر ۾ ويچارن ديسي ڪارن ڪرستانن کي، پاڻ بابت، ڏاڍيون رحم جوڳيون خوش فهميون هونديون هيون. ڳالهه ڪندا آهن ته لاهور ۾ انگريزن جي راڄ ۾ هڪڙي ڀيري انگريزن خلاف مظاهرا ٿيا. هڪڙي ڀنگياڻيءَ ٻيءَ کان پڇيو، “ني اي ڪِي مندگي هين؟” ٻيءَ وراڻيو، “اي ساڊي ڪولون آزادي پي منگدي نين تي اسي نيهون ديڻ لگي.” (“ائي! هي ڇا ٿا گهرن؟” “هي پاڻ کان آزاد ٿا گهرن ۽ پاڻ ڪونه ٿا ڏيون.”) مطلب ته ٻهارا هٿن ۾، پر پاڻ کي گورن انگريزن جو شريڪ ۽ ملڪ جو مالڪ پيو سمجهجي! تيئن ٽين دنيا ۾ ماڻهو موچڙن جي ويل ۾ ۽ هنن کي غم جاگيردارن ۽ سرمايه دارن ۽ سامراجي قدرن ۽ ناتن جي ٽُٽڻ جو!

[b]ٻوليءَ کي ڇا ٿيو آهي؟
[/b]چون ٿا ٻولي اسان جي احساسن جو ڀرپور اظهار نٿي ڪري سگهي. ڪيئن ڪندي؟ ٻولي ماڻهوءَ کي اچي ته ان کان ڪم به وٺي سگهي نه! انساني ٻوليءَ ڪروڙين ڪتاب لکايا آهن. هزارين شعر، ڊراما، ناول، ڪهاڻيون، قصا وغيره ان ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن. انهيءَ ٻوليءَ ۾ هومر، ڪاليداس، ورجل، دانتي، شيڪسپيئر، لطيف، گورڪيءَ ۽ ٻين پنهنجي ڏات جو اظهار ڪيو آهي. ان ٻوليءَ ۾ ڪائنات جا ڪروڙين اسرار ڪاميابيءَ سان سمجهايا ويا آهن. سوين سائنسون ان ۾ نهايت چٽائيءَ ۽ صفائيءَ سان بيان ٿي چڪيون آهن. اينسٽائين انهيءَ انساني ٻوليءَ ذريعي پنهنجو تاريخ ساز اضافيت جو نظريو بيان ڪري ورتو.
هاڻ ٻوليءَ کي اوچتو ڇا ٿي ويو آهي جو هي جديدي حضرات ان ۾ پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ٿا ڪن؟ تنهن کان سواءِ هر ٻي شيءِ وانگر ٻولي به هر دؤر ۾ ارتقائي يا انقلابي ترقي ڪندي رهي ٿي، وڌندي ويجهندي رهي ٿي. هنن جديدي حضرات وٽ اهڙا ڪهڙا غيبي اسرار لڪل آهن، جن کي هو سدا وڌندڙ ويجهندڙ انساني ٻوليءَ جي مدد سان ظاهر ڪري نٿا سگهن؟
درحقيقت ٻوليءَ تي پورو عبور حاصل ڪرڻ محنت طلب ڪم آهي. ان لاءِ وڏيءَ ڄاڻ، وڏيءَ لياقت، وڏي ڪمال جي ضرورت آهي. جديدين جي هڪڙي سڃاڻپ اها آهي ته هنن کي پنهنجي ٻولي نٿي اچي. هر خوبصورت، اثرائتي ۽ جاندار ٻولي ته ٺهيو، صحيح ٻولي به لکي نٿا سگهن. اڪثر ڪري ان ڳالهه ۾ هو بلڪل ڄٽ ۽ جاهل آهن.

[b]پراڻا ادبي ۽ فني قدر ۽ ٽيڪنيڪ ٽُٽن پيا!
[/b]برابر ٽُٽن پيا، پر رڳو ٽُٽن ڪونه پيا، بدلجن، ٺهن ۽ جُڙن به پيا. اهو سلسلو شروع کان وٺي هليو اچي ۽ هلندو رهندو. ان ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانهي، جيڪا بلڪل اهڙيءَ بنهه نئين هجي، جو ان لاءِ آسمان مان ڪنهن بنهه هوائي ادب جي نازل ٿيڻ جي ضرورت پوي. ادب ۾ ان جي ٽيڪنيڪ ۾ نوان عنصر سدائين شامل ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا، پر هيئن نه ته اڳوڻي هر ڳالهه رد ۽ سماج جا سمورا رشتا غائب.

[b]ماڻهو اسان جي ڳالهه سمجهي نه سگهندا!
[/b]ماڻهو ڇو نه سمجهي سگهندا؟ آخر ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه ارسطو، بو علي سينا، گئليلو، مارڪس، اينسٽائين، شيڪسپيئر، رومي ۽ لطيف کي به سمجهي ويا. ماڻهو ڪائنات جا ڪئين قانون ۽ راز به سمجهي ويا. مادي جا، ايٽم بم جا، ڪو ائٽم نظريي جا، خلا جا، خلا ۾ سمايل مقناطيسي برقي لهرن جا. اهڙو سمجهي ويا جو ڪائنات کي فتح ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو اٿن. ماڻهو چنڊ تي پهچي ويا آهن. سمنڊن جي پاتالن ۾ پهچي ويا آهن. هتان نشانو ٿا چُٽين ته ٺڪ وڃيو مريخ کي لڳي! ماڻهو هزارين سال اڳ جون بابلي، ايسري ۽ مصري لکيتون پڙهي ويا آهن. موهن جي دڙي جي لکيتن کي لڳا پيا آهن.
اهي ماڻهو هنن جي لکيت ڇو نه سمجهندا؟ هي ڪي زحل ۽ مشتري يا ستاري الفاسينٽاري جي مخلوق ته ناهن جو هنن جون لکيتون ماڻهن کي سمجهه ۾ نه اچن؟ پر پريان ڪا سمجهڻ جهڙي ڳالهه به ته هجي! ڪا معنيٰ ڪو مطلب به ته هجي!

[b]ڪنهن معنيٰ مطلب سان واسطو ڪونهي!
[/b]پر هنن جو ڪنهن به معنيٰ مطلب سان واسطو ڪونهي. هنن کي پنهنجون بي مثال صلاحيتون، معنيٰ ۽ مطلب جهڙي خسيس ڳالهه تي زيان ڪرڻيون ڪونهن! هنن کي “نئون”، “جوان سال”، “پنهجي ذات جي آگاهي رکندڙ”، “پنهنجي ذات سان سچو”، “اندر جي پيڙا ۾ پچندڙ”، “صليب ڪلهي تي کڻي، ٻاٻرن ڪنڊن تي هلندڙ”، “ڀور ڀور ٿيندڙ”، “ٽِرندڙ پکڙجندڙ ذات وارو” جغاداري مها اديب ٿيڻو آهي. چرچي جي ڳالهه ته ڪانهي! مطلب ۽ معنيٰ جيترو گهٽ، اوترو چڱو! اوتري لکيت وڌيڪ علامتي ۽ خيالي ٿيندي. مطلب ته معنيٰ بنهه نه هجي ته اهڙي ڳالهه ڪا ٻي! لکيت نسوري علامت، علامت جي به علامت هجي ۽ مٿان جي ان ۾ پڙهندڙ کي بنهه مت مان ڪڍي ڇتو ڪري، کانئس گونهه دڦاني جو مصالحو به پيل هجي ته پوءِ ڄڻ کير ۾ کنڊ پئجي ويئي! “نئين” ادب جو بي مثال شاهڪار تيار ٿي ويو، آسپاس جا ڪئين نقاد ۽ پُٽن پوٽن وارا “جوان سال اديب” نئين مها ادب جي چرنن ۾ سيس نوائڻ لاءِ اچي ڳاهٽ ٿيندا. سندس شاهڪار ۾ لڪل عظيم علامتي ڳُجهارتن جون سوين ڀڃڻيون ۽ روحاني راز پيش ٿي ويندا. ڪو چوندو “پيڙهي وڇوٽيءَ جي علامت آهي.” ڪو چوندو، “نراس سچائيءَ جي علامت آهي”، ته ڪو چوندو، “نه، نراس سچائيءَ جي علامت نه، سچيءَ نراسائيءَ جي ڳُجهارت آهي.” مطلب ته جيترا ڏند ڏاڙهون وڃائي ويٺل، ڏاڏي آدم جي واريءَ جا “نوان” نقاد، اوتريون، مُنهن جي پڪائيءَ ۽ جاهل ۽ کوکليءَ لفاظيءَ واريون تاويلون.
ننڍي هوندي ٻن ٺڳن جو قصو پڙهيو هئوسين، جن بادشاهه کي چيو هو ته اسان توکي سونيءَ تار مان اُڻيل اهڙا حيرت انگيز ڪپڙا پارايا آهن، جن کي ڪوبه بيوقوف يا تنهنجو ويري ڏسي ڪونه سگهندو. اهڙيءَ طرح بادشاهه کي اُگهاڙو ئي اُگهاڙو، گهوڙي تي چاڙهي کڻي سندس شهر ۾ جلوس ڪڍرايائون. ڪنهن کي بادشاهه جي نظر ۾ بيوقوفي ۽ ويري ته ٿيڻو ڪونه هو! سو سڄو شهر واهه واهه ڪرڻ ۾ لڳي ويو. آخر هڪڙي ٻار وٺي رڙ ڪئي، “اڙي بادشاهه اُگهاڙو!” “اڙي بادشاهه اُگهاڙو!” تڏهن وڃي ٺڳي ظاهر ٿي.
سو هي به پنهنجيءَ پر ۾ سونيءَ تار مان اُڻيل حيرت جهڙو ادبي لباس اوڍيو ويٺا آهن. ڪير چوي شينهن کي ته مون کي کاءُ! ڪير چوي “بادشاهه اُگهاڙو!؟”

[b]ماڻهو سمجهن نه سمجهن، پسند ڪن نه ڪن، اسان جو واسطو ڪونهي، اسين پنهنجا نقاد پاڻ آهيون.
[/b]چالاڪيءَ جي به ڪا حد هجي! پنهنجا شاهڪار به لکڻا آهن، ڇپائڻا آهن، شهر شهر پهچائڻا به آهن، انهن جون تعريفون به ڪرائڻيون آهن، مها نئون اديب به سڏائڻو آهي، پر جي ڪو وات مان اکر ڪڍي ته، “ٻيلي، ڏاها ٿيو! هن ۾ ادب جي ڀائي ڪهڙي ڳالهه آهي؟” ته هڪدم اکيون ڦوٽاري چئبو، “اسان اوهان لاءِ نه لکيو آهي، اوهان کي سمجهه ۾ به ڪونه ايندو. اچي نه اچي، اسين ٻڌل ناهيون، اسين پنهنجا نقاد پاڻ آهيون.”
مطلب ته ماڻهو داد ڏين ته سبحان الله! پر جي سوال جواب ڪن ته “ماڻهن جو اسان سان واسطو ئي ڪونهي!”
ڀلا جي ماڻهو اعليٰ ادب سمجهي به نٿا سگهن، انهن لاءِ آهي به ڪونه، انهن جي راءِ کي ڪوبه وزن ڪونهي ته پوءِ آخر پنهنجي خيالن کي لکڻ جي تڪليف ڪرڻ جو ضرور ڪهڙو؟
لکڻ ته آخر ڪنهن نه ڪنهن جي سمجهڻ يا ان کي سمجهائڻ لاءِ هوندو آهي! ڇو نه اهي اڻ لڀ خيال دماغ ۾ ويچاري، دماغ ۾ ئي سانڍي رکي ڇڏجن؟ هيڏي تڪليف ڪري پني تي لکڻ جو ڪهڙو ضرور؟ پر جي هروڀرو لکڻ بنا رهي نه سگهجي ته پاڻ پڙهي ڦاڙي ڇڏجي يا وڌ ۾ وڌ پاڻ وٽ سوگهو ڪري رکي ڇڏجي ۽ جڏهن وڻي تڏهن پيو پڙهجي. ان کي هرو ڀرو ڇپائڻ جو ڪهڙو ضرور؟ بازار ۾ آڻڻ ۽ عام ماڻهن ۾ وڪڻڻ جو ڪهڙو ضرور؟
هيءُ دؤر اسان جي تخليق جي عظمت جو فيصلو نٿو ڪري سگهي!
برابر ڪي ماڻهو، ڪي فنڪار اهڙا به آهن، جن جي تخليق جي سموريءَ عظمت کي ڪو هڪڙو نسل، ڪو هڪڙو دؤر يا ڪا هڪڙي اڌ صدي مڪمل طرح پروڙي نٿي سگهي. ڪيئي اهڙا به ٿي گذريا آهن، جن کي سندن زماني جي وڏن پڳڙن مرڳو ڌڪاري ڇڏيو. سندن ڳالهه مرڳو سمجهي ئي ڪانه، پر انهن مان اڪثر، انهيءَ جي باوجود، پنهنجي دؤر جي عوام جي عدالت ۾ پيش ٿيا. صحيح يا غلط، انهن جي راءِ ٻُڌائون ۽ سَٺائون. ايئن ڪنهن به ڪونه چيو ته، “ماڻهو مون کي سمجهي ڪونه سگهندا. ماڻهن جو مون ۾ ڪجهه به ڪونه وڃي. مون کان ڀڄي پري ٿيو!” نه ڪاليداس ايئن چيو، نه هومر، نه سئفو، نه ميران، نه شيڪسپيئر، نه لطيف، نه ٽالسٽاءِ، نه گورڪي يا ڪنهن ٻئي اهڙي.
تنهن کان سواءِ عظيم فنڪارن، جي ناجائز ملامت سَٺي آهي ته اڪثر ڦورو، ظالم طبقن ۽ سندن ادبي ۽ ثقافتي ڪمدارن هٿان، هيءُ ادب ته دنيا جي سرمايه دار سامراجي طبقي جي عين منشا ۽ مرضيءَ مطابق آهي. انهن جو ئي خادم آهي، انهن جو ئي ڪم ڪري ٿو، مڪاني حاڪم طبقي کي به هن ادب مان اڻ سڌو نفعو نقصان ڇا جو؟ ماڻهن کي ادب جي نالي ۾ نااُميديءَ ۽ مايوسيءَ جو چرس ۽ گانجو پياري، بتال ڪرڻ واري ادب کان وڌيڪ حاڪم طبقن جو هيئين ٺار ادب ٻيو اڃا ڪهڙو ٿيندو؟ اهڙي ادب کي زماني مان ٻيو ڪهڙو ڊپ ڊاءُ؟
پر حال اهو آهي، جو جنهن ڪڪڙ جي آني مان ڦُٽي “چيون!” “چيون!” مس شروع ڪئي ته هن لاءِ هڪدم ماڻهو ٿيو وڃن جاهل ۽ سڄي نسل جو نسل ۽ دؤر جو دؤر ٿيو پوي هن جي عظيم وللي ۽ واويلائي فن بابت ڪا راءِ ڏيڻ لاءِ نااهل! تنقيد جا دروازا بند! ادب کي پرکڻ جون سموريون ڪسوٽيون رد ۽ باطل! “مين جو آکيا گابا سو گابي ڪِوين ٿيسي؟” جي هي عوام لاءِ چون ٿا ته عوام جي اڪثريت کين ۽ سندن فن کي سمجهي نٿي سگهي ۽ سندن عوام سان ۽ انهن جي پسند ناپسند سان واسطو ئي ڪونهي ته ڇا عوام کي اهو حق ڪونهي ته هو به چون ته، “اي ادب جي مسند جا عالمي مقامو! جيئن ته اوهين به اسان کي ۽ اسان جي دُکن دردن کي سمجهي نٿا سگهو، تنهن ڪري اوهين به اسان جي ڪم جا ناهيو! اوهين به اسان کي ڪونه کپو! کڻي وڃو اسان جي اڳيان هي پنهنجا ڪوڙا ۽ جُڙتو دفتر ۽ بند ڪريو اسان جي اڳيان هي اجايون وللون ۽ کڳيون؟”

[b]“عوام کي نفعو ٿئي يا نقصان اسين ٻڌل ناهيون”
[/b]عام طرح هر ڪو ماڻهو بنيادي طرح پنهنجي فائدي لاءِ ڪم ڪري ٿو، پر ڪي جيري ڪارڻ ٻڪري ڪُهن ٿا. ڪي نه، چرس ۽ گانجو وڪڻندڙ، سمگل ڪندڙ، ڪوڙيون دوائون وڪڻندڙ، ٻار اغوا ڪندڙ، بلئڪ مارڪيٽر، ذخيره اندوز، رشوت خور ڪامورا ۽ ظالم حڪمران طبقا، ملاوت ڪندڙ، سڀ ايئن سوچين ٿا ته، “اسان جو ڪم پنهنجي فائدي سان. ان مان ٻئي جو نفعو ٿئي يا نقصان، اسان جو واسطو ڪونهي.” ادب جي ميدان ۾ به ڪن ماڻهن جي سوچ اها آهي. ادب جي ميدان ۾ عوام جي مفادن ڏانهن لاتعلقيءَ ۽ لاپرواهيءَ جو، جنسي پرستيءَ، ماراماري، دهشت انگيزيءَ، خودپرستيءَ، لالچ، عوام دشمنيءَ، مايوسيءَ ۽ بزدليءَ جو سڌو ۽ اڻ سڌو پرچار ڪندڙ اديبن يا فنڪارن لاءِ به عوام جو رويو اهو ئي رهڻ گهرجي، جهڙو ٻار اغوا ڪندڙن، بلئڪ مارڪيٽرن، ذخيره اندوزن وغيره لاءِ. اهي سڀ عوام جا مجرم آهن، جن کي عوام جي ڀلي جو خيال ڪونهي، جيڪي عوام جي مفادن بابت لاتعلق ۽ لاپرواهه بڻجي ٿا وڃن، تن سان عوام جو سلوڪ به اهڙو ئي هئڻ گهرجي.

[b]هي لاتعلق هرگز ڪونهن!
[/b]پر هي عوام ڏانهن لاتعلق ناهن. فقط اهڙو ڍونگ رچائين ٿا. هنن جو عوام جي مفادن ۽ نفعن ۽ نقصانن سان گهرو واسطو آهي. عوام جي دشمنن جو ڇاڙتو ادب پنهنجي شڪار يعني عوام تي هردم ڪَرڙي نظر رکيو ويٺو آهي. سندس ڊيوٽي ئي اها آهي ته عوام کي ڪيئن وڌ ۾ وڌ نقصان رسائي، پنهنجي آقائن يعني عوام دشمن حاڪم طبقن وٽ سرخرو ٿئي.
نام نهاد “نئون” ادب قسمين قسمين رنگن ۽ روپن ۾ طرحين طرحين نموني سان پنهنجن آقائن جي خدمت ۽ دنيا جي عوام سان دشمني پيو ڪري.
عوام جي حمايت ۽ عوام دشمنن جي مخالفت ڪندڙ ادب خلاف خونخوار جنگ
عوام جي خدمت ڪندڙ ادب عوام جي دشمنن خلاف سڄي دنيا جي ڪروڙين ڦُريل ماريل انقلابي ماڻهن جي ذهنن ۾ ڇوٽڪاري ۽ آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا جدوجهد ۽ ويڙهه جي پختن ارادن، سورهيائيءَ ۽ قربانيءَ جي حوصلن جا بم بارود پيو رکي. هيءُ “نئون” ادب ڊوڙ ڪريو، انهن بمن جا فيوز اُڏايو ڇڏي. هي ماڻهن کي جنس پرستيءَ، مايوسيءَ، بزدليءَ، خودلذتيءَ، خودقياسيءَ ۽ خودپرستيءَ جا چريا ڌاتُورا پياريو، کين مت مان ڪڍيو، سندن ڌيان مٿين ڳالهين تان هٽايو ڇڏي.

[b]اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ
[/b]پيڙهي وڇوٽي، انسان جا ذاتي مونجهارا، جنسي مسئلا وغيره انساني مسئلا آهن، پر اهي بنيادي مسئلن جي پيداوار آهن، خود بنيادي کان بنيادي مسئلا ناهن. بنيادي کان بنيادي مسئلا هڪ ڦورو ۽ ظالم سماجي نظام ۾ عوام جي ڦُرلٽ ۽ غلاميءَ جا پيدا ڪيل مسئلا آهن. جي سماجي نظام ٿو بدلجي ۽ اهي مسئلا حل ٿا ٿين ته پيڙهي وڇوٽي ماڻهن کي ڦان ڪانه ڪري ڇڏيندي.
ماڻهو سجاڳ، متحد، منظم ۽ سرگرم هوندا ته فرد جي اڪيلائپ ۽ وائڙپ جو علاج به ٿي پوندو ته جنسي منافقيءَ ۽ مڪاريءَ جو به. اصل بيماري ٽي بي آهي، مٿي جو سُور نه. اهو ته ان جو اثر آهي. هي اصل مرضن کي جيئن جو تيئن قائم رکڻ لاءِ، انهن جي ڳالهه به نٿا ڪرڻ ڏين. رڳو مٿي جي سور تي اوڇنگارون پيا ڏين ۽ ائسپرو جو علاج پيا ڏسين. اهڙيءَ ريت تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي، هٿرادن مسئلن ۽ اصل مسئلن مان پيدا ٿيل ٻئي ٽئين درجي جي مسئلن بابت ڦشري مچائي، هو اصل مسئلن تان عوام جو ڌيان هٽائي، انهن جي حل جي راهه روڪي، عوام دشمنن جي خدمت ڪن ٿا.

[b]جعفر واريون ڪوڙيون دانهون
[/b]متان ڪي ماڻهو، سچن پچن مظلوم ماڻهن جي سچي پچي اجتماعي ۽ تاريخي مظلوميت بابت سچيون دانهون ڪري، عوام کي سجاڳ نه ڪري وجهن، ان ڪري ڪوڙي جعفر واريون ڪوڙيون دانهون ڪري ادب ۾ “دانهن ڪوڪ” جي تصور کي اهڙو بور ڪندڙ، گندو ۽ بدنام ڪريو ڇڏين، جو ماڻهو ان کان ايئن ٿا ونءُ وڃن جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان!

[b]ميسڻپائيءَ سان فتني انگيزي
[/b]زواليت، مايوسيءَ ۽ موت جا پرچارڪ جديدي ادب ڏسڻ ۾ ڏاڍا بي ضرر قسم جا چرڙيا ۽ بتال قسم جا ماڻهو نظر اچن ٿا، پر اهو رڳو سندن ظاهري ڏيک ۽ ڍونگ آهي. ان بتالپڻي جي ٻهروپ هيٺ هو وڏي سازش لڪايو ويٺا آهن. پاڻ تي ڪَک به نه سهڻ وارا! وقت تي چانهه نه ملي ته هڪدم سٽ ڏيئي، قلم کڻي، ڪامائن، اڌ دمن ۽ سوالن جي نشانين جي اڌ اکريءَ ۾ واويلا مچائي ڏيندا! چي “پيڙهي وڇوٽيءَ ماري ڇڏيو! ڀڄان پيو! ڀُران پيو! بس ويس!” جي ڪو منجهانئن بور ٿي، ٻه ٽي ڏينهن کانئن ڀڄي پنهنجي جان بچائي ته هڪدم “اڪيلائيءَ جي صليب” مٿي کڄي ويندي ۽ “ٻاٻرن ڪنڊن تي سفر” شروع ٿي ويندو! مطلب ته شل نه مٿي ۾ سُور پوين! پوندو قلم جي نڪ ۾ هٿ ۽ اوڇنگارو جو ٺڪاءُ شروع ٿي ويندو.
پر شل نه ڪا خبر پوين ته ڪنهن اديب يا فنڪار، ڪروڙين محروم ۽ مظلوم ماروئڙن جي ڏکن سورن، مقصدن ۽ آدرشن ۽ جدوجهدن ۽ سوڀن کي پنهنجي جيءَ ۾ محسوس ڪري، انهن کي سمجهي ۽ پروڙي، انهن جي روشنيءَ ۾ ڪا ادبي ۽ فني تخليق ڪئي آهي! اک ڇنڀ ۾ هي ظاهري انان چريا، جيڪي ڏسڻ ۾ رڳو پنهنجي جَوَڙَ ۾ پورا آهن ۽ ڪنهن جي به نه هنئي ۾ آهن نه کنئيءَ ۾، سي اکيون ڦوٽاري رانڀاڙ ۽ چچراٽ ڪري اُڀا ٿي ويندا! چي “ادب ۾ سياست، هان؟ سنئين سڌي نعري بازي! فن جي توهين! نڪرو اسان جي ادبي گهر مان ٻاهر!” واڪا ڪندا ۽ ڍڍپٽ مچائيندا، سڄي ملڪ ۾ پکڙجي پوندا ته، “وٺونَ! نه ڇڏيونَ، هي اٿوَ بي ادب، نعريباز! سياسي غنڊا.”
اهڙيءَ طرح هي هڪڙي طرح اديبن کي نعريبازيءَ جي ٺپي لڳڻ ۽ ادبي ڀت پوت مان ڪڍڻ جو ڊپ ڏيئي، کين پنهنجي ذهن ۽ ضمير مطابق ادب تخليق ڪرڻ کان روڪي، عوام کي پنهنجي ڪم جي ادب کان محروم ڪن ٿا ته ٻئي طرف ادبي ميدان تي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري، ماڻهن تي سچو پچو نعريباز ۽ پروپئگنڊا باز، رجعت پرست ۽ سامراج پرست ادب مڙهين ٿا.

[b]رجعت پرست جاگيردار، سرمايه دار ۽ سامراجي ادب سان ٻِٽڻ
[/b]دراصل هيءُ ميسڻو، ترقي پسنديءَ جو ٺپو لڳل ادب ڏٺي وائٺي رجعت پرست، جاگيردار ۽ سرمايه دار ادب سان گڏ ٻِٽڻ مچايو ويٺو آهي. ظاهر ظهور رجعت پرست ۽ کُليو کُلايو عوام دشمن ادب، عوام ۽ سندن ادب تي کُليا کُلايا نظرياتي ۽ سياسي وار ڪن ٿا. ان ڪري اهي عوام وٽ ڄاتل سُڃاتل ۽ اڳواٽ ئي خوار خراب ٿيل آهن ۽ عوام انهن کي ڏسڻ شرط سڃاڻي، ڌڪار وچان ٿوڪاري ڇڏي ٿو، پر هي نواڻ ۽ روشن خياليءَ جو پوش چاڙهي گهمندڙ ادب، عوام جي وچ ۾ مُبي ٿيو ويٺو آهي ۽ سندن دوست جي لباس ۾ سندن خلاف کڏُون پيو کوٽي. ان ڪري هيءُ ادب انهن ادبن کان وڌيڪ خطرناڪ عوام دشمن ادب آهي.
جن جن ملڪن ۾ عوام بنهه هيڻا آهن ۽ ڦورو طبقا مٿن ٻي دستوري ڦُرلٽ ۽ ظلم سان گڏ، مٿن اُگهاڙيون آمريتون به مڙهيو ويٺا آهن، اتي ته هنن لاءِ چاندي آهي. آمريت آئي، ڄڻ هنن جو لولو گيهه ۾ ڪري پيو! ڇو ته عوام جي گهڻگهرن اديبن ۽ فنڪارن تي سرڪار جا ڪات ڪهاڙا هوندا آهن ۽ اُهي لِڪڻ ۾ پورا هوندا آهن ۽ هي زهريلا ڪانڊيرا، آمريت سان هڪڙي اڻ لکيل سمجهوتي موجب، انهن جي اڻ لکيل اجازت سان، عوامي اديبن کي بي دخل ڪري، ادب ۽ فن جي ملڪ جا وڏا درخت بڻجي ويهي رهندا آهن ۽ ملڪ جا مالڪ ٿي حڪم هلائيندا آهن.