لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

”سندي ذات هنجن“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو لکيل آهي.
ڪتاب بابت محمد ابراهيم جويو پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
Title Cover of book سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)

باب ٻارهون : نوان هيرا!

ننڍو ته ڪوهه، وکين آهي وترو،
وڃيو ڪاڪ ڪنڌين ۾، پهس پکي جئن پوءِ،
ان ڪُرَ سندو ڪوءِ، ميو ماٺو نه ٿئي!

(لطيف)

موکي متارن جا ننڍا ڪيم نهار،
ساماڻا سري ڌڻي، اڇا اڱڻ ڌار،
ناڻو ڪمي نهار! هي سر پڻ ڏيندا سٽ ۾!

(لطيف)

ڪڏهن نه اهڙا، جهڙا هيل!
مون وٽ باک – ڀنا رابيل!

(اياز)

هر دؤر جو ادب ۽ فن رڳو حقيقتن جو نه پر خوابن ۽ خيالن جو به ترجمان رهيو آهي. حقيقت پسند ادب جو مطلب به مشيني ۽ لڪير جي فقيريءَ وارو به وٺڻ گهرجي. جڏهن ادب ۾ پيش ڪيل خواب ۽ خيال حقيقتن مان پيدا ٿيل آهن ۽ سڀاڻي جي حقيقتن جي عڪاسي ڪن ٿا، تڏهن اهي ادب جي حقيقت پسنديءَ کي گهٽائين نٿا، وڌائين ٿا.
هر دؤر ۾ ادب ۽ فن ماڻهن جي زندگين جي حقيقتن توڙي خيالن ۽ خوابن جي ترجماني ڪندي سندن دل گهريا ۽ دل گهريون ڳالهيون پيش ڪيون آهن. زندگيءَ جي حقيقت مان ڪچو اڻ گهڙيو مواد وٺي، ان کي گهڙي سنواري، حقيقت کان گهڻو گهڻو وڌيڪ خوبصورت ۽ اثرائتو بڻائي پيش ڪرڻ ادب ۽ فن جو بنيادي ڪم پئي رهيو آهي.
وڌاءَ، مفروضا ۽ سينگار ادب جي جان آهن. ماڻهن جي سُونهن، سخاوت، بهادري، ڪرامت، طاقت ۽ چالاڪيءَ بابت هر قسم جون صفا فرضي ۽ بنهه گهڻي وڌاءَ واريون، ڪهاڻيون ۽ داستان، عالمي ادب جو حصو آهن. اهڙن زبردست واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جي نه ڪڏهن ٿيا ۽ نه انهن حالتن ۾ ٿي سگهيا ٿي.
اهڙا وسيلا ۽ اهڙيون شيون ۽ قوتون فرضي طرح موجود ڪري ورتيون ويون آهن، جيڪي اڃان ڌرتيءَ تي تصور ۾ به مس اچي ٿي سگهيون.
مثلاً الف ليليٰ ۽ ٻين داستانن ۾ اسم اعظم، اُڏند کٽولي، سامونڊي گهوڙا ۽ اڄوڪين جاسوسي، سائنسي ۽ خلائي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ذڪر ڪيل خيالي اوزار، هٿيار، مشينون، قوتون ۽ جڳهون وغيره.

[b]هاڻ هيرا نه کپن
[/b]جڏهن سرمايه دار طبقو اُسري، وڌي ويجهي رهيو هو ۽ جڏهن اهو ترقي پسند هو ۽ وڏا ۽ شاندار ڪارناما سرانجام ڏيئي سگهيو ٿي، تڏهن ان ادب ۾ پنهنجي طبقي جي نقطي نظر کان زبردست هيرا ۽ هيروئنون پيش ڪيون. عوام وٽ انهن ڏينهن ۾ طبقاتي سمجهه ڪانه هئي. عالمي تاريخ ۾ سندن ڪردار درحقيقت ڪيڏو زبردست هو، سا کين خبر ڪانه هئي. تڏهن هنن جاگيردار ۽ سرمايه دار طبقي جي عالمي ۽ سماجي نقطي نظر ۽ موقف کان تخليق ڪيل هيرن ۽ هيروئنن کي ئي پنهنجا هيرا ۽ هيروئنون تسليم ڪيو ٿي ۽ انهن جو مثال ورتو ٿي.

[b]گناهه ٿيندو!
[/b]هاڻ جڏهن جاگيردار ته ٺهيو، خود سرمايه دار طبقي جي عالمي ڪردار ۽ اهميت ۾ زبردست زوال آيو آهي ۽ سندن سورهيائي ۽ شان جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن ۽ عوام جي سورهيائي ۽ شان جا ڏينهن شروع ٿي ويا آهن ۽ اهو وقت اچي ويو آهي جو ادب ۽ فن ۾ ڦورو طبقن جي سورمن بدران عوام مان سرجندڙ نون سچن پچن سورمن ۽ سورمين جا ڳڻ ڳايا وڃن، تڏهن زوال پذير سرمايه دار ادب هڪدم پلٽو کاڌو آهي ته، “ادب ۾ سورمن ۽ سورمين جي ڪابه ضرورت ڪانهي! اها پراڻي ڳالهه آهي. دراصل زندگيءَ ۾ ڪي ساراهه لائق ڪارناما هوندا ئي ڪونه. هن دؤر ۾ ڪهاڻيءَ بدران آ – ڪهاڻي لکڻ ۽ ناول بدران آ– ناول (Anti-Novel) لکڻ گهرجي.” مطلب ته جڏهن راند ۾ ٻين جي کٽڻ جو وارو اچي ته راند بند! چي، “راند بدعت آهي. شريعت ۾ ناجائز آهي! گناهه ٿيندو!”
هيستائين عالمي ادب ۾ گهڻي قدر هيرا غلامدار، جاگيردار، سرمايه دار يا بنهه گهڻو ڇيهُه ٿيو ته لاچار وچولي سفيد پوش طبقي جي سوچ ۽ سمجهه، خيالن ۽ خوابن مطابق تخليق ڪيا ويندا رهيا آهن. جان عالم، ممتاز دمساز، شهزادو اندري، ٽارزن، سُپرمئن جهڙا هزارين لکين ڪردار ۽ هيرا انهن سوچن، خيالن ۽ خوابن مطابق پيدا ڪيا ويندا رهيا آهن. انهن جي جواب ۾ عوام منجهان هيرا به آهن. مثلاً کپرڙو چور، وتايو فقير، مُلا نصيرالدين وغيره پر اهي استثنائون آهن. خود انهن جي سوچ به وقت جي حڪمران سوچ جي دائري اندر آهي، ٻاهر ڪانهي.
ٻئي طرف اڳوڻي ترقي پسند ادب جا هيرا آهن، اهي سماج جا ڌڪاريل، ڪِنا، قابلِ نفرت ماڻهو، جن جي دل ۽ روح ۾ ڪا شيءِ آهي جا گندي ٿيڻ کان بچي وئي آهي.
پر اهي ڪردار به عوام منجهان مثالي ڪردار ناهن. اهي صرف عوام جي پستيءَ جا، جهالت جا، مظلوميت جا ۽ بيوسيءَ جا نمائندا آهن. جيئن اسان چئي چڪا آهيون، عوام رڳو پستي ۽ جهالت ناهن، مظلوميت ۽ بيوسي ناهن. عوام هر پستي، جهالت، مظلوميت ۽ بيوسيءَ جي باوجود لکن ڪروڙن خوبين، گُڻن ۽ قوتن جون کاڻيون ۽ ڀنڊار آهن. کاڻيون کوٽي ۽ ڀنڊار کولي ڏسبو ته، ڪچي ۽ اڻ گهڙيل حالت ۾ ئي سهي، حقيقي سمجهه، عقل، همت، سونهن، سچائي، عظمت ۽ سورهيائيءَ جا اصل خزانا عوام وٽ ئي آهن ۽ نه سندن دشمنن وٽ.

[b]عوامي ادب جا اڳوڻا هيرا ۽ هاڻوڪا هيرا
[/b]چيخوف، منٽو ۽ ڪرشن چندر وغيره ترقي پسند اديبن، جاگيردارن ۽ سرمايه دار نقطي نگاهه وارن جُڙتو هيرن بدران عوام مان هيرا تخليق ڪري پيش ڪيا.
انهن هيرن مان گهڻا ظاهري صورت ۾ غريب بدمعاش هئا، ڀُليل ۽ گمراهه، بيوقوف ۽ ظالم هئا. گندي زبان استعمال ڪندا هئا ۽ اڪثر گندا ڪم ڪندا هئا، پر فنڪارن ڏيکاريو ته انهن جي انسانيت مڪمل طرح مري ڪانه وئي هئي. سندن زندگين جي رَکِ ۾ شرافت جون ڪَئِين چڻنگون لڪل هيون. اهي ظاهري اڇن اُجرن ۽ اندر جي ڪارن منافقن ۽ مڪارن کان دل جا وڌيڪ صاف ۽ سُٿرا اڇا اُجرا انسان هئا.
پر زندگيءَ جي، خاص ڪري اڄ جي زندگيءَ جي، رڳو اها حقيقت ڪانهي ته ڪارين دلين ۾ اڇن اُجرن ڪپڙن وارن ماڻهن سان گڏوگڏ ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارا ۽ اڇين صاف سٿرين دلين وارا ماڻهو به موجود آهن پر زندگيءَ جي غالب حقيقت اها آهي ته اڳ به هميشه اهڙا ماڻهو موجود رهيا آهن ۽ هن دؤر ۾ ته خاص ڪري اهڙا گهڻا ماڻهو موجود آهن، جيڪي نه رڳو ظاهري سُٺن ۽ اندر جي خراب ماڻهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ خراب بلڪه بهتر انسان هئا ۽ تن جي ظاهري سُٺن ۽ اندر جي خراب ماڻهن جي بلڪل اُبتڙ هئا ۽ آهن. اهي خراب رُوپ ۾ چڱيرڙا ماڻهو نه پر سُٺي روپ ۾ سُٺا انسان هئا ۽ آهن، جيڪي اندر به عظيم هئا ۽ آهن ۽ ٻاهر به شاندار هئا ۽ آهن. اڄوڪي دؤر ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اهڙا کوڙ ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي زندگين کي ڀرپور نموني ماڻڻ لاءِ، انسانيت جي اعليٰ ترين آدرشن لاءِ، مظلوم ماڻهن جي تقدير لاءِ هڪ نئون جهان اَڏڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪريو ويٺا آهن. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي حق ۽ سچ جي هڪڙي مُني ٿيو بيٺو آهي. هو روز تلاش، جاکوڙ، سهپ، قرباني ۽ سورهيائيءَ جا اهڙا بي انداز اڻ لکا توڙي ظاهر، ننڍڙا توڙي وڏا ڪارناما سرانجام پيا ڏين، جو جيڪڏهن هيءُ دؤر اڳين دؤر وانگر هجي ها ته ماڻهو کين رشي مني ۽ اَولِياءُ بلڪه ان کان به وڌيڪ درجو ڏيئي سندن پير چُمن ها.

[b]پل پل هڪ ڪارنامو
[/b]تنهن کان سواءِ منجهان عام مرد ۽ عورتون، ٻار ۽ ٻُڍا جيڪي پهاڙ جهڙيون زندگيون گذاريندا رهيا آهن، تن جو هڪ هڪ پل سهپ جاکوڙ، تخليق ۽ سورهيائيءَ جو ڪارنامو پئي رهيو آهي. هر زندگي هڪ معجزو آهي، هڪڙي رن زال، ولر يتيم ٻارن جو، هڪڙو مڙس، لشڪر ويرين جو، هڪڙو پساهه ۽ محرومين، بيمارين، ڏکن، اڻ هوندن، خوفن جا ڪٽڪ! رستمن ۽ سهرابن جا داستان، حالتن آهر، هنن داستانن جي ڀيٽ ۾ ڦڪا ۽ خسيس آهن.
عوام ۾ حالتن آهر اهڙا اهڙا حرفتي، چالاڪ، قابل ۽ ڏاها ماڻهو پيا آهن، اهڙا اهڙا تخليقي ذهن رکندڙ ۽ ڪاريگر ماڻهو پيا آهن، اهڙا اهڙا وينجهار ۽ ڳچيءَ جا هار ماڻهو پيا آهن، اهڙا اهڙا اڻ موٽ، مٿير ۽ قنڌار مرد، عورتون ۽ ٻار پيا آهن، جو انهن جي پيٽ ۾ ادبي ڀَٽن ۽ مڱڻهارن طرفان ماڻهن ٿي ٿاڦيل ڦورو ۽ ظالم طبقن ۽ سندن حوارين ۽ پڇ لٽڪائوئن جا هيرا ڄڻ ته ڌوڙ ۽ ڦلهيار آهن.
جيئن اسين ڳالهه ڪري آيا آهيون ته ادب رڳو فوٽوگرافري ڪونهي. اهو خالق ۽ سينگاريندڙ به آهي. نئين عوامي ادب کي عوام جي سچن پچن سُٺن اعليٰ ۽ سُورهيه ڪردارن جي ڪچي سون کي چمڪائي ۽ گهڙي ان مان ادبي ۽ فني ڪرشما پيدا ڪري ڏيکارڻا آهن.
انقلابي ادب کي به اهو حق هئڻ گهرجي، بلڪه سندس ڪم هئڻ گهرجي ته عوام کي پنهنجو پاڻ ۾ وڌيڪ اعتماد ڏيڻ، کيس آئنده جون تصويرون اڳواٽ ڏيکارڻ ۽ سندن جدوجهد کي تيز تر ڪرڻ لاءِ اهو سُٺن، روشن خيال ۽ انقلابي ماڻهن ۽ تحريڪن بابت دستوري ادبي وڌاءَ، مفروضن ۽ سينگار کان ڪم وٺي، کين اهڙو سيبتو، سُٺو، روشن خيال، سجاڳ، سمجهو، ڏاهو، متحد، متحرڪ، گهڻ-گهڻو، سڀ طرفو ويڙهو، سُورهيه ۽ شاندار ڪري پيش ڪرڻ جهڙا اڃا هو حقيقت ۾ نه ٿي سگهيا آهن.
اهڙو ماحول، اهڙيون حالتون، اهڙا فرد، اهڙا گروهه، اهڙيون تنظيمون، اهڙا ڪارناما، اهڙيون ڪاميابيون اڄ ئي چٽي پيش ڪرڻ گهرجن، جن اڃا وجود حاصل نه ڪيو آهي ۽ سڀاڻ وجود ۾ اينديون.
اهڙا روشن ۽ بلند خيال، مائٽ، اهڙا ڀائر ۽ ڀيڻيون، اهڙا دوست اهڙا ساٿي، اهڙا اعليٰ عاشق ۽ معشوق، اهڙا بلند پائي جا انساني ناتا ادب ۽ فن وسيلي تخليق ڪري ڏيکاري جي عوام لاءِ مثالي بنجن ۽ کين به اهڙو ٿيڻ لاءِ هرکائين.
عوام کي بنهه وڏيون نه ته ننڍيون ننڍيون ۽ وچٿريون ڪاميابيون حاصل ڪندو ڏيکاريو وڃي. اسان جا هيرا محبت ۾، علم ۾، پورهئي ۾، جدوجهد ۾، انقلاب ۾، پاڻ کي بدلائڻ ۾، نئون مثالي انسان ٿيڻ ۾ ٻين هزارين ڳالهين ۾، ڪامياب ٿي سگهن ٿا ۽ ڪجهه ٿيا به آهن. گهربل حالتون تخيل جي مدد سان تخليق ڪري سگهجن ٿيون.
سونهاري صبح جون جهلڪيون اڄ ئي ماڻهن کي پسائي، کين مٿس موهت ڪري، انهن جي وڌيڪ ڪوشش سان، ان صبح کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ گهرجي.
پيرَ حقيقتن جي زمين تان کڄي نه وڃن!
ان سموري عمل جي دوران اديب جا پيرُ پنهنجي دؤر ۽ سماج جي بُنيادِي حقيقتن جي ڌرتيءَ تي مضبوطيءَ سان کُتل هجن.
حقيقت ۽ فنڪاريءَ جو پاڻ ۾ لاڳاپو ۽ توازن اهڙو آهي جهڙو ٻوڙ ۽ مصالحي جو، بنا مصالحي جي ٻوڙ به ڪونه ٺهندو ۽ حد کان وڌيڪ لوڻ مرچ وارو ٻوڙ به ٻوڙ نه ٿبو! اهو ڪم وڏي قابليت، توازن ۽ ڪاريگريءَ جو آهي.
آهستي آهستي ۽ ڏاڪي به ڏاڪي اهي ڳالهيون محنت سان سِکي وڃبيون، غلطيون ٿينديون ۽ ضرور ٿينديون، ماڻهو به کِلندا پر غلطيون درست ڪري سگهجن ٿيون ۽ ماڻهن جي کِل کي تحسين ۾ بدلائي سگهجي ٿو.

[b]عوامي نقطي نگاهه، عوامي موقف يا بيهڪ
[/b]نئون عوامي ادب زندگيءَ جي هر حقيقت کي سرمايه دار يا جاگيردار يا سامراجي يا خود سفيد پوش ۽ وچولي طبقي جي نقطي نگاهه جي بدران باخبر ۽ باشعور پورهيت عوام جي نقطي نگاهه سان ڏسندو، سمجهندو ۽ پيش ڪندو. اهو ادب پاڻ کي انهيءَ عوام جي پوزيشن ۾ وجهي انهيءَ موقف کان دُنيا کي ڏسندو.
اهڙيءَ ريت اهو رڳو پورهيت عوام بابت ادب نه هوندو پر ان سان گڏ پورهيت عوام جي نقطي نگاهه ۽ موقف وارو ادب به هوندو. پورهيت نقطي نگاهه ۽ بيهڪ يا موقف اهو جيڪو هن دؤر جي سڀ کان ترقي يافته انقلابي پورهيت نظريي جي روشنيءَ ۾ بنيو هجي ۽ نه اڻ ڄاڻ، بي سمجهه ۽ پرمتڙي پورهيت سوچ ۽ سمجهه جي اوندهه ۾.

[b]قومي عوامي جمهوري سامراج دشمن انقلابي ادب
[/b]اهو ادب قومي هوندو، ڇو ته اهو قومي برابريءَ جو علمبردار ۽ قومي ڦُرلٽ ۽ جبر جو جاني دشمن هوندو. اهو عوام جي وڏي گهڻائيءَ لاءِ هوندو ۽ نه رڳو ٿورڙن ڀريلن پيٽن لاءِ يا رڳو سفيد پوشن لاءِ. اهو عوام جي حقن ۽ جمهوريت جو حامي ۽ فسطائيت ۽ سامراج جو دشمن هوندو. اهو عوام جي زندگيءَ کي، هن دنيا کي بُنيادِي ۽ مڪمل طرح بدلائڻ جو علمبردار هوندو ۽ نه رڳو ان تي افسوس ڪرڻ ۽ ان ۾ ڪجهه نيون چَتيون هڻڻ جو.

[b]سَوَلو، عام فهم جو ادب
[/b]اهو ادب ڪوشش ڪري سَوَلو، آسان ۽ ماڻهن کي سمجهه ۾ اچڻ جهڙو هوندو ته جيئن اهو عوام جي وڏي گهڻائيءَ کي سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ۽ اهي ان مان پنهنجي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ نئين روشني ۽ سگهه حاصل ڪري سگهن.

[b]رڳو ڪهاڻيون نه، ناول به لکڻ گهرجن
[/b]سنڌي ادب ۾ گهڻو ڪري رڳو ڪهاڻين جي ڀرمار آهي. ناول جي سخت اڻاٺ آهي.
عام طرح ڪهاڻي گهڙيءَ جو چُٽڪو آهي. اها زندگيءَ جي فقط ڪنهن هڪ اڌ ڪردار، واقعي، تاثر ۽ پل جي ڳالهه آهي. اها زندگيءَ جي گهڻ-پاسائيءَ کي نظرانداز ڪري ٿي. عام طرح ناول جو دائرو وسيع آهي. ان ۾ اڪثر ڊگهن عرصن، گهڻن واقعن ۽ گهڻن ڪردارن جي ڳالهه هوندي آهي. اهو ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ زندگيءَ جي گوناگوني، گهرائي، پيچيدگي، ڊيگهه ۽ ويڪر، بلنديءَ ۽ پستيءَ جي وڌيڪ ڪاميابيءَ سان ترجماني ڪري ٿو.
ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ ناول لاءِ زندگي وسيع ۽ گهرو، تجربيڪار ۽ بالغ فن ۽ سوچ گهرجي. ان لاءِ زندگيءَ جو ڪونه ڪو منظم فلسفو گهرجي ٿو.
چيو وڃي ٿو ته ماڻهن وٽ ناولن لاءِ وقت ڪونهي. ان ڪري ڪهاڻيون وڌيڪ ڪارگر ۽ مقبول آهن؟ ڪو پڇي ته اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جن وٽ دلچسپ ۽ مَنَ موهيندڙ ناولن لاءِ وقت ڪونهي؟ آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪي اهڙا ماڻهو هجن ته ڀلي باقي اسان وٽ ته هرو ڀرو اڃا اهڙي رات ڪانه پئي آهي! اسان وٽ ته ماڻهو اڃا به وڏي ذوق شوق سان گل بڪاولي، ممتاز دمساز، الف ليليٰ جا نعالم ۽ ليليٰ مجني، شيرين فرهاد، سسئي پنهون، مومل راڻي وغيره جا داستان پيا پڙهن. پڙهن ٿا ته رکڻ تي دل نٿي ٿئين! اڄ ٻهراڙين ۾ گهر گهر پڙهيل ويٺا آهن. ماڻهن جي باشعور ۽ بامقصد پسند وٽان ناول هجن ته ماڻهو ٻئي پاسي لوڻو به ڪونه هڻندا.
جن اديبن کي ناول لکڻ جو ڪجهه نه ڪجهه ڏانءُ هجي ۽ وٽن عوام جي بامقصد ۽ باشعور پسند جي ڪا ڳالهه، ڪو پلاٽ هجي ته انهن کي گهڻي ۾ گهڻو ڌيان ان پاسي ڏيڻ گهرجي. بالغ نظر اديبن کي موجوده حالتن ۾ ناول لکڻ ئي جُڳائي ٿو.

آهين جي مڙس، گل تون درس، گهِڙ منجهه تار، ڏي تاريون،
ڇاکي ٿو ڇوڪرن جئن، ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ڪرين ڇٻ ڇٻ!
(خليفو گل)

[b]ماضيءَ جي ادب ڏانهن رويو
[/b]ماضيءَ جي ادب ڏانهن نئين ادب جو رويو “خذما صفادع ماکدر” (جيڪي چڱو آهي سو هٿ ڪريو، جيڪو خراب آهي تنهن کي ڇڏيو) وارو هئڻ گهرجي.
ان ادب کي تنقيدي نموني ڪتب آڻڻو آهي. هر تخليق جي سُٺين ڳالهين کي پِرائڻو آهي، بُرين عوام دشمن ڳالهين ۽ سوچن کان بچڻو آهي ۽ انهن کي رد ڪرڻو آهي.
اڻويهين صديءَ جي مشهور جرمن اديب ۽ شاعر هينرڪ هائين Heinrich Heine جي ڳالهه کي به ڌيان ۾ رکڻو آهي ته، “هر دؤر جڏهن نوان خيال حاصل ڪري ٿو، تڏهن هو انهن نون خيالن سان گڏ نيون اکيون به حاصل ڪري ٿو. ان ڪري اڳين زمانن جي ذهني تخليقن ۾ کيس گهڻيون ئي نيون ڳالهيون نظر اچن ٿيون.”

[b]ٻه ڪسوٽيون
[/b]ماضيءَ جي ادب کي اڄ ڪهڙي ڪسوٽيءَ تي پرکجي؟
ڪسوٽيون ٻه هئڻ گهرجن، نه رڳو اها هڪڙي جيڪا عام طرح ٿيندي رهي آهي.
اها عام ڪسوٽي آهي ته اهو ادب جنهن دؤر ۽ ماحول ۾ خلقيو ويو هو، انهن جي مجموعي حالتن ۾ ترقي پسند هو يا رجعت پرست.
ٻي ڪسوٽي اها آهي ته اهو اڳوڻو ترقي پسند ادب اڄ جي دؤر ۽ حالتن ۾ ڪيتريءَ حد تائين ترقي پسند رهجي ويو آهي؟ اڄ جي ترقي پسند سوچن سان ڪيتري قدر هم آهنگ آهي؟
هومر، هوريس، ورجل، ڪاليداس، شيڪسپيئر وغيره پنهنجي دؤر ۾ ته سبحان الله هئا. اڄ تائين سندن ڌاڪون آهن، پر انهن جون سوچون اڄ جي حساب سان ڪيتري قدر ترقي پسند ۽ عوام دوست آهن، سو حساب اڄ نئين سر لڳائڻو پوندو ۽ ايندڙ هر دؤر ۾ اهو سلسلو جاري رکڻو آهي.
انهن ٻنهي ڪسوٽين تي پرکڻ کان پوءِ، ماضيءَ جي اعليٰ ادب جو باخبر ۽ باشعور عوام جي نقطي نگاهه کان جيڪو رُتبو وڃي بيهي، سو مقرر ۽ قائم رکڻ گهرجي.
دنيا جي اڳوڻي توڙي اڄوڪي اعليٰ عوامي ادب جي ڳولا ڪريو!
عالمي ادبي پبلسٽي، خريد فروخت، ڇپائي ۽ ترجمي ۽ تنقيد تي سرمايه دار سامراجي طبقن جي قبضي هئڻ ڪري ۽ ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ عوامي ادب خلاف ڪات ڪهاڙا کنيل هئڻ ڪري ٽين دنيا جي ملڪن ۾ جيڪو اڳوڻو توڙي اڄوڪو اعليٰ ادب اصلوڪي صورت ۾ يا ترجمن جي صورت ۾ اچي ٿو ۽ جيڪو پڙهايو وڃي ٿو، سو درحقيقت دنيا جو پراڻو ۽ نئون بهترين ادبي مال ڪونهي.
مرزا قليچ بيگ جو مثال وٺو. هن تي اسان کي جائز طرح فخر ۽ ناز آهي ۽ رهندو، پر هن جيڪي ترجما ڪيا، سي شيڪسپيئر کي ڇڏي ٻيا ڇا ان زماني جي عالمي ادب جا نمائندگي ڪندڙ ادب جا ترجما هئا؟ نه. “گلن جي ٽوڪري” وغيره ناول ايستائين تخليق ٿيل اعليٰ ادب ۾ شامل ئي نه هئا. رڳو ايترو ياد رکڻ ئي ڪافي نه ٿيندو ته يورپ جو جڳ مشهور سرمايه دار جمهوري انقلاب ادب خاص ڪري عظيم فرينچ انقلاب کان اڳ جو انقلابي ادب، مرزا صاحب جي زماني کان اڌ صدي اڳ موجود ٿي چڪو هو! حقيقي اعليٰ ادب انگريز سنڌ ۾ اچڻ ئي ڪونه ڏين ها. ترجمي ڪرائڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿي ٿيو.
اڄ ڪلهه جيڪو آمريڪا، يورپ ۽ ٽين دنيا جي ملڪن جو “چونڊ ادب” ترجمو ٿي اسان اڳيان اچي ٿو، تنهن جو ڳچ حصو يا ته بنهه وللي واويلائي زوالي گند ڪچرو آهي يا غيرعوامي، غيرانقلابي خَسِيس قسم جو، بي مقصد ۽ گهٽ فني معيار جو ادب آهي. خود پورهيت اقتدار وارن ملڪن جي ٻولين مان جيڪو ادب ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ آڻجي ٿو، سو به گهڻا ڀيرا پراڻو سرمايه دار دؤر جو وللي واويلائي ادب هوندو آهي! حالانڪه اڄ عالمي ادب آسمان جي بلندين کي ڇُهيو بيٺو آهي!
ڏکيءَ توءِ ڏڪار توڻي وسن مينهڙا. (لطيف)
ان ڪري اسان کي گذريل توڙي هاڻوڪي ادب جو نئين سر مطالعو ڪري ان مان چونڊ ادب ترجمان ۽ تلخيصون ڪري سنڌيءَ ۾ آڻڻ گهرجي. دنيا جي اعليٰ عوامي ادب ۾ نه رڳو سرمايه دار دنيا جو اعليٰ عوامي ادب پر پورهيت نظام وارن ملڪن ۽ ٽين دنيا جي ملڪن جي اعليٰ عوامي ادب کي به شامل ڪرڻ گهرجي.

[b]اڄوڪي ترقي پسند ادب ڏانهن رويو
[/b]اڄوڪو ترقي پسند ادب، نه سمورو پورهيت انقلابي ادب آهي ۽ نه صحيح ۽ ڀرپور معنيٰ ۾ ترقي پسند ادب آهي. ان ادب جي باخبر ۽ باشعور پورهيت عوام جي عالمي نقطي نظر، سماجي سمجهه ۽ پروڙ، انقلابي عوامي موقف جي دوربيني ۽ خوردبينيءَ سان تپاس ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي. ان جي حقيقي ترقي پسند جُزن ۽ رجعت پرست جُزن کي الڳ ڪري، ان ادب ڏانهن ان حساب سان رويو قائم ڪرڻ گهرجي.

[b]نئين اُسرندڙ عوامي ۽ پورهيت ادب ۽ فن جي همت افزائي ڪجي
[/b]هر طبقي جي نمائندگي ڪندڙن ۾ سُٺا ۽ خراب اديب ۽ فنڪار ٿين ٿا. هرڪو چاهيندو ته جيڪا به تخليق پيش ٿئي يا ٻين ڳالهين سان گڏ فني طرح به اعليٰ درجي جي هجي.
عام طرح سرمايه دار ۽ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ عوامي اديبن جي ڀيٽ ۾ جاگيردار، سرمايه دار، رجعت پرست ۽ سامراج پرست لاڙا رکندڙ اديب فني طرح وڌيڪ تجربيڪار، قابل ۽ مقبول آهن.
پورهيت عوامي ادب جي انهن ملڪن ۾ اڃان ڄڻ شروعات آهي. هر ٻي نئين شيءِ وانگر اهو ادب به شروع شروع ۾ ڪچو ڦڪو هوندو. عوامي اديبن جو فرض ٿيندو ته هو ٻين ڳالهين سان گڏ فن جي پختگيءَ تي به خاص ڌيان ڏين ۽ ڏاڪي به ڏاڪي ان جو معيار وڌائين.
ٻئي طرف عوام جو به فرض آهي ته عوام دشمن يا غير عوامي ادب جي ڀيٽ ۾ ڪچي ڦڪي اُسرندڙ نئين عوامي ۽ پورهيت ادب جي همت افزائي ڪن ته جيئن اهو سندن مدد ۽ همت افزائيءَ سان جلد از جلد پنهنجو معيار اوچي ۾ اوچو ڪري عوام دشمن ۽ غيرعوامي ادب کان ان ڳالهه ۾ گوءِ کڻي وڃي.
دراصل پَس پيش صحيح عظيم عالمي ادب اهو پورهيت ادب ئي ٿيندو، ڇو ته اهو ئي ڌرتيءَ جي ڌيئن پُٽن جي وڏي اڪثريت جي جذبن ۽ صلاحيتن جي ترجماني ڪري ٿو. جڏهن اهو اسان وٽ وهيءَ چڙهندو تڏهن اهي رنگ ڪري ڏيکاريندو، جو ماڻهن کي اڳيون خبرون وسري وينديون.
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي جي ناهه ڪو!
سنڌ ۾ اڄ به ٿورن وڏن اديبن ۽ شاعرن کي ڇڏي، ٻين گهڻن کي اسان جا نوان اُسرندڙ پورهيت اديب ۽ شاعر اَشي ڪشي ملهون ماريو بيٺا آهن! اڃان ته ڪٿي ڳالهه پئي آهي!
عام ٿورو پڙهيل غريب ماڻهو به اديب ٿي سگهن ٿا ۽ ضرور ٿين!
حقيقي عوامي ادب تڏهن تخليق ٿيندو، جڏهن خود شهري توڙي ٻهراڙيءَ جا ڏکن ڏڌل، ماريل پيڙيل غريب ماڻهو قلم هٿ ۾ کڻندا.
جتي باهه ٻري اها جاءِ جلي،
ڪهڙا سيڪ پاڙي واليان نون!

خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌ ۾ ڪَئيِن پورهيت ماڻهو چڱا شاعر ۽ اديب ٿي ويا آهن. ادبي رسالن وارن کي کپي ته اُنهن جي همت شڪني نه، همت افزائي ڪن. خاص ڪري آتم ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ پورهيت ماڻهن سان ڪو ٻيو مقابلو ڪري ڪونه سگهندو. هر ٿوري گهڻي پڙهيل، غريب پورهيت ماڻهوءَ کي، پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي ٻين کي پڙهي ٻُڌائڻ گهرجي. جيڪي وڌيڪ سُٺيون هجن، تن کي ڇپائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

[b]فوري اشاعت نه ٿئي ته پرواهه ڪانهي
[/b]هونئن ته ادب آهي ئي ڇپجڻ لاءِ پر ڪي حالتون اهڙيون به ٿينديون آهن، جن ۾ جيڪي لکڻ ضروري آهي، سو في الحال ڪن سببن جي ڪري ڇپجي نه سگهندو آهي. اهڙين حالتن ۾ لازم آهي ته صحيح عوامي ادب جي تخليق جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي، هر حالت ۾ جاري رهي، چاهي اهو هڪدم ڇپجي سگهي يا نه.
دنيا جا ڪي تمام وڏا شاهڪار فوري طرح ڇپجي نه سگهيا، اڳئين زماني ۾ پريسون ۽ اخبارون ڪونه هيون. قلمي نسخن تيار ڪرڻ لاءِ هزارين روپيا خرچ ۽ ڪَئِين سال وقت لڳي ويندو هو. ڪي ڪتاب ته ماڻهن لکي ٽيهه ٽيهه سال رکي ڇڏيا، پوءِ شايع ڪيا. سائنسدان ڪاپرنيڪس پنهنجو جڳ مشهور سائنسي شاهڪار “انساني جسمن جي حرڪت جا قائدا” مرڻ کان ٿورو اڳ ۽ لکڻ کان 30 سال پوءِ شايع ڪرائڻ جي اجازت ڏني!

[b]عوام دشمن ادب تي تنقيد ڪريو!
[/b]ادب بابت عام ماڻهن جو اهو رويو پئي رهيو آهي ته ماڻهن کي جيڪو وڻي سو ادب تخليق ڪن. وڻندو ته پڙهنداسين، نه ته نه پڙهنداسين. اهو رويو نقصانڪار آهي. اڄ هر مسئلو عوام جو مسئلو آهي. اهي زمانا ويا جڏهن عوام هن ڌرتيءَ کان لاوارث ۽ لاتعلق هو. هاڻ هر ڪم سان سندس واسطو آهي. عوام ئي وارث ۽ مالڪ ٿيو آهي هر ڳالهه جو.
سوچڻ گهرجي ته عوامي ادب تي عوام دشمن جا ڇاڙتا ڪيڏا نه ڇتا چچراٽ ٿا ڪن! ڪهڙن ڪهڙن بيهودن دليلن ۽ حجتن جا ڏنڊا ٿا اُلارين! ڪيڏيون نه اکيون ٿا ڦوٽارين! ڪيڏو نه مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿي ٿا وڃن! ان جو سبب اهو آهي ته ادب ۽ فن وانگر، ادبي ۽ فني تنقيد ۽ پرک به، طبقاتي مفادن، لاڙن ۽ ذهني، فڪري، جذباتي، روين ۽ عادتن کان هرگز بالاتر ڪانهي. اها به ادبي ۽ فني ميدان ۾ هڪ طبقاتي هٿيار طور ڪتب ايندي رهي آهي.

[b]“بادا بي ميار” نه ٿيو!
[/b]اهڙي حالت ۾ ڇا اسين عوام دشمن ادب ڏسي “بادا بي ميار” ٿيا ويٺا هجون، ڄڻ الائي ڪنهن جي بازار پئي لُٽجي؟ نه! عوام اڳيان جيڪا هڪ هڪ سِٽَ بازار ۾ پيش ٿئي ٿي، تنهن جي اسان کي پوري پوري چڪاس وٺڻ گهرجي ته اسان جي دشمن سِٽَ آهي يا دوست سِٽِ.
ظاهر آهي ادبي پرک جا معيار پنهنجا آهن. ان لاءِ ڪجهه ڄاڻ، تجربو ۽ هنر گهرجي، پر هروڀرو تنقيد اهڙي “جُوج بلائي” به ڪانهي، جو ماڻهو ڊپ کان ويجهو به نه وڃيس! گهڻو ڪري ته “سُر کنيو راڳ پروڙيو” ۽ “ڪرمي پٽ پينگهن ۾ پڌرا” واري ڳالهه وانگر ماڻهو گهڻين حالتن ۾، گهڻو ڪري، اُٿندي ئي سمجهي ويندو ته ماکي آهي يا زهر. واقعي ادب آهي يا ٺلهي ولل ۽ يخي برائي يخي.
تنهن کان سواءِ اسان جي سڄاڻ ترقي پسند پارکن کي به پنهنجو ڪم وڌيڪ وسيع، گهرو ۽ تيز ڪرڻ گهرجي. کين پنهنجي ادبي نظرياتي پيڙهه وڌيڪ پختي ڪرڻ گهرجي. خاص ڪري سائنسي فلسفي تي گهري دسترس ۽ مڪمل عبور حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ادب ۽ ثقافت بابت جُڙتو سامراجي نظرين جون پاڙون پٽڻ گهرجن.
جُڙتو “نئين ادب ۽ فن” جي پاڙ پٽڻ ۽ سچي نئين ادب ۽ فن کي زور وٺائڻ، ادب ۽ فن جي ميدان ۾ اڄ جي دؤر جو هڪڙو اهڙو اهم ترين ۽ مقدس ترين عوامي فرض آهي.