باب پهريون : هوئج هوشيار ! ترڪڻ آهي تڙ ۾! (شاهه)
دنيا جي ڪيترن ٻين اُسرندڙ ادبن وانگر سنڌي ادب به هميشه طوفانن وچان اڳتي وڌيو آهي. ان کي وِک وِک تي اندروني توڙي ٻاهرين رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ نِت نَوَن مسئلن کي حل ڪرڻو پيو آهي.
اڄ به سنڌي ادب هر طرح جي مسئلن ۾ گهيريل آهي. انهن جي حل نه ٿيڻ ڪري اهو ڪن ڳالهين ۾ اڳتي وڌڻ سان گڏوگڏ ڪيترين ٻين بُنيادِي ڳالهين ۾ پوئتي موٽ کائيندو رهيو آهي. انهن مسئلن مان ڪي ته “اُڀ اکئين پيو ڏسجي آڱر سڃي ڇا ڪبو” وانگر سڀ ڪنهن کي اکين اڳيان آهن ته ڪي وري اهڙا آهن، جن کي چڱيءَ طرح کولي بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اٽڪل ويهه سال اڳ، 1960ع کان وٺي، اسان جي ادب جي خلاف هڪ زبردست طوفان اُٿيو هو. هيءُ طوفان سالن جا سال هليو هو ۽ اسان جي ادب جي زندگي ۽ بقا کي سخت خطري ۾ وجهي ڇڏيو هئائين. سنڌي ادب جي اسان سمورن گهڻ گهرن ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي سالن جا سال سنڌي ادب جي زندگي ۽ بچاءُ جي اها جنگ لڙي هئي ۽ ان طوفان جو ڪامياب مقابلو ڪيو هئوسين. اهو طوفان مڪمل طرح نه ختم ٿيو. اهو موقعو ملڻ تي رکي رکي وري تيز ٿيندو آهي ۽ جيستائين موجوده نظام قائم آهي، تيستائين سدائين وقت بوقت تيز ٿيندو رهندو، پر ان وقت اسان سندس بُنيادِي زور ٽوڙي رکيو هو ۽ في الحال منجهس اڳوڻو دم ڪونهي. اها سنڌي ادب توڙي سنڌي ماڻهن جي شاندار سوڀ هئي. ان ڪري سنڌي ادب لاءِ سنڌي ماڻهن جي بهتر خدمت ڪرڻ جي راهه سالن جي لاءِ صاف ٿي وئي ۽ اهو ڪافي وڏيون ٻرانگهون ڀري اڳتي وڌيو.
ڪجهه سالن کان، هند ۽ پاڪستان جو ادب هڪ زبردست عالمي ادب-دشمن طوفان جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. اهو مجموعي طور هندستان ۽ پاڪستان توڙي ٽين دُنِيا جي هن دؤر جي ادب کي هڪ نهايت غلط ۽ خطرناڪ واٽ ڏانهن ڌِڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري اهو مجموعي طور اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي موٽ کائي رهيو آهي.
هند ۽ سنڌ جي سنڌي ادب تي به ان طوفان جا نهايت بُرا اثر پيا آهن ۽ سالن جا سال اسان جو ادب اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي موٽ کائيندو رهيو آهي. شڪر آهي ته هاڻ ڪجهه سڻائو واءُ وريو آهي ۽ اسان جي اديبن، ادب دوستن ۽ پڙهندڙن ان طوفان خلاف جدوجهد ڪري ان کي جهَڪو ڪيو آهي، پر ان جدوجهد ۾ اڃا گهرائي ۽ وُسعت نه آئي آهي. ان جا نظرياتي بنياد نه رکيا ويا آهن، ان ڪري مرض جون پاڙون نه پٽجي سگهيون آهن.
جيڪڏهن ان مسئلي ۽ اهڙن ڪن ٻين بُنيادِي مسئلن کان چڱيءَ طرح واقف ٿي، انهن جا حل ڳولي نه ڪڍيا ويا ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ مخالف طوفانن سان چيلهه ٻڌي مقابلو نه ڪيو ويو ته اسان جو ادب هَلِي هَلِي نيٺ مجموعي طرح رجعت پرست، عوام دشمن ۽ سامراج پرست ادب به ٿي سگهي ٿو.
جنهن عالمي ادب- دشمن طوفان سڄيءَ دُنِيا جي ادب کي، هندستان ۽ پاڪستان سميت ٽين دنيا جي سمورن ملڪن جي ادبن کي ۽ هِندُ ۽ سنڌ جي سنڌي ادب کي وڪڙ ۾ ورتو آهي، سو آهي هڪڙي پاسي مار ڌاڙ وارو جادوئي، ڪرامتي ۽ تاريخي “ادب” ۽ ٻئي پاسي نااُميدي ۽ مايوسي ڦهلائيندڙ نام نهاد نئين يا جديد ادب جو عالمي ادب- دشمن طوفان.
اسين هتي ان رجعت پرست ادب ۽ ان سان لاڳاپيل ڪجهه ادبي، فني ۽ عملي مسئلن جو جائزو وٺنداسين.
هيستائين هن قسم جا جائزا اڪثر نام نهاد “طبقن کان بالاتر”، نقطه نظر کان ورتا ويندا رهيا آهن. هيءُ جائزو اسين ان منافقيءَ کي رد ڪندي، دُنِيا جي عوام جي اڪثريت جي باخبر ۽ باشعور عالمي نقطه نگاهه ۽ بيهڪ کي اختيار ڪندي، وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسون.
[b]عالمي ميدانِ جنگ
[/b]هر اخبار پڙهندڙ ۽ دُنِيا جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکندڙ ماڻهوءَ کي خبر آهي ته دُنِيا جي سامراج اڄ سڄيءَ دُنِيا کي عوام خلاف جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو آهي. تعليمي ادارن کان وٺي راند جي ميدانن ۽ ورزش جي آکاڙن تائين، ادبي ڪچهرين ۽ مشاعرن کان وٺي سَٽي مارڪيٽن ۽ جُوا خانن تائين، فوجي پريڊ گرائونڊن ۽ پارڪن کان وٺي مندرن، مسجدن ۽ ڪليسائن تائين، رڻن پٽن، ميدانن ۽ پهاڙن کان وٺي سمنڊ جي تِرن ۽ خلائن جي ڏورانهين بلندين تائين، هُو هر جاءِ، هر هنڌ کي پنهنجي جنگي اڏي ۾ تبديل ڪري رهيو آهي.
هن کي جيڪا به شيءِ نظر اچي ٿي، تنهن کي هو هٿيار ڪري استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. عام تباهيءَ جي ٻين ڀيانڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ بمن، راڪيٽن ۽ شعاعن کان سواءِ هن اهڙيون قاتل گئسون ٺاهيون آهن، جيڪي پکي پکڻ، ماڻهو، جانور، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، گاهه ۽ فصل هر شيءِ تباهه ڪريو ڇڏين. جيوڙا ٺاهيا اٿس، جيڪي ملڪن ۾ هٿراديون اڻ ڏٺيون ۽ اڻ ٻڌيون خوفناڪ وبائون ٿا ڦهلائين، ٻيو ته ٺهيو گگدام جانورن کي تربيت ڏيئي کانئن قاتلن جو ڪم پيا وٺن. ٻلهڻين ۽ ٻين سامونڊي جانورن کي تربيت ڏني اٿن ته پاڻ سان ٻڌل تارپيڊي سميت وڃي پراون جهازن سان ٽڪرائين ۽ انهن کي غرق ڪن! جي ڪنهن کي ان خلاف دانهن ڪوڪ ڪرڻي هجي ته ڀلي وڃي مئل ٻلهڻ کي چالان ڪرائي!
پر عوام کي دشمنن جي رڳو مارڻ ڪونه ماريو آهي. گهڻو ماريو ته سندن منجهانئن ئي آهي. گهڻي ۾ گهڻا گهوٽ مونجهارن جا ماريل ۽ گمراهين جا گهايل ئي هوندا آهن، تڏهن مارئيءَ به چيو آهي:
مارن منجهه مُياس، نه ته ماڙي ماريس ڪين ڪي. (شاهه)
هيستائين ڪوبه عوام دشمن، سموري عوام کي ماري چٽ ڪري، پورو پئي ڪونه سگهيو آهي. ان ڪري عوام دشمنن جو ڳُجهو نعرو آهي، “عوام کي مارڻ سان گڏ مُنجهايو، برغلايو ۽ مت مان ڪڍو! اول کين مُنجهايو، برغلايو ۽ مت مان ڪڍو، پوءِ فقط انهن کي ماريو، جيڪي مُنجهانئڻ سان مري نه سگهن.”
ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين ۾ بهتر زندگيءَ جي آس ۽ اُميد ئي نه سرجي، سندن دماغن ۾ سندن زندگين کي جهنم بڻائيندڙن سان مقابلي جو خيال ئي پيدا ٿي نه سگهي ۽ جي پيدا ٿئي ته اُسرندي ئي ختم ٿي وڃي، ان لاءِ هنن ماڻهن جي ذهنن ۽ روحن، احساسن ۽ جذبن، سوچن ۽ نظرين کي ڪوڙهيو ڪري ڇڏڻ واسطي، ڪئين ذهني ۽ روحاني وبائي مرض ۽ وچڙندڙ بيماريون هٿرادو تيار ڪرائي، سڄي دُنِيا ۾ پکيڙي ڇڏيون آهن. هنن پنهنجي ثقافتي هٿيارن جي فيڪٽريءَ ۾ هٿرادو “علم” ۽ “سائنسون” تيار ڪرايون آهن. ويندي هٿرادو سامراج پرست “مذهبي” فرقا ۽ “مذهب” به تيار ڪرائي دنيا ۾ ڦهلائي ڇڏيا اٿن. دنيا جي ڄاتل سڃاتل قديم مذهبن جون به، هنن پنهنجون نيون نڪوريون هٿرادو سامراجي تشريحون ۽ تفسير تيار ڪرائي ڇڏيا آهن.
[b]نئون عالمي زيارتگاهه!
[/b]وچ مشرق (فلسطين کان وٺي عربن تائين وغيره) دنيا جي ڪئين وڏن مذهبن جو پينگهو سڏيو وڃي ٿو، پر جيترا “مذهبي” فرقا ۽ خود ڪي بلڪل نوان “مذهب” عالمي سامراج گذريل ٿورڙي عرصي ۾ تيار ڪرايا آهن، تن جي مقابلي ۾ وچ مشرق ڄڻ ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي. جيترو صدق اوچتو ئي اوچتو آمريڪي ۽ يورپي ارب پتي سرمايه دارن ۽ خاص ڪري سي آءِ اي کاتي جي عملدارن کي دنيا جي سڀني پراڻن ۽ نون مذهبن لاءِ ٿي پيو آهي، سو جيڪڏهن واقعي سچو هجي ها ته جيڪر ڪو سرمايه دار يا سي آءِ اي وارو ڪليسائن، سناگاگن، مندرن ۽ مسجدن کان ٻاهر مشڪل لڀي ها. سڀ رات ڏينهن يا ته انهن عبادتخانن جي اندر عبادت ۾ مشغول نظر اچن ها يا وري منجهانئن هڪڙا انگ ڀڀوت ٿيا، ڪنهن اوچي پهاڙ جي چوٽيءَ تي هڪ ٽنگ تي بيهي تپسيائون ڪندا نظر اچن ها ته ٻيا غارن ۽ چُرن ۾ رياضتون ڪندا لڀن ها. هڪڙا سَر روزا اڌ کارڪ تي کوليندا وتن ها ته ٻيا خانقاهن ۾ چاليها ڪڍندا يا کوهن ۾ اونڌا لٽڪندا نظر اچن ها.
سڄي دنيا جي پادرين، پنڊتن، يهودي ربيسن، ٻوڌي ڀڪشوئن ۽ دنيا پرست عالم سڳورن ۽ ٻين اهڙي قسم جي ڀلارن بزرگن جون ڳاڻيٽي کان ٻاهر جنسون سال ۾ ڪَئين ڀيرا ولرن جا ولر ۽ قافلن جا قافلا ڪريو، ڪن ولايتن کان ڪهيو اچيو فيض جي چشمن مان سيراب ٿيڻ لاءِ آمريڪا ولايت جي ڪينجهر جي ڪنڌين تي ڪَٺا ٿين.
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل،
نڪا جهل نه پل، سڀڪو پَسي پِرينءَ کي.
وارو ڪم لڳو پيو آهي. هر ملڪ جي اهڙن ڀلارن جي هڪڙي ٽنگ ڳوٺ آهي ته ٻي هتي. ڪي بزرگ ته پنڌن ۽ رولڙن کان بچڻ لاءِ، مورڳو ٻارين ٻچين لڏي پلاڻي اچي هن نئين ڀلاري ولايت ۾ راڄ ڳوٺ ٻڌي ويٺا آهن. اهڙيءَ ريت اڄ هيءُ ملڪ هڪڙي اهڙي بين المذهبي زيارتگاهه بڻجي وئي آهي، جنهن جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. مڪي ۽ مديني، ڪاشي، روم ۽ بيت المقدس ۾ فقط ڪنهن هڪڙي يا وڌ ۾ وڌ ٻن مذهبن جا زيارتي گڏ ٿين ٿا، پر هت ته دنيا جي سمورن مذهبن جا خاص ڀلارا بزرگ، جن جي مٿان نر پکي پيو هڪلجي ۽ جيڪي هونئن هڪ ٻئي جي مذهب جو نالو ٻُڌي مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ۽ هڪٻئي جي مذهبن خلاف ڪئين الماڙيون ڪتابن جون ڀريو ويٺا آهن ۽ زباني ڇُرا ۽ ڪات کڻيو هلندا وتن، سي هتي پهچڻ سان شينهن ٻڪريءَ وانگر هڪڙي ئي گهاٽ تي فيض ۽ برڪت جا پاڻي پين ٿا. مجال آهي جو ڪو ڪنهن کي الف مان ب به کڻي چئي! اهڙيءَ ريت سامراجي آمريڪا اڄ نه رڳو بين الاقوامي پر بين المذهبي زيارتگاهه (Holiest of Holy Places) بڻجي چڪو آهي.
هي جو روز اخبارن ۾ پڙهندا اچون ته اڄ فلاڻي هنڌ مذهبي دنگا فساد ۽ ڪُوس ٿيا، هيترا ڦٽيا، هيترا مئا، اڄ فلاڻي سامراج دشمن حڪومت جو تختو اونڌو ٿيو، اڄ فلاڻي ليڊر جو ڪم لهي ويو، سو رڳو ايئن پاڻمرادو ته ڪونه ٿو ٿئي! ان ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ انهن ڀلارن بزرگن جون ڪجهه دعائون، ڪجهه ڪرامتون ۽ ڪجهه هٿ جون صفايون به شامل هونديون آهن.
[b]ثقافتي هٿيار
[/b]جنگ ۾ هر قسم جا هٿيار کپن، جن ماڻهن تي اهڙن ڀلارن بزرگن جو ڦيڻو ڇٽو به نٿو هلي سگهي، تن لاءِ وري ٻيون قسمين قسمين نشي آور پُڙيون آهن، جن جو ڪم به آهي، ماڻهن کي عقل ۽ هوش مان ڪڍي ڇڏڻ، عقل ۽ هوش ويو ته باقي ڇا رهيو؟ لک فوجن جي سورهي سپهه سالار کي ننڊ جي گولِي ڏيئي پوءِ ڀل ٽئي ڪپڙا به لاهي وٺوس! ڪنهن ارسطو، بو علي سينا ۽ اينسٽائن جهڙي کي آفيم جي پنڪيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. سڀ وڄائون وسري ويندس! ٻِڪي جو کوڙو به ڪونه ٻُڌائي سگهندو!
جاسوسي، جنس پرست، جادوئي، ڪرامتي ۽ وحشي مارا ماريءَ وارو سامراجي ادب ۽ فن ماڻهن جي ذهنن ۽ دماغن کي مُڏو ۽ موڳو ڪري، سندن قدرتي طرح صحتمند احساسن ۽ جذبن کي بادفرنگ ۽ ڪوڙهه لڳائي، ماڻهوءَ کي روحاني طرح پنڪي خور، موالي ۽ هپي ڪريو يا ٻنهي پڙن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي يا بي حس ۽ بي رحم، جهنگ جو ڇتو مِرون بنايو ڇڏي.
[b]“ادبي” ڊائجيسٽون
[/b]پنڪيون ڏيندڙ، ڪوڙهئي ۽ بادفرنگي ادب کي وبا وانگر سڄي جهان ۾ ڦهلائڻ ۾ “ادبي” ڊائجيسٽون سڀ کان اثرائتو وسيلو ثابت ٿيون آهن. انهن ۾ ٻن چئن عوام جي ڀلي جي سُٺين لکيتن جي آڙ ۾، کنڊ چڙهيل زهريلو مال هلايو ويندو آهي. دنيا ۾ انگريزي ريڊرز ڊائجيسٽ کان وڌيڪ مشهور ۽ مقبول ڊائجيسٽ ٻي ڪانهي. ان ۾ ڪن تمام سُٺن ڪارائتن ۽ خوبصورت مضمونن جي آڙ ۾ نهايت بي حيائيءَ ۽ بي شرميءَ سان سامراج پاران زهريلي ۽ ڇتي عوام دشمن پروپئگنڊا ڪئي ويندي آهي. عوام جي قاتل دشمنن ۽ غدارن کي سندن مُحسن ۽ هيرو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي ۽ حقيقي مُحسنن ۽ هيرن کي بدمعاش، مُجرم ۽ پاڳل ڪري پيش ڪيو ويندو آهي. هر ٽئين چوٿين پرچي ۾ سامراجي موت جي واپارين يعني عام تباهيءَ جا هٿيار تيار ڪري، هٿرادو جنگيون جهيڙا ڪرائي، ملڪن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، پنهنجي هٿيارن جو وڪرو وڌائي، ارب پدم ڊالر پيدا ڪندڙ ڪارخانيدارن ۽ واپارين پاران هڪڙو اهڙو مضمون ضرور شايع ٿيندو ته، “جنگ سِرَ تي بيٺي آهي، پاڻ وٽ هٿيار ذات ڪونهي. بجيٽ سڄي فضول ڪمن تي يعني تعليم، صحت، سماجي بهبود تي خرچ ٿي ويئي ۽ بُکيا کائي ويا! ملڪ خطري ۾ آهي. مغربي تهذيب آخري پساهن تي آهي! ٻيا فضول خرچ هڪدم بند ڪري جنگ لاءِ تيار ٿي وٺو! فوج وڌايو، هٿيارن جا زبردست نوان آرڊر ڏيو!”
[b]في سبيل الله شاهدي
[/b]هر ملڪ ۾ سامراج جا “مشهور معروف” اديب، صحافي، دانشور ۽ محقق وغيره ڌاريل آهن ۽ ڪئين “مشهور معروف” رسالا ۽ ڊائجيسٽون ڪڍايل آهن. پنهنجي ڪوڙي پروپئگنڊا کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ “چانڊيا چور شنباڻي شاهد” واري ڳالهه وانگر سامراج جا هندستان ۾ ڌاريل پالتو، “مشهور معروف” اديب، صحافي، رسالا ۽ ڊائجيسٽون وغيره، مصر جي “مشهور معروف” سامراجي ڇاڙتن، اديبن، رسالن ۽ ڊائجيسٽن جي شاهدي واريندا ۽ سندن حوالا ڏيندا. اهي وري پاڪستان وارن جي واريندا ۽ اهي جرمنيءَ وارن جي واريندا. دُنِيا ۾ ڏيڍ سئو کان مٿي ملڪ آهن، انهن مان ڪنهن به ملڪ جا سامراجي، پالتو “اديب، دانشور ۽ عالم” ڪنهن به ٻئي ملڪ جي پالتوئن جي شاهدي وجهن ۽ حوالا ڏين ته وس وارا آهن. شاهدي اها ملندي جيڪا موت جي واپارين، سندن سي آءِ اي جي ڳالهه کي سچو ڪندي، تِر جو به فرق ڪونه پوندو.
[b]جاسوسي ڪهاڻيون
[/b]ڪارنل وولرچ ۽ ٻئي اهڙي هڪ اڌ جاسوسي ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين کي ڇڏي باقي ٻيو سمورو سرمايه دار جاسوسي ادب ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ مان ڀروسو ڪڍيو ڇڏي. دنيا جي عوام جون وڏي ۾ وڏيون ضرورتون آهن، هڪٻئي سان همدردي ۽ پيار، هڪٻئي تي ڀروسو، پاڻ ۾ ٻڌي ۽ تنظيم. جي جاسوسي ڪهاڻين واري ڳالهه سچي آهي ۽ اڪثر ماڻهو واقعي ايتري قدر نيچ، پئسي جا پُٽ آهن جو ٻٽن هوارن لاءِ سڳي ماءُ جو ڪنڌ لاهيندي دير نه ڪندا ته پوءِ عام ماڻهن جي پاڻ ۾ گڏجڻ، هڪٻئي جو حال ڀائي ۽ همدرد ٿيڻ، ٻڌي ڪرڻ ۽ تنظيم ٺاهڻ، سڄي عمر پنهنجي قول تي پورو ۽ وفادار رهڻ ۽ گڏجي سِرَ جون سَٽون ڏيڻ جو سوال ئي ڪيئن ٿو پيدا ٿي سگهي؟ سامراج کي کپي ئي اها ڳالهه ته عوام تي اهو عام اثر هجي ته، “پاڻ ۾ ٻڌيون وري ڇاجون!؟ سڀ ماڻهو بي ايمان، دوکيباز، چور، ڌاڙيل ۽ رهزن آهن. آءٌ ڇو پوئتي رهان؟” هي ڪهاڻيون اهو به اثر ٿيون ويهارين ته، “غريب ماڻهو وري ڇا جا مظلوم ۽ اشراف آهن؟ اشراف ۽ مظلوم ته ويچارا ڪروڙپتي، ارب پتي سيٺيون ۽ سيٺياڻيون آهن، جيڪي پگهر جي پورهئي مان محل ماڙيون اَڏائين ٿا ۽ هيرا جواهر خريد ڪري رکن ٿا، جن کي غريب ماڻهو هر وقت تاڙيندا ۽ چورائيندا رهن ٿا.” اهو به سبق ٿو ملي ته حاڪم طبقن جي ڇاڙتي پوليس ۽ سندن عدالتي نظام اجايا، رحمدل ۽ نرم دل آهن. انهن هڻي بُکين بدمعاشن جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين ڏاڍي مشڪل سان ڪا ٿوري گهڻي سيکت مس ٿي ملي. هجي ڪو ملڪ ۾ مڙس ماڻهو جو ڏُکين سيٺين ۽ سيٺياڻين کي حرام خور ۽ مجرم غريب ماڻهن کان بچائي دعا کَٽي!
ڪي سمجهُو ماڻهو به سوچيندا هوندا ته آمريڪا ۽ يورپ سامراجي ملڪ آهن، اُتي برابر اڪثر ماڻهو اهڙا ئي بدمعاش هوندا، پر اُتي رڳو سامراجي سيٺيون نه پر عوام به رهي ٿو، مظلوم به رهن ٿا، سُٺا ۽ اشراف ماڻهو به رهن ٿا، اُتي جي عام ماڻهن ۾، پنهنجين خاص حالتن مطابق، خامين سان گڏ خوبيون به آهن، اُتي به ظالمن سان گڏ مقابلو ڪري هڪ نئون جهان اَڏڻ وارا ماڻهو موجود آهن، سرمايه دار سامراجي جاسوسي ڪهاڻيون، جيڪو آمريڪي ۽ يورپي عوام جو نقشو چِٽين ٿيون، سو مجموعي طور سراسر ڪوڙو، گمراهه ڪندڙ ۽ بي ايمانيءَ وارو آهي.
[b]جادو! اسرار! ڪرامتون
[/b]پنهنجن حالتن کي بدلائڻ بابت سوچيندو ۽ ان لاءِ جاکوڙ ۽ ويڙهه ڪندو اهو، جنهن جا پير پَٽ تي هجن ۽ دماغ جاءِ تي هجي. جادو ۽ اسرار جون ڪهاڻيون ماڻهوءَ جا پير ڌرتيءَ تان کڻيو ڇڏين ۽ دماغ کي بولاٽيون کارايو ڇڏين. هو سڄو ڏينهن پيو سوچيندو ته “ڇا جا پڙهڻ، ڇا جا پورهيا، ڇا جا ڪشالا، ڇا جا گهر گهاٽ!؟ قسمت ياوري ڪري ته بس رڳو ڪو پراڻو ڏيئو يا لالٽين اهڙو هٿ چڙهي وڃي، جنهن ۾ ڪو جِن ويٺل هجي! پوءِ ته پئون ٻارهن! سڀ سَڻايون! نه ته وري گس هلندي ڪا اهڙي مومل ملي وڃي جا ڏسندي ئي رڙ ڪري چهٽي وڃي! چي “توکي ته مون الائي ڪيترن جنمن کان الائي ڪهڙين ڪهڙين دُنيائن ۾ پئي ڳوليو! تون هتي ويٺو آهين!” هڪدم ٻَک وِجهي کڻي وڃي ڪنهن ٻئي زماني ۽ ٻيءَ دُنِيا ۾ رسائي. پوءِ ته مزا ئي مزا!”
[b]مارا ماريءَ وارو “ادب”
[/b]مارا ماريءَ وارو ادب عوام کي بي رحمي، سفاڪي ۽ وحشانيت سيکاري ٿو ۽ کيس اهڙو وحشي درندو بنائڻ گهري ٿو جو منجهائنس پنهنجي پرائي جي ساڃاهه ئي نڪري وڃي ۽ جيڪو سامهون اچيس تنهن جي نڙي وڍي رکي. اهڙي انساني “مال” مان سامراج کي عوام خلاف ڪارائتا ڪِرائي جا قاتل، جاسوس ۽ ايجنٽ ملن ٿا، جيڪي چند ڏوڪڙن عيوض پنهنجي وطن جي عوام خلاف توڙي دُنِيا جي عوام خلاف ڪهڙو به غداريءَ، درندگيءَ ۽ شيطانيءَ وارو جرم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا.
[b]ڪرامتي “ادب”
[/b]ڪرامتي ادب ۽ جادوئي اسراري ادب جو ڀاءُ آهي. پِير جي هڪڙي شُوڪاري يا تعويذ سان ئي لُڏڻ ڪنوار ملي وڃي ۽ سڀ ڏکيائيون آسان ٿي وڃن ته ماڻهو ٻيا جوڳ ڇو پچائي؟
ڪرامت باز ليکڪ ڪرامتن بيان ڪرڻ ۾ اهڙيون اهڙيون بائونڊريون ۽ ڇَڪا ٿا هڻن جو عمران خان ۽ دنيش لِلي پارا پنهنجي گهر ويهن! ڪي نه ڪي ماڻهو ضرور انهيءَ سوچ ۾ به پئجي سگهن ٿا ته، “جي اهو حساب آهي ته دُنِيا جون حڪومتون ڏاڍيون ڪي ڀورڙيون آهن جو ايڏا ڪروڙ ۽ ارب خرچي هيڏا سارا هٿيار ۽ فوجون گڏ پيون ڪن ۽ ملڪ جي اقتصادي حالت کي ٽيڪ ڏيارڻ لاءِ هيڏا سارا پاپرا پيون پٽين! دُنِيا ۾ هرو ڀرو اهڙي صفا سُڃ به ڪانه هوندي! هيءُ جو هيڏو سارو جهان پيو هلي، سو به ڪِن جي ڪري ته هلندو هوندو! انهن خاسارن جي بدران ڇو نه ٿيون ڪنهن ڪاني ڪرامت واري کي ڪٿان ڳولي هٿ ڪن، جيڪو هڪڙي ئي شُوڪاري سان دشمن جا راڪيٽ ۽ بم ڀسم ڪري ڇڏي ۽ ٻن چئن تعويذن سان، ڏڪار دور ڪري، فصل ڀلا ڪري، پيداوار وڌائي ۽ غيرملڪي واپار ۾ کوٽ پوري ڪري ملڪ جو ٻيڙو تاري ڇڏي.”
[b]“تاريخي” ڪهاڻيون
[/b]ادب جي روپ ۾ سامراجي پروپئگنڊا جي زهر جو ٻيو قسم آهي تاريخي ڪهاڻيون.
هر نئون ڦورو ۽ ظالم حاڪم طبقو يا ٽولو پهريائين عوام جي مدد سان اڳئين حاڪم طبقي سان مقابلو ڪري ان جو تختو اُٿلائي ٿو. ڪم نڪرڻ کانپوءِ عوام سان ڪيل واعدن کي پاڻي ڏيڻ بدران اهو پنهنجي دشمنن يعني اڳوڻن حاڪم طبقن ۽ ٽولن سان سمجهوتو ڪري، انهن کي پنهنجو ڇوٽو ڀائيوار بڻائي، انهن سان گڏجي پنهنجي مددگار عوام کي ڪُچلي ٿو. دُنِيا جي هر ملڪ جي جاگيردارن پهريائين عوام سان گڏجي غلام دارن جو تختو اونڌو ڪيو. پوءِ هنن عوام سان دوکو ڪري، شڪست کاڌل غلام دارن سان ٺاهه ڪري، ساڻن سازباز ڪري، پنهنجي مددگار اُسرندڙ عوام کي ڪُچلي ڇڏيائون.
[b]تاريخي مها زٽ
[/b]18هين ۽ 19هين صديءَ ۾ جڏهن سرمايه داري اڃا اُسري رهي هئي ۽ نئون جوڀن هوس، تڏهن ان، مُردار جاگيرداريءَ جي لعنتي نظام تي، هر ميدان ۾ زبردست ۽ قاتلانه حملا ڪيا ۽ ان جي بُنيادن ۾ زلزلا وجهي ڇڏيا، پر هاڻ هن صديءَ ۾ جڏهن سرمايه داري پاڻ آدمخور پوڙهي ٻانڀ ٿي وئي آهي، تڏهن “چنڊو چنڊي کي سئو ڪوهن تي ڳولهي لهي” واريءَ ڳالهه وانگر هن جاگيرداريءَ جي مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتل ڏائڻ کي پنهنجو ننڍو ڀائيوار بنايو آهي ۽ اُن کي رت جون بوتلون چاڙهي، منجهس ڪجهه نئون ساهه وجهي، کيس نئين سر عوام جي خلاف استعمال ڪرڻ لڳي آهي. سامراج جي سرپرستيءَ ۽ مدد سان، هر ملڪ جا جاگيردار پرست، عوام دشمن، جاگيردار ثقافت جي بدبودار لاشن کي قبرن مان کوٽي، ڪڍي، کين ٽيڪون ڏيئي، ويهاري، سندن ڳڻ ڳائي ۽ کين جيئرو پِير ڪري پُوڄارائي رهيا آهن. جاگيردار طبقي جا ڪئين نئين دؤر جا ادبي ڀَٽ ۽ مڱڻهار دهل ڳچين ۾ وجهيو، رسالن، ڪتابن، ريڊين، ٽي وين ۽ فلمن ۾ سرمائيداري نظام کان سوين دفعا بدتر بُڇڙي ۽ بيهودي جاگيرداري نظام، جاگيردار طبقي ۽ اميرن، اُمرائن، بادشاهن ۽ ٻئي جاگيردار طبقي جي فردن جا هٿرادو ۽ ڪوڙا ڪارناما بيان ڪريو، کين ڌرتيءَ جا سوڍا پُٽ ڪريو پيا ڳائين، وڄائين. انهن هٿرادو ۽ ڪوڙن قِصن کي “تاريخي” ڪهاڻيون ۽ “تاريخي” ناول ڪري سڏيو ويندو آهي.
[b]ڌرتيءَ جي هڪڙي ڪوڙيءَ کان ڪوڙي لکت
[/b]هن ڌرتيءَ جي اڪثر بُنيادِي کان بنيادي ڳالهين بابت جيڪي ڪوڙين کان ڪوڙيون لکيتون موجود آهن، تن ۾ هڪڙي ڪوڙين کان ڪوڙي لکيت اها آهي، جنهن کي اسين “تاريخ” سڏيون ٿا. هن ۾ ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪري ڏيکاريو ويو آهي. ظالم کي مظلوم ۽ مظلوم کي ظالم ڪري سڏيو ويو آهي. ڦوروئن ۽ ڌاڙيلن کي سخي ۽ ڏاتار ڪوٺيو ويو آهي. الله جي مخلوق لاءِ قيامتون برپا ڪندڙ وحشي درندن کي سلطان، عادل ۽ الله جو پاڇو سڏيو ويو آهي ۽ پنهنجون جانيون، مال ۽ لڄون بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي گَسَ تان ٿِڙيل، نافرمان ۽ باغي سڏيو ويو آهي. جاهل ۽ بيهودن غنڊن کي روشن ضمير ۽ دانائيءَ جو سمنڊ ڪوٺيو ويو آهي ۽ دانائن کي ڪَل ٿِڙيل ۽ پاڳل سڏيو ويو آهي. هڪڙو ڪمينو ۽ لوفر بدمعاش ٻيا پاڻ جهڙا بدمعاش، ڪمينا ۽ لوفر ساڻ وٺي، ڪنهن جون ٻڪريون ۽ رڍون ڦُري ٿو، ڪنهن جي کري کي باهه ٿو ڏئي، ڪنهن جي ڌيءَ ۽ زال کڻي ٿو يا ڪنهن کي ماري وجهي ٿو ته سماج ان کي چور، ڦورُو ۽ ڌاڙيل سڏي ٿو ۽ ان کي سوريءَ تي چاڙهڻ کي مناسب سزا ٺهرائي ٿو، پر جي ٻيو رولاڪ لوفر ۽ بدمعاش رهزن پاڻ سان پنجاهه هزار يا لک ٻيا پاڻ جهڙا رولاڪ لوفر ۽ بدمعاش رهزن وٺي، مسڪين ماڻهن جون لک رڍون، ٻڪريون ۽ اُٺ، گهوڙا ڦُري ٿو، ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شهرن جا شهر ۽ ملڪن جا ملڪ ساڙي رک ڪري ڇڏي ٿو. هزارين لکين ماڻهو بيگناهه قتل ڪري ڇڏي ٿو، ماڻهن جون هزارين لکين نياڻيون ۽ لڄون ڀَڄائي کڻي وڃي، انهن جي پاڻ به لڄالٽ ڪري ٿو ۽ ٻين لوفرن ۽ بدمعاشن هٿان به سندن لڄالُٽ ڪرائي ٿو ۽ ان کان پوءِ انهن کي ڍورن وانگر بازارين ۾ تين وال ڪري ٿو، ته جعلي تاريخ ان کي مهاڀلي، مهاراج، اڌيراج، امير، غازي، سلطان، بادشاهه، شهنشاهه، ظِلِ الله، قيصر قسريٰ، محافظِ دين و الملت Defender of the faith جي لقبن جا هار پهرائي، آفرينون ڏئي ٿي ۽ سندس انهيءَ انسانيت سوز ڏوهن کي “فتح” ۽ “ڪشور ڪشائيءَ” جو لقب ڏيئي، انهن ڀيانڪ بين الاقوامي ڏوهن کي قابلِ فخر ڪارناما ٺهرائي ٿي.
ان ڳالهه جو بُنيادي سبب اهو آهي جو دنيا جي تاريخ ذري گهٽ سڄي جي سڄي يا ته حاڪم طبقن جي ٽُڪرِيلُ ڇاڙتن طرفان لکي وئي آهي يا انهن طرفان لکي وئي آهي، جيڪي حاڪم طبقي منجهان يا ان جي رحم ڪرم تي هئا ۽ ڪيڏو به چاهين ها ۽ سماج ۽ تاريخ بابت پوري ڄاڻ ۽ سمجهه به رکن ها (جيڪا ڳالهه گذريل دؤرن ۾ سماجي سائنس جي موجود نه هئڻ جي ڪري ناممڪن هئي) ته به انساني سماج ۽ تاريخ جون بُنيادِي حقيقتون بُنيادِي طرح سچي نموني لکي نٿي سگهيا.
[b]سنڌي تاريخ جا ماخذ
[/b]پري وڃڻ جي ضرورت ڪانهي، رڳو سنڌي تاريخ جي بنيادي ماخذن جهڙوڪ چچ نامي، تاريخ معصومي، تاريخ طاهري، ترخان نامي، مظهر شاهجهاني، نوائي مُعارڪ وغيره جي لکندڙن کي وٺو، جن مان پهرئين کان سواءِ ٻيا سڀ سنڌ جا رهندڙ “سنڌي” هئا. سندن لکيل “تاريخن” کي پڙهي فيصلو ڪريو ته جنهن ملڪ جي تاريخ پيئي لکيائون، تنهن جي ماڻهن جا سڄڻ هئا يا انهن کي ڦُريندڙ ماريندڙ سامراجين جا ٻولڙيا ۽ ڍنڍورچي؟
[b]ڳُجهي تاريخ
[/b]دُنِيا جي عوام جي باشعور نقطي نگاهه کان اڃا دُنِيا جي مُفصل ۽ مُستند تاريخ ڪانه لکي وئي آهي. پاڻ کي دُنِيا جي اڳوڻي تاريخ ۾ شايد فقط هڪڙو اهڙو ڪتاب ملندو، جنهن جي لکندڙ پنهنجي دؤر جي جابر حڪمرانن بابت، پنهنجي ذاتي ڄاڻ ۽ طبقاتي سوچ ۽ سمجهه آهر، ڪنهن به “يعني”، “مگر”، “چونڪه”، “چنانچه” کان سواءِ، سندن اهڙو ڪچو چٺو کولي کڻي سڄيءَ دُنِيا کان اڳيان رکيو آهي، جنهن جو مثال روءِ زمين تي اڄ تائين مشڪل ملي. اهو ماڻهو پنهنجو داستان ڪجهه هن قسم جي لفظن ۾ شروع ٿو ڪري: “مون اڳ فلاڻا فلاڻا تاريخي ڪتاب لکيا آهن، انهن ۾ شهنشاهه ۽ ملڪه عالم جي حڪومت ۽ سندن ذاتي خوبين جو مفصل ذڪر ڪيو اٿم. انهن تاريخن جو لفظ لفظ ڪوڙ آهي. اهي تعريفون بي ايمانيءَ واريون آهن، منهنجو ضمير مون تي ملامت ٿو ڪري. هاڻي ڀڄي اچي هتي هڪڙي تهه خاني ۾ لڪي، هيءُ تاريخ لکان ٿو، جنهن ۾ لفظ لفظ سچ لکندس. هي سٽون به ويٺو لکان ۽ ڏڪان به پيو ته متان پوليس ڇاپو نه اچي هڻي...”
ان تاريخ جو انگريزي ترجمو ڇپيل آهي، ان جو نالو آهي ڳُجهي تاريخ (Secret History)، ان جو لکندڙ هڪ يوناني مورخ آهي، جنهن جو نالو آهي پروڪوپيس Procopious. هن اها تاريخ 14 صديون اڳ قسطنطنيه جي هاڪاري رومي شهنشاهه جسٽينين جنهن کي عيسائي ذري گهٽ وليءَ جو درجو ڏيندا هئا، تنهن ۽ سندس ملڪه ٿيوڊورا Theodora جي عقل چرخ ڪندڙ شيطاني ڪارنامن جي باري ۾ لکي آهي. پنجاب ۾ چوندا آهن ته، “جنهن لاهور نه ڏٺو، سو ڄڻ ته ڄائو ئي ڪونه.” سو ان ڳالهه وانگر جنهن پروڪوپيس جي ڳُجهي تاريخ نه پڙهي، تنهن به چئبو يا عمر بنان ملاوت واري، حال سارو اصلي، تاريخي چيز جو چُشڪو نه ورتو.
جيڪڏهن سموري تاريخ “ڳُجهي تاريخ” وانگر لکيل هجي ها ته پوءِ جيڪر خلفاءِ راشدين، خليفي عمر بن عبدالعزيز ۽ ٻين اهڙن ڳاڻ ڳڻين، اڻلڀ ۽ بي مثال حاڪمن کي ڇڏي، باقي دُنِيا جي ٻين اهڙن ڦورن ۽ ظالم حاڪم طبقن جي فردن يعني جاگيردارن، اميرن، نوابن، سلطانن، راجائن، مهاراجائن، قيصرن، ڪسرائن ۽ ڏنڊي جي زور تي ٺهيل هٿرادن اميرالمومنين ۽ خليفن جا سياهه ڪارناما پڙهي ماڻهن جو رَتُ ٽهڪي پوي ها.* هنن ماڻهن پنهنجين حياتين ۾، خدا ۽ انسانيت جي مهذب قانونن جي خلاف، جيڪي خدا جي مخلوق سان ويل وهايا آهن ۽ انهن خلاف سنگين ۽ ڪڏهن به معاف نه ڪرڻ جهڙا جرم ڪيا آهن، سي سڀ رڪارڊ ڪيا ويا هجن ها ۽ انهن جي کين عام ماڻهن وانگر پوري پوري سزا ڏجي ها ته ڏيئي ئي نه سگهجي ها! جيڪر سزا طور سندن جيئري کَلون لاهي، سندن بدن وڍي، ٽُڪر ٽُڪر ڪري، تيل جي ڪڙاهين ۾ ڪاڙهي ۽ پوءِ سندن ٽُڪر سِبي، کين سُورين تي چاڙهيو وڃي ها ۽ گذريل سموريون صديون هو ايئن ٽنگيا پيا هجن ها ۽ هجن به جيئرا ها، ته به جيڪر سندن ڀيانڪ شيطاني ڪرتُوتن جي سزا ملي پوري ڪانه ٿئي ها.
ڪڏهن نه ڪڏهن اهو ڏينهن ضرور اچڻو آهي، جڏهن عوام جي ازلي ۽ ابدي دشمنن يعني شيطان صفت آدم خورن کي هٿرادي نموني عوام جو گهڻ گهُرو، محسن، محبوب هيرو ۽ معصوم فرشتو بڻائي کين عوام تي ذهني طرح مڙهڻ وارن ضمير فروش ۽ بي حيا جعلي تاريخ نويسن جي ڪوڙيءَ شهرت جي لاش کي دنيا جو سجاڳ عوام قبرن مان ڪڍي ڪُتن جي حوالي ڪندو.
[b]بغداد ۾ ڌاڙي هڻڻ جو سرڪاري ٺيڪو!
[/b]نام نهاد تاريخي ڪهاڻين ۽ تاريخي ناولن ۾ ٻيون سڀ ڳالهيون آهن، سواءِ انهن ٻه ٽڪا اصلي ڳالهين جي، جيڪي اُن دؤر جي تاريخن ۾ قسمت سانگي لکجي ويون آهن. ڪابه ڊائجيسٽ اسان کي اها تاريخي حقيقت ڪانه ٻُڌائيندي ته عباسي خلافت جي پهرئين دؤر ۾ بغداد جي قاضيءَ جي عهدي کي باقاعدي نيلام ڪيو ويو ۽ قاضيءَ کان لکائي ورتو ويو ته رشوت مان هيترا پئسا سرڪاري خزاني ۾ پياريندين! نڪو ان ڳالهه جو ذڪر ايندو ته ڪنهن وقت بغداد کي لُٽڻ لاءِ به باقاعدي سرڪاري طرح احمدي ڌاڙيل کي ٺيڪو ڏنو ويو، جنهن جا ماڻهو ٺيڪي کڻڻ کان پوءِ باقاعدي ڏينهن ڏٺي، شمعدان ٻاري، گهرن مان مال لُٽيندا هئا (پڙهو: تاريخ طبري ۽ تاريخ خلافت از علامه جلال الدين سيوطي وغيره وغيره). حوالو رڳو حاڪمن جي “نوازشن”، “حلم”، هڪڙي ڏينهن قاضيءَ اڳيان تابعدار ٿي بيهڻ، ٽوپيون سبي وڪڻڻ ۽ ان مان گذر ڪرڻ، ڪنهن پوڙهيءَ کي انعام ڏيڻ جو ايندو هو! انهن ٻٽن نمائشي ڊرامن جي پويان جيڪا خدا جي مخلوق مٿان صدين جون صديون قيامت برپا رهندي آئي آهي، تنهن جو نالو نشان گم ڪيو ويندو رهيو آهي.