اِيءُ گَتِ غَواصَن..... (پيش لفظ): پروفيسر محمد هنگورجو
سندم فرزند ڊاڪٽر محمد متارو لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري ۾ پڙهندو هو، ان دوران سنڌ ۽ سنڌ جي تعليم کي درپيش مسئلن بابت عالمي سنڌي توڙي علمي فورمن تي اِي ميل لکندو رهندو هو، انهن تحريرن کي پسند ڪرڻ، همٿائڻ ۽ مزيد اصلاح ڪرڻ وارن مهربانن مان سائين الطاف شيخ صاحب جن پڻ هڪڙا هُئا. ڊاڪٽر متارو سراسر سندن ذڪر خير ڪندو رهندو هو ته هيڏي وڏي ۽ نامور شخصيت هوندي به سائين جن غرور ۽ تڪبر کان بنهه پري رهندڙ، سنڌي قوم لاءِ وڏو درد رکندڙ، خير چاهيندڙ، انتهائي سادا ۽ سٻاجها انسان آهن. ڊاڪٽر متاري منهنجي ڪتاب ”کيرون کاهوڙين جون“ مان ڪجهه شاعري انٽر نيٽ ذريعي کين پهچائي، جنهن کي پسند ڪيائون، ڪتاب موڪلڻ ۽ راقم الحروف سان ملاقات لاءِ چيائون.
”سڄڻن جو آشان، نه ته آئون ڪو لهان ايترو“ ڪتاب ته کين ملي ويو مگر ملاقات لاءِ ڊاڪٽر کي وري به چوندا رهيا. هوڏانهن رڻ ڪڇ بارڊر جي رهواسي مون جهڙي معمولي ماڻهوءَ جي هن عظيم عالمي سيلانيءَ تائين پهچ ۽ ملاقات مشڪل هئي.
اپريل 2009ع ۾ هڪڙي دل جي مريض مائٽ جي باءِ پاس آپريشن لاءِ کيس وٺي اچي نيشنل ميڊيڪل سينٽر ڪراچي ۾ داخل ڪرايوسين. خوش قسمتيءَ سان سائين الطاف شيخ صاحب جن به ڪراچي ۾ موجود هئا. ڊاڪٽر متاري کين منهنجي ڪراچيءَ ۾ هئڻ واري ڳالهه ٻڌائي. چيائون ته مون کي صرف ايڊريس ڏي، باقي آئون پاڻ وڃي ٿو پهچان. شام جو فون ڪري مريض بابت پڇيائون (جيڪو آپريشن بعد آءِ سي يو ۾ داخل هو) ۽ چيائون ته صبحاڻي اٺين (8) وڳي کان اڳ ۾ اوهان وٽ پهچي ويندس. صبح ٿيو ساڍين ستين وڳي ڌاري فون ڪيائون، آئون اچان پيو. منهنجي هن نمبر ۽ هن رنگ واري ڪار آهي. اسين سينٽر جي ٻاهران اچي بيٺاسين، صبح سوير هئي، روڊ تي ٽريفڪ گهٽ هئي. اسان پري کان ڪار جي رنگ ۽ نمبر سڃاڻڻ کان اڳ ۾ کين ڪار ۾ اڳيان ويٺل ڏسي سڃاڻي ورتو، جو اخبارن، رسالن، ڪتابن، توڙي ٽي وي ۾ سندن تصويرون سدائين ڏسندا رهيا آهيون. ڪار آڻي اسان جي اڳيان اچي بيهاريائون.
ڀلا ڀانيان پنهنجا نهايت نصيب
ڪهي اڄ قريب، آيا لک احاسن ٿيا
(هه م)
اسين وڌي ساڻن ملياسين، مون وارو ڪتاب ”کيرون کاهوڙين جون“ هٿ ۾ هُئن، ملڻ جو انداز اهڙو ڄڻ ڪا قصابن جي واقفيت ۽ ويجهي واسطيداري هُئي، منهنجي ذهن ۾ سندن وڏي شخصيت هئڻ واري سوچ باعث جيڪا احساس ڪمتري واري ڪيفيت هئي سان کن پل ۾ ڪافور ٿي وئي. ڊرائيور کي ڪئميرا ڏيئي فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيائون، مختلف زاوين سان فوٽو نڪرندا رهيا، خوش عافيت، تعارف، سنڌي ادب، شاعري ۽ ٿر بابت گفتگو هلندي رهي. اسان کين ويٽنگ روم ۾ ويهڻ ۽ چانهه وغيره پيئڻ لاءِ زور ڀريو، پر ايئن اجايو وقت وڃائڻ واري مختصر ۽ معقول ڳالهه چئي اسان کي ماٺ ڪرائي ڇڏيائون. هڪ وڏو ٿيلهو، جيڪو ڪتابن ۽ ٻئي مختلف سامان سان ڀريل هو، سو ڊاڪٽر متاري کي پهچائڻ لاءِ ڏنائون ۽ پوءِ جلد ايئرپورٽ تي پهچڻ لاءِ روانا ٿي ويا.
هڪڙي گمنام ماڻهوءَ سان ايئن ملاقات مان سندن اعليٰ ظرفي عيان ۽ بنهه بي مثال چئبي. سچ پچ ته مون کي اُن مختصر ملاقات مان وڏو حوصلو مليو.
حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو
سومون سڀ ڄمار، اورڻ اُهو ئي ٿيو.
(شاهه رح)
ان کان پوءِ به ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن، هر ڀيري وڏا وڙ، قرب، ڪتاب ۽ قيمتي تحفا! ايئن سراسر رابطو رهندو اچي. وڏا قرب ڪري اڪثر پاڻ فون ڪندا، حال پڇندا، هدايتون ڏيندا ۽ حوصله افزائي ڪندا رهيا آهن.
جڏهن پکين تي پنهنجو هڪ مثالي ڪتاب ”پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس“ ڇپائي رهيا هُئا ته فون ڪري مون کان پکين بابت (شاعريءَ ۾) مواد گهرايائون. جيڪو مون سندن ڏنل پي ٽي سي ايل فون نمبر تي پڙهي ٻڌايو. پسند ڪري مختصر پروفائيل سان گڏ پنهنجي اُن شاهڪار ڪتاب ۾ شايع ڪري ڇڏيائون.
آئون پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان، جو هر موڙ تي مون کي سندن شفقت حاصل رهي ۽ اڄ آئون ان عظيم هستيءَ تي ٻه اکر لکي رهيو آهيان، هتي صرف پاڻ تي واضح ٿيل هڪڙي مختصر جهلڪ پيش ڪري رهيو آهيان، سندن شخصيت تي وڌيڪ روشني اسان جا عالم اڪابر ئي وجهي سگهندا، جيستائين تحريرن جو تعلق آهي ته، قدرت کين اهڙي ته ڏات ۽ اُن کي اظهارڻ جو اهڙوئي ڏانءُ ڏنو آهي، جو پاٺڪ پاڻ کي سفر ۾ شامل مشاهدا ماڻيندي محسوس ڪري ٿو.
دراصل سائين الطاف شيخ صاحب جن سڄي قوم ۽ اُن جي ايندڙ نسلن جا محسن ۽ استاد آهن. هن عُمر ۾ به پاڻ سنڌي قوم جي بهتر تعليم، تربيت ۽ ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندي دنيا جهان مان موتي ميڙي وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان پيش ڪري رهيا آهن.
اِيءَ گت غواصن، جيئن سمونڊ سوجهيائون
پيهي منجهه پاتال جي، ماڻڪ ميڙيائون
آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين
(شاهه رحه)
پروفيسر محمد هنڱورجو
مٺي