برمودا ٽڪنڊي بابت جھونن ڪئپٽنن جي راءِ
ٺيڪ آهي هن سمنڊ جي حصي تي تمام گهڻا حادثا ٿين ٿا، خاص ڪري ماضيءَ ۾ ٿيا آهن، جڏهن اڄ جهڙا ماڊرن اليڪٽرونڪ اوزار ايجاد نه ٿيا هئا، جڏهن موسم جي اڳواٽ ڄاڻ نٿي پهتي، پر سوال آهي ته ڇا جهازن جا حادثا ٻين سمنڊن تي نٿا ٿين؟
پنهنجي 15 سال کن سامونڊي نوڪري تي نظر ٿو وجھان ته مون سان برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ ته اهو هڪڙو بئالر جو معمولي حادثو ٿيو پر ٻيا ڪيترائي حادثا ۽ ڏکيا ڏينهن ته ڪڏهن سائوٿ چائنا سي ۽ بحر اسود (ڪاري سمنڊ) تي پيش آيا ته ڪڏهن ميڊيٽرينين ۽ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ آيا ٿي. انگلنڊ ويندي ”خليج بسڪي“ واري سمنڊ ۽ جپان جي اوسي پاسي واري سمنڊ ۾ ته هميشه طوفان ۽ سئڪلون مليا ۽ ڪيترا دفعا مرندي مرندي يا ٻڏندي ٻڏندي بچيا هونداسين. اهوئي حال منهنجن ٻين دوستن سان ٿيو آهي. اسان جي بئچ ۾ يعني منهنجي پنجاهه کن ڪلاس ميٽن مان 25 جهازن جا ڪئپٽن ٿيا ۽ 25 مون وانگر جهازن جا چيف انجنيئر. اهڙي طرح اڪيڊميءَ ۾ هڪ بئچ اسان کان سينئر هئي ته هڪ جونئر .... يعني اهي ڏيڍ سؤ کن ته اسين پاڻ ۾ چڱي طرح واقف رهياسين. اهڙي طرح ٻين ڪيترن سان مختلف جهازن تي رهڻ ٿيو جيڪي مئرين اڪيڊمي ۾ بعد جي بئچن ۾ آيا ۽ جهازن تي جونئر انجنيئر (مئرين) يا نيويگيٽر جي حيثيت سان رهيا. سامونڊي زندگي اهڙي آهي جنهن ۾ هوائي جهازن کان به وڌيڪَ حادثا ٿين ٿا. ڪيترا ئي منهنجا پاڪستاني ڪلاس ميٽ يا جونئر جهازن جي ٻڏڻ، سڙڻ يا ٽڪرائڻ ڪري يا انجڻ روم ۾ حادثا ٿيڻ تي گذاري به ويا. پر انهن ۾ ڪو به برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ موت جو شڪار نه ٿيو.
اسان وٽ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ننڍي وڏي کي برمودا ٽڪنڊي جي ڏاڍي اڻ تڻ رهي ٿي. آئون به جيئن ئي ڪنهن کي ٻڌايان ٿو ته منهنجو واسطو سمنڊ سان رهيو آهي، ته هو يڪدم برمودا ٽڪنڊي بابت پُڇي ٿو. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃان ٿو ته اتي به سڀ کان گهڻو برمودا ٽڪنڊي ۽ جل پرين بابت پڇيو وڃي ٿو. پر ڳالهه اها آهي ته اسين جهاز هلائيندڙ دوست جڏهن پاڻ ۾ ملون ٿا ته ڪڏهن به برمودا ٽڪنڊي جي ته ڳالهه به نٿا ڪريون. سڀني کي خبر آهي ته ان سمنڊ ۾ چقمقي هيٺ مٿاهين (Magnetic Anomalies) جي گهڻائي آهي“ جنهن ڪري ان سمنڊ تي ’طرفن‘ جي صحيح طرح ڄاڻ مشڪل ٿيو پوي ۽ جهاز هلائيندڙ غلط راهه ڏي هلائي پنهنجي جهاز کي ڪنهن ٻيٽ تي چاڙهيو ڇڏين يا سمنڊ هيٺ موجود (خاص ڪري برمودا ٽڪندي واري سمنڊ ۾) ٽڪرين سان ٽڪرائي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪريو ڇڏين .... يا اونهي پاڻيءَ مٿان هلڻ بعد تانگهي ڏي هليا وڃن ۽ جهاز گرائونڊ ٿيو وڃي .... يعني ’جهاز جو ترو‘ سمنڊ جي تري جي ريتيءَ سان ڄميو وڃي ۽ اهڙي صورت ۾ جهاز جو اڳتي هلڻ يا ان هنڌ تان نڪرڻ مشڪل، ڪڏهن ته ناممڪن ٿيو پوي ۽ جهاز تي موجود ماڻهن کي جهاز جي ٻيڙي لاهي يا اوسي پاسي کان لنگهندڙ ٻيڙين ۾ چڙهي وڃڻو پوي ٿو ۽ پٺيان جهاز اتي ئي بيٺو رهي ٿو. ان کي ٻاهر ڪڍرائڻ يا ڇڪرائڻ ۾ مالڪ جو ايڏو خرچ اچي ٿو جو هو ان کان بهتر اهو سمجھي ٿو ته وڃي نئون جهاز وٺجي.
هن مضمون لکڻ دوران مون پنهنجن ڪجهه جهازي ساٿين کان برمودا ٽڪنڊي بابت پڇيو .... خاص ڪري انهن کان جن تمام وڏو عرصو سمنڊ تي گذاريو آهي. اسانجا ته جيئن ئي ٻار وڏا ٿيا ته سمنڊ جي نوڪري ڇڏي اچي ڪناري جي نوڪري ڪئيسين پر منهنجا ڪجهه ڪليگ پوڙها ٿيڻ بعد به سمنڊ جون صعوبتون سهندا رهيا. برمودا ٽڪنڊي لاءِ انهن جو اهو ئي رايو آهي، جنهن سان آئون به سهمت آهيان ۽ هر پڙهندڙ ڳڙهندڙ جهازران جو آهي .... باقي ڪتابن لکڻ وارا گهڻو ڪري نان پروفيشنل آهن، جيئن پهرين ڪتاب ”دي برمودا ٽرئنگل“ بابت لکي چڪو آهيان ته ان جو ليکڪ هڪ ’ٽريول ايجنٽ‘ هو يعني سڄو ڏينهن پنهنجي دڪان تي ويٺو هوندو هو. هن ته هڪ مهينو به سمنڊ تي جهاز نه هلايو ۽ نه هن کي ڪا سمنڊ جي واقفيت ۽ تجربو هو. اهڙو ئي حال ٻين ليکڪن جو آهي، جن فقط سنسني پکيڙي آهي ۽ پڙهندرن ۾ تجسس پيدا ڪيو آهي. خير ڪجهه ليکڪ اهڙا به آهن جن پنهنجي مضمونن ۽ ڪتابن ۾ ٻين ليکڪن جي ڳالهين جي نفي پڻ ڪئي آهي.
ڪئپٽن احمد حسين مخدوم نه رڳو مون سان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ گڏ هو، پر ڪيترن جهازن تي به هُنَ مون سان گڏ سفر ڪيو۽ ڪناري جي نوڪريءَ ۾ به اسان ٻنهي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ پڙهايو. احمد حسين 1943ع ۾ نواب شاهه ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ درٻيلي ۾ ڄائو، جنهن ڳوٺ کي شايد ڊڀرو به سڏين ٿا. اسان وٽ هر ڳالهه ۾ انگريزن يا يورپين کي اهميت ڏني وڃي ٿي. ڪئپٽن احمد حسين چاهي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو يا هن جو پاڪستان سان واسطو آهي پر دنيا ۾ هن جو قدر مٿاهين درجي جي قابل ۽ تجربيڪار جهازرانن (Navigators) ۾ آهي. ڇو جو هي پروفيشن اهڙو آهي جنهن ۾ راڻيپور، گمبٽ کان مٽياريءَ تائين ٽئڪسي نٿي هلائڻي پوي، پر هر قسم جو جهاز دنيا جي هر سمنڊ تي هلائڻو پوي ٿو. چاهي ڪو پاڪستاني جهازران ڪمپنيءَ جو جهاز هلائيندو هجي ته به ان کي هلائڻو ته سڄي دنيا ۾ پوي ٿو. ۽ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم پهريون پاڪستاني ڪئپٽن آهي، جنهن پنهنجي فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، جيڪا ورلي ڪنهن انگريز يا يورپيءَ ڪئي هوندي. احمد حسين مخدوم اڄ به مختلف جهازن تي Sail ڪندو رهي ٿو. ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائي جي نوجوان جهازين کي پڙهائڻ کان علاوه انگلينڊ ۾ به ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. جنهن ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جا ليڪچر ٻڌا هوندا اهو ئي اندازو لڳائي سگهي ٿو ته احمد حسين مخدوم جي انگريزي ۽ سمجھائڻ جي طريقي سان ڪو انگريز به مقابلو نه ڪري سگهندو. ان کان علاوه احمد کي بي انتها سمنڊ جو تجربو ۽ اعتماد آهي. رات مون سنگاپور فون ڪري کيس چيو: ”احمد ڳالهه ته ٻڌ! منهنجا پڙهندڙ برمودا ٽڪنڊي بابت ڏاڍو پڇن ٿا. آئون اهو به سمجهان ٿو ته ان جي ڪا اهميت ناهي پر جيئن ته تنهنجو به ان سمنڊ مان تمام گهڻو لنگهه ٿيو آهي سو تنهنجا ڇا views آهن؟“
”صحيح ٿا چئو! يورپ کان نيويارڪ يا نيواورلينس ويندي مونکي هر وقت هن برمودا ٽڪنڊي مان جهاز اڪارڻو پوندو هو.“ ڪئپٽن مخدوم ٻڌايو، ”وچ ۾ سال ڏيڍ جڏهن مون يونان جي جهازن تي نوڪري ڪئي ته ان وقت ته مونکي هر وقت برازيل وڃڻ لاءِ چيو ويندو هو ۽ ايندي ويندي برمودا ٽڪنڊي مان لنگھڻوپيو ٿي.“
”پوءِ ڀلا ان بابت تنهنجو ڇا خيالُ آهي ؟“ مون پڇيو.
”آئون هميشه رب پاڪ کان دعائون گهرندو رهندو آهيان. آئون هر ڳالهه ان طرفان سمجھان ٿو. ڀلي کڻي جهاز ماڊرن ٿي ويا آهن .... ڀلي کڻي اسان اُٺَ ڪتابن جا پڙهيا هجن .... ڀلي کڻي اسان کي سالن جو تجربو هجي پر سمنڊ تي جڏهن طوفان ٿا لڳن يا جڏهن سمنڊ مڇرجي ٿو، ان وقت مونکي ٻڌاءِ ته لوهه جا آفت جهڙا لک لک ٽنن جا جهاز به ڪيئن ٿا ٽڙڪاٽ ڪن .... بس قدرت پئي هلائي. اها ئي اسان کي سنئين راهه وٺي هلڻ جو عقل ڏئي ٿي .... نه ته انسان جي دماغَ جو ٿورو چڪرائڻ به وڏي کان وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. الله جي فضل سان منهنجي جهاز کي برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ ڪو به حادثو درپيش نه آيو. منهنجي خيال ۾ انسان جي دِل ۾ ويٺل خوف هن کي مارائي ٿو. هو ڇا چوندا آهن ته: ”سانپ نه ماري پر سانپ جو سَپُ (خوف) ماري.“ سو اهي ڪئپٽن ۽ نيويگيٽر جن جي دلين ۾ اڳهين خوف ۽ وسوسا رهن ٿا ته برمودا ٽڪنڊي ۾ ساڻن يا سندن جهاز سان ڪجهه ٿيندو ته انهن سان واقعي ٿيو وڃي.“
”پر برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ ڪا ته ڳالهه آهي جنهن ڪري ماضي ۾ ته هيڪاندا گهڻا حادثا ٿيا پر اڄ به جهازن سان ويڌن ٿيندي رهي ٿي.“ مون ڪئپٽن مخدوم کي چيو.
”اهو ته اسان سڀني کي ٻڌايو وڃي ٿو ۽ پنهنجن نيويگيشنل چارٽن ۾ به ٿلهن اکرن ۾ چتاءَ خاطر لکيل آهي ته، هن سمنڊ ۾ magnetic anomalies آهن يعني ڪمپاس جي سئي ”صحيح اتر“ (True North)نٿي ڏيکاري. پوءِ ٿوري سستي، بيخيالي يا غلط مئٿس ڪري غلط رزلٽ هيٺ جهاز ڪجهه ڊگريون به هيڏانهن هوڏانهن ٿيو وڃي ته تانگهي پاڻيءَ ۾ گرائونڊ ٿيو وڃي يا ڪنهن ٻيٽ تي چڙهي تباهه ٿيو وڃي. پر سوال آهي ان قسم جا مٿي جا سور فقط هن سمنڊ (برمودا ٽڪنڊي) ۾ ته نه آهن. هن سمنڊ ۾ هي مسئلو آهي ته ٻين سمنڊن ۾ ٻين قسم جا مسئلا.... جپان ۽ ڪوريا پاسي لڳندڙ ٽائفون ڇا جهاز نٿيون ٻوڙين؟ ياد اٿئي خليج بسڪي وارو سمنڊ.... جبرالٽر مان نڪرڻ وقت چوندو هئين ته ان سمنڊ مان جي لنگهي انگلينڊ هلڻو آهي ته ان کان بهتر آهي جهاز ڏکڻ طرف هلي پوءِ ڀلي هلي سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار ۾ بيهي.“
ڪئپٽن مخدوم مونکي اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ جو زمانو ياد ڏياريو، جڏهن اسان سامونڊي زندگي ۾ نوان نوان آيا هئاسين ۽ ساڳي جهاز رنگامٽي تي Sail ڪندا هئاسين. هو ڪئڊٽ يا فورٿ آفيسر هو ۽ آئون ففٿ انجنيئر. مونکي رف سي (مڇريل سمنڊ) ۾ ڏاڍي سي سڪنيس ٿيندي هئي. جڏهن جهاز وڏين ڇولين تي مٿي کڄي هيٺ اچي ڦهڪو ڪندو هو ته هر وقت ائين لڳندو هو ڄڻ آنڊا ٻاهر ٿا نڪرن. انگلينڊ گهمڻ جو مونکي ڏاڍو شوق هو پر هر دفعي انگلينڊ پهچڻ کان اڳ وارو سمنڊ Bay of Biscay ڏاڍو خراب ملندو هو. ۽ پوءِ ته ان سمنڊ جو اهڙو خوف ويهي ويو جو جيئن ئي جبرالٽر واري نار مان نڪري پورچوگال ڏي رخ ڪبو هو ته دماغ تي خوف طاري ٿي ويندو هو ته هاڻ اجھو ئي ”بي آف بسڪي“ ۾ گهڙياسين. سو ڪئپٽن مخدوم جي ڳالهه صحيح آهي ته سمنڊ جيتوڻيڪ رومانٽڪ آهي، پر ڪهڙو سمنڊ آهي جيڪو مڇرجي نٿو؟ ۽ ڪهڙو سمنڊ آهي جنهن ۾ طوفان نٿا لڳن؟ ته پوءِ رڳو برمودا ٽڪنڊي کي ڏوهه ڇو ڏجي؟!
برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ بابت ڪنهن انگريز، يورپين يا آمريڪن جهازران کان پڇڻ بدران پنهنجي ملڪ جي جهازيءَ کان ڇو نه پڇجي. ڪجهه ڪجهه اسان جا جهازران اهڙا آهن جن جي تعليم، ڄاڻ ۽ جهاز هلائڻ جي تجربي سان ڪو گورو، ڪو چيني، ڪو جپاني به مقابلو نٿو ڪري. انهن مان هڪ ٻيو جنهن کان پڻ مون برمودا ٽڪنڊي بابت پڇيو، ڪئپٽن مظهر حسين زيدي آهي. هو مونکان پنج ڇهه سال ننڍو آهي پر هن جيترو وقت سمنڊ تي گذاريو آهي اوترو ڪنهن ٻئي پاڪستانيءَ ته ڇا ڪنهن انگريز به ورلي گذاريو هوندو. هو هن وقت 65 سالن جو آهي پر هن جو اڄ به جهازن سان واسطو آهي. هن آئل ٽئنڪر ۽ پئسينجر جهازن کان وٺي ڪارگو، ڪنٽينر، ڪار ڪئريئر ۽ ڪئٽل ڪئريئر (رڍون ٻڪرين کڻڻ وارا جهاز) دنيا جي هر سمنڊ تي هلايا آهن. ايران ۽ عراق واري جنگ ۾ جڏهن ايرانين جا جهاز هلائڻ لاءِ ايراني جهازران آفيسر نه بچيا هئا ۽ بمباريءَ سبب ڌارين ملڪن جي جهازرانن ايراني جهازن تي نوڪري ڪرڻ کان ڪيٻايو ٿي، ان وقت به ڪئپٽن مظهر زيدي خوشي ۽ دليري سان ايران جا ڪيترائي جهاز هلائيندو رهيو، جن مان ٻن جهازن تي عراق وارن جي طرفان ميزائيل هنيا ويا جنهن ڪري جهاز ته سخت طرح تباهه ٿي ويا پر قدرت اسان واري ڪئپٽن مظهر زيديءَ کي بچائي ورتو. منهنجو ايران بابت اڙدو سفرنامو ”ايران ڪي دن“ جيڪو ويلڪم بڪ پورٽ، اڙدو بازار ڪراچي وارن ڇپيو آهي، اهو ڪئپٽن زيديءَ کي منسوب ٿيل آهي. ساڻس منهنجي واقفيت 1970ع کان ٿي، جڏهن اسان هيٺين پوسٽ تي ساڳي جهاز تي يورپ لاءِ Sail ڪيوسين. ان بعد به جڏهن هو چيف آفيسر (چيف ميٽ) هو ۽ آئون سيڪنڊ انجنيئر ته اسان وري هڪ ٻن جهازن تي ڏور اوڀر واري روٽ تي جهاز هلايا. شادين بعد ٻار وڏا ٿيا ۽ ٻارن جي اسڪولنگ لاءِ هڪ هڪ ٿي سمنـڊ جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري اختيار ڪندو رهيو پر ڪئپٽن مظهر زيدي لڳاتار Sail ڪندو رهيو. سو هن جي قابليت ۽ تجربي کان ڪو به انڪاري ناهي. هن کي ڪيترا ئي دفعا مختلف جهازن کي برمودا ٽڪنڊي وارو سمنڊ اڪارڻو پيو. منهنجي ٻڌائڻ تي ته اڄ ڪلهه آئون برمودا ٽڪنڊي تي لکي رهيو آهيان ۽ پڙهندڙن لاءِ سندس ان بابت views پڇڻا آهن، هن فون ذريعي جيڪا پنج ڇهه منٽ گفتگو ڪئي اها هن ريت آهي:
برمودا ٽڪنڊي جي جيڪڏهن توهان تاريخ پڙهندئو ته جيترا به هن سمنڊ ۾ جهازن جي غائب ٿيڻ جا واقعا ٿيا آهن اهي اوڻهين صديءَ جي شروعات وارن سالن جا آهن. ان زماني ۾ جيئن ته اڃان اليڪٽرونڪ نيويگيشن ايجاد نه ٿي هئي، جهاز هلائڻ وارن سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ فقط Magnetic ڪمپاس (قطب نما) تي depend ڪيو ٿي.
سڄي دنيا ۾ نيويگيشن جا جيڪي اصول آهن، انهن اندر اسان جي ڪڏهن Magnetic Compass ٿا استعمال ڪريون ته زمين (earth) جو جيڪو Terrestrial Magnetism آهي، اهو ڪمپاس تي effect ڪري ٿو. اهو T.M سمنڊ جي هر حصي لاءِ Known ٿئي ٿو. سائنسدانن ۽ جهازرانن مختلف جاين جي data جمع ڪري، ان کي دنيا جي سمنڊن جا جيڪي چارٽ (نقشا) آهن، انهن تي In terms of Variation پهرين کان لکرائي ڇڏيو آهي، جيئن سمنڊ تي يا هوا ۾ جهاز اڏائڻ واري پائلٽ کي ڄاڻ هجي ته ڪهڙي هنڌ تي چقمق جي لهرن جو ڪيترو اثر آهي، جيئن هو ان چقمقي اثر کي ڌيان ۾ رکي پوءِ ان موجب پنهنجي رستي جو تعين ڪري سگهي. ڇو جو جهاز تي موجود ڪمپاس تي هڪ ته مقامي چقمقي لهرون اثر ڪن ٿيون ٻيا لوهي structure جهڙوڪ سمنڊ ۾ ٻڏل لوهي جهاز، لوهه جي کاڻين وارا جبل يا ٻيو ڌاتو .... جنهن جو اثر چقمق تي ٿئي ٿو. اهي سڀ اثر گڏجي رستي جي غلط رهنمائي ڪن ٿا ۽ ان error کي جهاز هلائيندڙ ڪمپاس جو error سڏين ٿا ۽ مئٿس ذريعي ان error جو حساب رکي جهازي پنهنجي جهاز کي صحيح طرح منزل تي پهچايو وڃن.
پر اسان جي ڌرتي جي گولي تي ڪجهه اهڙا هنڌ آهن جِتي هيءَ Magnetic Field تيزيءَ سان بدلجندي رهي ٿي، جنهن کي اسان نيوگيشن جي زبان ۾ “Magnetic anomalies” سڏيون ٿا. Anomaly جي معنيٰ آهي فرق، بدنظمي، تبدليي، ائبنارملٽي يا Irreguarlity..... سمنڊ جي اهڙن هنڌن تي جتي Magnetic Anomaly آهي اتي مٿين جدول يا فارمولو نٿو لڳي جو چارٽن (نقشن) ۾ جيتري چقمقي طاقت ڏنل آهي، ان کان گهڻي گهڻي وڌيڪَ ٿيو وڃي ۽ هر وقت اها تيزيءَ سان تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ برمودا ٽڪنڊي جهڙي سمنڊ تي ته ڪجهه حصا اهڙا آهن جتي ڪمپاس گهميو وڃي. اهڙن هنڌن تي توهان جي ڪڏهن جيرو ڪمپاس يا اليڪٽرونڪ ڪمپاس بدران رڳو چقمقي ڪمپاس استعمال ڪري رهيا آهيو، جيئن اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ تائين جهاز ۽ ٻيڙيون هلائڻ وارن ڪيو ٿي، ته پوءِ توهان جي ڀٽڪي وڃڻ ۾ ڪا دير نٿي لڳي. توهان ڪٿان کان ڪٿان وڃي نڪرندئو. توهان کي طرفن ۽ جهاز جي پوزيشن جي ڪا خبر نه پئجي سگهندي. ٻي ڳالهه اها ته برمودا ٽڪنڊي ۾ اڄ به Magnetic Anomaly ايترو ته تيز رفتار سان تبديل ٿئي ٿي جو هڪ هوشيار ۽ قابل نيويگيٽر ئي رستي جو صحيح تعين ڪري سگهي ٿو. گذريل زماني ۾ ته حالتون اهڙيون هيون جو موسم جي ڄاڻ Weather Report به صحيح نٿي ملي. جهاز هلائڻ وارا پاڻ ئي ان سمنڊ تي ايندڙ ڏينهن جي موسم جو اندازو لڳائيندا هئا. هو مختلف Parameters ذريعي جهڙوڪ هوا جو رخ، هوا جي رفتار، هوا ۾ پاڻيءَ جو حصو (Humidity)، ڇولين ۽ هوا جي دٻاءَ جهڙين شين مان ايندڙ موسم deduce ڪندا هئا. ان مان ڪڏهن ته هو صحيح اندازو لڳائي ويندا هئا پر ڪڏهن (بلڪه گهڻو ڪري) هنن کي ان ۾ ناڪامي نصيب ٿيندي هئي. ڪمپاس جي به اهڙي طرح correction نه ڪري سگهندا هئا. ويتر جي سڄو سڄو ڏينهن آسمان تي جھڙ هوندو هو ته پوءِ ته هنن کي پنهنجي جهاز جي صحيح پوزيشن جي ڪا خبر نه پوندي هئي. پوءِ ڪم هلندو هو ڌڪن تي. هو اندازي مطابق هلندا ويندا هئا .... اهو سوچي ته ڪمپاس ۾ هيترو يا هيترو error هوندو، مگر هنن کي ڪهڙي خبر ته سڄو ڪم ابتڙ پيو ٿئي .... اتر بدران هو پنهنجي جهاز کي اوڀر يا اولهه ڏي وٺيو پيا وڃن! نتيجي ۾ برمودا ٽڪنڊي جهڙي سمنڊ ۾ جتي رکي رکي طوفان لڳندا رهن ٿا .... جتي ڪيترن هنڌن تي سمنڊ تمام تانگھو آهي .... جِتي چوڌاري ننڍا ننڍا ٻيٽارا آهن .... جتي سمنڊ هيٺ ٽڪرين جا سلسلا آهن .... اتي جڏهن هو پنهنجي جهاز جي صحيح راهه قائم رکي نه سگهندا هئا، ته پوءِ ظاهر آهي سندن جهاز ڪڏهن ڪنهن ٻيٽ تي چڙهي ويا ٿي ته ڪڏهن تانگھي سمنڊ ۾ ڦاسي پيا ٿي. يا وري ٻڏي ويا ٿي. ۽ پوءِ هر وقت ٿيندڙ ههڙن حادثن ڪري ماڻهن جي دلين ۾ هن سمنڊ (برمودا ٽڪنڊي) لاءِ خوف پيدا پئي ٿيو.... ۽ ٻڌڻ وارو هرڪو هن سمنڊ کي خطرناڪ قرار ڏيڻ لڳو ته برمودا ٽڪنڊي ۾ جادو آهي .... يا غيبات آهي، جو جهاز ٻڏيو وڃن .... جهاز غائب ٿيو وڃن!
پر اهو به ته ڏسو ته اڄ به دنيا جي هر ملڪ جا جهاز هن برمودا ٽڪنڊي واري Area مان گذري رهيا آهن ۽ Safe & Sound گذري رهيا آهن. انهن سان ڪجهه به نٿو ٿئي. ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون به پار اڪريو وڃن. اهو ان ڪري جو اڄ ڪلهه سڀني جهازن توڙي هوائي جهازن تي جديد ۽ Sophisticated اوزار لڳل آهن، جنهن ڪري ڪميونيڪيشن بهتر ٿي وئي آهي .... حادثا به هاڻ ان حساب سان گهٽ ئي ٿين ٿا ۽ اوترائي ٿين ٿا جيترا دنيا جي ٻين سمنڊن تي ٿين ٿا. ان ڪري برمودا ٽڪنڊي ۾ اڄ ڪلهه ٿيندڙ حادثا خبرن ۾ ايترو Highlight نٿا ٿين. ٻي ڳالهه ته اڄ ڪلهه دنيا جي ٻين سمنڊن تي توڙي برمودا ٽڪنڊي تي جيڪي حادثا ٿين ٿا ته انهن جا سبب Known چيا وڃن ٿا. گذريل وقت ۾ جيڪو حادثو ٿيندو هو .... خاص ڪري برمودا ٽڪنڊي ۾، ته ان جا سبب Unknown هوندا هئا ۽ انهن کي افسانوي ۽ سنسني خيز رنگ ڏئي چيو ويو ٿي ته جهاز ڏسندي ئي ڏسندي خبر ناهي ڪيئن غائب ٿي ويو. هڪ قسم جو ڪارو ڪڪر جهاز کي چوگرد وڪوڙي ويو .... اوچتو اوچتو موسم ۾ ڦيرو اچي ويو .... وغيره وغيره .... پر اهي سڀ ڳالهيون هِتان هُتان کان ٻڌل هيون.
گذريل ويهه ٽيهه سال آئون به لڳاتار هن سمنڊ برمودا ٽڪنڊي ۾ جهاز هلائيندو رهيو آهيان. اسان کي به ڪڏهن سمنڊ خراب ته ڪڏهن موسم خراب ملي ٿي .... ڪڏهن وري انجڻ بريڪ ڊائون جي ڪري جهاز توائي ٿي سمنڊ جي لهرن جي رحم ڪرم تي هليو ويو ٿي، پر اسان ماڊرن نيويگيشنل اوزارن جي استعمال ذريعي معلوم ڪري ٿي ورتو ته اسان ڪٿي آهيون يا ڪهڙي طرف لڙهي (Drift ٿي) رهيا آهيون .... پوءِ حساب ڪتاب (Mathematical Calculation) صحيح رکي، صحيح رستي کي ڳولي سلامتي سان پار اڪري وياسين ٿي.
ماضيءَ ۾ هن سمنڊ برمودا ٽڪنڊي مٿان اڏامندڙ هوائي جهازن سان به اها ئي ويڌن هئي. هن ايريا ۾ پهچڻ سان هنن جي ڪمپاس ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿي ڏنو، يا ان ۾ تمام گهڻو error اچي ٿي ويو ۽ هو بتال ٿي تباهيءَ ڏي هليا ويا ٿي. ائين ناهي ته هن سمنڊ ۾ اهي مسئلا نه آهن .... اڄ به برمودا ٽڪنڊي ۾ ڪمپاس ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏي، موسم يڪدم خراب ٿيو وڃي پر اڄ جو پائليٽ يا ڪپتان رڳو Magnetic Compass نٿو استعمال ڪري. اڄ ڪلهه جئرو (Gyro) ڪمپاس ۽ اليڪٽرانڪ ڪمپاس کان علاوه ٻيا به انيڪ نيويگيشنل اوزار استعمال ٿين ٿا جيڪي رستي ۽ موسم جي تفصيلي ڄاڻ ڏين ٿا. پر ان هوندي به هن سمنڊ ۾ جهاز هلائڻ ڪو آسان ڪم ناهي .... جهاز يا ٻيڙي هلائيندڙ جي ٿوري بي خيالي به وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي .... انهيءَ ڪري ته پائلٽن ۽ نيويگيٽرن کي خبردار ڪرڻ لاءِ نيويگيشن چارٽن تي ٿلهن اکرن ۾ لکيل رهي ٿو ته ”هن ايريا (برمودا ٽڪنڊي) ۾ تمام گهڻيون Magnetic Anomalies آهن جيڪي تيزي سان وڌنديون رهن ٿيون ان ڪري رستو ڳولڻ لاءِ خبرداريءَ سان حساب ڪيو وڃي.“