سائين الطاف شيخ سان ٿيل هڪ ملاقات : رضوان گل
الطاف شيخ صاحب جهڙن پيارن ماڻهن لاءِ ئي ڀٽائي صاحب چيو هو ته:
ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي
تن تنين سان ڪٽ، ويجھا جي وصال کي
مون جڏهن سائين الطاف شيخ سان سندس ڪراچي واري رهائش گاهه تي تفصيلي ملاقات ڪئي هئي ته اڪثر وڏن ليکڪن جي باري ۾ ٺهيل خاڪو ئي ذهن ۾ کڻي ويو هوس. اهي وڏا اديب جيڪي شهرتن سبب مغرور ٿي ويندا آهن، اهي اديب جيڪي عام ماڻهن کي گھٽ پڙهيل ۽ بيوقوف سمجھڻ لڳندا آهن، اهي اديب جيڪي چوٽيءَ وارا اديب هوندا آهن. انهن جون چوٽيون ته مون ڪڏهن به ناهن ڏٺيون پر انهن جا رويا ضرور ڏٺا آهن جيڪي اڪثر سندن لکڻين کان بنهه مختلف نظر آيا آهن. سندن لکڻين ۾ پيار، محبت، ڀائيچاري ۽ ٻين ڪيترن ئي هاڪاري روين جون ڳالهيون پڙهي انهن بابت پاڻ وٽ هڪ تمام سٺي راءِ جڙندي آهي جيڪا راءِ سندن ملاقات ٿيڻ بعد تبديل ڪرڻي پوندي آهي. پر مان جڏهن سائين الطاف شيخ صاحب سان ملاقات ڪرڻ لاءِ سندس گھر پهتس ته هن بنگلي جي گيٽ تي ئي اسان کي ڀاڪرن ۾ ڀري آڌرڀاءَ ڪيو. ڊرائنگ روم ۾ ويهارڻ بعد خوش خير عافيت ٿي، جنهن کانپوءِ ڪچهري جو آغاز ٿيو. مان حيران هوس ته هيڏو وڏو ليکڪ، هيڏو وڏو ماڻهو پر ڪابه هٺ وڏائي نظر ئي نه پي آئي، تڏهن مونکي احساس ٿيو ته الطاف شيخ نه صرف وڏو ليکڪ آهي پر هو تمام وڏو ماڻهو به آهي.
ڪجهه گھڙين بعد سائين اسان لاءِ پنهنجي هٿن سان چانهه ٺاهي کڻي آيو، مونسان گڏ پيارو دوست محمد سليمان وساڻ به هو. سائينءَ ڪچهريءَ دوران ٻڌايو ته مان وقت جي پابنديءَ جو قائل آهيان، جنهن کي ٽائيم ڏيندو آهيان، چاهيندو آهيان اهو به وقت تي پهچي وڃي، جيئن ٽائيم ضايع نه ٿئي. سائين سامونڊي زندگيءَ جي ڪيترين ئي دلچسپ ڳالهين جي حوالي سان اهو به ٻڌايو ته مان بحري جهاز ۾ موجود اڪثر آفيسرن کان بنهه مختلف رهيو آهيان. مون پنهنجي زندگي خاص ڊسيپلين تحت گذاري آهي ۽ ان تي اڄ تائين به سختي سان عمل ڪندو رهان ٿو.
ڪچهري دوران مون سوال ڪيو هو ته: سائين امر جليل اوهان جي ويجھن دوستن مان آهي، ساڻس ڪچهريون ته جام ٿينديون هونديون؟
سائين کلي جواب ۾ وراڻيو هو ها! بلڪل امر جليل منهنجو ويجھو دوست آهي پر سندس ٽائيم ٽيبل ۽ منهنجي ٽائيم ٽيبل ۾ گھڻو فرق آهي، جو مان رات جو سويل ئي سمهي پوندو آهيان ۽ امر جليل رات جو دير تائين جاڳندو آهي، مان صبح جو فجر جي نماز لاءِ اٿندو آهيان ته هو ڪجهه وقت اڳ سمهيو هوندو آهي. مان منجهند جو آرام ضرور ڪندو آهيان.
اسان اتي ئي ويٺا هئا سين ته سائينءَ کي موبائيل تي هڪ وزيرَ دعوت ڏني. ان حوالي سان سائينءَ اسان کي ٻڌايو ته، يار! مان اتي وڃڻ گھٽ پسند ڪندو آهيان جتي چند وي آءِ پيز هجن، پر جيڪڏهن ان جي ڀيٽ ۾ مونکي اهڙي هنڌ جي دعوت ايندي آهي جتي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي عام ماڻهن سان ملاقات ٿي وڃي ته مان اتي وڃڻ کي اوليت ڏيندو آهيان. منهنجا ڪيترائي پيٽارين دوست آهن پر مان انهن سان هڪ هڪ ٿي ملڻ بجاءِ ڪڏهن سچل ڳوٺ جي اسڪولي ٻارن سان ملڻ لاءِ نڪري ويندو آهيان ته ڪڏهن ڪنهن اهڙي تقريب ۾ هليو ويندو آهيان جتي هڪ ئي وقت گھڻن ماڻهن سان ميل جول ٿي سگهي.
سائين الطاف شيخ ٻڌايو هو ته: ”جڏهن به منهنجي لکڻ جو موڊ ٿيندو آهي ته اڪثر اسلام آباد هليو ويندو آهيان جتي منهنجا پراڻا پيٽارين فوجي جنرل رهن ٿا، انهن مونکي هاسٽل ۾ هڪ ڪمرو ڏئي ڇڏيو آهي جتي مان اڪيلائپ ۾ ويهي لکندو رهندو آهيان ۽ هڪ ئي وقت پاڪستان جي اردو، سنڌي اخبارن ۽ ملائشيا جي انگريزي اخبارن ۾ به منهنجا ڪالم شايع ٿيندا رهن ٿا“. اتي ئي ويٺل هئاسين ته منهنجي هڪ دوست ولي رحمان جي فون آئي، جنهن سائين الطاف شيخ لاءِ سلام چيا، مون سائين کي ٻڌايو ته اوهان کي دوست سلام چيا آهن ۽ هو به توهان جو پيٽارين آهي. هڪدم سائين مون کان پڇيو: ”ڇا ڪندو آهي اوهان جو دوست“؟
مون چيو سندس بزنس آهي، سائينءَ وراڻيو: ”يار! جڏهن ڪنهن ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهيل لاءِ مان ٻڌندو آهيان ته هو بزنس ٿو ڪري، سياست ٿو ڪري يا ڪنهن ڪاليج جو ايم ايس وغيره آهي ته مونکي سچ پڇو ته ايتري خوشي ناهي ٿيندي.. مان چوندو آهيان ته ڪئڊت ڪاليج مان پڙهڻ واري هر سنڌيءَکي فوج ۾ هئڻ گھرجي، هو ڪرنل هجي ها، برگيڊيئر هجي ها ته مونکي وڌيڪ خوشي ٿئي ها.“
ڪيتري ئي وقت تائين اسان سائينءَ جي ڪچهريءَ مان محظوظ ٿيندا رهيا سين، وقت ڪيئن گذري ويو هو پتو ئي نه پيو.
منهنجي اها خوش نصيبي آهي جو مون تي سائينءَ جي شفقت رهي آهي، منهنجي ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ تي سائين الطاف شيخ صاحب مهاڳ لکيو هو، جنهن ۾ سائينءَ پنهنجي لکڻ واري ڪرت ۽ جاگرافيءَ جي ڄاڻ واري شوق جي هڪ جھڙائيءَ بابت لکيو هو ته: ” رضوان گل سان انهيءَ ڪري به منهنجي اُنسيت جو ناتو اڃا به وڌيڪ پختو ٿيڻ لڳو آهي جو هو جاگرافيءَ واري مضمون جو استاد آهي ۽ دنيا جي جاگرافيءَ بابت ڪافي ڄاڻ رکي ٿو ۽ منهنجو به جهازران هجڻ جي ناتي جاگرافي دلچسپ سبجيڪٽ رهيو آهي. اڄ جي سنڌي نوجوانن جو اهو الميو آهي ته هو هن اهم سبجيڪٽ کان عاري آهن ۽ نتيجي طور دنيا جي طبعي رازن ۽ رمزن جي ڄاڻ کان به محروم رهجي وڃن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ لاڙڪاڻي جي هن نوجوان اديب جو ادب، تاريخ، تحقيق ۽ شاعريءَ سان گڏو گڏ جاگرافيائي علم سان سلهاڙجڻ به سٺي ڳالهه آهي.
رضوان گل هڪ استاد آهي ۽ هڪ استاد کي لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت مليو وڃي. لکڻ پڙهڻ جي شوق جي پورائي لاءِ مون به جهاز هلائڻ ڇڏي ماستريءَ جي ڪم کي ترجيح ڏني، ۽ جڏهن ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ موجود نيول اڪيڊمي ۾ پهتس، ته اتي مون جهڙا ٻيا به ڪيترائي جهاز جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن مليا، جيڪي سامونڊي زندگيءَ کي گڊ باءِ چئي ڪناري جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيا هئا. ڪئپٽن تاجپال سنگهه نالي هڪ انڊين ليڪچرار آڌرڀاءُ ڪندي چيو: ”آئون سمجھان ٿو ته تو لکڻ پڙهڻ جي شوق ڪري جهاز ڇڏيو آهي، لکڻ پڙهڻ آهي ئي اهڙو نشو.“
خوش ٿي چيومانس: ”سردارجِي، اوهان جهڙن اديبن سان ملي خوشي ٿي.“
”معاف ڪجو.“ هن ٺهه پهه وراڻيو، ”آئون تو وانگر ليکڪ نه آهيان ۽ نه لکڻ پڙهڻ جي عادت اٿم.“
”ته پوءِ توهان جهاز کي ڇڏي هيءَ گھٽ پگھار واري ماستري ڇو اختيار ڪئي آهي؟“ مون پڇيو.
”جهاز اٺ ڪلاڪ هلائڻو هجي ته سڄي عمر جهاز نه ڇڏيان ها“، ڪئپٽن تاجپال چيو، ”چوويهه ئي ڪلاڪ هلائڻ ۽ هفتي جا ست ئي ڏينهن ته پوءِ ٻين ڪمن لاءِ ڪهڙو وقت مليو؟ نه سڪون سان پِي سگھيس ٿي، نه جُوا کيڏي سگھيس ٿي. مون شراب ۽ جُوا خاطر جهاز ڇڏيو.“ ۽ پوءِ منهنجي ويجھو ٿي آهستي چيائين، ”شراب ۽ جُوا جهڙو نشو ئي ناهي.“
خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جي نوجوان ليکڪ ۽ ٽيچر رضوان گل کي لکڻ پڙهڻ جو نشو آهي.“
اسان ڀرپور ڪچهري کانپوءِ سائينءَ کان اجازت ورتي، ان وچ ۾ سائين اسان سان گڏ ڪيتريون تصويرون به ڪڍرايون جيڪي، ان وقت ئي سي ڊي تي ڪاپي ڪري اسان جي حوالي ڪيائين. موڪلائڻ وقت مختلف ملڪن مان خريد ڪيل ڪيتريون ئي شيون اسان کي تحفي طور ڏنائين ۽ دروازي تائين اچي اسان کي الوداع ڪيو.
الطاف شيخ صاحب سان ٿيل ان ڪچهريءَ جو اثر اڃا به تازو آهي. هڪ ليکڪ کي عملي طور ڪيئن هئڻ گھرجي. سندس ڪردار ڪيئن هئڻ گھرجي ان جو سهڻو مثال آهي جڳ مشهور سفرنامه نگار سائين الطاف شيخ. هن وٽ انسان دوستي ۽ سچائيءَ وارا گڻ ڪثرت سان نظر آيا. هن اسان کي خلوص جا خزانا ارپي اهڙيون محبتون ڏنيون جيڪي عمر ڀر ذهن جي ڦرهيءَ تان ميسارجي نه سگھنديون.
رضوان گل