پاڪستان ٿيڻ بعد ڀوپال رياست
ساجده سلطان 1915ع ۾ ڄائي ۽ 80 سالن جي ڄمار ۾ 1995ع ۾ ڀوپال ۾ وفات ڪيائين. 1939ع ۾ جڏهن پاڻ 24 سالن جي هئي ته هن جي پٽوڊي رياست (هريانا رياست جو حصو) جي نواب افتخار علي خان سان شادي ٿي. نواب افتخار ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر ٿي گذريو آهي ۽ هن انگلنڊ ۽ انڊيا طرفان ڪرڪيٽ کيڏي. 1952ع ۾ دهلي ۾ پولو راند کيڏيندي کيس دل جو دورو پيو ۽ گذاري ويو. سندس پٽ پٽودي رياست، جو نائون نواب منصور علي خان پٽوڊي به پيءُ وانگر سٺو رانديگر ٿي گذريو آهي جيڪو 1962ع کان 1970ع تائين انڊين ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪئپٽن رهيو. پاڻ 1975ع ۾ ڪرڪيٽ کان رٽائرڊ ٿيو. سندس ماءُ بيگم ساجده سلطان جي ڪري پاڻ ڀوپال جو پڻ نواب هو پر گهڻو ڪري پيءُ جي نواب عهدي سان (نواب آف پٽوڊي) سڏيو ويو ٿي. سندس شادي انڊيا جي مشهور فلم ائڪٽريس شرميلا ٽئگور سان 1967ع ۾ ٿي. 1968ع ۾ جڏهن اسان جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته شرميلا ٽئگور، وحيده رحمان، آشا پوسلي وغيره ٽاپ جون هيروئنون هونديون هيون. شرميلا ٽئگور جي انهن ڏينهن جي فلم ”ايوننگ ان پئرس“ ڏسڻ لاءِ اسان لبنان جي بندرگاهه طرابلس (Tripoli) کان (جِتي اسانجو جهاز لنگر انداز هو) ٽئڪسي ڪري بيروت ويا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ فلمون ڏسڻ وڏي وندر هوندي هئي. ڪولمبو، سنگاپور، عدن، ممباسا، پينانگ جهڙن بندرگاهن ۾ پهچڻ سان پهرين اهو معلوم ڪبو هو ته شهر جي ڪهڙن سئنيما هالن ۾ انڊين فلمون هلي رهيون آهن. شرميلا ٽئگور جي هڪ ٻه ٻيون فلمون به ياد اچي رهيون آهن، جيئن 1964ع جي ”ڪشمير ڪي ڪَلي“، 69ع جي ”اراڌنا“، 72ع جي ”امر پريم“، 73ع جي ”آ گلي لگ جا“ ۽ 75ع جي ”موسم“. انهن ڏينهن تائين pool وارو ڪائي جو ٽيپ رڪارڊر مارڪيٽ ۾ اچي چڪو هو، پر اسان جي جهازن تي اڃان گرامو فون تي Rpm33 جا رڪارڊ وڏي شوقَ سان وڄايا ويندا هئا. ان کان علاوه فلمي اداڪارن سان ملڻ جو شوق هوندو هو. ستر واري ڏهاڪي ۾ اسانجو جهاز ممباسا ۾ هو ته انهن ڏينهن ۾ پاڪستان کان فلم ائڪٽريس شميم آرا ۽ ٻيا ممباسا آيا هئا، جن جي هڪ ڏينهن ڪلنڊني روڊ جي هڪ ٻلديو نالي سنڌي هندو دڪاندار دعوت ڪئي هئي، جنهن ۾ اسان جهاز وارن کي به گهرايو ويو هو. هڪ دفعي نيويارڪ ۾ جهاز بيٺل هو ته ڪراچيءَ کان فلم ائڪٽر ڪمال نيويارڪ جي شالامار دڪان ۾ ڪم ڪندڙ حيدرآباد سنڌ جي سليم شاهه جن وٽ اچي رهيو هو، جيڪو اسان جو به دوست هو ۽ هن جي گهر اسان به ڪمال سان پهريون دفعو ملياسين. اهڙي طرح 1973ع ۾ اسانجي چناب نالي جهاز جي هانگ ڪانگ جي شپ يارڊ ۾ ڳري مرمت هلي رهي هئي ۽ اسان جهاز وارن کي هوٽل ۾ رهائيو ويو هو. جنهن هوٽل ۾ اسان رهيل هئاسين ان جي ڀر واري هوٽل (پيننشولا) ۾ اسان کي خبر پئي ته شرميلا ٽئگور ۽ ڪجهه ٻيا انڊيا جا ائڪٽر ڪنهن فلم جي شوٽنگ لاءِ ترسيل آهن. اسان جهاز جا ٻه دوست ساڻن ملڻ جي شوق ۽ ڪوشش ۾ اتي پهتاسين. ٻيو ڪو ائڪٽر يا ائڪٽريس ته نه هئي پر انهن ڏينهن جو مزاحيه اداڪار ۽ فلم فيئر رسالي جو ڪالم نويس ”آءِ ايس جوهر“ ضرور هو، جنهن سان ملي مونکي خوشي ٿي. شرميلا جي ڪرڪيٽر مڙس نواب آف پٽوڊي جون خبرون ڪندي مون کي ياد آهي ته مون آءِ ايس جوهر کان پڇيو هو ته اسان ٻڌو آهي ته اهو نواب آهي. ان تي جوهر صاحب پنهنجي روايتي انداز ۾ مرڪندي چيو هو ته:
“Yes! He is a ‘prince’ but without ‘I’ ”.
ان وقت اسان کي هن جو اهو چرچو سمجهه ۾ نه آيو ۽ سمجھيوسين ته هو شايد پرنس لفظ جي اسپيلنگ لاءِ چئي رهيو آهي ۽ ان ۾ ‘I’ اکر نه آهي پر پوءِ خبر پئي ته نواب پٽوڊي (منصور علي خان) جي هڪ اک نقلي آهي يعني پٿر جي آهي. 1961ع ۾ جڏهن هو 20 سالن جو هو ته انگلنڊ ۾ سندس ڪار جو حادثو ٿي پيو هو ۽ ونڊ اسڪرين جي ڀڳل شيشن سندس ساڄي اک کي ڦٽي ڇڏيو هو. ان بعد سڀني کي اهو گمان هو ته پٽوڊي هاڻ ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهندو. پر جلد ئي هو نيٽ پرئڪٽس ۾ اچي ويو ۽ هن هڪ اک سان کيڏڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ڇهن مهينن بعد هن دهليءَ ۾ انگلينڊ جي خلاف ٽيسٽ مئچ کيڏي.
نواب پٽوڊي (منصور علي خان) هڪ اک ختم ٿي وڃڻ جي باوجود 1961ع کان 1975ع تائين انڊيا طرفان 46 ٽيسٽ مئچون کيڏيون، جن ۾ 2800 رنس ٺاهيائين.... جن ۾ ڇهه سينچريون به شامل آهن. انهن 46 ٽيسٽ مئچن مان 40 ۾ نواب پٽوڊي پنهنجي ٽيم جو ڪئپٽن رهيو. انهن مان 9 مئچن ۾ سندس فتح ٿي، 19 هارائين ۽ ٻيون Draw ٿيون. پٽوڊي جي کٽيل مئچن ۾ اها پڻ هئي جيڪا انڊيا 1968ع ۾ نيوزيلئنڊ سان کيڏي. هيءَ دراصل انڊيا جي پهرين مئچ هئي جيڪا هن ڪنهن ٻاهرين ملڪ سان کيڏي. منهنجي ڪرڪيٽ سان ڪا گهڻي دلچسپي ناهي پر مونکي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ اسانجو جهاز جنهن ملڪ ۾ ويو ٿي اتي جي انڊين ڪميونٽي هن ڪاميابيءَ تي بيحد خوش هئي ۽ هر هڪ جي زبان تي منصور علي خان (پٽوڊي) جو نالو ائين هو جيئن ڪنهن زماني ۾ عمران خان جو ۽ هاڻ ٽنڊولڪر جو آهي.