مٽيءَ جو من ۽ مستيءَ جو تن
سٺي ۽ ناموس واري تعليمي اداري جو اهو فائدو ضرور آهي جو ان ۾ جن چونڊيل شاگردن کي رکيو وڃي ٿو اهي اڳتي هلي وڏين نوڪرين ۽ وڏين ڳالهين جا مالڪ ٿين ٿا جن سان پڙهائي دوران دوستي يا ساڳي ڪاليج ۾ هجڻ جو احساس سڄي زندگي رهي ٿو. بنارس ۾ مٺائيءَ جي دڪان تي مليل ملائيشيا جي شاگرد جي والد به اهو سوچي پنهنجي پٽ کي انڊيا جي هن ”بنارس هندو يونيورسٽي“ ۾ موڪليو هو جيئن هن کي پرديس ۾ اڪيلو رهڻ سان گڏ دنيا جي مختلف ملڪن جي شاگردن سان پڻ interaction ٿي سگهي... جو هن BHU ۾ ٽيهن کان مٿي ملڪن جا شاگرد پڙهن ٿا. هن انڊيا ۾ پنهنجي پٽ کي ان ڪري به موڪليو هو جو هِتي جا ڪيترائي تعليمي ادارا... خاص ڪري هي BHU آڳاٽي آهي، ڊسيپلين ۽ تعليم جو معيار مٿاهون آهي.... مڪاني شاگردن، يعني انڊين کي تعليم سان دلچسپي آهي ان ڪري انڊيا جي تعليمي ادارن ۾ علم پرائڻ جو ماحول آهي.... هو پنهنجي پٽ کي انگلنڊ، آمريڪا يا آسٽريليا به موڪلي سگهيو ٿي پر هڪ ته انڊيا ملائيشيا وارن کي ويجھو آهي، روزانو ڪيتريون ئي اڏامون انڊيا وڃن ٿيون، امن امان جي حالت به بهتر آهي.... خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ ۽ هِتي جي تعليمي ادارن جي داخلا، ٽيوشن ۽ هاسٽل ۾ رهائش جي گهٽ في آهي ۽ کاڌو پيتو پڻ يورپ جي ملڪن کان ته سستو آهي پر ملائيشيا کان به گهڻو سستو آهي.
سو ڪنهن سٺي ۽ ناليري اسڪول ۾ پڙهڻ وارو هميشه پنهنجي identity ان تعليمي اداري سان وابسته ڪندي فخر محسوس ڪري ٿو.... جيئن عليڳڙهه مان پڙهڻ وارا اسان جا وڏا پاڻ کي ”عليڳ“ سڏرائيندي فخر محسوس ڪن ٿا. اهوئي حال هندستان جي هن آڳاٽي (هڪ صدي پراڻي) تعليمي اداري ”بنارس هندو يونيورسٽي“ جو آهي جن مان هيستائين انيڪ اهم ماڻهو پڙهيا.... بالي وڊ فلم انڊسٽري جو مشهور اداڪار اميتاڀ بچن به دعوتن يا سماجي گڏجاڻين ۾ اڪثر فخر سان ٻڌائيندو آهي ته هن جو پتا (هري ونش راءِ بچن) BHU جو گرئجوئيٽ آهي. هري ونشراءِ پنهنجي پٽ اميتاڀ جي ڪري مشهور ماڻهو ناهي پر هو پنهنجي قابليت ڪري به اهم آهي. پاڻ 1907ع ۾ پرتاب ڳڙهه جي هڪ ڳوٺ راڻي گنج ۾ ڄائو ۽ 96 ورهين جي ڄمار ۾ 2003ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ سٺو شاعر ۽ اَديب هو جنهن کي سندس ادبي خدمتن ڪري پدما پوش ايوارد مليو. هن مهاتما گانڌي جي اثر هيٺ ملڪ جي آزادي واري تحريڪ ۾ حصو ورتو. پر پوءِ ان کي ڇڏي هن اچي الهه آباد يونيورسٽيءَ ۾ ماستري ڪئي جِتي هن ڏهه سال کن 1941ع کان 1952ع تائين انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهايو. ان بعد هي انگلينڊ هليو ويو جِتي هن ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي.
ان بعد انڊيا موٽڻ تي هن وري ماستري شروع ڪئي ۽ان سان گڏ آل انڊيا ريڊيو، الهه آباد ۾ نوڪري ڪئي.
1926ع ۾ جڏهن 19 ورهين جو هو ته هن شياما نالي 14 ورهين جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جيڪا ڏهه سالن بعد گذاري وئي ان بعد هن 1941ع ۾ تيجي نالي عورت سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻه ٻارٿيا: اميتاڀ ۽ اجيتاڀ. دهلي ۾ فارين منسٽري ۾ ڪم ڪرڻ دوران هن جي نهرو فئملي سان دوستي ٿي جيڪا اڄ ڏينهن تائين سندن اولاد ۾ پڻ هلندي اچي.
هري ونشراءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان پهرين شاعريءَ جي ڪِتاب ”مڌشالا“ (شراب جو دڪان) هن کي تمام گهڻي مشهوري ڏني. هي ڪِتاب 1935ع ۾ هندي زبان ۾ ڇپيو جنهن جو بعد ۾ انگريزي، بنگالي، مراٺـي، مليالم ۽ ٻين زبانن ۾ ترجمو ٿيو. سندس چئن واليومن تي هندي ۾ لکيل آٽوگرافي: ”ڪيا بهولون ڪيا ياد ڪرون“ جيڪا 1969ع ۾ ڇپي ان کي لنڊن يونيورسٽي جي ڊاڪٽر رُپرٽ سنيل ننڍو ڪري هڪ واليوم ۾ “In the after noon of time” جي نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو.
بنارس هندو يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته هري ونشراءِ بچن ماڻهن سان بيحد نياز منديءَ سان ملندو هو ۽ ڌارين سان ملڻ مهل پنهنجو پاڻ لاءِ چوندو هو ته ”مٽي ڪا تن، مستي ڪا من، ڪشان بهر جيون..... ميرا پاريچي....“
(A body of clay, a mind full of play, a moment’s life – that is me).
ان تان ياد آيو ذوالفقار علي ڀٽو جي پارسي دوست پيلو (Piloo) موديءَ جو ڀاءُ رُسي (Russi) مودي جو پڻ بنارس هندو يونيورسٽي سان واسطو هو. هي ڀائر ۽ ڪالي مودي انڊيا جي هڪ وڏي تاجر سرهومي (Homi) مودي جا پٽ هئا. سندس اصل نالو سر هور مسجي پيرو شاهه مودي هو ۽ هو 1881ع ۾ڄائو (يعني جناح صاحب کان 5 سال ننڍو ۽نهروءَ کان 8 سال وڏو هو).
هومي موديءَ پنهنجو ڪئريئر وڪالت سان سان شروع ڪيو هو. 1913ع ۾ بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين ٿيو. ياد رهي ته انهي دور ۾ سن 1918ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪونسلر پڻ هڪ پارسي جمشيد نسروانجي مهتا ٿيو جيڪو پوءِ اڳتي هلي سن 1933ع ۾ KMC جو پهريون ميئر چونڊيو، جنهن ڪراچي شهر کي اهڙو ته ٺاهي ڇڏيو جو سندس مثال اڄ به ڏنا وڃن ٿا. هي صاحب يعني جمشيد نسروانجي جناح صاحب کان 10 سال ۽ هومي مودي کان 5 سال ننڍو هو.
هومي مودي واپار، ڊپلومئسي ۽ خير خيراتن جي دنيا ۾ وڏو نالو پئدا ڪيو ۽ سندس نالو هڪ طرف انڊيا کان هانگ ڪانگ تائين مشهور هو ته ٻي طرف انگلينڊ ۽ فرانس تائين. کيس برطانيه حڪومت طرفان KBE يعني نائيٽ ڪمانڊر آف دي آرڊر آف دي برٽش ايمپائر عطا ڪيو ويو. پاڻ انڊين ليجسليٽو اسيمبلي جو 14 سال ميمبر ٿي رهيو. ننڍو هو ته انٽر بعد بمبئي ۾ هن پرنٽنگ پريس لڳائي انگريزي جي اخبار جاري ڪئي. سندس مامي جهانگير بخشي جو هانگ ڪانگ ۾ “Buxey & Co” نالي ڪاروبار هو. هن 1860ع ڌاري هومي مودي کي هانگ ڪانگ ۾ گهرائي ڪاروبار ۾ لڳايو جنهن ۾ هي بيحد ڪامياب ثابت ٿيو. هن مامي جا ۽ پنهنجا ڪيترا وڏا وڏا سودا ۽ ٺيڪا کڻي تمام گهڻي دولت ڪمائي. هن انڊيا توڙي هانگ ڪانگ ۾ ڪيترائي خير جا ڪم ڪيا. هانگ ڪانگ ۾ جيڪو ”سي مينس ڪلب“ آهي جنهن ۾ اسين جهازي سستي اگهه تي رهون ٿا، هومي موديءَ ٺهرايو. وڪٽوريا پارڪ ۾ جيڪا راڻي وڪٽوريا جي مورتي (Statue) آهي اهو مودي صاحب هن راڻيءَ جي جوبلي جي موقعي تي هانگ ڪانگ حڪومت کي گفٽ ڪئي. پاڻ (مودي صاحب) هانگ ڪانگ، ڪئنٽن ۽ مڪائو جي پارسين جيCharity funds جو صدر به ٿي رهيو. موديءَ جي سڀ کان وڏي خدمت ۽ ڪارنامو هانگ ڪانگ جي يونيورسٽي آهي. انهن ڏينهن ۾ هر هڪ اهو ٿي سوچيو ته هانگ ڪانگ هڪ ڪمرشل شهر آهي جنهن ۾ هر هڪ کي رڳو پئسي ڪمائڻ جو فڪر آهي ۽ پڙهائي يا تعليم جو هِتي ڪهـڙو ڪم. پر هومي مودي ان وقت جي هانگ ڪانگ جي گورنر سر فريڊرڪ لگارڊ ۽ هن جي زال جي خواهش تي هن يونيورسٽيءَ جي ٺهرائڻ جي هامي ڀري ۽ سمورو خرچ پاڻ ڏنائين. منهنجي خيال ۾ هن يونيورسٽيءَ جي ٻمڀ وٽ مودي صاحب جي بسٽ جو اسٽئچو پڻ آهي.... يا شايد آڊيٽوريم ۾ رکيل آهي... هن وقت ياد نه پيو اچي. 1969ع ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس مڙهه هانگ ڪانگ جي پارسين جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. هي اهو سال آهي جنهن ۾ منهنجو هانگ ڪانگ پهريون دفعو وڃڻ ٿيو ۽ ان بعد هن يونيورسٽيءَ ۽ ٻين فنڪشنن ۾ منهنجو هانگ ڪانگ جي سنڌي بزنيس مئن ۽ هانگ ڪانگ مان نڪرندڙ انگريزي ۾ “Indian” نالي رسالي جي ايڊيٽر ڪي سيتل سان گڏ وڃڻ ٿيندو رهيو، جن مان ٻن ٽن ۾ موديءَ جي زال ماڻڪ ٻائي سان به ملاقات ٿي. پاڻ ٻڌايو هئائين ته هوءَ پهرين پارسي عورت آهي جيڪا هانگ ڪانگ ۾ اچي رهي. ان کان اڳ پارسي واپاري پنهنجين زالن کي گجرات ۾ ڇڏي ٻين ملڪن ڏي اڪيلو ويندا هئا. هومي مودي نالي بمبئي ۾ هڪ روڊ ۽ هانگ ڪانگ ۾ روڊ ۽ پارڪ جو نالو آهي. سندس انگريزي ۾ لکيل ڪِتابن مان ٽي تمام گهڻو مشهور آهن.
- The Political Future of India
- Biography of Feroze Shah Mehta
- Wise and other wise.
هومي مودي جو تفصيل سان احوال پنهنجي هانگ ڪانگ واري سفرنامي ”وايون وڻجارن جون“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. هِتي مون فقط اهو ٿي ٻڌائڻ چاهيو ته سندس هڪ پٽ رُسي مودي بنارس هندو يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ آهي. جيڪو انڊيا جي امير بزنيس ۽ مئنيوفيڪچرگ ڪمپني ”ٽاٽا“ جو چيئرمئن ٿي رهيو. کيس ميوزڪ جو به شوق هو ۽ هن بابت اها ڳالهه مشهور آهي ته هو جڏهن آڪسفورڊ ۾ هو ته اتي مشهور سائنسدان آئن اسٽائين (Einstein) سان گڏ واندڪائيءَ ۾ هارمونيم وڄائيندو هو ۽ آئن اسٽائين وائلن وڄائيندو هو. مودي صاحب جو ٻيو پٽ پيلو مودي ڪاليج جي ڏينهن ۾ ذوالفقارعلي ڀٽو جو دوست ۽ روم ميٽ هو. پيلو مودي بنيادي طرح آرڪيٽيڪٽ انجنيئر هو. سندس نالي سان اوڙيسا جي شهر Cutack ۾ ”پِيلو مودي ڪاليج آف آرڪيٽيڪچر“ پڻ آهي.