ڀوپال ۽ ان جا نواب
”ڀوپال“ بنارس يا دهليءَ وانگر ڪو قديمي شهرُ ناهي. ارڙهين صدي جي شروع وارن سالن تائين ڀوپال هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. ڀوپال کي ڀوپال رياست جي نوابن بلڪه بيگمن.... (قدسيه بيگم، سڪندر بيگم، شاهجهان بيگم ۽ سلطان جهان بيگم) 1819ع کان 1926ع تائين جيڪي هن گهراڻي جون چار حاڪم ٿي رهيون، انهن خوب سڌاريو ۽ ماڊرن ڪيو.... ويندي واٽر ورڪس، ڍنڍون، ٽپال کاتو ۽ ريلوي قائم ڪئي. اڄ ڀوپال انڊيا جو ممبئي، ڪولڪتا، دهلي، بنارس، مدراس (چنائي) جهڙن شهرن بعد، سورهون نمبر وڏو شهر آهي ۽ دنيا ۾ 134هين نمبر تي آهي. ڪراچيءَ وانگر شهر کي ٻه ريلوي اسٽيشنون آهن: شهر جي وچ ۾ ”ڀوپال جنڪشن ريلوي اسٽيشن“ جنهن تي روزانو 150 ريل گاڏيون بيهن ٿيون. اسان جهڙن ماڻهن لاءِ اهي ڳالهيون باعثِ حيرت آهن جو اسان جو هي ادارو يعني ”ريلوي“ هر سال وڃي تباهه ٿيندو، پر انڊيا پنهنجي ريل گاڏين جي سونهن، سهولت، صفائي، وقت جي پابندي توڙي ريلوي اسٽيشنن جو معيار ايترو ته وڌائي ڇڏيو آهي جو هو ڄاڻ ته يورپ ۽ جپان جهڙن ملڪن کي پهتا. ان جو احساس انڊيا جي دهلي، بنارس، الهه آباد، لکنؤ، چنائي، احمد آباد ۽ ويندي هن شهر ڀوپال جي ريلوي اسٽيشن تي پهچي ۽ ريل گاڏين ۾ سفر ڪري محسوس ٿئي ٿو. ڀوپال شهر جي ٻي ريلوي اسٽيشن ”حبيب گنج ريلوي اسٽيشن“ آهي، جيڪا بيحد ماڊرن ۽ developed آهي ۽ انڊيا جون ريلوي اسٽيشنون جن 1ISO“ 9000:200” حاصل ڪيو، انهن ۾ پهرين نمبر تي هيءَ آهي. ڀوپال کي پنهنجو ايئرپورٽ ”راجا ڀوڄ انٽرنيشنل ايئرپورٽ“ نالي ”بائڙا ڳڙهه“ علائقي ۾ آهي، جيئن ڪراچي جو ايئرپورٽ ”ملير“ علائقي ۾ آهي.
ڀوپال جي ٻائڙا ڳڙهه علائقي تان ياد آيو ته هندستان جي ورهاڱي وقت 1947ع ۾ جڏهن سنڌ کان هندو لڏي انڊيا ويا ته ڪيترا ڀوپال به پهتا، جِتي انڊين حڪومت کين هن علائقي بائڙا ڳڙهه ۾ رهايو.... اڄ ڪلهه هن علائقي کي ”سنت هير ڌرم نگر“ به سڏجي ٿو. جيئن ڪراچي جو آڳاٽو علائقو لالو کيت اڄڪلهه لياقت آباد سڏجي ٿو. ڀوپال ۾ ڪيتريون قدرتي ۽ هٿرادو ڍنڍون آهن، جن مان هڪ ته بيگم شاهجهان به ٺهرائي هئي. گهڻين ڍنڍن جي ڪري ڀوپال کي “City of Lakes” به سڏجي ٿو. پر بنارس ۽ پوني وانگر ڀوپال لاءِ به آئون اهو ئي چوندس ته اسپتالن ۽ اسڪولن جو شهر آهي. سکر جيڏي هن شهر ڀوپال ۽ ان جي آسپاس ۾ 550 ته سرڪاري اسڪول آهن، جن جو مڌيا پرديش سيڪنڊري ايڊيوڪيشن بورڊ سان واسطو آهي.... ان کان علاوه خانگي ۽ خيراتي اسڪول به ڪيترائي آهن. يونيورسٽيون ئي ڪيتريون آهن. جهڙوڪ راجيو گانڌي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي، ڀوڄ اوپن يونيورسٽي، مکن لال چترويدي يونيورسٽي.... هڪ جو نالو ”برڪت الله يونيورسٽي“ به آهي. مولانا آزاد نالي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ پڻ آهي. راجيو گانڌي يونيورسٽيءَ سان 217 انجنيئرنگ ڪاليج، اٺاسي MCA ڪاليج ۽ چار آرڪيٽيڪٽ ڪاليج affiliated آهن.
اڄ ڪلهه مڌيا پرديش رياست جي گاديءَ جو شهر ڀوپال آهي..... هونءَ هن رياست جو اندور شهر ڀوپال کان وڏو چون ٿا. هن رياست جا ٻيا مشهور شهر، گواليار، کاجو راهو، راجڳڙهه، اجين، ڀارواني، کنڊوا، هوشنگ آباد، جبلپور، انوپور، بالا گھاٽ، ڇند واڙا، برهان پور وغيره آهن.
1984ع کان اڳ ڀوپال ڪو ايڏو مشهور شهر نه هو پر پوءِ ڀوپال ۾ موجود آمريڪا جي گئس ڪمپني ”يونين ڪاربائيڊا انڊيا لميٽيڊ“ جي حادثي بعد سڄي دنيا جو ڌيان هن طرف هليو ويو. مٿين ڪمپنيءَ جي جراثيم مار دوائن جي ڪارخاني ۾ ميٿائيل آئسو سائينائيٽ جهڙين گئسن جو 3 ڊسمبر 1948ع تي ليڪيج ٿي پيو، جنهن ڪري اوس پاس ۾ رهندڙ 15 هزار ماڻهو اتي جو اتي مري ويا ۽ اڳتي هلي 8 هزار ٻيا مئا ۽ 20 هزار ماڻهو ذهني ۽ جسماني مريض ٿي ويا. هِتي هر سال 3 ڊسمبر ماتم جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.
ڀوپال ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ سرڪاري لکپڙهه جي زبان فارسي هئي، جيڪا پوءِ هندي ۽ انگريزي ٿي. ڀوپال جي هندي/اڙدو جو لهجو هڪ خاص قسم جو ٿئي ٿو، جنهن کي ڀوپالي سڏجي ٿو. ڀوپالي زبان کل ڀوڳ خاطر ڪيترين ئي بالي وڊ جي فلمن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جيئن ”شعلي“ فلم ۾ جگ ديپ ڳالهائي ٿو يا هڪ ٻي فلم ”عشقيه“ ۾ ارشد وارثي ڳالهائي ٿو.... ڀوپال ۾ پان کائڻ جو ڪلچر به تمام گهڻو آهي. ڀوپالي پان ٺاهڻ نه فقط آرٽ پر سائنس جو ڪم به سمجھن ٿا. کاڌن ۾ ڀوپالي مرغ ريزالا ۽ ڀوپالي گوشت قورما مشهور آهن. عيدن جا ڏينهن ۽ ڏياري، هولي ۽ دسهڙي جا ڏينهن وڏي شان شوڪت سان ملهايا وڃن ٿا. ڀوپال جو مذهبي اجتماع به مشهور آهي، جيڪو هر سال ڀوپال کان 6 ميلن جي فاصلي تي غاثيپور ۾ ٽي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. جِتي سڄي دنيا کان جمائتون اچيو گڏ ٿين ۽ اسلام تي ليڪچر ڏنا وڃن ٿا. مڪاني مسلمان ٻڌائين ٿا ته آخري ڏينهن تي اٽڪل ڏهه لک ماڻهو گڏجي نماز پڙهن.
شهر ۾ جِتي ڀوڄيشور جهڙا ڪيترائي آڳاٽا ۽ سهڻا مندر آهن، اتي ڪيتريون مشهور مسجدون پڻ آهن، جهڙوڪ: ايشيا جي وڏين مسجدن مان هڪ ”تاج المساجد“.... ان کان علاوه ڀوپال جون مسجدون ”جامع مسجد“ ۽ ”موتي مسجد“ پڻ وڏي اهميت رکن ٿيون.