سياسي ليڊر ئي ملڪ ٺاهين ٿا
انگريزن کي اسان ڀلي لک سؤ گارين جو ڏيون، پر ڪي ڪي شيون، پوءِ اهي ڀلي هنن پنهنجي فائدي کي پهرين ڏسي ڪيون، پر اسان لاءِ يعني عوام جي سُکَ لاءِ به ڪيائون.... ريل گاڏي به انهن مان هڪ آهي. آئون مڃان ٿو ته انگريز ڌاريا هئا، جن اسان جي ڌرتيءَ تي اچي لٽ ڦر ڪئي.... پر پوءِ اڪبر، جهانگير، شاهجهان جا وڏا وري ڪهڙا سنڌي، مداراسي، پنجابي يا بنگالي هئا. محمود غزنوي وري ڪهڙو اسان جي ٿرپارڪر، جيسلمير، سيالڪوٽ يا ڍاڪا جو هو. اهو به ته ڌاريو هو، جيڪو ايران افغانستان پاسي کان اچي ڦرلٽ ڪري، زر زيورن سان اٺ ڀري خراسان کڻي ويو..... پر اسان انهن جي ڏوهن کي به ثواب ٿا سمجھون جو هو نالي جا مسلمان هئا...... انگريزن جي ڏينهن ۾ ته وري به امن امان جي بهتر صورت ٿي، واپار وڙو ۽ ڪارخانا هليا، عوام روزگار کي لڳو... پنهنجي مسلمان بادشاهن ۽ اميرن جي ڏينهن ۾ ته عوام کي ٻه ويلا ماني به نصيب نه هئي..... صحت، هائجنڪ حالتون يا تعليم ته ٿي پوءِ جي ڳالهه. سو ان Scenario ۾ ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي ريل هلائڻ ۾ عوام جو به سک هو جنهن ڪم مان اڄ به انگريزن جي هٿ هيٺ آيل ملڪ.... ويندي ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ڪينيا، يوگنڊا وغيره فائدو وٺي رهيا آهن..... ۽ Irony of Fate ته ڏسو..... انگريزن جي وڃڻ بعد اسان جا پنهنجا مسلمان ڀائر حاڪم ٿيا آهن ته پنجاهه سٺ سالن ۾ ان ريل جي نظام توڙي ٻين ادارن جا ڇا حال ڪري ڇڏيو اٿن....! انگريز حاڪمن کي ڀلي اسان ڪافر، دشمن ۽ ڌاريا چئون پر انهن جي سٺين ڳالهه تي عمل ڪرڻ ۾ ڇا خرابي آهي؟ آخرڪار ملائيشيا جهڙا به ته ملڪ آهن جن جي حاڪمن عوام لاءِ ايترو ڪيو آهي جو هنن کان انگريز راڄ وسري ويو آهي... انگريز راڄ ۾ جي شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي گهاٽ تان پاڻي پيئندا هئا.... اها امن امان جي حالت هئي ته پوءِ اهو چوڻ به حق بجانب ٿيندو ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جي امن امان جي اڄ جي راڄ ۾، انهن گهاٽن تي شينهن ۽ ٻڪري نه فقط گڏ پاڻي ٿا پين، پر ڊانس به ڪن ٿا. بهرحال هِتي هن چئپٽر/ڪالمن ۾ پاڻ ننڍي کنڊ ۾ ريل جي تاريخ trace ٿا ڪريون ته انگريزن پنهنجي ۽ انڊيا جي معاشي حالت سڌارڻ ۽ ماڻهن ۽ سامان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ.... خاص ڪري سمنڊ جي ڪناري وارن شهرن/بندرگاهن تائين آڻڻ لاءِ 1840ع ۾ ريل گاڏي هلائڻ جو سوچيو....جيئن انڊيا جي بندرگاهن تائين پهتل سامان جهازن ذريعي انگلينڊ روانو ٿي سگهي ۽ اتان آيل سامان کي ننڍي کنڊ جي اندرين شهرن تائين پهچائي سگهجي.
هونءَ اهو به لکندو هلان ته انڊيا ۾ ريلوي نظام آڻڻ ۾ شروع وارن سالن ۾ انڊيا جي واپارين به اهم رول ادا ڪيو.... خاص ڪري بمبئي ۽ ڪلڪتي جي سوداگرن ريلوي جو بنياد رکڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي ورتي.... انهن مان هڪ جنهن جي خاندان کان اسانجا ماڻهو گهڻو واقف آهن.... اهو هو بنگالي سوداگر شهزادو دوارڪناٿ ٽئگور... نوبل انعام حاصل ڪندڙ شاعر رابندر ناٿ ٽئگور جو ڏاڏو. هن جي ڪمپني “Carr, Tagore & Co” لاءِ چيو وڃي ٿو، 1844ع ۾ انگريزن کي ڪلڪتي کان بردوان شهر (جِتي ڪوئلي جون کاڻيون هيون) تائين ريل جا پٽا وڇائڻ لاءِ خرچ جون ٽيون حصو ڏيڻ لاءِ چيو... پر پوءِ سندس وقت کان اڳ موت اچڻ ڪري هن جي ڪمپنيءَ ۽ ٻين پئسي ڏيڻ کان هٿ روڪي ڇڏيو ۽ سڄو خرچ انگريز کي ڪرڻو پيو.
بهرحال 16 اپريل 1853ع تي ساڍي ٽين بجي شامَ جو تاڙين جي گونجَ ۽ 21 بندوقن جي سلاميءَ ۾ ننڍي کنڊ جي پهرين ريلَ گاڏي بمبئي جي علائقي بوري بندر وٽان هلڻ شروع ٿي. بوري بندر اهو علائقو آهي جِتي هاڻ V.T (وڪٽوريا ٽرمينس) آهي، جيڪا اسٽيشن هاڻ CST (چتراپتي شيواجي ٽرمينس) سڏجي ٿي. هن پهرين ريل گاڏيءَ ۾ 14 بوگيون (دٻا) لڳايون ويون هيون، جن کي ٽن لوڪو موٽو (ٻاڦ تي هلندڙ انجڻين) ڇڪيو ٿي. انهن انجڻين مان هڪ جو نالو ”سنڌ“ به هو ۽ باقي ٻن جو نالو ”سلطان“ ۽ ”صاحب“ هو. ياد رهي ته هي اهو زمانو هو جڏهن انگريزن کي سنڌ تي فتح حاصل ڪئي اڃا ڪي ڏهه سالَ ٿيا هئا ۽ سنڌ کي بمبئي سان لاڳاپيو ويو هو. ٽرين ۾ 400 تمام اهم ماڻهو (VVIP) سوار ٿيا هئا ۽ هيءَ ريل گاڏي 34 ڪلوميٽرن جو سفر 57 منٽن ۾ طئه ڪري ٿاني شهر پهتي هئي. رستي تي سيان (Sion) وٽ ڪجهه وقت ترسي پاڻي کنيو هئائين. سيان، دادر، انڌيري..... هي سڀ علائقا هاڻ گڏجي يڪو هڪ ممبئي ٿي ويو آهي نه ته انهن جي وچ ۾ خالي علائقا يا ٻهراڙي هئي، جيئن اسان وٽ ڪياماڙي، لس ٻيلو، ماريپور، لالو کيت، ملير وغيره الڳ الڳ ڳوٺ هئا، جيڪي هاڻ گڏجي يڪو ڪراچي ٿي پيو آهي.
ريل گاڏيءَ جي ممبئي ڇڏڻ بعد اتي وڏو جشن ملهايو ويو هو، جنهن ۾ باقي اهم ماڻهن شرڪت ڪئي. کاڌي پيتي سان ٽيبلون فل ٿيل هيون. انگريز سرڪار لاءِ هي بيشڪ هڪ اهم ڏينهن هو جنهن اسان جاهلن جي ملڪ ۾، جن کي هو Natives سڏيندا هئا، هڪ اهڙي شيءِ هلائي ڏيکاري هئي جيڪا اسان خواب ۾ به نٿي سوچي سگهياسين. انگريزن تاريخ جو هڪ اهم ڪارنامو ڪري ڏيکاريو هو ۽ ان ڏينهن جي ياد ۾ سڄي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾.... ويندي ڪراچي ۽ شڪارپور جي آفيسن ۽ اسڪولن ۾ اهو ڏينهن موڪل (Public Holiday) جو ڪيو ويو. اپريل 1853ع جي ”دي اورلئنڊ ٽيليگراف ائنڊ ڪوريئر“ جي ڪاپي لنڊن جي لئبرريءَ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ هن ريل جي هلڻ بابت انگريز حاڪمن جا Views ڏنل آهن ته هيءَ اسان جي (يعني انگريز راڄ جي) اها ڪاميابي (Triumph) آهي جنهن اڳيان ٻيون فتحون نڇ (گهٽ ) آهن ۽ اڳتي لکيل آهي.
.......The opening of the Great Indian Railway will be remembered by the natives of Indian when the battle fields of Plessey, Assaye, Meanee and Goojerat have become land marks of History.”
انگريزن جي ان لفط “Native” تي مونکي ننڍپڻ کان باهه وٺندي هئي. جڏهن نائين ڏهين ڪلاسَ ۾ مون انگريزن جا انڊيا جي پسمنظر وارا ناول پڙهڻ شروع ڪيا: ڀواني جنڪشن، فلاورس اِن دي بلڊ، زميندار، اوليويا ائنڊ جئه، دي فار پويلين، دي سِيج آف ڪرشناپور، دي راج ڪئاٽريٽ.... وغيره وغيره.
روڊ رستا، ريل گاڏيون، ٽپال ۽ تار گهر، پليون، بئراجون انگريزن اسان کي ضرور ڏنيون پر اسان کي “Natives” يعني ”ڄٽ“ ئي سمجھيائون.... اسان کي نيچ ئي سمجھيائون... اڄ به انگلنڊ ۾ تعليم دوران، گهمڻ دوران يا نوڪريءَ دوران ڪڏهن اها فيلنگ ضرور محسوس ٿئي ٿي.... انگريزن ته وري به عوام کي ڪجهه نه ڪجهه ڏنو... ٻيو نه ته امن امان ۽ سک جو ساهه ته کڻڻ ڏنائون... ۽ ظاهر آهي ته هو ته وري به اسان جا حاڪم هئا..... هن اسانجي ملڪ کي فتح ڪيو هو.... پر اڄ اسان جا جيڪي حاڪم آهن، جن کي اسان ووٽ ڏئي نمائندو چونڊيو آهي.... ته جيئن ٻين ملڪن ۾ چونڊيل سياستدان عوام جي خدمت ڪن ٿا..... تيئن هي به ڪن پر اسان جا هي ڪارا حاڪم ته گورن انگريزن کان به ٻه قدم اڳيان نڪتا.
انگريزن ته وري به عوام کي ڪجهه ڏنو هي ته رڳو پنهنجا ڀڀ پيا ڀرين ۽آزادي ماڻڻ بعد جيڪي خوشحاليءَ ۽ سڪون ڀري زندگيءَ جا خوابَ ڏٺا هئاسين سي سڀ ڪوڙا ثابت ٿيا... ۽ هي اسان جا پنهنجا حاڪم ته اسان کي انگريزن کان به وڌيڪَ ذليل ڪن ٿا ۽ اسان کي ڄٽ سمجھن ٿا..... انگريزن جي ڏنل روڊن رستن ۽ ريل گاڏين جهڙي سهولت کي به تباهه ڪري ڇڏيو اٿن. بدوئن جا ملڪ دبئي وغيره، جهنگل جي ماڻهن جا ملائيشيا جهڙا ملڪ، توڙي چور بازاري ۽ دو نمبري شين کان مشهور سنگاپور جهڙا ملڪ به الائي ڇا ٿي ويا پر اسانجو ٺهيل ٺڪيل ۽ خوشحال ملڪ تباهه ٿي ويو آهي.... ملڪ ۽ ماڻهو تباهه ٿي ويا آهن پر حاڪم ۽ سياستدان خوشحال ٿي ويا آهن..... ڪارخانن ۽ شگر ملن جا مالڪ ٿي ويا آهن، محلن ۽ ڪروڙها رپين جي اگهه وارين ڪارين جا مالڪ ٿي ويا آهن..... حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سندن ٻار بنا محنت ۽ تعليم جي ملڪ جي اعليٰ نوڪرين تي آهن..... عوام جا قابل ۽ محنتي ٻچا، گرئجوئيٽ ۽ هنر مند نوجوان ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهن..... اسان جا حاڪم عياشيءَ لاءِ ٻاهر وڃن ٿا ۽ اسانجو عوام چار پئسا ڪمائڻ لاءِ ولايت وڃي ٿو.... اڄ جي مشڪل دؤر ۾ ڪو به ملڪ ڌارئي ملڪ جي غريب ۽ ڪنگلي کي پنهنجي ملڪ ۾ گهڙڻ کان ڪيٻائي ٿو.... پر اسانجو مجبور ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ ڪو روزگار نه ڏسي غير قانوني طريقن سان ڌارين ملڪن ۾ وڃي ٿو ۽ پوءِ ڪيترا واٽ تي مريو وڃن، ڪنٽينرن ۾ هنن جو ساهه گهٽجيو وڃي، سمنڊ تي سندن ٻيڙا ٻڏيو وڃن... ڌارين ملڪن ۾ سلامت پهچڻ وارن مان فقط ڪجهه کي لڪ ڇپ جي نوڪري مليو وڃي ۽ ٻيا پوليس جي ور چڙهيو وڃن. اڄ عرب ملڪن توڙي ملائيشيا جهڙن ملڪن جي جيلن ۾ سڀ کان گهڻا اسان جا پاڪستاني آهن.... هو انهن ملڪن جي حاڪمن/سٺن سياستدانن کي ڏسي ڪال ڪوٺڙين ۾ ويهي اها ئي رب پاڪ کان دعا گهرن ٿا ته ڪاش اسان جي ملڪ کي به منڊيلا، مهاتير محمد ۽ لي ڪئان يو جهڙا ليڊر ملي وڃن جيئن اسانجو ملڪ به سکيو ستابو ٿي وڃي.