الطاف شيخ ڪارنر

بنارس کان برمودا

هي سفرنامو ”بنارس کان برمودا“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار الطاف شيخ جو لکيل آهي.
”بنارس“ جي قديم ۽ شاهوڪار تاريخَ ۽ ثقافت جا رنگ ۽ صدين کان سموري دُنيا لاءِ انتهائي حيرت جو سبب بڻيل ”برمودا ٽڪنڊو“ ۽ ان سان لاڳاپيل تجسس ۽ حيرتناڪيءَ جا رَنگ، اوهان کي، الطاف صاحب جي لکڻ جي مَنَ موهيندڙ پيرائي ۾، هِنَ ڪِتابَ ۾ ملندا.
  • 4.5/5.0
  • 5410
  • 1483
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بنارس کان برمودا

لنڊن جي پهرين مسجد ... شاهجهان مسجد

پاڻ بنارس شهر ۾ مغل شهنشاهه جي ٺهرايل ”مسجد عالمگيري“ جي ڳالهه ڪرڻ دوران مون ٺٽي جي ”شاهجهان مسجد“ جي به ڳالهه ڪئي. دراصل هن نالي سان دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مسجدون آهن، جيئن هڪ ”شاهجهان مسجد“ بنگلا ديش جي شهر چٽگانگ ۾ به آهي، جنهن شهر مان مون مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي. سچي ڳالهه اها آهي ته ٺٽي جي مسجد جيڪا شاهجهان مغل شهنشاهه ٺهرائي ۽ ”شاهجهان مسجد“ سڏجي ٿي اها اسان جڏهن 1960ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان ٺٽو گهمڻ آيا هئاسين ته: ”سؤ قبن واري مسجد“ سڏبي هئي. ان بعد ڪجهه سال منهنجو والد ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو ۽ اسان مڪليءَ تي رهندا هئاسين تڏهن به ان جو اهو نالو ٻڌوسين. مڪليءَ تي ان وقت ڪا مسجد نه هئي، سو منهنجي والد کان اڳ واري ڊپٽي ڪمشنر شاهجهان ڪريم ”ڊي سي آفيس“ جي سامهون، مين روڊ جي ٻي پاسي هڪ مسجد ٺهرائي جنهن کي اسان ۽ مڪلي تي رهندڙ ٻين آفيسرن جا ٻار ”شاهجهان مسجد“ سڏيندا هئاسين. اسانجي پاڙي ۾ رهندڙ انهن آفيسرن مان هڪ ته سول سرجن ڊاڪٽر سائينءَ ڏنو هاليپوٽو هوندو هو ۽ ٻيو شڪارپور جو ڪرم الله ميمڻ صاحب هو.... جن جا ٻار به هاڻ مون وانگر سٺ جو ڏاڪو ٽپي ستر جي ويجھو ڃي پهتا آهن. جهڙوڪ: محمد عالم هاليپوٽو، منور هاليپوٽو، ڊاڪٽر مقبول، منظور ۽ انور هاليپوٽو وغيره ۽ هيوسٽن ۾ رهندڙ منظور ميمڻ، حيدرآباد جو ڊينٽل سرجن مظهر ميمڻ وغيره.
اڄ ڪلهه شاهجهان ڪريم نوي سالن کان مٿي عمر جو آهي ۽ ڪراچي جي ڪورنگي علائقي ۾ پنهنجو خانگي تعليمي ادارو CBM (ڪاليج آف بزنيس مئنيجمينٽ) هلائي ٿو. بهرحال اڄ به جڏهن ڪو ٺٽي جي ”شاهجهان مسجد“ جي ڳالهه ٿو ڪري ته اسان جي اڳيان مغل شهنشاهه شاهجهان بدران ڊپٽي ڪمشنر شاهجهان جي ٺهرايل مڪليءَ واري مسجد اکين آڏو ڦري ٿي اچي، جنهن ۾ اسان نماز پڙهڻ ويندا هئاسين.
اهڙيءَ طرح انگلينڊ ۾ رهندڙ، خاص ڪري لنڊن جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪنهن پاڪستاني، هندستاني يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي مسلمان کان پڇندئو ته ”شاهجهان مسجد“ ڪٿي آهي؟ ته هو يڪدم چوندو ته هِتان لنڊن کان ٽيهه ميل کن پري ڏکڻ اولهه ۾ ووڪنگ (Woking) نالي شهر جي اورينٽل روڊ تي آهي.
توهان کي حيرت ٿيندي ته هيءَ ووڪنگ واري مسجد نه فقط انگلينڊ ۾ پر سڄي اولهه يورپ ۾ مسلمانن جي پهرين مسجد آهي. هيءَ مسجد 1889ع ۾ انڊيا جي نوابي رياست ڀوپال جي حاڪمه سلطان شاهه جهان بيگم ٺهرائي. پاڻ ڀوپال جي راڻي سڪندر بيگم ۽ سندس مڙس جهانگير محمد خان جو اڪيلو ٻار هئي ۽ ڀوپال شهر جي ڀر واري ڳوٺ اسلام نگر ۾ 1838ع ۾ جنم ورتو هئائين.
پاڻ 50 کن سال ڀوپال رياست تي حڪومت ڪيائين، جنهن ۾ هن پنهنجي رياست کي تمام گهڻو خوشحال بنايو. عورت ٿي ڪري هن ڪيترائي دليريءَ جا قدم کڻي، ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي حالت سڌاري. هن رَوينيو ٽئڪس سسٽم کي بهتر بڻايو، سپاهين جا پگهار وڌايا ۽ کين ماڊرن هٿيارن سان تيار رکيو. هڪ هٿرادو ڍنڍ کوٽرايائين ۽ هڪ ڊئم ٺهرايائين ۽ پهريون دفعو آدمشماري ڪرايائين. هن جي ڏينهن ۾ انڊيا ۾ ٻه دفعا ڪوئن واري پليگ جي ڪري ماڻهن جو تعداد گهٽجي ويو هو. بهرحال تاريخ ۾ هوءَ هڪ سٺي حاڪمه مڃي وڃي ٿي. هونءَ ته مذهبي طبيعت جي هئي پر انهن ڏينهن ۾ شايد آفيم پيئڻ يا ان جي پوکڻ ۽ وڪري کي عيب نٿي سمجھيو ويو جو رياست جو خرچ پکو هلائڻ لاءِ هن عوام کي آفيم پوکڻ لاءِ همتايو. ننڍي هوندي اڙدو ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ سندس ڪيترائي اڙدوءَ جا لکيل ڪِتابَ آهن. سندس هڪ ڪِتاب ”تاج الاقبال تاريخِ ڀوپال“ تمام مشهور چيو وڃي ٿو، جيڪو ايڇ.سي. بارسٽو (Barslow) نالي هڪ انگريز “The History of Bhopal” نالي سان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن انگريزي ڪِتاب جي پهرين ڪاپي 1876ع ۾ ڪلڪتي مان ڇپي.
بيگم شاهجهان جي حڪومت ۾ ڀوپال رياست جي پهرين ٽپال جي ٽڪلي اڌ آني ۽ چوٿئين آني جي 1877ع ۾ شايع ٿي. انهن ڏينهن ۾ هڪ رپئي ۾ 16 آنا هوندا هئا ۽ رپئي جي قيمت چانديءَ جو هڪ تولو هو. بلڪه اهو رپيو ئي چاندي جي هڪ تولي مان ٺهندو هو. اهي ٽڪليون اڃان تائين ڪيترن ٽڪلين جي شوقينن، خاص ڪري پارسين وٽ موجود آهن. هن اٺ ڪنڊيءَ (Octagonal) ٽڪليءَ تي انگريزي ۾ لکيل آهي: “HH Nawab Shahjahan Begum” ۽ ان بعد گول فريم واريون ٽڪليون نڪتيون جن تي مٿيون نالو اڙدوءَ ۾ لکيل آهي. ڀوپال رياست ۾ 1945ع تائين سندن ٽڪليون هلنديون رهيون.
نوابي رياست ڀوپال جي هن حاڪمزادي بيگم شاهجهان 17 سالن جي ڄمار ۾ 1855ع ۾ ڀوپال جي هڪ اميرزادي باقي محمد خان سان شادي ڪئي جنهن جي هوءَ ٽِئين زالَ هئي. 12 سالن بعد 1867ع ۾ باقي محمد خان گذاري ويو ۽ پوءِ چار سال رکي شاهجهان بيگم قنوج جي صديق حسن خان سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڪو ٻار نه ٿيو..... آئون ڀوپال جي هن بيگم يا ٻين حاڪمن جو هِتي ڪجهه تفصيل ان ڪري لکي رهيو آهيان جو ڀوپال جو جيڪو اڄ ڪلهه شهزادو آهي، يعني هن بيگم شاهه جهان جي اولاد مان جيڪو موجوده تاج نشين يا تخت نشين يا کڻي چئجي ته نالي جو نواب آهي، ان جي زال کي اسان جي ملڪ جو هر ماڻهو سڃاڻي ٿو. مونکي ته حيرت ٿي ته سنڌ توڙي پنجاب ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ هن جون تصويرون مختلف اشتهارن ۾ نظر اچن ٿيون.... اخبارن ۾، بِل بورڊن تي، بئنرن تي، ٽي وي چئنلن تي هن حسينا جي شڪل نظر اچي ٿي.... اهو ئي سبب آهي جو هوءَ نه فقط انڊيا ۽ عرب ملڪن ۾، پر اسان جي ملڪ ۾ به تمام گهڻي مشهور آهي.... اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ منهنجي دوستن ٻڌايو ته اسانجي ملڪ ۾ پسنديدگي ۽ سڃاڻپ ۾ بينظير ڀُٽو بعد ٻئي نمبر تي هيءَ آهي. اهو به لکندو هلان ته سندس ماءُ سنڌ جي ڄائي آهي ۽ هوءَ به پنهنجي وقت ۾ ڪافي مشهور شخصيت هئي.... يعني انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسان به جوان هئاسين ۽ جهازرانيءَ جي تعليم مڪمل ڪري، دنيا جي سمنڊن تي مختلف جهاز هلائڻ شروع ڪيا هئاسين. بهرحال ماءُ ڌيءَ جا نالا اڳيان هلي ٿو لکان..... في الحال ڪجهه سٽون ڀوپال شهر، ڀوپال رياست ۽ ان جي حاڪمن.... يعني بيگم شاهجهان جي وڏن، جن هن رياست کي جنم ڏنو ۽ نواب ٿي حڪومت ڪيائون..... بابت لکڻ چاهيان ٿو. جيڪا ڄاڻ پڙهندڙ لاءِ ضروري سمجھان ٿو.