ناول

رشتن جي آزادي

خوبصورت لفظن جي خالق ۽ پياري انسان سائين حيدر درياء جو هي ناول جڏهن ڪتاب جي صورت ۾ مليو هو ته مان ٻن ڏينهن ۾ ئي هي ناول پڙهي پورو ڪيو هو۔ سنڌ جي عجيب روايتن سان گڏ رشتن جي ٽوٽ ڦوٽ ۽ پيار جي اظهار تي سندس سٽون سچ ته خوبصورت آهن۔
سندس ناول ۾ اڻ ڳڻيا اهڙا مڪالما آهن جيڪي هتي پيش ڪري سگهجن ٿا پر انهن مان هڪ هيٺ ڏجي ٿو:
ياد رکجان، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽حضرت آدم سان پنهنجي خدا!
۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواهش!
Title Cover of book رشتن جي آزادي

مهاڳ

حيدر دريا زئور صاحب سان منهنجي اڳ ۾ ڪا ملاقات نه هئي پر جڏهن سندس پهريون ناول ڇپجي آيو ته مون ناول پڙهي کيس مبارڪباد جي فون ڪئي هئي ۽ اها فون ساڻس رابطي جو پهريون قدم هو. شايد به کيس حيرت ٿي هجي منهنجي فون تي ڇو جو اسان وٽ تخليقن تي داد گهٽ پر واسطن يا لابي جي حساب سان تعريف ڪبي آهي ۽ داد ڏنو ويندو آهي. ان کانپوءِ وقتن بوقتن فون تي رابطو رهندو آهي ۽ هاڻي ته فيس بڪ جي ڪري به رابطو آهي.
هن مونکي پنهنجي ٻي ناول”رشتن جي آزادي“ جو مسودو موڪليو ته جيئن مان ان تي مهاڳ لکي سگهان. حالانڪ دريا جي پنهنجي لکڻي اهڙي آهي جوکيس مهاڳ جي ضرورت ناهي.
اهو ناول جيئن ئي مونکي مليو هو ته مون پڙهي پورو ڪيو هو. پر الائي ڇو چاهيندي به لکي نه سگهيو هيس. حقيقت اها آهي ته لکڻ هن وقت به نه پيو چاهيان. ڇو ته مان چاهيان پيو ته سندس ان تخليق تي ڪو خشڪ قسم جو مضمون نه هجي پر جيئن ڪهاڻيڪار يا ناول نگار ڪا تخليق سرجيندو آهي ته ان کي گهڻو وقت پنهنجي اندر ۾ ولوڙيندو آهي ۽ پوءِ اها گهڙي ايندي آهي جڏهن تخليق لفظن جي صورت ۾ جنم وٺندي آهي جنهن ڪري اها تخليق پاڻ سان گڏ رواني، ڀرپور احساس ۽ هڪ مڪمل تصوير بڻجي ڪينواس تي ظاهر ٿيندي آهي. ان سبب ڪري مان به اندر ۾ هن جي ناول تي لکڻ لاءِ ولوڙيو پئي ته جيئن سندس تخليق سان انصاف ٿي سگهي ڇو جو هي ناول هڪ ڀرپور تخليق آهي جنهن ۾ نه رڳو احساس آهن پر رنگ ۽ خوشبون به آهن.
پر جيئن ته گهڻي دير ٿي وئي هئي ۽ دريا به پنهنجي فقيراڻي اسٽائيل ۾ يادگيريءَ جا اسٽيڪر هڻندو پيي ويو. مون به سوچيو ته کيس شابس آهي صبر ڪرڻ تي پر هاڻي دير نه ڪرڻ گهرجي.
حيدر دريا جو پهريون ناول”لفظن جي خواهش“ هڪ رومينٽڪ ناول آهي. ان ڪري جڏهن سندس هي ناول پهتو ته مون ذهن ۾ اهو رايو رکي ناول پڙهڻ شروع ڪيو ته اهو به روميٽنڪ هوندو. پر جڏهن مون ناول پڙهيو ته هي ناول سندس پهرين ناول کان بنهه مختلف نظر آيو. اهو ڏسي خوشي به ٿي ڇو جو نه ته عام طور تي ليکڪ، پنهنجي هڪ مخصوص اسٽائيل ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽ سندس هر ڪهاڻي، ناول، ڪالم يا ڊرامو ساڳو لڳندو آهي اهڙا کوڙ مثال اسان جي سامهون آهن. ناول مختلف قسمن جا ٿي سگهن ٿا جهڙوڪ سماجي، نفسياتي، رومينٽڪ، تاريخي، اينٿروپالاجيڪل، بايوگرافيڪل وغيره. حيدر دريا جو هي ناول”رشتن جي آزادي“ هڪ سماج ناول آهي پر ان ۾ رومانس، نفسيات ۽ سماج جي مسئلن جي رنگن جا شيڊز به شامل آهن.
ناول يا ڪنهن به تخليق جي خاص خوبي اها هوندي آهي ته ان جي اڻت اهڙي هجي جيئن پڙهندڙ ان جو حصو ٿي وڃي. هي ناول به ايئن ئي آهي ۽ ماڻهو ان جي سحر ۾ گرفتار ٿيو وڃي ۽ جيستائين ناول کي پڄاڻيءَ تي نٿو پهچائي تيستائين سڪون نه ٿو ماڻي.
آدجڳاد کان وٺي انساني رشتن ۾ مِٺ محبت رهي آهي ته جنگ و جدل به رهيو آهي. جنهن جو سڀ کان پهرين مثال هابيل ۽ قابيل جي ويڙهه جي صورت ۾ ملي ٿو. انساني رشتا هڪ گهڻو منجهيل سٽ آهي، جنهن کي سلجهائيندي سلجهائيندي ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پاڻ ان ۾ الهجي پئي ٿو. انهن رشتن ۽ انسان جي اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ سماج ۾ پنهنجو ڪردار نڀائڻ تي سماجي سائنسدانن کوڙ ڪتاب لکيا آهن. نفسيات جي سبجيڪٽ کان وٺي سوشيالاجي تائين انهن ڳالهين کي پروڙڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن.
الفريڊ ايڊلر، ايرڪ ايرڪسن ۽ سگمنڊ فرائڊ کان وٺي ايموشنل انٽيلجنس جي ڳالهه ڪندڙ ڊينيئل گولمين تائين سڀني انساني ورتاءَ ۽ رشتن تي لکيو آهي. ان کان علاوه ڪجهه ليکڪن وري ان کي تخليقي صورت ۾ آندو آهي. حيدر دريا جو هي ناول به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن ناول ۾ ڪافي ڳالهيون بحث هيٺ آنديون ويون آهن. جن ۾ پنهنجن جي اوپرائپ کان، وٺي هڪ ماڻهوءَ جي انا جي باهه هيٺ سڙيل خاندان تي بحث ته نه پر تخليقي ذريعي سان احساس ڏياريو ويو آهي، ته وري ڪٿي اهو سوال اٿاريو ويو آهي ته آخر والدين اولاد جي تربيت ۾ ڪيترو ڪنٽرول رکن؟
فطرت ۾ هر ڳالهه ۾ هڪ سائيڪل / چڪر موجود آهي جيئن نائٽروجن سائيڪل آهي جنهن ۾ هوا ۾ موجود نائٽروجن، برسات جي صورت ۾ ٻوٽن وڻن کان ٿيندي جانورن جي کاڌي تائين پهچندي، قدرتي ڀاڻ جي صورت ۾ زمين ۾ پهچي وري اتان گيس جي صورت ۾ هوا ۾ واپس ڦري اچي ٿي. اهڙي ريت زمين جي يا ٻين گرهن جي گردش به هڪ سائيڪل جي صورت ۾ موجود آهي. انسان جو پنهنجو وجود ۽ زندگي به هڪ مڪمل سائيڪل آهي. منهنجي پنهنجي هڪ راءِ آهي ته خاندانن(هتي خاندان ۾ منهنجي مراد هڪ نسل نه پر ڪئين نسل آهن) ۽ قومن ۾ به هڪ سائيڪل موجود آهي، ڪو به خاندان / قوم سدائين ساڳين حالتن ۾ نه ٿي رهي. ڪنهن وقت جيڪڏهن خوشحال آهي ته ڪنهن وقت مسڪين ته وري ڪڏهن ساڳيو اوج ماڻي ٿو.
اها سائيڪل اسان کي حيدر دريا جي ناول”رشتن جي آزادي“ ۾ ملي ٿي. جانو يا جان محمد جيڪو پنهنجي گهر مان تڙجي نڪري ٿو ۽ ربو يا ربنواز جي پيار ۽ مدد سان پڙهي ۽ شادي ڪري معاشري ۾ هڪ سٺو مقام ماڻي ٿو ۽ پنهنجين ٻن ڌيئرن سان رهي ٿو پر وري چاهت، جي چريائپ ۽ خودغرضي جي ڪري ساري گهر کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏي ٿي وري ڳالهه اتي پهچي ٿي جتان شروع ٿي هئي. حيدر دريا رشتن جي ان ڄار کي ڏاڍي احساساتي ۽ تخليقي نموني پنهنجي ناول ۾ آندو آهي جنهنڪري پڙهندڙ ڪٿي به جهول محسوس نه ٿو ڪري پر ان سڄي ماحول جو هڪ جز ٿي وڃي ٿو ۽ اها ئي ليکڪ جي ڪاميابي آهي. ان کان علاوه هن ناول جي ڪردار نويسي به شاندار آهي، هر ڪردار جو پنهنجو هڪ الڳ رويو ۽ اظهارڻ جو ذريعو پنهنجو آهي. مختصر طور ايئن ئي چئجي ته حيدر زئور جو هي ناول سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو.

اسحاق انصاري
ڪراچي