ناول

رشتن جي آزادي

خوبصورت لفظن جي خالق ۽ پياري انسان سائين حيدر درياء جو هي ناول جڏهن ڪتاب جي صورت ۾ مليو هو ته مان ٻن ڏينهن ۾ ئي هي ناول پڙهي پورو ڪيو هو۔ سنڌ جي عجيب روايتن سان گڏ رشتن جي ٽوٽ ڦوٽ ۽ پيار جي اظهار تي سندس سٽون سچ ته خوبصورت آهن۔
سندس ناول ۾ اڻ ڳڻيا اهڙا مڪالما آهن جيڪي هتي پيش ڪري سگهجن ٿا پر انهن مان هڪ هيٺ ڏجي ٿو:
ياد رکجان، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽حضرت آدم سان پنهنجي خدا!
۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواهش!
Title Cover of book رشتن جي آزادي

پيش لفظ

پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پڌرو ڪندو هلان ته، منهنجو هي ٻيو ناول آهي. پهريون ناول ”لفظن جي خواهش“ بازار ۾ اڻ لڀ آهي. پهريان خيال آيم ته ان جو ٻيو ڇاپو بازار ۾ آڻجي، پر ڪجهه دوستن جي مشوري کان پوءِ پنهنجو هي ٻيو ناول ڇپرائڻ جو ارادو طئي ڪيم. هن ناول ۾ مان پنهنجي طرفان ڪجهه به لکڻ نه پئي چاهيو پر پنهنجي پهرين ناول کي پنهنجي حال تي رهائي، پنهنجو هي ٻيو ناول ڇپرائڻ ۽ ان لاءِ پنهنجي طرفان پنهنجو رايو لکڻ ان ڪري ضروري سمجهيم، ته منهنجو پڙهندڙ ڪٿي ائين نه سمجهي ته، مان پنهنجو پهريون ناول حادثاتي يا اتفاقي طور لکي ويو آهيان! سنڌي ادب ۾ منهنجو ڪو ايڏو وڏو نالو ڪونهي شايد انهيءَ ڪري جو...،
” تون مون کي حاجي چئو ۽ مان توکي غازي چوان “اهو منهنجي ذهني فطرت کان الڳ ۽ پري آهي. منهنجي فطرت، محبت، سچائي ۽ مقصد جي خدائي کي مڃيندڙ آهي. ۽ صلاحيت کي اهميت ڏيندڙ آهي ۽ انصاف به اهو آهي ته، جنهن صلاحيت جو جيترو حق آهي ان کي داد به، نه ان کان وڌ ملڻ گهرجي ۽ نه گهٽ ! پر سچ اهو آهي ته، صلاحيتون پنهنجو انصاف پاڻ حاصل ڪندڙ هونديون آهن. حاجي ۽ غازي واري خواري کڻجي ڇو ؟ پنهنجي صلاحيت سان خوشامد گڏائي سَين هڻي منگتو ٿيڻ، منهنجو عقل ان کان عارِي آهي. سو مان ته، پنهنجي خوشامد کان خود خائف ۽ خفي رهندڙ لکاري آهيان. منهنجون لکڻيون مون کي تمام گهڻو ڀائن ٿيون ۽ مون سان انتهائي پيار ٿيون ڪن. تنهن ڪري مان انهن بِنا جِي نه سگهندس ۽ جو دم آهيان جهان ۾ لکندو رهندس .منهنجن لکڻين جيڪا مونکي عزت ۽ همٿ ڏني آهي. ان جو اندازو شايد منهنجي پڙهندڙ کي نه هجي!
منهنجو هي ناول سنڌي سماج جي بي ترتيب ۽ غير مساوي روايتن جي خلاف هڪ اهڙي تحرير آهي، جنهن ۾ اسان سڀ امير توڙي غريب، پڙهيا ۽ اڻ پڙهيا سڀ پنهنجي هن سماج جي صحيح ۽ غلط هجڻ جو حصو رهيا آهيون ۽ صدين کان اڄ تائين پنهنجي سنڌي سماج ۾ پنهنجو ڪوئي فاتح پيدا ڪري نه سگهيا آهيون ، ۽ تاريخ شاهد آهي ته، دنيا کي تهذيب اسان سيکاري پر اسان خود کي سيکاري نه سگهيا آهيون. اڄ به سنڌي نوجوان حڪومتي فطرت جا عذاب سهندي به پنهنجي ذات ۾ پاڻ وهيڻو رهيو آهي ۽ پنهنجي حفاظت جو احساس هوندي به سماجي اوڻائين کان پاڻ بچائڻ واري سبق کان محروم رهيو آهي! يا ڪجهه لفظن ۾ ائين چئجي ته، سنڌ جو نوجوان سماجي براين ۽ غلط روايتن جي جنگ ۾ رڳو پنهنجي جان جو اڪيلو ۽ ناڪام گوريلو رهيو آهي . زندگي ۽ سماجي انقلاب جي ويڙهه ۾ هي بي هٿيار به رهيو آهي ۽ ان کي موقعو به نه مليو آهي. تنهن ڪري چئي نه ٿو سگهجي ته، اسان مان اهڙي ڪاهلي ۽ ڪم ظرفي جو اصل ڏوهي ڪير آهي !؟ منهنجو هي ٻيو ناول پڙهندڙ لاءِ واضع ڪندو هلان ته، مون کي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي قوم جي آجپي کان وڌيڪ اهڙي بهشت جي به طلب ناهي، جنهن ۾ انفرادي طور، حوضِ ڪوثر جو جام پيئندو هجان ۽ جنهن قوم مان جنم ورتم تنهن کي محتاج، مجبور، لاچار ۽ غلامي جهڙي جهنم جي لعنت ۾ ڏسندو رهان ! جيڪڏهن مون کي دؤزخ جي تري ۾ اڇلي، منهنجي قوم کي آزادي جهڙي نعمت ڏني وڃي، ته اهو سودو منهنجي لاءِ انتهائي سستو هوندو.

مهرباني

منهنجي ٻولي ،
سنڌوءَ جي ڇولي،
منهنجي لاءِ ماءُ جي لولي،
غاصِب تو لاءِ آهي گولي.

ساٿ سلامت

حيدر دريا زئور
ميرپور بٺورو، ڳوٺ احمد خان زئورضلع ٺٽو
رابطو: 03022315714
Email: hyderdrya@yahoo.com