قسط 8
بس پوءِ ته، عادل جهڙو ان فيملي جو فرد ٿي ويو، هڪٻئي کي ڏيئڻ، وٺڻ، دعائون، دعوتون سڀ ڪجهه مان مرتبي وارو ٿي پيو، چاهت ۽ صديقا لاءِ به، عادل جو گهر ڄڻ سندن هڪ سڳي ڀاءُ جو گهر بڻجي پيو. صديقا ته اڳيئي عادل جي فيملي سان ويجهي هئي، پر چاهت ڪافي سوچ ويچار کانپوءِ، اهو طئي ڪيو ته ڪريمداد جي ذهني الجهن سبب عادل جي گهر اسان جي رهائش وڌيڪ بهتر رهندي.“ عادل جي تعلقاتن کانپوءِ، سڄو ڳوٺ هنن ڄڻ پنهنجو تصور پي ڪيو، ليڪن پوءِ به ڪريمداد جي سسُ جو دماغ ۽ دل چاهت جي صورت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. جنهن مهل به وجهه لڳندو هئس ته نياپا نِئاء ڪري به، سندس بدذاتي ۽ بدنامي ضرور ڪندي هئي.
ڪريمداد سوچي، سوچي هاڻ پنهنجي زال بختاور کي، پنهنجي ماءُ جي گهر وڃڻ تان بند ڪري ڇڏيو هو، انهيءَ ڪاوڙ کان، ڪريمداد جو پيءُ جنهن مهل به، سندس سسُ جي منهن لڳندو هو، ته اها سندس عزت جا ڇِلر، ڇوڏا به لاهي وٺندي هئي.
اهڙي طرح ڪريمداد جي ان عمل کانپوءِ، بختاور جي باقي ٻين رشتيدارن ۽ ڪريمداد جو خاندان هڪٻئي سان وڙهي، وڇڙي، هڪٻئي لاءِ بدگمانيون ۽ بي اعتماديون پيدا ڪري، هڪٻئي جا سڄڻ، سيڻ ٿي رهڻ جي بجاءِ هڪٻئي لاءِ نفرت، ڌڪار، ۽ ڪروڌ کانسواءِ، قرب قرابت ۽ پيار محبت جو نالو ۽ اهڃاڻ به ڪون ڇڏيو هو. ٿورو گهڻو ڪو احساس هو ته، اهو ڪريمداد جي سُهري کي هو، جيڪو اڪثر لڪي، لڪي ڪريمداد کي چوندو هو ته ”ابا ڪريمداد، منهنجي بختاور جي پارت اٿئي، تون مون ڏانهن ڏسجان؟ تنهنجي سسُ جي ته مت مُئل آهي، تنهن ته اجائي کڻي خلق کلائي آهي!“
ڪريمداد کي اوڏي مهل ته رحم ايندو هو، پر پنهنجي سسُ جي بدسلوڪي ۽ چاهت جي خوش سلوڪي جي ٽڪراءُ ۾ کيس پنهنجي ذهن تان وساري ڇڏيندو هئس... اصل ۾ ڪريمداد جو سُهرو شخصيت ئي اهڙي هئي. جيڪو ايڏي ويڙهه ۽ هڪٻئي سان وڙهي ڍانگي ٿيڻ کانپوءِ به، ڪنهن کي ياد ئي ڪون هو.
خبر ناهي اهڙا آزاد مزاج ماڻهو، پنهنجن ڪيفيتن ۾ ان وقت پنهنجي خدا بابت ڇا سوچيندا آهن؟
هڪ ڀيري هن ويچاري لڪي لڪي ڪو ڪريمداد سان پي ڳالهايو، ته سندس زال ڏسي ورتو، بس پوءِ ته ويچاري سان اهڙي حالت ڪيائين جو ويچاري کي سمهڻ، کائڻ سڀ وسري ويا. ۽ جهنگ منهن ڪري، سڄو ڏينهن جهڙو رڳو بس پنهنجي خدا سان پي صلاحون ڪيائين.
ڪريمداد واري سسُ جي اهڙي بي مروت ۽ تيز طبيعت جي سبب ڪنهن، ڪنهن مهل بختاور به منجهائنس ٿڪي پوندي هئي. پر ڇا ڪري؟هڪ ته سندس سڳي ماءُ هئي ۽ ٻيو سندس ٿورو گهڻو بچاءُ به اها ماءُ هئي تنهن ڪري پنهنجي ماءُ سان هر معاملي ۾ هڪ هئي، ۽ اهو چاهت به نه پي چاهيو، ته بختاور پنهنجي ماءُ جو پاسو ڇڏي، ڪريمداد جو ساٿ ڏئي منهنجي لاءِ وڌيڪ پريشاني پيدا ڪري.
ان سڄي معاملي ۾، صرف ٻه ماڻهو سڀن کان الڳ هئا، جنهن ۾ هڪڙي صديقا ۽ ٻيو ڪريمداد جو سُهرو هو ۽ وري ڪا ڏکيائي جيڪڏهن هئي، ته اها عادل جي لاءِ هئي، ڪريمداد جو پيءُ علي احمد، صبح شام عادل وٽ ڪريمداد جو دانهين هو، ليڪن ڪريمداد، عادل سان چاهت واري شادي جي معاملي ۾ قطعي سچو ڪون هو، ۽ عادل جي دل صديقا لاءِ هپ جهپ ڪئي پي. پر ان جي لاءِ ٻه ٽي سبب هئا، پهريون ته سنڌي سماج ۾ ان حقيقت کي تمام غلط نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ته، ڪنهن کي پنهنجي گهر جو خاص مهمان ڪري، پوءِ ان سان عشق به ڪجي، ٻيو ته عادل پنهنجي ڪزن سان محبت ڪندو هو ۽ ان سان سندس شادي جو عهد ڪيل هو، تنهن ڪري ٻه تلوارون هڪڙي مياڻ ۾، اهو انساني فطرت جي خلاف هو ۽ ٽيون، جيڪو سڀن کان وڌيڪ معتبر سبب هو، اُهو اهو هو ته، صديقا جي ماءُ زليخا، عادل کي پنهنجي دين جو پٽ ڪري سڏيو هو- جنهن کي سنڌي سماج ۾ سڳي پٽ جيئان ان جي هڪ الڳ ۽ وڏي اهميت هئي، تنهن ڪري عادل هاڻ صديقا، يا چاهت ٻنهي مان ڪنهن سان به شادي نه پي ڪري سگهيو. ۽ ٻنهي کي پنهنجي سڳي ڀيڻ جي نظر سان ڏسندو هو.
انهن سڀن... ان سماجي ڳنڍجوڙ ۽ تعلق واسطن جي رتبن ۽ روايتن کي جڙندي ۽ انهن ۾ ويجهڙائپ ايندي ڪريمداد جي ڌيءُ، سورٺ به اٺن ڏهن سالن جي اچي ٿي. چاهت ۽ صديقا، ٻنهي کي سرڪاري نوڪريون به ملي ويون، پر جان محمد جي لاءِ تمام ڏکيو وقت اچي ويو، هُو نوڪري تان رٽائر ٿيو ۽ شگر سان گڏ فالج مٿس ايڏو حملو ڪيو جو، ان اڌ رنگ جي ڪري سندس ساڄو پاسو ڪنهن صحرا جي وڻ جيئان سُڪي ڇوڏا ٿي ويو ۽ اٿڻ ويهڻ کان به ويچارو ٿي ويو! ۽ بس رڳو پنهنجي ڪمري ۾ بستري تي ...ڀاڙي ۾ کٽي ويل ڪنهن مسافر جيان پيو هوندو هو! ۽ زليخا رات ڏينهن سندس پيراندي کان پئي هوندي هئي! ۽ هاڻ سندس روزا، نماز، حج، ۽ زڪوات سڀ سندس اهو پوڙهو پريمي جان محمد هو! جيڪو هاڻ رڳو ٿورو ڳالهائيندو هو، ته پنهنجي وات جون گگون به پنهنجي وات سان روڪي ڪون سگهندو هو، ۽ ٻين لاءِ جهڙو ارمان ۽ افسوس جو سامان بڻيل هو!
سنڌي سماج ۾ اها به هڪ وڏي بي حسي آهي ته گهر جو ڪو وڏي عمر وارو فرد، جيڪڏهن ڪنهن وڏي ۽ ڊگهي بيماري سبب لاڳيتو بستري تي ڪري ٿو پوي ته اڪثر گهر جا ڀاتي پنهنجي بيزاري جو احساس پيا ڏياريندا. جان محمد سان اهڙو سلوڪ ته ڪون پي ڪيو ويو، پر هو ڏاهو ته هو پنهنجي سماج جي ان بدسلوڪي واري عمل کان واقف هو، تنهن ڪري ڪنهن، ڪنهن مهل پنهنجي ڏاهپ واري ڏهاڳ ۾ اکين مان لڙڪ ڪري پوندا هئس، جن کي زليخا ڏسي پاڻ به روئي پوندي هئي!
زليخا ويچاري تي ته هاڻ ڏکن، ڏولاون جا پهاڙ ڪري پيا هئا، هڪڙي پاسي کيس پنهنجي پياري مڙس جي بيوسي ۽ لاچاري وارو عالم هو، ته ٻئي پاسي پنهنجي لائق ڪنوارين ڌيئرن جي پريشاني ۽ اُلڪو!
جڏهن جان محمد اڃا سگهو ڀلو هو، تڏهن زليخا چيو هئس ته، ”جي تون اجازت ڏيئين ته چاهت ۽ صديقا جي رشتن لاءِ مان ڪريمداد جي ڳوٺ مان ئي، ڪنهن سٺي رشتي لاءِ ڪا جانچ، پڙتال ڪيان؟“
تڏهن جان محمد چوندو هئس ”اهو سندن مرضي جي خلاف ٿيندو، جڏهن پاڻ پنهنجي مرضي جو ڪوئي خيال ڏيکاريائون، ته پوءِ سندن لاءِ سڀ ڪجهه ڪري وٺنداسين، فلحال اسان پنهنجي مرضي مٿن ڪون مڙهينداسين، پر جيڪڏهن پنهنجي راضي خوشي، اهڙو اظهار توسان ڪن، ته تون هر طرح جي سندن مدد ڪجانءِ!“
پر پيار ۽ قيامت جي خبرڪنهن کي آهي، زليخا ته جان محمد جون اهي هدايتون سانڍي سنڀالي رکيون هيون، پر کيس اها خبر ته هرگز ڪان هئي ته پنهنجن ڌيئرن جي سنڀال مون هڪڙي سر تي ايندي، تنهن ڪري، هڪ ماءُ جي حيثيت سان، پنهنجون ڌيئرون به سندس ڌيان مان نڪرنديون ئي ڪون هيون!
هڪ ڏينهن چاهت، صديقا کي چيو ”صديقا ڀيڻ، منهنجي ڪجهه مدد ڪنديئين؟“
”ڇو نه ڀيڻ... مان پنهنجي ڀيڻ جي مدد ڇو ڪون ڪنديس، ٻڌائي ڪهڙي مدد ڪيان؟“ صديقا چيو
”مان ۽ ڪريمداد، اسان پاڻ ۾ شادي پيا ڪيون، جنهن لاءِ مان اڄ امان کي اعتماد ۾ ٿي وٺڻ چاهيان، تون بس ان مهل ٿورو پاسو کڻجان؟“
۽ صديقا کي اها ڳالهه پسند نه آئي، هڪدم چيائين ”واهه ادي واهه اهو وري ڪهڙو ڌمچر ٿي مچائين، ڳوٺ وارا اڳيئي اسان کي الائي ڪهڙي نظر سان ٿا ڏسن، عادل جي ڪري مس وڃي منهن ڏيکارڻ جهڙا ٿيا هئاسين، وري جي تون اهو ڪم ٿي ڪرين، ته پوءِ اسان کي ڪير ٻن آڱرين جو به هٿ ڪون ڏيندو ۽ گهر جون گهريتڙيون ٿي مرنديوسين!“
هن صديقا جي ان سوچ کي احمقاڻو خيال تصور ڪري، ان کي ڪائي اهميت ڪان ڏني، اُلٽو کيس مهڻي هاب ڪندي چيائينس ”توکي ته ڪنوارو روح کڻي مرڻو آهي، ته ڀلي ڪنواري ويٺي رهه، مان ته شادي ڪنديس... ڀلي تون منهنجي مدد نه ڪر، جيڪڏهن امان به مونکي ساٿ نه ڏنو، ته نه ڏي، مان ڪريمداد سان شادي ڪنديس، پوءِ ڌمچر ڇو ٿو مچي ڀلي ممڻ مچي يا بنڀٽ ڇو نه ڀڙڪيِ پون، مونکي ڪنهن جي به پرواهه ناهي!“
”۽ بابا! جيڪو هن حال ۾ آهي؟ ان تان ڇا گذرندي؟“ صديقا چيس؛ ته پاڻ چوڻ لڳي ”انهيءَ لاءِ ته مان امان کي ٿي اعتماد ۾ وٺڻ چاهيان، ته جيئن بابا جي صحت تي ڪو اثر نه پوي، پر تون جي منهنجي مدد نٿي ڪرڻ چاهين، ته مونکي تنهنجي ايڏي ضرورت به ڪونهي، مان پاڻ امان سان ڳالهائي، ان کي راضي ڪري سگهان ٿي.“
”ها پوءِ پاڻ وڃي ڳالهائينس، مونکان اهو غلط ڪم ڪون ٿيندو.“ ... انهيءَ جواب چاهت جي طبيعت کي گرم ڪري ڇڏيو، ٻنهي ڀيڻن ۾ وڏو اختلاف پئجي ويو، ۽ ٻئي هڪٻئي سان جهيڙڻ لڳيون، ته ان هل تي سندن ماءُ وچ ۾ اچي ڪجهه سرچاءُ ڪرايو ۽ پوءِ ان مهل ئي، چاهت پنهنجي ماءُ کي، هڪڙي پاسي ويهاري، کيس پنهنجي ان پريمي، ضدي ارادي کان واقف ڪيائين، ته سندس ماءُ کي سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، کيس اهو به يقين ٿي ويو ته، چاهت جيڪي چوي پئي، سو هي ضرور ڪندي ۽ اهو سندس ذهن ۾ اڳيئي هو ته، هڪ ڏينهن اهڙو ضرور اچڻو آهي، پر اهو علم کيس نه هو، ته اهو معاملو ان وقت ايندو جڏهن منهنجو جان محمد اهڙي حالت ۾ هوندو، جنهن کي مان اهڙي حساس معاملي بابت ڪجهه ٻڌائڻ جي همٿ به ساري نه سگهنديس، هن پنهنجي ڌيءَ جي سوچ کي ذهن ۾ رکندي چيو ”چاهت، هڪڙي هدايت ڪيانءِ ٿي، ان تي پهريان عمل ضرور ڪجانءِ؟“
”امان ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جي ضرورت به ناهي، مون ڪريمداد کي چئي، سمجهائي ڇڏيو آهي، هو هتي گهر ۾ ئي مولوي کي وٺي ايندو ۽ گهربل شاهد به آڻيندو، بس رڳو نڪاح جي رسم ادا ٿيندي، وڌيڪ ڪو به هُل هنگامو نه ٿيندو.“
”مون ڪجهه ٻئي حوالي کان پي چيو چاهت!“
”توهان الائي ڇاپي چوڻ چاهيو؟“
”منهنجو مقصد هو ته، پهريان تون پنهنجي بابي سان ان معاملي ۾ مل... ۽ ٻيو ڏسو، مان اڪيلي اوهان لاءِ ڪجهه به نه پئي ڪري سگهان، جيئن تو پنهنجي لاءِ ڪهڙي به حال ۽ حالت ۾ پنهنجو حق ڪريئين پئي، پر صديقا، تنهنجي ڀيڻ - اوڏانهن الاءِ ڇو، ڪا سوچ ئي ڪانهينس ڪا. مونکي ته ان جي به ڏاڍي ڳڻتي آهي، خبر ناهي ته، سندس قسمت ڪيئن آهي؟ بس تون ان جي وڏي ڀيڻ آهين، ان جي توکي پارت هجي،ان جو خيال رکندي ڪر؟“
چاهت پنهنجي ماءُ کي راضي ڏسي، پنهنجي ذهن تان جهڙو اڌ بار جو هلڪو محسوس ڪيو ۽ کيس مڙئي خوش ڪرڻ خاطر صديقا بابت ڪوڙو دلاسو ڏئي ڇڏيائينس، باقي پنهنجي پيءُ لاءِ هن ماءُ کان مدد گهري ته ماءُ چيس ”پهريان مان بابهين سان ڳالهه رکان ٿي پوءِ بعد ۾ تون مون سان گڏ هججان؟“
ٻئي ڏينهن زليخا پنهنجي محبوب مڙس جي بيڊ تي، پيرانديءَ کان ويهي، کيس آهستي آهستي، نرمائي سان چوڻ لڳي ”اڄ مان جيڪا ڳالهه چوانءِ پئي، ان کان انڪار نه ڪجانءِ! ... جيڪڏهن اسان انڪار ڪنداسين تڏهن به، هاڻ ڪوئي فرق پوڻو ناهي، ۽ اسان جو انڪار اسان لاءِ ارمان ۽ افسوس بڻجي پوندو، تو سڄي عمر مونکي ائين ئي چيو آهي ته، سارين جي سنگ جيئان، پنهنجن کان ڇڄي حوصلو نه هارجان! سو تنهنجو اهو چوڻ، مان پنهنجي هينئين سان هنڍائي رکيو آهي. ۽ اڄ هڪ دفعو وري به، پنهنجي حوصلي سنڀالڻ جو وقت اسان کي آڏو آيو آهي!“
جان محمد، پنهنجي زليخا ڏانهن، اهڙيون ته ڇڪي اکيون جهليون جهڙو چوندو هجي ته، ”ٻڌائي، ترسائين ڇو پئي؟ هاڻي منهنجي بيوسي سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏي... مان تنهنجي ايتري محبت جو بار کڻڻ جي هاڻ اهل ناهيان رهيو!“
زليخا به پنهنجي جاني جي منهن ۾ لاڳيتو، انتظار جي نظر سان ڏسندي رهي، ۽ ڪجهه لمحن کانپوءِ، جان محمد پنهنجي بيوس زبان سان ٽٽل ڦٽل لفظن ۾ پڇيس ”چئو... ڇاٿي چوين... مون ته، سڄي عمر... توسان انڪار ناهي ڪيو... اڄ اهڙي ڳالهه ڇو پئي ڪرين؟“
زليخا سندس بي تابي ڏسي هڪدم چيس ”پنهنجي چاهت ڪريمداد سان نڪاح پئي ڪري ۽ هُو هتي ئي رهندو!؟“
جان محمد لاءِ زندگي ۾ پهريون ڀيرو، زليخا سان انڪار لاءِ پنهنجي ذهن ۾ سوچ آئي هئي، سا به ان حالت ۾ جڏهن هُو، اڌ رنگ واري مرض جي ڪري، گهڻي ڳالهائڻ جي وس ۾ ئي نه هو، نڪاح واري ڳالهه تان کيس ايڏو رنج ڪون رسيو هو، ... پر هُو هتي رهندو... انهيءَ جملي، جهڙو سندس جيءَ جهوري وڌو هجي، هن لاءِ پنهنجي زندگي جو ڄڻ سڄو ڪتاب کلي اکين اڳيان آيو هو، کيس ياد آيو ته، انهيءَ گهر ناٺي واري معاملي تان، منهنجي محسن، چاچي ربنواز مرحوم مونکي زليخا سميت، پاڻ کان ايترو پري ڪري ڇڏيو، جو مان سندس ڪانڌي به ٿي نه سگهيس، اڄ اها تاريخ پاڻ کي ورجائي، وري منهنجي سامهون آئي آهي! سا به ان وقت، جڏهن مان اهڙي روايتي جنگ وڙهڻ جي سگهه ۾ ئي ناهيان... يا خدا منهنجي مدد ڪر... اهڙي پڪار ڪري، سندس جيءَ گهڻو ئي لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو، پر ڪڇڻ جي ڪا واهه نه ڏسي اکين مان آب هاريندي چيائين ”مان ته ڪجهه نٿو ڪري سگهان زليخا،... شايد منهنجي چوڻ جو اهو وقت اچي ويو آهي... ته مان پنهنجي وات سان ئي پنهنجي لاءِ چوان ته... بي وس اٺن بار ڇڏيا... بس زليخا... مان خداجي فيصلي تي ڪجهه نٿو ڳالهائي سگهان... چون ٿا، خدا پنهنجي انسان جهڙي سوکڙي جي سلامتي لاءِ ... اهو حڪم جاري ڪيو ته ... هڪڙي انسان جو قتل... پوري عالِم انسان جو قتل آهي... پر عالم اڃا اهو... واضح ڪري نه سگهيا آهن... ته اهو قتل انسان جي دل جو... انسان جي ضمير جو يا ان جي ايمان ۽ انسانيت جو يا رڳو ساهه جو... زليخا، خدا جو حڪم ۽ ان جو فيصلو، هي ويچارو فقير انسان... ڇا سمجهي سگهندو!؟“
زليخا کي به پنهنجي اندر ڪا شيءَ کائي رهي هئي، پنهنجي جانيءَ جي رحم جوڳي حالت ڏسي، پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهي ۽ پيرن کان سيرانديءَ ڏانهن سرڪي، پنهنجي جاني جي ڇاتي ۾ پنهنجو منهن لڪائي چوڻ لڳي ”تون سمجهين ٿو ته، مان سگهي آهيان، پر منهنجي اندر کان پڇيو اٿئي، ته مُئي آهيان، يا جيئري!“
ائين چئي هو تيستائين پنهنجي جاني جي ڇاتي تي پئي هئي، جيستائين، جان محمد جون اکيون واهڙ واهي، مٿس وسڻ لڳيون، ۽ جڏهن پنهنجي مٿي تي ٿڌاڻ محسوس ڪيائين، ته منهن مٿي کڻي کيس چوڻ لڳي ”ائين نه ڪر جاني، مون کان تنهنجي اها حالت سَٺي نٿي ٿئي، تون جي ائين ٿو ڪرين، ته باقي منهنجو ٻيو هتي ڪير حال محرم آهي، جنهن کي مان تنهنجي دانهن، ڏئي چوان ته، منهنجو جاني مونکي هاڻ رڳو رئاري ٿو؟“
ائين ٻئي ڄڻا ڪجهه دير لاءِ هڪٻئي کي رئاري، پنهنجي سماجي ڏهاڳ کي ڏڍ ڏئي، ڪجهه هانءُ هلڪو ڪري، جان محمد پڇيس ”پنهنجي، ڀيڻ کي خبر اٿس؟... ۽ چئجانس، مان نڪاح ۾ ويهڻ جي حالت ۾ ناهيان... پر جيڪڏهن ادو علي احمد نڪاح جي وقت موجود هجي ته بهتر... اهو تون ڪريمداد کي چئجان... پڻس کي... نڪاح وقت وٺي اچي؟“
ايترو چئي، جان محمد جا ڦڦڙ ساهه مان ڀرجي پيا، پاڻ ڪجهه دم پي پَٽيائين ته زليخا چيس ”مان ته چوان ٿي، اسان ٻئي پنهنجي دل تي پٿر رکي، ان معاملي کان الڳ هجون، تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
”چاهت سان ڳالهائي ڏس... جي اسان کي معاف... ڪري سگهي... ته اسان بخشش ۽ ... نجات جي اهل آهيون! ... اسان کي هاڻ روح کان آزادي ملي... ته مان چڱو سمجهندس!“۽ پوءِ اکيون پوري ڇڏيائين.
پر ائين ته ڪڏهن ٿيوئي ناهي، ته جان محمد جيئان ڪوئي پنهنجي خدا کان، پنهنجي روح جي نجات گهري ۽ روح انسان جي نسن وارين نوڙين مان ڇِنائي، پنهنجي مماتي ماڳ وڃي، پنهنجي نجات جا نظارا ماڻي. اهو ته بس ڪنهن ڪرب وتِي ڪيفيت جو رڳو هڪ احساس هوندو آهي، جيڪو من ۾ ماتمي روڳ وروڌ واري پيڙاءُ پيدا ڪري، ماڻهو جي همٿ ۽ قدامت کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ ماڻهو ويچارو ان حالت دوران رڳو تن کي تسلي ڏيئڻ خاطر ئي ائين چوندو آهي!
جان محمد کي به پنهنجي ڏِيل کي ڏڍ ڏيئڻ بنا ٻيو ڪوئي سهارو نظر ڪون پي آيو، زليخا بس رڳو هئي، جيڪا سندس جيِءَ به هئي ته جهان به هو. تنهن سندس روح ريجهائيندي چيس ”مان چاهت کي سمجهايان ٿي، ۽ اڄ رات اسان پاڻ ۾ ويهي، سڄي معاملي جي صورتحال کي، ڪنهن هڪڙي پاسي ڪري وٺنداسين!“
پر ان رات معاملو هڪ پاسي ٿي نه سگهيو، ۽ ٻئي ڏينهن صبح جي وقت چاهت، سندس ماءُ ۽ سندس پيءُ، ٽنهي هڪٻئي کي روئي، رئاري چاهت کي پنهنجن اختيارن جي غلط استعمال تي هدايت ڪندي، کيس پنهنجي ضد تي بحال رهڻ جي اجازت ڏني ۽ چاهت پنهنجي والدين جي ان رنجش کي به ڪا اهميت ايتري ڪان ڏني.
آخر ۾ جڏهن ان ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اٿي ته، وڏي ڪنهن اٽڪل سان، پنهنجي پيءُ کي مسڪرائڻ تي مجبور ڪري، پنهنجي پيءُ کي ان روئڻ سان گڏ، ٿورو کلائي ٻاهر نڪتي ته، صديقا کي ورانڊي ۾ بيٺل ڏٺائين، جنهن سندس سڄي ماجرا ٻاهران ٻڌيِ بيٺي. جنهن مهل هڪٻئي کي ٻئي ڀيڻو مُنهان، منهن ٿيون، ته صديقا چيس ”چاهت ڀيڻ، تنهنجو اهو ضد، سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ڳائبو، بابا پنهنجي نوڪري دؤران سڄي سنڌ ۾ هليو آهي، هاڻ سندس نالو تنهنجي پٺيان ڳائبو! اڳ ۾ اسان پنهنجي بابي جي نالي پٺيان سڏبيون هيوسين، تون اهو سماجي لحاظ کان به سٺو نه پئي ڪرينءَ. ڪريمداد پنهنجي پهرينءَ زال سان به نباهي ڪون سگهيو، ڪهڙو عيب هو بختاور ۾، تون بختاور جو گهر ڊاهي، پنهنجو گهر اڏڻ ٿي چاهين، پر اهو ايڏو آسان ڪون ٿيندو، تنهنجي مرضي ڀيڻ، پر مان سمجهان ٿي ڏاڍي ڏکي ٿينديئين!؟“
پر چاهت سندس نيڪ نيت صلاح کي، پنهنجي ڪنڌ جي هلڪي انڪاري ڌوڻي سان ڪنڌ ڇنڊيندي هلي وئي.
انهن ڏينهن اها اونهاري جي موسم هئي، سانوڻ سنڌ ۾ وسڻ جا سايا پي ڪيا، فضا ۾ بادلن جي ڀر، ڇنڊ لڳي پئي هئي، ڪنهن مهل اتر طرف کان ڏکڻ طرف ڏانهن سندن ڊوڙ هئي، ته ڪنهن مهل اولهه کان اوڀر طرف ڀڄ، ڀڄان ۾هئا، چؤماسي جي هوائن ڪريمداد جيئان، سڄي ماحول کي منجهائي وڌو هو، گرم هوائن ۽ آگم جي اُگم ۾ جان محمد جي من جيئان ماڻهو وگهري پيا هئا. صديون ٿيون هيون سانوڻ کي هن ساڳي ڌرتيءَ تي وسندي، پر نه ڪڏهن پنهنجي مند مٽائي هئائين ۽ نه سندس گهمسان گهٽائون علي احمد جيئان پوڙهيون ۽ پريشان ٿيون هيون بس رڳو سندس هوائن جا رخ، ڪريمداد جيئان، زندگي جي راهن ۾ واريون وڇائي پراڻا پيچرا لٽي پي ڇڏيا، ڪريمداد به ائين پنهنجي زندگي کي ٻه واٽي تي آڻي، پنهنجن سوچن کي ورهائي ڇڏيو هو. هڪڙي پاسي سندس پيرسن پيءُ، جيڪو پنهنجي عمر سان گڏ پنهنجي نظر به گهڻي کپائي چڪو هو، ۽ ٻيو پنهنجي بهتر دوست عادل آزادکي به پنهنجي سڄي معاملي کان بي خبر رکي، دوستي جي ڀرم کي دوکو ڏنوهو.
۽ ٽئي پاسي چاهت جو اڌ زنده بيمار پيءُ، جنهن جي سامهون ويهي، چاهت سان ڳنڍيل، پنهنجي جيءَ جي جڙيِ جو ذڪر ڪرڻ جي منجهس همٿ ئي ڪان هئي، ان گهڻ مُنهين سوچ ڪريمداد کي ڪنهن نه ڪم جو ڪري ڇڏيو هو، سندس عقل بس رڳو اهو ڪم پي ڪيو ته، چاهت سان نڪاح ڪرڻو آهي... پنهنجي پيار کي پائڻو آهي، ۽زندگي هن ڪروڌي سماج ۾ آزاد گذارڻي آهي...!
آخر سندس اميدن ڀريو اهو ڏينهن به آيو، چاهت سان سندس نڪاح ٿيو، ۽ هنن اها ڪروڌي جنگ کٽي، هڪٻئي کي اهڙي طرح فتح ڪري ورتو، جو ان جي ڪنهن کي ڪا کُڙڪ ئي ڪان پئي!
ڪريمداد کي، چاهت سان نڪاح ڪندي ٽي مهينا گذري ويا، پر پنهنجي ڳوٺ وڃي پنهنجي ماءُ، پيءُ جي به سار ڪان لڌائين، پر چاهت انهن ٽن مهينن دوران ڪريمداد جي سسُ کي. ڳوٺ نياپو اماڻي موڪليو ته، مون ڪريمدادسان نڪاح ڪري، ڪريمداد کي پاڻ وٽ گڏ وهاريو آهي، هجئي همٿ ته اچي هاڻ وٺي وڃينس، نه ته هاڻ، تون پنهنجي بختاور جو ڪو بِلو ڪر... تو جيئن چيو هو، تئين مون، توکي ڪري ڏيکاريو... ماڻهو دنيا ۾ جو ڪجهه چاهي، حاصل ڪري سگهي ٿو، پر توکي جيترو عقل ۽ اخلاق آهي، ته اهو ڪم به توکي اوترو آيو! ... مان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، ڳوٺ اينديس، سو رڳو ايتري لاءِ، جو رڳو ڏسان ته، باقي تو ۾ ڪيترو دم آهي!؟“
ان نياپي ملڻ کانپوءِ، ڪريمداد جي سسُ، ڳوٺ ۾ قيامت مچائي ڏني، نه رڳو ڪريمداد جي ماءُ، پيءُ سان حالت ڪيائين، پر راڄ برادري ۾ اهڙو ڪو چڱو نه هو، جنهن واٽ دانهين نه هئي، پر ڪير ڪجهه ڪري ته ڪري به ڇا پي سگهيو، هرڪو سندس دانهن ٻڌي پيو چويس ته، مائي هاڻي اجائي واويلا نه ڪر، اها اجائي ياحسين ڪري خلق نه کلائي، جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، رضا خوشيءَ سان ٿيو هوندو، تنهنجي ناٺي ٻي شادي ڪئي ته گناهه ته ڪون ڪيو اٿس مرد چار چار شاديون ڪندا آهن!!“
اهڙن جوابن ته، هيڪاندو سندس هانءُ ۾ باهه ٻاري ڏني، پنهنجي سماج ۾ انصاف، پنهنجي مرڻ کان اڳ، مئل تصور پي ڪيائين، ڪري ته هاڻ ڪري به ڇا، پنهنجي وڍيي جو، ته ويڄ نه طبيب!
جڏهن ٻيون سڀ واهون وينديون ڏٺائين، تڏهن رڳو ڪريمداد جي ماءُ، پيءُ ان جي ڀيڻ شهرو ۽ عادل تي صبح، شام سندس ڪاهه هئي.
ڪريمداد جي پيءُ ته، پنهنجي پَر ۾، جان محمد تي ڏک ڪڍي جيئن پنهنجي خاموشي اختيار ڪئي، ته يڪي ماٺ ۾ هو، ۽ عادل پنهنجي دوست جي اهڙي لڪ لڪوٽي واري ارمان ۾، ڪنهن کي ڪجهه چوڻ ۽ ڳالهائڻ جي ته، خود کي اهل ئي نه پي سمجهيو.
چار مهينا کن گذريا ته ڪريمداد جي پيءُ عادل کي چيو ”عادل- يار تو وارو اسانکي پيريءَ ۾ ائين ڇڏيندو، اهو ته مون سوچيو ئي ڪون هو، اسان ته پنهنجو الله به وساري، سندس آسري هئاسين، پر هاڻ ته اسان کان پنهنجو خدا به ويو، ڪير هن انڌي عمر ۾ اسان جي سار لهندو. بختاور! سندس زال آهي... سا ته روئي روئي بيمار ٿي پئي آهي ۽ سندس سسُ جو اسان تي صبح، شام لعنت جومينهن پيو وسي، ابا تون ڪو بِلو ڪر. وڃي سمجهائينس، نه ته اسان جو ته ڪانڌي به هاڻ ڪير ڪون ٿيندو!؟“
ان مهل ائين پي لڳو ته، علي احمد جي جسم تان گوشت ڄڻ سڀ ڪنهن ڪوري ورتو هو، سندس اهڙي هيڻائي کي ڏسندي، عادل چيس ”ڪاڪا ڪانڌي ٿيڻ واري ڳالهه ڪيئن ٿو ڪرين، ماڻهو جيسين جيئرو يا مئل آهي، تيستائين هن ڌرتيءَ تي هو پنهنجي خدا جي امانت آهي. ڪوئي اولاد جيڪڏهن، مائٽ کي اڪيلو ڪري ٿو ڇڏي ته پنهنجي ڪفن، دفن جي ڳڻتي ان اولاد کي ڪرڻ گهرجي! مائٽ ويچارو ته، پنهنجي بدن جي کل به، پنهنجي اولاد جي ڪفن لاءِ ڏيئڻ ۾ راضي هوندو آهي پر اولاد جي نالائق ٿو ٿئي، ته پنهنجي قسمت کي پاڻ ٿُڏا هڻي، پنهنجي پاڻ ٿو ڦٽائي! پر تون دلجاءِ ٿي، ڪريمداد کي ائين ڪرڻ ڪون ڏينداسين، ڀلا جيڪو ٿيڻو هو، سو ته ٿي ويو، بس ان لاءِ ٿوري سهپ ۽ صبر کان ڪم وٺڻو پوندو. تون گهٻرائي نه.“
”ابا رڳو ايترو بس پڇجانس، جيڪڏهن پاڻ اتي خوش آهي، ته اسان جو ڪو اعتراض ڪونهي، پر پنهنجي زال بختاور ۽ سندس ڌيءَ سورٺ کي وٺي وڃي، پاڻ وٽ ويهاري، اسان وقت ڪڍي وينداسين. پر بختاور ۽ سورٺ جي هتي ڪير ڪندو؟ پيا روز، روز ماڻهو کلندا، اهو خواري جو کارو اسان کان ته هاڻ ڪون ڍڪيو ٿيندو!“
۽ بختاور! سا جڏهن پنهنجن احساسن ۾ اندرجي دکندڙ ارمان ۾ روئي وجهندي هئي، ته سورٺ به پنهنجي ماءُ کي روئندو ڏسي، پاڻ به ان سان گڏ روئي پي وڌائين، جنهن کي ڏسي ڪريمداد جو پيءُ به روئي پي پيو... ائين سڄي گهر ۾ روحاني روڳ جي هڪ زنجير ٺهي پئي هئي! بختاور پوءِ سورٺ، پوءِ ڪريمداد جو پيءُ تنهن کانپوءِ سندس زال ڀاڳان ۽ آخر ۾ ڪريمداد جي ڀيڻ حليما، جيڪا سڀن کان وڌيڪ دل جي هيڻي هئي، هڪ بس رڳو شهرو هئي، جنهن جي دل ڄڻ کيرٿر جبل جو ڪو پٿر هو! جنهن جون اکيون انهن احساسن ۾ روئڻ ته ڇا پر رڳو ڇنڀيائين به ڪون پي، ائين پي لڳو ته، اهي اکيون جهڙيون کيس ڌاريون لڳل هيون! ڪريمداد جي سسُ ته، گهڻيون ڪرٽيون کاڌيون ان شهرو تي پي. شهرُو تي جنهن مهل نظر پي پيس ته، ڀانءِ ته کيس ڪچو کائي ڇڏيان، پر جيسين شهرُو کي ڪچو کائي، تيسين شهرُو پنهنجي ڀاءُ ڪريمداد کي چاهت سان پرڻائي جهڙو کيس ڪنهن ڳورپٽ جيئان ڪچو کائي ڇڏيو هو.
هاڻ ڪريمداد ۽ چاهت جي شادي کي هي پهريون سانوڻ هو. سڄي سنڌ ۾ سانوڻ ڀرجي چڪو هو، فضا ۾ ڪڪر ڊوڙي، ڊوڙي پنهنجي آبي جسم جو رنگ بدلائي چڪا هئا، سندن ڊوڙون به ڍريون ٿي ويون هيون، اتر ۽ اوڀر طرف جي ڪنڊ کان، رات جي وقت کنوڻين کلڻ شروع ڪري ڏنو هو، عادل! ڪريمداد ۽ چاهت سان ڳالهاءِ، ڪريمداد جي مائٽن جي هينئين تي ڪو ٿڌو ڇنڊو هڻي، تيستائين سانوڻ جو وسڪارو وڏي، ڌام ڌوم سان وسي پيو، ڌرتيءَ جو سينو ۽ ماڻهن جا لڱ، مغز ٺري ڪنول جهڙا ڪومل ٿي پيا هئا. چاهت ۽ ڪريمداد جي سوچن به تبديلي کاڌي. ويڪيشن جا ڏينهن آهن، سانوڻ جي موسم آهي، ڳوٺان چڪر هڻي اچجي، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ ۽ ڌرار به ڌُوپجي اُجرا ٿي پيا هوندا، هتي هي شهر جي ڳتيل آبادي ۾، وسڻ جا ويس ڌاري، روز روز جيڪي آگم پيو ڪري، تنهن جو اُگم ته شهر ۾ ماڻهو کي ساڙي پچايو ڇڏي! ٻهراڙيءَ جي کليل فضا ۾، سانوڻ جا سينگار ڏسيو، ماڻهو جي جان ٺريو پوي، قدرت جا سڀئي ڪرشما ته آهن ئي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾، سنڌ کي ته خدا اهڙي سونهن بخشي آهي، جهڙو سڄي سنڌ کي خدا پنهنجي صورت تي ٺاهيو هجي! هر طرف حيرت ۽ حقيقت جي دعوت پئي سڏيندي آهي. وسندين ۽ واهڻن ۾ وسڪارا ڏسي، ماڻهو جي من ۾ ته ولايت جاڳيو پوي، مان ته چوان ٿي، ڪوئي اگر خدا جي خوشي ڏسڻ چاهي، ته سانوڻ رُت ۾ سنڌ جي سونهن ۽ سينگار ڏسي ته اکيون ۽ دل، دماغ سڀ، خدا جي خيال ۾ خوش ٿي ٺري پوندس، ڪو ماڳ ۽ مڪان سنڌ ۾ اهڙو ڪونهي، جنهن جي ڏسڻ سان ماڻهو جي من ۾ شبنمي خوشبوءِ ۽ روح جاڳائيندڙ راحت نه هجي!“
اهي اهڙيون سوچون ۽ صلاحون ڪري، ڪريمداد ۽ چاهت ٻئي ڳوٺ آيا، پر چاهت جي اسرار تي سڌو عادل جي گهر پهتا، ۽ چاهت جو ڪريمداد سان اهو شرط طئي ٿيل هو ته، ”توکي پنهنجي ذاتي گهر وڃڻ ۽ بختاور سان ملڻ جي اجازت هرگز نه هوندي!؟“
۽ ڪريمداد اهو شرط اکيون پوري قبول ڪيو هو. تنهن ڪري هن عادل جي گهر ئي، پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ شهرو کي گهرائي، ڳوٺ جي پوري ماحول جو احوال ورتو. پر سندس پيءُ علي احمد ويچارو پاڻ وٽس هلي آيو، ۽ ڳالهين دوران کيس چيائين ”ڪريمداد، توکي پنهنجو گهر هوندي، هتي رهي مون تان ماڻهو کلائڻ نه کپندا هئا؟“
تڏهن ڪريمداد پنهنجي پريميڪا چاهت، ۽ پنهنجي ميزبان عادل جي اڳيان، اڍنگي لهجي ۾ کيس ڇنڀيندي چيو ”اڻ پڙهيو ته، نيٺ وري به اڻ پڙهيو! پر سڄي عمر ۾ عقل به ڪون سکيئي بابا- عادل جي گهر رهي پيس، ته توتان ماڻهو پيا کلن، ته تون اچي، هتي مون سان مليو آهين، ماڻهو ته پوءِ توتان به کلندا، توکي ماڻهن جي کل ڏکي ٿي لڳي ۽ آئون توکي، کل ۽ خواري ٿو لڳان ته پوءِ هتي اچي، مون سان ملڻ جي ضرورت ڪهڙي هُئي...؟ انهيءَ سواليه جملي سندس پيءُ کي جهڙو سڪرات ۾ وجهي ڇڏيو، ويچارو عادل جي منهن ۾ ڏسي وري چاهت جي منهن ۾ ڏسي، ۽ چاهت جي منهن ۾ ڏسي وري پنهنجي پٽ ڪريمداد جي منهن ۾ ڏسي، پلڪ گهڙيءَ ۾، سڄو خشڪ ٿي ويو، ۽ اکين ڏرا ڏئي سندس منهن کوکو ڪري ڇڏيو، شايد دل جي سهاري جي کوٽ پي محسوس ڪيائين، ائين پي لڳو ته ساهه به نه پيو نڪريس!
هڪ پيءُ کي پيريءَ ۾ پنهنجي اڪيلي پٽ جي ڪهڙي ضرورت هوندي آهي؟ اهو ته ان علي احمد کان ئي پڇجي ها! تڏهن به ان رشتي جي تعلق جي پوري خبر ته ڪنهن به ماءُ، پيءُ کي ڪون هوندي ته، هي رشتو ڪهڙي سڳي سان سبيل آهي، جنهن جو ٽٽڻ يا ٽاڪو پوڻ ته ناممڪن آهي پر ڪريمداد جيئان سخت، اڍنگي يا رڳو بي رُخي لهجي ڳالهائڻ سان به مائٽ ويچارو ان وقت جهڙو موت جو مهمان بڻجو پوي ۽ پوءِ ان صدمي کان بتال نه به کڻي ٿئي، پر پنهنجي اولاد جي ٺڪرائڻ کانپوءِ، پنهنجي سماج ۾ کيس احمق، پاڳل يا نڌڻڪو چيو ويندو آهي، جنهن سان سندس جيئاپي جا باقي عمر وارا ڏينهن به سندس لاءِ اجيرڻ بڻجو پون!
علي احمد پنهنجي پٽ جي ان اچانڪ بدليل بي مُروت لهجي واري ٻولي کي سختي سان منهن ڏيئڻ جي ته، نه ڪيفيت ۾ هو، نه حالت ۽ پهچ ۾ هو، بس رڳو کيس پنهنجي رشتي جي ڄڻ ياد ڏياريندي چوڻ لڳس ”ڪريمداد، تون سڀ سڃاڻپ ڇڏي، ڀلي اڻ سڃاڻو ٿي ڳالهاءِ، پر بابا اسان جا ته ميت به سڀاڻي ماڻهو تنهنجي حوالي ڪندا، پوءِ تنهنجي مرضي، انهن جو به وارث ٿيئين يا نه ٿيئين!؟“
سندس ان لاچار ۽ بيوس حالت تي عادل جو هينئون ڪڙهي ڪواب ٿي پيو، پر ٻنهي، پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ ڪڇڻ به ڪٺل ڪڪڙ جهڙي ڪيفيت پي لڳس، هن سوچيو پي ته، ٻنهي جي درميان، ڪا وچٿري واٽ وٺي، ڪنهن نه ڪنهن طرح سان سندن ان دکدائڪ معاملي جو ڪوئي حل ڪڍجي. عادل ويچاري ته مکڻ مان وار ڪڍڻ واري ترڪيب پي سوچي، پر علي احمد ته مکڻ جيئان وگهري چڪو هو ۽ ڪريمداد وار واري گهنڊي ڇڏي ڪان پي!
ڪريمداد پورا ڏهه ڏينهن عادل جي گهر رهيو، پر نه بختاور سان مليو نه پنهنجي ڌي سورٺ جو به منهن ڏٺائين.
بختاور کي آسرو هو ته، سورٺ جي صدقي مان به سندس منهن ڏسندس پر اها حسرت سندس هينئين ۾ هڏڪي ٿي رهجي وئي. ۽ ڪريمداد واپس هليو ويو .
سندس سسُ پنهنجا سڀئي وارا وڄائي، آخر ٿڪي ۽ کُٽي پنهنجو منهن مٿو پٽي خاموش ٿي وئي، علي احمد پنهنجي ٻي ڪا به واهه نه ڏسي آخر جان محمد سان پنهنجي حال اورڻ جو ارادو ڪيو، جنهن جي به هاڻ حالت اها هئي جو ٿورو ڪجهه ڳالهائيندو هو، ته سندس وات مان گگون لار ڪري وهڻ لڳنديون هيون.
هڪڙي ڏينهن ڪريمداد پنهنجي پيءُ کي، اوچتو سندن گهر جي ورانڊي ۾ ويٺل ڏسي ککو وکو ٿي ويو ۽ پنهنجي پيءُ سان ملڻ کان اڳ ۾ چاهت کان پڇيائين ”هي- بابا ڪيڏي مهل آيوآهي؟“
۽ چاهت حقارت وچان ٻڌايس ”اهو مڙهو هاڻ اچي ويٺو آهي، گهڻو وقت ٿيو آهي؟ بابا جو بيمار ٿي بستري تي ڪرڻ؟ هن کي اسان جي مائٽي هاڻ ياد پئي آهي- مونکي پيو چوي ته، مان جان محمدجي طبيعت پڇڻ آيو آهيان- ان پنهنجي کي ماني لولو کارائي هڪڙي پاسي ٽار، نه ته وري هت به خُلم ڪري ڪندو بابا کي پريشان!“
ڪريمداد کي چاهت جي سامهون ته، ڪجهه ڪڇڻ جي جرئت ئي ڪان ٿيندي هئي، مجال آهي جو پنهنجي ڪا اختلافي راءِ به رکي سگهي، بس مڙئي ماڻهو ٿي پنهنجي پيءُ مان به اچي جهليو هو، چاهت جو مٿس ايترو اختيار هو، جو اها جيڪڏهن چويس ته، بابهين کي گلي مان جهلي، هتان هن گهر مان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍ“ ته هوانڪار ڪرڻ جي سگهه ئي ساري نه سگهي ها!
هن کي چاهت، پنهنجي پيءُ بابت جو ڪجهه به چيو، تنهن لاءِ هي ٻڙڪ به ٻولي نه سگهيو، بيوس ٿي، ڄڻ ڪنهن ملازم جيئان، پنهنجي پيءُ کي هٿ ڏئي، سندس پاسي ۾ ويهي کيس آهستگي سان چوڻ لڳو ”بابا تون هيڏانهن ڇو آيو آهين درويش، تنهنجو ڪو ڪم ڪار ٿيندو هجي، ته مونکي نياپو ڪري، چئي موڪليندو ڪر، هيڏانهن نه ايندو وڃ، گاڏين ۾ لهندي، چڙهندي، ڪٿي ڪري پنهنجا عضوا ڀڃائيندين، ته ماڻهو مون تان کلندا، چوندا ته ويچاري جو ڪير ڪونهي تڏهن پيو ڌڪا کائي، تون بس گهر ويٺو رهه، ڪيڏانهن نڪرندو نه وڃ!؟“
جيڪي ڳالهيون علي احمد پاڻ کيس چيون هيون، اهي ساڳيون ڳالهيون ڪريمداد جي واتان، نقلي همدردي جي صورت ۾ ٻڌي کيس چوڻ لڳو ”بابا مان جان محمد وٽ آيو آهيان، هي منهنجو پراڻو مائٽ ۽ جگري دوست آهي، مان ڪنهن کي تنگ ڪرڻ جي خيال سان ڪون آيو آهيان، هتي ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته تون منهنجو پٽ آهين، بس مان ڪجهه دير جان محمد سان ملي، سندس طبيعت جو پڇي، وري تڪڙو ئي واپس ٿو وڃان، ڪم ڪار هوندو ته تون پري ڪون آهين پٽ، تون منهنجو اُلڪو نه ڪر!“
علي احمد ايترو چئي وري هيڏانهن، هوڏانهن لوڻو هڻي چوڻ لڳو ”ڪريمداد! بابا مان هيڏانهن آيس پي، گاڏي ۾ ڪو لليجو منهنجا پيسا ڪڍي ويو يار، مون وٽ واپسي لاءِ ڀاڙو ڪونهي، مونکي ڀاڙي لاءِ ڪجهه ڏوڪڙ ڏجانءِ، ۽ کيسي ۾ هٿ وجهي -مون وٽ روپيو به ڪون رهيو آهي!“
ان سوال تي ڪريمداد سڄو وسهامي ويو، ڇو ته، جان محمد جو بيمار ٿي بستري تي پوڻ کانپوءِ، گهر جو هاڻ باقي به جيڪو ڏيئڻ وٺڻ هو، سو سڀ چاهت جي اختيار هو. هُوءَ پنهنجي پيءُ واري پينشن، صديقا جي پگهار، ڪريمداد جي پگهار، اهو سڀ پوري حساب ڪتاب سان پاڻ وٽ پنهنجي حوالي رکندي هئي، سڀن کان هڪڙي، هڪڙي پيسي جو پڇاڻو وٺندي هئي. ڪريمداد کي پنهنجي پيءُ لاءِ ڀاڙي جا پيسا به، چاهت کان ئي وٺڻا هئا، تنهن ڪري پريشان پي ٿيو ته، الائجي ڏيندي به يا نه! هن پنهنجي پيءُ کي ته هائوڪار جي ورندي ڏني، پر اڳيان کيس اميد ڪان هُئي.
هاءِ ڙي زندگي، تنهنجي سفر جا پنڌ، رنگ ۽ پيچرا، ڪيڏا ڏوجهرا ۽ ڏنگ ٿي ڏيئين!
قاتل تون، مقتول به تون،
توکي ڪوئي ڪيئن ته سمجهي،
عذابِ جان ۽ انمول به تون!
منجهيل، منجهيل ۽پريشان حال، ڪريمداد پنهنجي پيءُ کي وٺي جان محمد جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ، ته زليخا ۽ صديقا اڳيئي اتي ويٺل هيون، جان محمد، علي احمد کي ڏسي، ان سان اٿي ملڻ جي ڪوشش ڪئي، ته زليخا روڪيندي چيس ”ڏس توکي پاڻهي اٿڻ واري سگهه هاڻ ڪٿي رهي آهي، تون جي اٿي نه ملندين، ته ادا علي احمد توتي ميار ڪون ڪندو“ ۽ ٻه ويهاڻا سندس پٺيءَ کان ڏيندي- اچي هي هنن تي ليٽي پئو؟“
هو انهن ويهاڻن تي ليٽي ته پيو، پر اٿي بيهي، علي احمد کي ڀاڪر پائي کيس پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائڻ واري حسرت کان محروم ٿيڻ جي ڪري، سندس سرير کي سڪون ئي نه پي آيو.
هن علي احمد کي سڏي، پنهنجي ويجهو ته ويهاريو، پر ڪجهه ڳالهائڻ واري شڪتي، ٻنهي مان موڪلائي وئي. ايئن پي لڳو ته، ڪمري ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ زندگي جو احساس ئي نه هو، ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي جان محمد کان ڍِڪ نڪري وئي ۽ سڀ سندس پرچائڻ ۾ پورا هئا، علي احمد به، پنهنجن اکين تي هٿ رکي، هيٺ منهن ڪري، پاڻ کي لڪائي پي رنو، پر ڪنهن به کيس ڪا آٿت، يا پرچاءُ ڪون پي ڏنو ۽ جان محمد سندس اهو حال ڏسي انهيءَ احساس ۾ چيو ”اسان هاڻ، ڪنهن جي پرچائڻ سان به... نٿا پرچي سگهون... اسان جي سماج ۾ ته اسان جهڙا بيمار عمرين وارا ماڻهو، دلين جي نظرن کان محروم هوندا آهن! ... اسان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو... اسان جي مرضي سان ته، اسان جو... ساهه ڪون نڪرندو... ٻيا سڀ هتان... هليا وڃو... اسان جي سڃاڻپ... اسان وٽ ئي آهي... اوهان... ان کي... ڪون ... سمجهي سگهندا!“
هونئن ته هر ذڪر دعا تي ختم ٿيندو آهي، پر سنڌ ۾ پيار جو ذڪر هميشه دغا تي ختم ٿيو آهي، سهڻي، سسئُي، سورٺ، ۽ مومل جي محلن کان پنڌ ڪندي اهو فريبي ڪرب جان محمد جي گهر تائين پهتو هو.
ٻيا سڀ آهستي، آهستي ٿي ڪمري مان نڪري ويا، علي احمد پنهنجي جڳهه تي ساڳي حالت ۾ ويٺو رهيو، ۽ باقي زليخا، سا جان محمد کي روئندو ڇڏي ٻاهر وڃڻ لاءِ راضي نه هئي، سا بس- وڃان؟ ويهان؟ جي سوچ ۾ جان محمد جي منهن ۾ تڪي بيٺل هئي، ۽ جان محمد کيس نماڻي منهن سان بيٺل ڏسي، اکين جي اشارن سان ئي چئي ڇڏيائين ويهه، تون نه وڃ... تون جي وڃي ٿي، ته باقي ڇا ٿو بچي!“
۽ چاهت ڪمري مان نڪرندي ئي، ڪريمداد کي تيز لفظن ۾ چيو ”توکي مون چيو، ان مڙهي کي ماني کارائي، روانو ڪر، ۽ تو وري وٺي وڃي بابا جي اڳيان اڇليس، اهو ايئن هڪ ٻه ڀيرا وري ڪيئي ته، بابا کي هي ايئن ئي ماري ڇڏيندو، هاڻ ته سندس اميد پوري ٿي! هاڻ مهرباني ڪري جيترو جلد ٿي سگهي، هتان ڪڍي کيس ڳوٺ روانو ڪرينس.“
ڪريمداد سندس ان تيز مزاج لهجي کي، ٿڌي ڪرڻ خاطر چيس ”بابا کي ڪجهه پيسن جي ضرورت آهي، وٽس ڀاڙي جا پيسا به ناهن، ڪجهه پيسا جيڪڏهن ڏيئين، ته مان ماني کارائي کيس هينئر ئي روانو ٿوڪيان، نه ته سڄو ڏينهن ويٺو هوندئي؟“
ڪريمداد جي ان مسخري پن تان کيس چڙ ته لڳي، پر پاڻ کي ضابطي ۾ آڻيندي چوڻ لڳي ”ڪريمداد ڏس، توکي شهر ۾ رهڻ وارن خرچن جي ڪا خبر ڪانهي، پاڻي، بجلي، گئس، ايجوڪيشن، عيدون، شاديون، مسواڙ ، مهمان وغيره ۽ ذاتي خرچ! رڳو تنهنجي سگريٽن جو خرچ ٻن هزارن کان مٿي ٿيو وڃي ۽ مٿان وري تنهنجا اهي کٽل مائٽ، هڪڙا، بيمار ٻيا جڏا سڀ تنهنجي ڪري هتي اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ائين ته پوءِ هي گهر نه هلي سگهندو، ۽ اڃا ته اسان پنهنجو پلاٽ وٺي، پنهنجو ذاتي گهر ٺاهڻ جو پيا سوچيون!؟“
”نه پر ڀلا...هن وٽ ڀاڙو ڪونهي ته هو ڇا هتان پنڌ ته ڪون ويندو، ڀاڙي جا پئسا ته هن کي ڏيئڻا پوندا!؟“
ڪريمداد اصل ڳالهه لليجن واري لڪائيندي چيس، ته پاڻ چوڻ لڳي ”ته پوءِ ڪري ڏينس ڪٿان، مون وٽ ته هينئر ڪونهن ڪي!“
”چاهت اهو ڇاهي ڀلا؟ مان بازار ۾ وڃي پنندس ڇا؟“ اهو سوال، چاهت کي پنهنجي خانداني اهيمت موجب ڪجهه بُرو لڳو ۽ پوءِ وچ ۾ شرط لاڳو ڪندي چيائين ”ڪريمداد ڏس، اڄ ته مان ڏيئانءِ ٿي پر آئينده لاءِ چئي ڇڏينس ته، هيڏانهن اچڻ جي ضرورت ناهي!“
”مان اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو اٿمانس، ڪون ايندو بس!“
ڪمري ۾ علي احمد ۽ جان محمد به ڄڻ پنهنجا جگر وڍيو، هٿن تي رکيو ويٺا هئا.
پهريان شروعات علي احمد ڪندي چيس ”جان محمد! ادا مان لاچار ٿي تو وٽ آيو آهيان، منهنجي ڪرڻ وارو ٻيو ڪير ڪونهي، ڪريمداد جي ڇڏي اچڻ سان، ٻه ايڪڙ ٻني سا به رُلي وئي، هن سال سا آباد ڪون ٿي سگهي، ۽ کاڌي لاءِ جيڪو ان پاڻي رکيو هئم، سو به کائي، کپائي ڇڏيوسين، گهر ۾ ڪنهن، ڪنهن مهل ته اٽو به ڪونهي، ڪريمداد پنهنجي پگهار مان ڪجهه ڪون ٿو ڏئي! اسان ته وِهائي• تي پيا ويلو ڪڍون، مان اڪيلو اکين کان به معذور ٿيندو وڃان. تون ڪجهه سمجهائينس، مونکي محتاج ڪري نه ماري!؟“
۽ جان محمد پنهنجي اڌ سڪڙيل چپن ۽ ڏيڍي وات سان چوڻ لڳو ”علي احمد! ... ادا منهنجي حالت هي ڏسين پيو... مان ته پنهنجي حال تي به هاڻ... ڪجهه چئي ڳالهاءِ نٿو سگهان... دل ته چوي پئي، اچ ته ڀاڪر وجهي... ٻئي مري پئون... ۽ پوءِ نه پاڻ هجون ۽ نه هڪٻئي کي ڪجهه چئي سگهون... تون ته ڪريمداد لاءِ پيو چوين... پر مونکان پنهنجن جو پڇيو اٿئي... هي منهنجي زليخا... منهنجي ايتري نه ڪري ها، ته مونکي پنهنجي پيڙاءُ ۾ ئي، گهڻا ڏينهن اڳ مُئو ٻڌين ها! ... ادا علي احمد! ... وري به اهو شڪر... جو قبرکي ويجها پئجي... پوءِ پيا پنهنجو اندر وڍيون... پيريءَ ۾ پنهنجن کي، پنهنجي پارت ڪرڻ به... ڄڻ پنهنجو پاڻ کي پِٽڻو ٿو پوي... ادا جيڪا وئي سا وري موٽي ڪان ايندي... ۽ جيڪا آهي... سا وسان نه وڃائجي... اهو عمر جو ڏهاڳ ڏسڻو پوي ٿو... جڏهن جان ئي نٿي جٽا ڪري ... ته پوءِ... پنهنجا ڪهڙا... ويهي پار ڪڍون! ... علي احمد... ادا... جيئن گذري... تيئن گذار يار!!“
”ائين نه چئو جان محمد، ادا مان ڪيڏانهن ويندس، منهنجي ته چري زال، ڀاڳان به، منهنجي لاءِ صبح، شام جي بيماري بڻيل آهي ۽ ڪريمداد جي ڌي سورٺ، سا ته يتيمن جيئان، رات ڏينهن، پئي ماءُ سان گڏ رڙي وڌيڪ نه، ته به پنهنجي ڌيءَ ۽ پنهنجي زال ته سنڀالي، اسان ته پنهنجا کلا پاڻ کائي گذارو ڪري وينداسين، پر سندس ننڍي نيٽي زال، اها به ته سندس لڄ آهي، ان جو انگ ته کيس ڍڪڻوآهي! ڀلا اوڏانهن نٿو پڄي سگهي، ته پنهنجي کي وٺي اچي هتي گڏ ويهاري!؟“
انهيءَ سوال زليخا کي کُٽڪي ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ ٻنهي کي مخاطب ٿيندي تمام سليقي سان چيائين ”بختاور جي اُتي ڳوٺ ويٺي آهي، ته سندس ٻيا سڀ عزيز، قريب، ساڻس گڏ ويٺا آهن، هتي اچي وڌيڪ ويڳاڻي ٿيندي، ۽ ٻيو ته، منهنجي چاهت، تمام ڪڙڪ طبيعت واري ڇوڪري آهي، سا بختاور کي هتي، برداشت ڪري ڪون سگهندي، اهو ته هيڪاندو هڪٻئي لاءِ ڏک پرائينداسين. مان ڪريمداد کي پنهنجي منهن سمجهائينديس، پيو ڪنهن اٽڪل، نموني سان بختاور کي به سنڀاليندو!“
۽ وري علي احمد کي چوڻ لڳي ”ادا علي احمد، ٿيئڻي کي ته ڪو ٽاري نٿو سگهي، اسان به تو جيئان، پنهنجا وس وڃائي ويٺاآهيون، وري به الله جون مهربانيون ٿيون، جو هڪٻئي سان گڏجي پياسون، نه ته نوجوانن کي سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي، منهنجي صديقا به، اڃا ائين ويٺي آهي، ان جي اُلڪي ۾ ته، ننڊ ئي ڪون ايندي آهي، بس الله جي امان ۾ آهيون!“
”ها ادي!تون ئي ڪريمداد کي سمجهائي.“ علي احمد چيو. ”تنهنجي ڳالهه رکندو!“
ايتري ۾ ڪريمداد آيو، ۽ پنهنجي پيءُ کي ماني جي بهاني سان اتان اٿاري، ماني کارائي، کيس ڳوٺ روانو ڪري آيو، ۽ ڳوٺ ته ڪريمداد جي سسُ علي احمد جي انتظار ۾ هئي، ان کي خبر پئجي وئي هئي ته علي احمد ڪريمداد ڏانهن ويو آهي، تنهن کي اندازو هو ته، علي احمد اتان ضرور بي مانو ٿي موٽندو، پر ڳوٺ پهچي ته مان ٿي مانُ ڏيانس. علي احمد اڃا مس اچي پنهنجي گهر پير ڇڏيا، ته ڪريمداد جي سسُ پڄي وئي، ”ٿي آئين پنهنجي ڪرمِي پٽ کان، مون ته ٻڌو هو، توکي به ڪون پي ڇڏيائون؟ رهي پوين ها اتي، هتي ٻئي زال، مڙس انڌا ٿي پندا ڇا؟ تون ته اتان به پنهنجو هينئون ٻڙڪائي آيو هوندين، اهو تو وارو سدورو، جيڪو پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي ٻه وال ڪپڙي جا نٿو وٺي ڏي، سو ته سڀاڻي اوهان کي ڪفن به وٺي ڪون ڏيندو، مان ته چوان ٿي شل ڪانڌي به اوهان جو ٿئي!؟ تيسين پڙهائي پنهنجي ڪرمي پٽ کي- ماستر ڪيو ٿس، جيڪو سڀاڻي قبر تي قُل به ڪون پڙهندس، انکان ته چور سٺا آهن، پنهنجي لڄ ليههِ ته سنڀالن ٿا، اهو تو وارو پِٽيل پٽ، پنهنجي زال ٺهيو پر پنهنجي نياڻي جي ننگ جي به خبَر ڪونهيس، ته ڪير پيو ان جا انگ ڍڪي!؟ مان چوانءِ ٿي پوڙها، نباهي ته نباهي، نه ته چوينس ته منهنجي بختاور مان هٿ ڪڍي، مان پنهنجي کي ايئن سڄي عمر ويهاري ساڙينديس ڪان!؟“
علي احمد ويچارو ته، هر طرف کان بيوس ۽ لاچار ٿي پيو، هڪڙي پاسي پنهنجي پٽ، سندس سڃاڻپ ئي ڇڏي ڏني هئي، ته ٻي پاسي بختاور ۽سورٺ جن جي ڪپڙي لٽي، کاڌي پيتي، ۽ اگهائي، بيماري جي پريشاني ته ٽئين پاسي، جان محمد! جنهن کي هن سڳي ڀاءُ جيئان، سڄي عمر سندس عزت ۽ احترام ڪيو هو، اهو هاڻ خود به رحم جوڳي حالت ۾ هو، جنهن کي هي ڪجهه به نه پي چئي سگهيو، ها البت عادل باقي هو، جنهن سان هي پنهنجي پٽ کان مليل عذاب ۽ اذيتون دل کولي بيان ڪري پي سگهيو، بس پوءِ جنهن مهل به ڪريمداد لاءِ سندس دل ڦٿڪارو ڪندي هئي، ته عادل وٽ وڃي، روئي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ايندو هو، اهڙي طرح ائين ڪريمداد جي سوچن ۾ سڙي، سڙي، ايڏو ته هيڻو ۽ ڪمزور ٿي ويو هو، جو ڪوئي به ماڻهو جڏهن سندس حالت تي سوچيندو هو، ته ان جي دل ۾ ڪريمداد لاءِ نفرت ۽ حقارت جو خيال جاڳي پوندو هو.
عادل ته هاڻ علي احمد کي ڏسڻ سان ئي، اندران، اندر من ۾ سڄو ڄڻ جُهري پوندو هو، جنهن سندس هر ضرورت ۽ ڪم، ڪارين ۾ مدد پي ڪئي، پر پوءِ به عام چوڻي آهي ته، پنهنجي ۾ هٿ پرائي ۾ اکيون!
پيريءَ ۾ پنهنجي پٽ کان مليل محتاجي، ماڻهو کي پنهنجي سماجي محتاجي ڏانهن ڌوڪيندي آهي، تڏهن اهڙي پيءَ کي پنهنجي سماج ۾ جيئڻ لاءِ، سندس ڪيفيتون ڪيڏيون ڪربناڪ ۽ اذيت ڀريون هونديون!؟ شايد جيئڻ واري خواهش ئي فوت ٿي ويندي هوندي! ۽ اهڙو جيئڻ ئي موت ۽ سندس دهشت جي اهميت وڌائي ٿو!
بختاور جي ڪيفيتن ۾ به چارئي موسمون آيون ۽ ويون هليون، پر ڪريمداد کيس، رڳو هڪ وارو پنهنجو سکڻو منهن به ڪون ڏيکاريس، نه پاڻ آيو نه ڪو نياپو نه دلداري! ويچاريءَ کي وساريائين به ايئن جو جهڙو، سنڌ جي آزادي لاءِ، گوريلو بڻجي، جهنگ منهن ڪري ويو هو! ۽ هن ويچاريءَ جي جواني جي سونهن سڙي سُڪل صوف جهڙي ٿي وئي. عادل انهن سڀني حالتن تي سوچيندي، سوچيندي، آخر هڪ ڏينهن ڪريمداد وٽ وڃي نڪتو، هي اهو سوچي نڪتو. هو ته، سڄي گهر مان ٻيو ڪير کڻي منهنجي ڳالهه نه سمجهي ۽ نه مان ڏي، پر جيِ جيِ زليخا، جنهن مونکي پنهنجو پٽ ڪري سڏيو آهي، مونکي پنهنجي ساهه جيئان سنڀالي ٿي، سا ته مونکي مانُ ڏيندي. هن اتي وڃي پهريان ڳالهيون ئي پنهنجي دين واري ماءُ سان رکيون، ڳالهين مان ڳالهيون ڪندي، آخر هن پنهنجي ان ماءُ کي چئي ڏنو ”امان اهو ايڏو ظلم ته، ڪريمداد کي ڪون جُڳائي، پيريءَ ۾ پنهنجي ماءُ، پيءُ کي رئارڻ، ڇا خدا اهڙي اولاد کي خوشيون نصيب ڪندو؟ تون هڪ ماءُ آهين، پنهنجي هينئين تي هٿ رکي ڏس، جيڪڏهن ڪريمداد جي جڳهه تي، ادي چاهت ائين ڪري ها، ته ڇا تنهنجي دل کيس وساري پي سگهي؟“
”عادل پٽ! مان پنهنجي ڪهڙي هينئين تي هٿ رکي ڏسان، منهنجو هينئون ته، چاهت سَگهو ڇڏيو ئي ڪونهي، مان ته ان زهر کي زم زم سمجهي، اڳيئي پيو ويٺي آهيان، تون ته الائي ڪيئن ٿو سمجهين پٽ، پر پروردگار جو قسم، تو ساڻ منهنجي روح جي تند ائين اٽڪيل آهي، جيئن هڪ پاسي چاهت ۽ صديقا تيئن ٻئي پاسي تون آهين! جان محمد کي ڇڏي باقي مون کان ڪوئي منهنجي دل جو رشتو پڇي، ته اهو تون آهين، مون توتي اوجاڳا ته ڪون ڪيا آهن، پر پوءِ به الائي ڇو- مونکي ايئن لڳندو آهي، ته شايد ڪنهن جنم ۾ مون توتي اوجاڳا به ڪيا آهن! تون مون تي ضرور وسهندين. ڪريمداد جي گهر جي ڪا ڳالهه ٻڌندي آهيان، ته اندر اڌو اڌ ٿي ويندو اٿم- مان سڀ سمجهان ٿي عادل پٽ، ته هڪ ماءُ ڪهڙي حسرت سان، پنهنجو اولاد پالي، نپائي جوان ڪندي آهي؟ ۽ پوءِ ان جي جدائي واري جهوري ۾، الائي ڪيترا پيءُ به يعقوب نبي جيئان، روئي، روئي انڌا ٿي ويندا آهن- پر بابا منهنجي دل انڌي ڪونهي سڀ ڪجهه ڏسان پئي، پر ڇاڪريان، چاهت منهنجي به ڪا ڳالهه نٿي رکي، ۽ سندس روين مان، مونکي ته هاڻ صديقا جي ڳڻتي به وڌيڪ ٿي پئي آهي! اڄ تون آيو آهين، ته چاهت سان تون پاڻ ڳالهاءِ ڏس، دل چوي پئي هو تنهنجي ڳالهه رکندي!“
”ڀلي... امان تون چوين ٿي ته، مان ادي چاهت سان ڳالهائي ٿو ڏسان- رڳو بس، ٻن ڏينهن لاءِ ڪريمداد کي اجازت ڏي، ته هو پنهنجي پيءُ، ماءُ سان پنهنجي غلطي جو ڪفارو ادا ڪري اچي!؟“
عادل چاهيو پي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان، اڄ ئي ڪريمداد کي ساڻ وٺي ڳوٺ وڃجي، پر هزار حيلن کان پوءِ به اهو ڏينهن ۽ اهارات اتي رهڻا پيا. هن ڏينهن جي وقت، جان محمد سان عام ڪچهري ڪئي، پر رات واري ماني کائي جڏهن سڀ گڏجي ويٺا، تڏهن عادل غلطي وچان، سڀني جي اڳيان، پنهنجي مقصد جو اظهار ڪندي چوڻ لڳو ”سائين جان محمد! مان ڪريمداد جي حوالي سان آيو هئس، ڪاڪا علي احمد ويچاري جي حالت تمام ضعيف آهي، سندس ڪرڻ وارو ٻيو ڪوئي ڪونهي، ٻني ٻارو سڀ رُلي ويا اٿس. مان ته چيومانس ٻني ڪنهن کي مقاطي ۾ ڏئي ڇڏ-پر درويش مڃي ئي ڪون ٿو- چوي پيو اها ڪريمداد جي امانت آهي! پنهنجي سنڀالي ته سنڀالي نه ته سندس مرضي- ۽ ٻيو سچ پچ، سڄو گهر اجڙي ويو آهي! ڪريمداد جي هتي رهڻ سان به، ڪاڪا علي احمد کي ڪو اعتراض ڪونهي، مان انهيءَ خيال سان آيس ته، ڪريمداد ٻن ڏينهن لاءِ رڳو، ڳوٺ وڃي، پنهنجي ٻني ٻاري جو به ڪو جوڳو انتظام ڪري اچي، ماءُ، پيءُ جي هينئين تي به ڪو ٿڌو ڇنڊو هڻي اچي ۽ انکان علاوه ڀاڄائي بختاور ۽ سندس ڌي سورٺ انهن جي حالت ٻڌائڻ ۽ بيان ڪرڻ جوڳي به ڪانهي، انهن ويچارين کي به منهن ڏيکاري اچي- ڪوئي جيڪڏهن انسانيت کي رنجائي ٿو، ته ان کي پنهنجي خدا جي رنجش سَهڻي پوندي- ۽ خدا جو رنج انسان جي سهپ کان ٻاهر هوندوآهي. ڪريمداد جي غلطين جو ته، خدا اسان سندس دوستن کان به پڇاڻو ڪندو، سو منهنجي دل چوي ٿي ته ڪريمداد کي هڪڙو موقعو ڏجي ته هي، پنهنجي والدين جي جيئري ئي سندن دل جو ڏکندو لاهي اچي!؟“
بس يڪي ماٺ ٿي وئي- اڪثر سڀني جو نظرون چاهت جي طرف هيون، پر سندس شوخ رخ ڏسي، ڪنهن ڪجهه چوڻ جي توفيق ئي نه ساري. عادل هڪ دفعو وري به، بلڪل ڌيرج سان چوڻ لڳو ”اصل ۾ ڇاهي جو- سماجي حوالي کان- مجموعي طور، اسان ماڻهو بلڪل بي سمجهه ۽ بي حس آهيون، ڪهڙو به معاملو هجي، ان کي اسان جو عام ماڻهو رڳو ٺٺول، ڪيني، حسد، بدنيتي ۽ الائي ڪهڙين، ڪهڙين گندين سوچن ۽ غلط نظرن سان ڏسي ٿو. جڏهن ته پاڻ ماڻهو، تمام شريف، امن پسند ۽ خانداني طور تي سادا ماڻهو آهيون... ته پوءِ ڇو؟ ماڻهن کي اسان هاڻ وڌيڪ ڳالهيون ٺاهڻ، بنائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ موقعو ڇو ڏيون؟ مان ته سمجهان ٿو ائين ڪرڻ سان اسان جي بيوقوفي ٿيندي! اسان ڪنهن ماڻهو جي اختلاف ۾ جيڪڏهن آهيون، به ته ان کي اخلاقي ويڙهه ذريعي مڃائي پنهنجي عزت ۽ مان کي معتبر رکڻ گهرجي. ... نه ئي ڪنهن غلط ماڻهو جي لاءِ غلط تدبيرون سوچي، پوءِ ان تي عمل ڪري پنهنجي اهميت گهٽائڻ گهرجي... ٺيڪ آهي! غلطيون ٿي وڃن ٿيون، پر انهن کي، درست ڪرڻ جو موقعو وڃائڻ نه گهرجي، مان سمجهان ٿو جواني جي عمر ۾ پنهنجن غلطين جو ازالو ڪرڻ سڀ کان وڏي عبادت آهي، ته ان لحاظ کان ڪريمداد لاءِ به اهو موقعو آهي، ته جيسين سندس پوڙها ماءُ، پيءُ زنده آهن، ته انهن جي پيرن تي هٿ رکي، سندن دلين تان غمن جو غبار لاهي اچي؟“
وري به اهائي ساڳي خاموشي، ساڳي ماٺ، ڪوئي تڪڙ ڪري ڳالهائڻ ئي نه پيو چاهي! نيٺ جان محمد هڪ پيءُ جي حيثيت سان عادل جي سوچ کي اهميت ڏيندي چيو ”عادل! بابا تون جيڪا ڳالهه پيو ڪرين... اها ڪا جهڙي تهڙي يا ڪا من گهڙت ڳالهه ڪانهي... اها وڏي اهميت ۽ عزت... واري ڳالهه آهي- ۽ ساهي کڻندي- پر بابا ان تي ڪوئي ڌيان ڏئي... به سهي نه... باقي ... بس رڳو وقت جو فائدو... يا پنهنجا هٿرادو سبب ۽ موقعا ٺاهي... اهو ته بس ائين... جهڙو ماڻهو پنهنجو خانداني وقار... ان جي اهميت ۽ مان مرتبو... سڀ جهڙا هو... وقت کي گروي ڏئي... ڇڏيندو آهي... بس پوءِ تو واري ڳالهه ته- وري به ساهي کڻندي- اسين ماڻهو بي سمجهه ۽ بي ترتيب اڳيئي آهيون... وقت جي نزاڪت کي سمجهندا ئي ناهيون... او... جڏهن وقت عزت ۽ ناموس تان... مذاق اڏائي خوار... ۽ بدنام ڪري ڇڏيندو آهي... تڏهن وڃي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي... پر پوءِ وقت... جيڪو پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ٿو... سو ته... وري واپس... نٿو ملي!“ ۽ پنهنجي کٻي ٻانهن سان، ڪريمداد ۽ چاهت ڏانهن هٿ کڻي سڌو اشارو ڪندي چيائين ”بس ٻئي اهي سامهون ... ويٺا اٿئي عادل... جي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ اچين ٿي... ۽ ان کي اهميت ڏيئن ٿا... ته ان ۾... سندن فائدو آهي... نه ته ڀلا... اسان ته کين... ڪجهه چوڻ واري... حجت ئي... ڇڏي وياسين يار!“
ڪجهه چوڻ واري حجت ئي ڇڏي وياسين- ان آخري جملي، ٻين سڀن جي دل تي هڪ ڏکڻو احساس ڇڏيو، پر چاهت پنهنجي رخ ۾ ڪا تبديلي ڪان ڏيکاري ۽ صديقا پنهنجي دل تي بار محسوس ڪندي چئي ڏنو ”بابا ائين ڀلا ڇو ٿا اسان کي پاڻ کان الڳ ڪري، اسان کي يتيم ڪريو؟ توهان جيئن آهيو، جهڙي به حالت ۾، جهڙا به آهيو، پر آهيو ته اسان جا پيءَ نه، پوءِ هڪڙو پيءُ جيڪڏهن، پنهنجي اولاد مان، پنهنجن سڀن حجتن کي نااميدي جو نانءُ ڏئي ڇڏي! ته پوءِ دنيا ته ڇا پر، خدابه ان اولاد مان خفا ٿي پوندو!“
اهو صديقا ته پنهنجي دل جي رشتي وچان چيو، پر چاهت کي ان سوال نيتن ڇيڙي وڌو، ”صديقا! اهو تون منهنجي ۽ بابا جي وچ، ۾ ڇيڻا ڀوِري نه ڪر، مان ايتري بيوقوف به ناهيان، جو تون بابا جي دل ۾ منهنجي لاءِ، نفرت پيدا ڪري، مون کي گهر ۾ سڀن کان الڳ ڪري سگهين؟ تون ته چوين ٿي، مان شادي به ڪون ڪنديس، تنهنجو ته عقل به اهو، ايترو آهي، ته پوءِ گهر جي معاملي ۾ تون وڌاءُ ڇو ٿي ڪرين؟“
صديقا پنهنجي ماٺيڻي طبيعت سبب گهڻُو ڪون ڳالهائيندي هئي، پر جيڪو ٿورو ڪجهه ڳالهائيندي هئي ته سچ چئي ڏيندي هئي. ان مهل به هن پهريون ڀيرو سڀن جي اڳيان چاهت کي چئي ڇڏيو ”مان شادي ڪيئن ڪنديس، تو شادي ڪري، پنهنجي خاندان جو ايڏو نالو جو ڪڍايو آهي، ته مون سان شادي ڪندو به هاڻ ڪير!؟ ماڻهن جي وات تي رڳو اسانجي گهر جي مقال ۽ تنهنجي پيار جون پچارون آهن. مون ۾ هاڻ هرڪو، ڄڻ ڪنهن ڪراهت جي نظر سان ٿو ڏسي، تو ته جهڙو منهنجي پاران، منهنجي شادي به تو پاڻ ڪري ڇڏي- ته مان هاڻي شادي ڪري، ڪنديس به ڇا!؟“
بس ايترو چئي، صديقا ڪمري مان نڪتي هلي وئي، پر سندس ان صاف۽ سڌي سچ، چاهت جي ان ڏاڍ ۽ معتبراڻي رويي کي ڪافي ڪمزور ڪري ڇڏيو، ۽ لهجو بدلائيندي عادل کي مخاطب ٿي ”ادا عادل، توهان جو ڪجهه چئو پيا، مان ان کان انڪار ڪون ٿي ڪيان، باقي مون بابا کي به ۽ امان کي به چيو آهي ته، بختاور کي مان پنهنجي گهر ۾ گڏ رهائي ڪون سگهنديس، ڏسو انهن ماڻهن جو ماحول اسان جي سمجهه ۽ سهپ کان ٻاهر آهي، بختاور جي ماءُ جيڪا ڪريمداد جي گهر جي حالت ڇڏائي آهي. اها ساڳي حالت، مان پنهنجي گهر جي ته ڪرڻ ڪون ڏينديسانس، ها باقي! ڪريمداد جيڪڏهن بختاور کي طلاق ڏئي ڇڏي، ته پوءِ چاچا علي احمد ۽ ماسي ڀاڳان سان منهنجو ڪو به اختلاف ڪونهي، باقي ائين، ڪريمداد کي ٻني جي بهاني گهرائي پوءِ اتي ست راڄي گڏ ڪري ۽ پوءِ پنهنجي هٿرادو سر پنچي ۾، ڪريمداد کي ڪندا ڪنهن ڏوهه جو ڏوهاري ۽ پوءِ ان جي سزا ته، سڌي سنئين اسان کي ڏيندا. ۽ ان کان علاوه هوءَ جيڪا بختاور جي ماءُ ويٺي آهي، سا به ته، وڏا گهاٽ گهڙيو ويٺي آهي! دعائون، ڌاڳا، تعويذ، پليتا، الاءِ ڇاڇا ڪريو ويٺي آهي، مان ته ڪريمداد کي ان گهر جو پاڻي به پيئڻ ڪان ڏينديس!!“
عادل سندس ان وهميل سوچ تي حيران ٿي ويو، ڀوتارن ۽ سرپنچي تي ته، سندس موقف ڪنهن حد تائين درست هو، پر ڌاڳن، ۽ تعويذن واري معاملي تي، عادل سندس اعتماد ۽ عقيدي جي خيال سان چيس ” ڏس ڀيڻ- مونکي غور سان ٿورو ٻڌ، ڌاڳن ۽ تعويذن جو دؤر هاڻ نه رهيو آهي، اسان ته هاڻ اهو سمجهي چڪا آهيون ته، اسان جو خدا، اسان جي سچائي، محنت، محبت ۽ اسان جي بهتر نيتن کي ڀاڙا ڏيندو آهي. باقي انهيءَ ڌاڳي، تعويذ ۽ ڦوڪي، ڦيڻي واري مدي خارج عقيدي جو زنگ اسان پنهنجي ذهن تي نه چاڙهيون ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. باقي طلاق جي حوالي کان- توکي خبر آهي الائي نه، ته دنيا ۾ زندگي لاءِ ٻه شيون ذلت آميز ۽ خطرناڪ آهن، هڪ طلاق ٻيو موت- موت مرد ۽ عورت لاءِ ساڳي اهميت رکي ٿو. ليڪن طلاق! اسان جي سماج ۾ عورت لاءِ هڪ ذلت ڀريو عمل آهي!
اسان وٽ طلاق شده عورت کي، بدچلن، بيواهه، بڇڙي، بيڪار ۽ هاڻ ته ويچاريءَ کي ڪارِي جي نالي سان به سڏيو وڃي پيو. منهنجي ڀيڻ، اسان وٽ طلاق کي رڳو عورت جي تذليل لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي سٻاجهڙي عورت ويچاري، جنهن کان جانورن وارو ڪم ورتو ويندو آهي! سا ويچاري ته جنسي حوالي کان، پنهنجن عضون مان بيزار آهي، پيار، محبت جو ته نالو به سندس زبان تي نٿو سَٺو وڃي، ته پوءِ اهڙي حالت ۾ به جيڪڏهن ان کي طلاق ڏني وڃي، ته ڇا اها ان جي تذليل نٿي ڪئي وڃي... ٺيڪ آهي. ”تنهنجي چوڻ سان ڪريمداد، بختاور کي طلاق ڏي ٿو، پر ان جو سبب!؟ ... منهنجي ادي- منهنجي ڀيڻ، جيئن ڪنهن کي بي سبب موت نٿو ملي، ائين طلاق به ڪنهن کي بي سبب نٿي ڏئي سگهجي- پوءِ ڪير ڪهڙي به دين، ڌرم سان تعلق رکندو هجي! ۽ ڪجهه دير چاهت جي منهن ۾ ڏسندي عادل چيو- دنيا ۾ طلاق کي مرد، پنهنجي عياشي ۽ ذهني آسودگي طور استعمال ڪيو آهي! ان کي ڏسي اسان پنهنجو سماجي ٻيڙو به اوڏانهن هاڪاريو، نتيجي ۾، اسان پنهنجي تهذيب، اخلاق ۽ وقار ۽ پنهنجي سڃاڻپ تائين ٻڏندا وڃون! چلو ٺيڪ آهي- اهو به سڀ پنهنجي تهذيب ۽ قومي سڃاڻپ سڀ هڪڙي پاسي ٿا رکون- پر رشتن جو تقدس ۽ انهن جي سڃاڻپ؟ انهن کي ته ڪنهن کڏ ۾ پوري، سندن سڃاڻپ نٿا وڃائي سگهون نه؟ انهن مان زال ۽ مڙس جي رشتي کي به، پنهنجي سماج ۾ ڪا اهميت، ۽ پنهنجي ڪا سڃاڻپ آهي، ان کان بنا ڪنهن سبب جي لاتعلق ٿيڻ، اهو پنهنجو پاڻ سان توڙي سماج سان ڪهڙو انصاف چئبو- ۽ وري سندس ئي خيال ورجائيندي عادل چيس،- ها باقي بختاور کي ڪاري ڪري ڪُهي ۽ پوءِ ان لاءِ پنچائت ڪوٺائي، ان ۾ ڪي به، لولها لنگڙا ڀوتار ويهاري، انهن کان سندس بدچلن، ڪِني ۽ ڪاري هجڻ جي فتويٰ وٺجي! بس پوءِ اهو هڪڙو سبب آهي، جيڪو اسان جي سماج ۾ ڪارِي سائي جيئان پکڙي پيو آهي! پر سو به ته، اهڙو عمل ڀلا پنهنجو خاندان نٿو اختيار ڪري سگهي. اڃا به ڀيڻ جيڪا تنهنجي مرضي- مان ته خدا جو قسم توهان جي معاملي ۾ مخلص آهيان. مون ۾ ڪوئي شڪ، گمان نه ڪجو!“
”ادا مان توهان ۾ ڪوئي شڪ گمان نٿي ڪيان- چاهت چيو- ڏسو مان پنهنجي زندگيءَ سان ڪريمداد کي شريڪ ڪري، اهو مون درست ڪيو يا غلط ڪيو آهي- سا الڳ ڳالهه آهي. پر بقول توهان جي ته، هاڻ مان پنهنجي ان رشتي جي سڃاڻپ تان هٿ ڪان کڻنديس نه- پوءِ اسان جي سماج ۾ ڪي غلط روايتون آهن، ته انهن جي خاتمي جو مون اڪيلي سر ته ذمو ڪون کنيو آهي- مان پنهنجي وَر کي اهڙي سماج ۾ قربان ٿيڻ ڪان ڏينديس- جنهن ۾ مان پنهنجو گهر ڦٽائي، پوءِ وري به دنيا جي لعنت، ملامت پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ سر تي کڻان؟ جيڪو ٿي ويو سو ته ٿي ويو، هاڻ مان ان کي ڪهڙي به حالت ۾، پنهنجي وسان وڃڻ ڪون ڏينديس، پوءِ ان لاءِ سڀاڻي جو ڪجهه به سامهون اچي ٿو- ان کي منهن ڏبو، مان اڄ اوهان سڀن جي اڳيان اهو به واضح ڪري ڇڏيان ته، منهنجو ڪريمداد کي باقاعده چيل آهي ته، جيڪڏهن ڪريمداد ڳوٺ اچي، پنهنجا تعلقات اتي بحال ڪري ٿو، ته مان خودڪشي ڪري ڇڏينديس ۽ منهنجو اهو خون سندس گلي ۾ هوندو، تنهن ڪري توهان به ناراض نه ٿجو، مان ڳورهاري آهيان، مونکي ان معاملي ۾ وڌيڪ پريشان نه ڪريو!“
چاهت جي مڪمل انڪار کانپوءِ، سندس ماءُ زليخا، عادل کي نااميد ۽ مايوس ڏسي، هڪ دفعو هن پنهنجي طرفان چيس ”چاهت! پنهنجي ڀاءُ عادل کي ائين نااميد ڪري نه موٽائي، ڪجهه ڪون ٿيندو- تنهنجو ڪو به نقصان ڪون ٿيندو- ان جو عادل پاڻ ذمو کڻي ٿو- ڏس ڀلا اسان جي ٻي ڪهڙي برادري آهي، آخر سڀاڻي اوهان کي به ته، دنيا ۾ اٿڻو ويهڻو آهي! راڄ، برادري جيئاپي جو وڏو وقار ۽ سهارو هوندو آهي!“
زليخا ايترو چئي بس ڪيو ته وري سندس پيءُ جان محمد- جيڪو سماجي اڻ برابري تي وڏا وڏا ليڪچر پيو ڏيندو هو، ۽ هاڻ سو خود ويچارو ان برابري کان ٻاهر هو. چوڻ لڳو ”چاهت ... ڌيءُ تنهنجو چوڻ به درست آهي... اسان جي سماج ۾ بهتر نيتن جي کوٽ آهي... ڀلا اسان به انهن ماڻهن جيئان پنهنجي اندر ۾ کوٽ پيدا ڪري... انهن جهڙا ته ڪون ٿينداسين... عادل اوهان جو ڄڻ سڳو ڀاءُ آهي... اها ته اوهان جي خوشقسمتي آهي،... جو هڪ بهتر سوچ، سٺي نيت... ۽ خلوص وارو ماڻهو... اوهان جي، پنهنجي هڪ سڃاڻپ ٿي پيو آهي... اڄ ان کي جيڪڏهن... تون دل شڪسته ڪري ٿي موٽائين... ته اهو هڪ بهتر فيصلو يا سٺي سوچ ڪان چئبي- ۽ ٿوري ساهي کڻي- ڏس مون کان پوءِ... اوهان جو هي ڀاءُ عادل ئي آهي... جيڪو سڀاڻي ڏک، سک جي وقت اوهان جي ڪم ايندو... ڪريمداد به ويٺو آهي... ڀلي ڪريمداد به ٻڌي ڇڏي... ته تو ڪريمداد کي پيسن ڪون وٺي ڇڏيو آهي... تنهن ڪري سڀاڻي اوهان جون به... پاڻ ۾... ڪي گهٽ وڌايون ٿين ٿيون...ته انهن جو حل به... شايد عادل هجي! ... تون اميد سان آهين... سڀاڻي خدا توکي ٻچن وارو ڪندو ... اهي سڀاڻي ڪنهن کي... چاچا، ماما ڪري سڏيندا؟... ۽ صديقا جيڪا ڪاوڙ ڪري اٿي وئي... ڇا ان کي توهان... واقعي... ان حال ۾... رهائيندا!؟ ... جيڪڏهن ... تنهنجا اهڙا... فيصلا آهن... ته پوءِ بس... ائين ئي ٿيندو!“
جان محمد کي گهڻي ڳالهائڻ جي سگهه نه هوندي به، هن پنهنجي خاندان جي وقار جي دائمي لاءِ ڪوشش ڪري، ساهيون کڻي، کڻي به پي ڳالهايو ۽ سندس واڇن مان گِگون ڪري پي پيون ته، زليخا کيس سنڀاليو ويٺي هئي، سندس ان ڏکيائي سان ڳالهائيندڙ چڱي هدايت کي به چاهت اڻ ٻڌو ڪري، پنهنجي وضاحت ۾ چوڻ لڳي ”بابا، مان پنهنجو اهو فيصلو ڀلا، سڄي عمر جي لاءِ ته ڪون ڪيو آهي، پر هن وقت، جيڪا اتي ڳوٺ جي صورتحال اسان بابت آهي، انکان توهان بي خبر آهيو، توهان کي ڪهڙي خبر ته، اتي ماڻهو اسان جي باري ۾ ڇا ڇا نه پيا چون!؟ تنهن ڪري ڪجهه وقت جي لاءِ ڪريمداد جو اوڏانهن وڃڻ، مونکي چڱو سنوڻ نه پيو لڳي. ڀلي ادا عادل سڀني معاملن جو ضمو کڻي- پر ماڻهن جا وات ته، ادا عادل به بند نٿو ڪري سگهي ۽ ٻي ڳالهه ته، پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟ ها باقي، مون طئي ڪيو آهي ته، هي سيپٽمبر جو مهينو آهي، ۽ ايندڙ سال جون، جولاءِ واري ويڪيشن ۾ مان، ڪريمداد ۽ ڀيڻ صديقا ٽئي گڏجي، ڳوٺ ادا عادل جي گهر وڃي رهنداسين، پوءِ اتي جا جيڪي به رنج، رساما آهن، يا ڪي غلطيون ۽ ڪميون، پيشيون آهن، انهن جي ڪنهن طرح سان تلافي ڪري وٺبي، ليڪن هن وقت مان ٻرندي باهه ۾ ڪريمداد کي ڪان اڇلينديس ۽ نڪي مان پنهنجي خاندان کي، سماج جي غلط ماڻهن هٿان بدنام ۽ بڇڙو ٿيڻ ڏينديس، پوءِ اوهين رنج رهو يا راضي- ۽ مونکي هاڻ وڌيڪ ان معاملي ۾ مجبور نه ڪيو“
چاهت جي ان جواب تي سڀن جا ذهن سُن ٿي ويا، سڀن جي سوچن عقل، تجربن، صلاحن ۽ صلاحيتن کي چاهت پنهنجي محبت جي حق ۾ هٺ ڌرمي شامل ڪري سڀن کي رد ڪري ڇڏيو، سڀڪو پنهنجي، پنهنجي جڳهه تي، پنهنجو پاڻ کي جهڙو اوپرو سمجهڻ لڳو، عادل ته پنهنجو پاڻ مان به، خفي ٿيڻ لڳو، کيس ارمان به هو، رنج به هو ۽ ان سان گڏ پڇتاءُ ۾ به هو، دين جي ماءُ، دين جو پٽ- هڪ عجيب رشتو جڙيو هو، جنهن جي روحاني ڪشش جي پوري خبر هڪ خدا کي ۽ ٻي ان ماءُ، پٽ کي، باقي سماج ۾ ان کي بدنيت ماڻهو مصنوعي رشتو به چوڻ لڳا هئا. سڳو پٽ ته حضرت آدم به ڪنهن جو ڪون هو، پوءِ به ملائڪن پي سجدا ڪيس، ۽ آسمانن جي بهشت مان محبت کڻي انساني سماج لاءِ ڌرتي تي آندائين!
عادل کي ته خبر هئي، ته منهنجي ۽ امان زليخا جي رشتي کي، اسان جي سماج ۾ ان جو هڪ الڳ رتبو ۽ هڪ الڳ اهميت واري، سڃاڻپ آهي، ۽ ان رشتي کي ڇنڻ يا ان کان الڳ ٿيڻ لاءِ، ان وقت تائين، انتظار ڪرڻو پوي ٿو، جيستائين ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي فوتي ٿي وڃي!
چاهت جي صاف، صاف انڪار کانپوءِ، نه رڳو عادل جي ذهن تي عجيب ڪيفيتن جا قافلا ڊوڙي پيا هئا، پر چاهت جو بيمار پي ٻئي اکيون پوري ائين خاموش ۽ سرد ٿي ويو، جو خبر نه پي پئي ته، منجهس پساهه به آهي يا نه؟
زليخا ته، ڄڻ چڪيءَ جي ٻنهي پُڙن ۾ پيسجي رهي هئي- رات جا ٻارنهن ٿي چڪا هئا، ڪمري ۾ پنجن ماڻهن جي موجوده هوندي به جهڙو مڪليءَ تي ڪنهن چؤڪنڊيءَ ۾ پنجن خاموش قبرن جو ماحول هجي!- ڪنهن،ڪنهن کان نه وڌيڪ پڇيو نه چيو آهستي، آهستي ٿي هر ڪو وڃي پنهنجي، پنهنجي بستري ۾ ننڊ جي موت سمهي پيو.
••••