قسط 10
جان محمد جي ساهه ۾ به شايد علي احمد جي سڪ گڏجي پئي هئي! هو گهڙيءَ، گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڪمري جي دروازي ڏانهن پيو ڏسندو هو، ته علي احمد ته ڪون پيو اچي!؟
۽ پوءِ شايد- فَاذُڪُرُونِيُ اَذڪُرَڪُم- اهو اقرار سچو ثابت پي ٿيو. ۽ ائين ئي ٿيو، ته هڪ ڏينهن علي احمد ۽ عادل ٻئي گڏجي سندس گهر اچي نڪتا- پر ان وچ ۾ وقت جي هڪ وڏي وٿي پئجي وئي هئي، ليڪن پوءِ به جيئن ئي جان محمد جي ٻنهي تي نظر پئي، ته درد ۽ خوشي، مسرت ۽ اذيت سڀني گڏجي، سندس ڪيفيت ۾ هڪ اهڙو سوز ۽ سرور پيدا ڪيو، جنهن جي لذت ۾ کيس ٻيا ته سڀ سور فلحال وسري ويا، پر سندس ڳالهاءُ بند ٿيڻ وارو سور اڃا نئون هو، تنهن سندس جِيءَ ۾ جِهير پي وڌا!
هو جان محمد سان ڪجهه ڳالهائين، تنهن کان اڳ ۾، زليخا کين سندس طبيعت بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. جنهن ۾ سندس آواز بندٿيڻ واري صدمي کان عادل وات تي سامهون هٿ رکي رڳو کيس ڏسندو ئي رهيو، پرعلي احمد، روئڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو.
عادل، علي احمد جي اها حالت ڏسي، ان ڪرب مان ڪڍڻ جي نيت سان کيس چيائين ”ڪاڪا علي احمد! ائين ته پوءِ اسان، سائين جان محمد جي همٿ کي پيا هيڻو ڪريون؟ اسين ته آيا آهيون سندس همٿ کي سلام ڪرڻ. پر جيڪڏهن اسان ڪا دعا يا درمان نٿا ٿي سگهون، ته پوءِ ائين روئي نه رڳو سندس لاءِ، پر سڄي گهر جي لاءِ به ڏکن جو ڏيئو پيا ٻاريون. توهان اسانجا وڏِڙا، جيڪڏهن اسان کي رڳو روئڻ ٿا سيکاريو، ته باقي خوشيون، اسان رڳو خواب ۾ ڏسنداسين ۽ اسان جو حوصلو ته اسان جي ڪم جوئي ڪون رهندو!“
عادل جي ان همدرداڻي رويي مان، جان محمد کي پنهنجو چيل اهو جملو ياد آيو، جيڪو هن پاڻ ان ساڳي ڪمري ۾، ڪجهه سال اڳ ۾، عادل ، ڪريمداد، چاهت ۽ زليخا، سڀني جي وچ ۾ گڏيل طور چيو هو ته- شاباش نوجوانو، اسان جتي ڇڏيون پيا، اوهان اتان کان پنهنجي شروعات پيا ڪريو. اهو اسان جي بقا جو هڪ سٺو اهڃاڻ آهي!“
اهي پنهنجا لفظ جڏهن ياد آيس، تڏهن اٿي عادل کي ڀاڪر پائي، چمي ڏيئڻ جو خيال آيس، پر سا حسرت به، سور بڻجي سندس ساهه سان گڏجي وئي! ۽ رڳو عادل جي منهن ۾ ڏسي پنهنجن نظرن جي اڃ پي پيتائين.
علي احمد به پنهنجن ڪمزور اکين جا لڙڪ اگهي، ڪجهه پاڻ کي قابو ۾ آڻي چوڻ لڳو ”ادا جان محمد...تون مونکان وڌيڪ ڀاڳن وارو آهين يار، منهنجي زبان مونکان ته نڀاڳي جهلجي نٿي- تو ته وڃي پنهنجي دل سان دوستي لڳائي پر مونکي خدا تعاليٰ ولِل مان واندو ئي اڃا نٿو ڪري! مان اها وللِ هڻي توکي به وَيل ۾ وجهڻ آيو هئس. پر مالڪ توتي مهر ڪري، توکي ان عذاب کان ئي آجو ڪري ڇڏيو.يار مونکي به ڪا دعا ڪر ته، اکيون هونئن به اچي ٿڪيون آهن، باقي زبان تي ته تالو هڻي، خدا مونکي به تو جيئان خاموش سڪون ادا ڪري؟ هاڻ هن عمر ۾ ڳالهائڻ به پنهنجي ڳچي جو ڳٽ ٿيو پوي، ڪير نٿو ٻڌي، ته به زبان ته پئي زهر اوڳاريندي آهي- انهيءَ زبان ته اهڙا ذائقا چکايا اٿم، جو ڄڻ ته، نفرتون منهنجي منهن ۾ موري پيون آهن. بس ادا تون مونکان اڳ جان ڇڏائي وئين، مون تي اڃاالائي ڪيترو ڪرب ڪڙهندو!؟“
زليخا، علي احمد جي ان گفتگو ۾ ايذاءُ محسوس ڪندي چيو ”بس ادا! ماڻهو کي ته پنهنجي من جي به خبر نٿي رهي- اهي امتحان ته سڀ اوچتو اچي ڪڙڪندا آهن. جن مان جيئري ئي گذرڻو پوي ٿو، ڏکيائي جي وقت ته، دل کي به ڏڍ ڏکيو ٿو لڳي ۽ صبر توڙي سهپ، سڀ سور بڻجو پون، پر پوءِ آهن ته سڀ انسان جي لاءِ- بس هُو وڏو سخي ۽ ٻاجهارو آهي، اسان به سندس ٻاجهه ۾ اکيون اٽڪايو ويٺا آهيون، اميد آهي ته، ٻاجهه سان ٻيڙو اُڪاريندو!؟“
جان محمد، زليخا جي ان ٻاجهاري ٻولي مان اهو محسوس ڪرڻ لڳو ته، شايد اهي صدائون رڳو منهنجي موت لاءِ پيون اٿن“، پر هو مضبوط دل ماڻهو هو، پنهنجي ان وهميل احساس جوڪنهن کي انت ئي ڪون پي ڏنائين- ليڪن انسان پنهنجي وجود کي ته نٿو لڪائي سگهي! ڪيڏا به حيلا ۽ همٿون ڪري، پر پوءِ به فنا جي منزل اکين اڳيان ڏسي، سندس سڀئي عضوا، سندس چئي چوڻ جا پابند نٿا رهن! اهو ئي وقت، انسان کي پنهنجي وجود جي جدائي تي، وڌيڪ ايذائيندڙ وڌيڪ اذيتناڪ ۽ سڀکان وڌيڪ پنهنجي حال تي رئاريندڙ ٿئي ٿو. جي مرڻا اڳ مئا ۽ مري ٿيا نه مات- هي جهان انهن، اهڙن، جيئري مري جيئڻ وارن جو آهي- حق جي راهه تي گپ ۾ گيدي بڻجي عمر گذاريندڙ ته گدڙن جي جهان ۾ ٿو رهي، سو سماج جا سور ته ڇا پنهنجي مٿي جي جُونءَ به ساري نه سگهندو آهي. زندگي ته ڪربل جو سفر آهي، هن ۾ ڪرب جي اڃ جان محمد جيئان شربت سمجهي صبح، شام پيئڻي پوي ٿي!
جيئن موت کي پنهنجي ساهه سان گڏ ويٺل ڏسي، ماڻهو کي پنهنجي فڪر ۾ فنا جو تصور اجايو تڙپائي ٿو- جان محمد به اهڙي سوچ ۾ سڙندو رهندو هو، سندس بيمار حالت تي جيڪو به ماڻهو سندس عيادت لاءِ ايندو هو ته ان کي جان محمد مان هاڻ رڳو موت نظر ايندو هو. ۽ هر ڪو روئي اٿندو هو، ائين هر ڪوئي سندس مضبوطي کي، پيو لوڏيندو هو! پر هن ڪڏهن به بزدل ٿي موت کي ليلائيو ڪون، کيس خبر هئي ته موت کي منٿ ڪرڻ، پنهنجي وجود سان نفرت کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به ناهي. ۽ اها ته سا پنهنجو پاڻ سان دشمني ڪرڻي پوي ٿي“
هن زليخا کي اشارن ۾ چيو ”هنن کان پڇ سندن ڪوئي خاص ڪم هجي ته ٻڌائين، مان اڃا چٺي چپاٽي لکي پڙهي سگهان ٿو“
پر زليخا کي خبر هئي ته، کيس لکڻ ڪرڻ سان وڏي تڪليف ٿي ٿئي، تنهن ڪري، هن سندس اشارو پوري طرح سمجهي ٻُجهي به، سندس تڪليف جي بچاءُ ۾، ڳالهه بدلائيندي چيو ”ادا علي احمد، جان محمد چوي پيو ته، مونکان ڪي غلطيون، چڪون ٿيون هجن ته مونکي معاف ڪري ڇڏجانءِ؟“
زليخا جي ان بدليل بيان تان، جان محمد جي من ۾ اها دانهن اُٿي ته ”هاءِ...او... منهنجي زليخا، اڄ تو به جهڙو مونکي چئي ڏنو ته، پنهنجو پاڻ سنڀال!“
زليخا توڻي جو، سندس تڪليف جي بچاءُ ۾ اهو هٿرادو ڪوڙ ٺاهي ٻڌايو، پر ڪوڙ پنهنجي بچاءُ لاءِ هجي يا ڪو وڌاءُ هجي- نئون هجي يا پراڻو، سو ته ماڻهو جي وقار کي فنا ڪندڙ آهي. زليخا تڪڙ ۾ اهو سوچيو ئي ڪون، ته اهو معمولي ڪوڙ به، منهنجي جانيءَ جي جيءَ کي ڳاهي ڇڏيندو!
جان محمد ان ڏک وچان، پنهنجو اشاري وارو ڳالهائڻ به بندڪري ڇڏيو!
منهجند جو وقت هو ۽ مئي جو مهينو، گرمين هر گهر ۾، پگهر سان ڪپڙا پي پسايا، ماڻهن جي بغلن ۾ بدبوءِ ائين گهر ڪريو ويٺي هئي، ڄڻ اهي بغل نه هئا، ڪوئن جا آکيرا هئا. هر ماڻهو جي سوچ تڪڙو ساهه پي کنيو، ڪريمداد ۽ صديقا، پنهنجي پنهنجي ڊيوٽي تان موٽيا هئا، چاهت پنهنجي ڪنهن حقي موڪل سبب گهر ۾ اڳيئي موجود هئي- ڪريمداد، پنهنجي پيءُ ۽ عادل سان اڃا مليو ئي ڪون هو، ته چاهت کيس اڳ ۾ ئي پنهنجي نيت جو ڪروڌ ڪاڙهيندي چيس ”اڄ هو تو وارو مڙهو- وري آيو اٿئي پنڻ، پهريان سندس ڀاڙي خرچ جو انتظام ڪري، پوءِ وڃي ملينس، توکي چيو هئم ته، هيڏانهن اچڻ کان کيس منع ڪري ڇڏ، پوءِ وري ڇاجي لاءِ آيو آهي؟ سويلي کان ويٺو آهي، هاڻ ته بابا کي پورو ڪري پوءِ ويندو- اِن تو واري جڏي پيءُ کي روئڻ کانسواءِ، خدا ٻيو ڪجهه ڪونهي ڏنو ڇا؟“
ڪريمدد وائڙو ٿي پڇيس ”پر- وٺي ڪير آيو اٿس؟ ڪنهن سان گڏجي آيو آهي؟“
”وٺي ڪير ايندس- چاهت چيو- پيو هوندو ادا عادل کي پويان ٽِنڊڙي، پوءِ ادا عادل ڀلا ڪيڏانهن ڪريس ها! وٺي آيو ٿس پاڻ سان- پر هاڻ وڃي اتان اٿارينس ته ادا عادل کي ماني کارايون!؟“
صديقا ته جيئن آئي تيئن هلي وئي پنهنجي پيءُ جي ڪمري ڏانهن، سا اتي عادل کي ڏسي ويهي رهي، ڪريمداد اتي ويو، ۽ عادل سان خير عافيت ڪري، پنهنجي پيءُ کي، ماني جي بهاني سان اتان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي- پر علي احمد اتان اٿڻ تان صاف انڪار ڪري ڇڏيو- مان هتان اٿندس ته ڳوٺ هليو ويندس. جيڪا گهڙي هتي آهيان، جان محمد وٽ ئي ويٺو هوندس- ابا هاڻي هي گهڙين جي گڏجاڻي ۾، ڇو ٿا اسان کي هڪٻئي کان جدا ڪريو- ڪهڙي خبر ته وري گڏجون يا نه گڏجون!“
ڪريمداد واپس اچي، گهر جي ڪنهن ملازم واري انداز ۾ چاهت کي ٻڌايو بابا اتان نٿو اٿي- پوءِ ڀلا سڀني کي اتي ئي ماني کارائجي ڇو، ڪهڙو فرق ٿو پوي؟“
”ڇو؟ ڇاجي لاءِ نٿو اٿي؟ چاهت آڪڙ مان چيو- مان پاڻهي ٿي اٿاريانس، اکين کان اڌ ماڻهو، اتي بابي جي ڪمري ۾ ٻوڙ، ٻاڙي هاري ڪندو ڪن، ايترو به عقل ڪونهينس، ٻاهر اچي فضيلت سان ماني کائي“ ائين هلندي چوندي، ڪمري جي دروازي تي وڃي بيٺي. چاچا علي احمد، توهان هيڏانهن ٻاهر اچي ماني کائو؟“
علي احمد ارمان وچان تڙي کڙي جواب ڏنس- بابا مان تنهنجي ماني کائڻ ڪون آيو آهيان، مان بس اتي ئي ويٺو آهيان- هتي ڪو ٽُڪر مليو ته کائيندس نه ته به خير آهي- اوهين ڀلي کائو!“
چاهت کي اهو جواب پسند نه آيو، هن هڪ دفعو وري به چيس- چاچا اتي ماني جي هار وِير ٿيندي، توهان کي اسان ماني جي لاءِ پيا چئون، ته اها ڳالهه توهان کي ڏکي ڇو پئي لڳي؟“
ائين چوندي چاهت اندر ڪمري ۾ گهڙي، ته ڪريمداد جون پريشانيون ماڪوڙين جيئان، سندس سوچن جي ڪيفيت ۾ سرڻ لڳيون- هن سوچيو ته- خدا ڪري، شل بابا ڪوئي ڪچو، ڦڪو گفتو نه وات مان ڪڍي!؟“ هو انهيءَ سوچ ۾ هو ته، علي احمد چيو ”امان! ڪا ڏکي ڳالهه لڳندي، ته به توکي ان جو ڪهڙو ڏک ٿيندو!؟“
”ڇو چاچا علي احمد! مان انسان ناهيان ڇا؟“ چاهت چيس ۽ علي احمد نماڻو منهن ڪري چيس ”نه بابا، تون انسان ته آهين، پر الائي ڇو تنهنجي طبيعت کان مان ڊڄان ٿو، شايد مان مڙهو ماڻهو، مون ۾ هاڻ جهٽ،جهڙپ جو جهلو رهيو ناهي تڏهن شايد!“
بس پوءِ، ته چاهت جي طبيعت کي ڄڻ ڪنهن ٻاٻري جو تئو اچي ويو ۽ ڀڙڪو ڏئي چوڻ لڳي ”چاچا مان ڪا ڇتي ناهيان ٿي، نڪي جانور آهيان جو ماڻهن کي جهٽ ۽ جهڙپون ڏيندي وتان- تون هتي اچين ته، توکي کارائي پياري، ڍؤ ڪرائي پڇاڙي ڀاڙا خرچ به ڏيون، پوءِ به تون هتان ڳوٺ وڃو منهنجون گلائون ڪرين- تون اڇي ڏاڙهي ۾، اُتي ماڻهن کي ٿو چوين ته، اها زال ايڏي ڪا ضديري آهي، جوپرائي، پنهنجي به ساڃاهه نٿي ڪري- وڃ کڻي ته ماڻهو جو منهن پٽيو وٺي- مون الائي ڪنهن جا منهن پٽيا آهن-تنهنجي ته نڪ تي به ڪا رهڙ ڪونهي- پوءِ به جي تنهنجو هتي منهن ٿو پٽجي، پوءِ ڇاجي لاءِ ٿو اچين؟ ۽ هتي اچي وري اهڙو ميسڻو منهن ٿو ٺاهين، جو ٻيو ڪوئي سمجهندو ته، هي ڪو خدا جو ولي آهي. پر تو جيڪي ڳوٺ ۾ ڳالهيون ڪيون آهن سي ته شيطان کان به ڪون ٿينديون. اُهي جي تنهنجا پول پڌرا ڪريان- ته بابا کي ڪر تنهنجي شڪل کان به نفرت ٿي پوي!“
تڏهن وچ ۾ ماءُ چيس ”چاهت ڪجهه حيا ڪر، سُهرو اٿئي- سُهرو پيءُ جي برابر هوندو آهي!“
وچ ۾ ڪنهن جوڳالهائڻ ته، چاهت جي طبيعت کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيندو هو، ان مهل به سندس ماءُ جو اهو ٿورو چوڻ به کيس ڄڻ چُوچڙي ٿي لڳو. ۽ تِيسي ۾ اچي چوڻ لڳي ”هي منهنجو سُهرو آهي- امان تون هن کي ٿي منهنجي پيءُ جي برابر ڪرين؟ هي جيتري وڏي عمر جو آهي- اوترو وڏو گلا خور آهي! هن منهنجي لاءِ ڳوٺ وڃي چيو آهي ته- اها زال ڪونهي زهر آهي- پنهنجي پيءُ جو به حيا نٿي ڪري- منهنجي پٽ کي ته الاءِ ڇا...پياريو ٿس، جو رات ڏينهن پيو سندس پير چٽي- ۽ امان! تون هن کي بابا جي برابر ٿي چوين مان چوان ٿي، ڪڍوس هن گهر مان هينئر جو هينئر هتان ڪڍوس- نه ته مان پاڻ ٿي اٿاري ڪڍانس.“
ڪريمداد کيس ويجهو ٿي، ڀاڪر پائي ٿڌي ڪرڻ جي کيس ڪوشش ڪئي، ته سندس ٻانهون اڇليندي چيائين ”پري ٿي مون کان- مان چوانءِ ٿي مونکي هينئر ويجهو به نه اچ- پهريان هن پنهنجي- جڏي کي هتان ڪڍي روانو ڪر...؟“
ته ڪريمداد چيس ”ڀلا ماني ته کائڻ ڏينديئينس- ماني به، نه کائي...؟“
”نه نه، ڪونهي هن جي لاءِ مون وٽ ماني- بچي پئي ته ٻاهر گهٽي ۾ اڇلي ڇڏينديس- جانور کائي ويندا!“
ڪريمداد هاڻ ٻي واهه نه ڏسي، عادل ڏانهن لڪي اشارو ڪيو ته ”ٻيلي هاڻ تون منهن ڏيئينس؟“
عادل اڃا پنهنجي جڳهه تان چُريو ئي مس ته هو سمجهي وئي ۽ اتان چوڻ لڳس ”ادا توهان اسان جي وچ ۾ نه اچو، مان هينئر پنهنجي وس ۾ ناهيان- هن پوڙهي مونکي تمام گهڻو ذليل ۽ بدنام ڪيو آهي- مون کي هن کان تڪليف آهي- مان هينئر ڪنهن جي ڪان ٻڌنديس- توهان به اجايو پوءِ دل ۾ ڪندا!“
ايترو چئي عادل جي دل ڏکائي، سندس نظرن ۾ ته پاڻ کي ڪيرائي چڪي هئي. ان اجائي جذباتي هُل ۾ عادل جي به سڃاڻپ ڇڏي، ايترو پي هن ڳالهايو جو عادل جون نظرون کيس ڏسي، ڏسي ٿڪي پيون هيون، تنهنڪري عادل چيس ”نه منهنجي ڀيڻ،مان توهان جي وچ ۾ ڪون ٿو اچان- اسان ٻئي ٿا وڃون-ڪاڪا علي احمد کي ته وٺي مان آيو هئس- سائين جان محمد جي گهڻي ناچاڪي جو ٻڌي، مان چيو مانس ته، هل مان توکي وٺي ٿو هلان- پر هاڻ توهان کي اها ڳالهه نه وڻي ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي- زندگي ۾ ائين ٿيندو آهي- مان وري ڪنهن ٻي مهل ايندس!!“ ۽ وري علي احمد کي چوڻ لڳو ”ڪاڪا علي احمد منهنجي خيال ۾ تو جيءَ ڀري سائين سان ڪچهري ڪري ورتي- هاڻ ڀلا هلجي- سائين جان محمد کان موڪلايو ته هلون!؟“
جان محمد الائي ڪيڏي مهل کان اکيون پوري پي رنو، ويچارو زليخا کي به ان مهل وسري ويو هو. تنهن جي ڪنهن به سار ڪون پي لڌي، جنهن مهل علي احمد کانئس موڪلائڻ جي ڪئي، تڏهن سڀن ڏٺو ته جان محمد جي اکين مان پاڻي ڪون پي وهيو، پر جهڙوڪورو رت پي وهيو! پوءِ به چاهت کان ايترو ڪون ٿي سگهيو جو رڳو چوي کڻي ”ادا عادل، ماني کائي پوءِ وڃو!“
۽ هو جان محمد سان ڳالهائڻ جي سگهه نه ساري- جنهن مهل ٻاهر پي نڪتا، تنهن مهل زليخا روئي عادل کي چيو ”عادل...ابا خبرناهي ته اسان جو الائي ڇا ٿيندو... بس منهنجي، هن صديقا جي توکي پارت آهي عادل!“
عادل ڪنهن سڳي پٽ جيئان، پنهنجي هڪڙي ٻانهن جو کيس ٻک وجهي، دلداريون ڏيندو، پنهنجي اکين ۾ ڀرجي آيل پاڻي اکين ۾ ئي جهلي، علي احمد کي ساڻ وٺي، ڳوٺ هليو ويو.
۽ علي احمد پنهنجي پٽ اڳيان، پنهنجي هيڏي ساري تذليل ٿيندي به، پنهنجين اکين مان، هڪڙو لڙڪ به ڪون ڳاڙيو، ائين پي لڳو ته، هن روئي، روئي، اکين جو پاڻي سڪائي، پنهنجون اکيون، سُڪو ٺڪر ڪري ڇڏيون هيون. ۽ هاڻ جيڪو به هو- سو سڀ سندس جيءَ اندر ۾ ڄڻ قاتل زهر ٺهي پيو هو.
••••