ناول

رشتن جي آزادي

خوبصورت لفظن جي خالق ۽ پياري انسان سائين حيدر درياء جو هي ناول جڏهن ڪتاب جي صورت ۾ مليو هو ته مان ٻن ڏينهن ۾ ئي هي ناول پڙهي پورو ڪيو هو۔ سنڌ جي عجيب روايتن سان گڏ رشتن جي ٽوٽ ڦوٽ ۽ پيار جي اظهار تي سندس سٽون سچ ته خوبصورت آهن۔
سندس ناول ۾ اڻ ڳڻيا اهڙا مڪالما آهن جيڪي هتي پيش ڪري سگهجن ٿا پر انهن مان هڪ هيٺ ڏجي ٿو:
ياد رکجان، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽حضرت آدم سان پنهنجي خدا!
۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواهش!
Title Cover of book رشتن جي آزادي

جاڳ جي ٻيڙي جو ناکئو

زندگي جي اڙانگين راهن تي هلندي سندس پير اڳي کان به وڌ پختا، اڻ ٿڪ ۽ اجرا ڏٺا اٿم. سندس ڪيل ارڏائين ۽ مشڪل کان به وڌ مشڪل جا جوکم کڻندو ڏسي سندس حوصلي تي رشڪ ايندو آهي. هن 1980ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ شروع کان اڄ تائين اها ئي روانگي. اها ئي ارڏائي ۽ اها ئي سفر جي سختي، پوءِ انهيءَ راهه ۾ ڀلي سمنڊ جي سڃ هجي، دريائي وهڪرن جي هجي، سنڌي جي جهنگلن ۽ ٻيلن جي سرد توڙي گرم راتين جي سفر جي هجي يا وري کيرٿر ۽ هنگلاج جهڙن پربت جبلن جهاڳڻ جي جستجو هجي، پر مون کيس سفر جي ساٿين ۾ مڙني کان پنهنجي رمز ۾ اڳڀرو ڏٺو آهي. حيدر ”دريا“ پنهنجي نالي ۽ تخلص جيئان پنهنجي زندگي ۾ سڀئي جرئتون رکندڙ اٿاهه ساگر جهڙو انسان آهي. سندس من اندر جي نماڻائي به تمام معنيٰ خيز آهي. آئون لفظ ”نماڻائي“ ان ڪري پيو استعمال ڪريان جو سندس والد مرحوم جو تخلص ”نماڻو“ هو، شايد اهو ڳڻ کيس اتان ئي منتقل ٿيل آهي.
سندس قلم جي جيڪا ڪِرڀ آهي اها پٿرن کي ميڻ بڻايو ڇڏي. حيدردريا جي من اندر ۾ سنڌ وسي ٿي ۽ سنڌ نگر ۾ سونهن وسي ٿي، سونهن جي باغيچي ۾ سچائي جي خوشبوءِ جو راڄ آهي. تنهن راڄ جي سنسار ۾ وري سوچن جي آزادي جا جشن آهن، سندس جذبن ۾ آبشارن جو شور به آهي ته نرملتا جو احساس پڻ موجو د آهي. هي پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي هن اردو شعر ذريعي به هيئن ٿو ڪرائي:
مين سنده نگر کي نگري کا،
انسان جهان سئ شاد هوا،
کوئي کيا جانئ ميري هستي کو،
يه عشق مينئ آباد کيا.
حيدردريا ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ احمد خان زئور ۾ 1961ع ۾ اکيون کوليون، ادبي شعور به اتي ئي سرجس، ادب جي اوائلي پنڌ ۾ ان وقت جي مشهور شاعرن مان، ”پير علڻ شاهه تلي وارو“، ”حافظ احمد لاکو“ سندس فڪري رمز جي راهه جا رهبر رهيا ۽ پاڻ سيد حيات علي شاهه لڪياري (دادو) کان روحاني سلوڪ جا سبق ورتائين.
سندس شروعاتي ڪِرت درزڪو ڪم هو. ان سڳي ۽ سئي سندس اڀرندڙ جواني جي نيئر ۾ ئي پريت جا پيچ ڏئي کيس محبت سان سبي سوگهو ڪري ڇڏيو.
جڏهن کان هن جي زندگي راڳ جا انيڪ رنگ سندس وجود کي گيڙو ويس اوڍائين ٿا ته فطرت جي سونهن جي الفي اوڍي سنسار جي سفر تي نڪري پوي ٿو.
هن وقت پاڻ پرائمري استاد آهي. علم ۽ ادب سان گهري نسبت هئڻ جي ڪري ڪاغذ ۽ قلم به هن جا محبوب رهيا آهن. سندس آڱرين جي مڪتب جا، قلم ۽ بندوق جو ٽريگر تمام هوشيار شاگردن جيان رهيا آهن. تنهن ڪري زندگي جي انتهائي ڏکين ۽ آزمائش جي گهڙين ۾ هميشه ثابت قدم رهيا آهن ۽ سندس زندگيءَ ۾ سدائين سچائي جو راڄ رهيو آهي. هي فطرت جو سچو عاشق سدائين پنهنجي خدا کي پنهنجي اندر ۾ ۽ فطرت جي گوناگون باريڪين ۾ پسي پائي ٿو.
مون کيس عشق ۾ سانوڻي جي درياهه جي وهڪرن ۾ لڙهندو به ڏٺو آهي ته وري ساڌ ٻيلي ۽ ٻڌڪا جي ٽڪرن جيئان سينو ساهيندي اٽل بيٺل پڻ ڏٺو آهي. مون سندس زندگي ۾ سدائين گلن جي گجرن جي هڪ مهڪ محسوس ڪئي آهي. توڻي جو پاڻ سدائين اصولن جي سولي تي لٽڪيل رهيا آهن. جيئن سندس هي شعر آهي ته:
ڪڏهن ڪڏهن صداقتون،
هجن ڪي ڄڻ ڪي قيامتون!
حقيقتون، طبيعتون،
گهرن ٿيون ڏاهه محبتون.
اهڙي طرح اصولن جي سولي تي ان لٽڪاءُ دوران کيس ڪمال جي بصيرت رهي آهي. ان ڪري به جو پاڻ سدائين شاهه لطيف ۽ جي ايم سيد جي عملي فڪر جي درياهه کي ڀٽ شاهه ۽ سن جيئان تمام ويجها رهيا آهن، اها سڳنڌ سندس من ۾ مهڪندي دوستن کي به مهڪائيندي رهي ٿي.
حيدر دريا پنهنجي شاعري/ نظم توڙي نثر ۾ يگانو لکاري آهي، لکڻ ويل هي ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندو آهي. هن وٽ عشق ۽ جنگ ۽ بلڪل سڀ جائز آهي. سچ، پچ ته هي مونکي ان وقت سنڌ جي سورهيه صوفين، سنتن ۽ سامين جي ولر جو وڇڙيل ساٿي لڳندو آهي. جنهن ۾ پنهنجي ولر جي وڇوڙي جا آلاپ به آهن ته سماج جي ڪڌن رسمي روايتن جي خلاف بغاوت به آهي ۽ پنهنجي خلقڻهار سان حق جو نباهه چاهيندڙ پڻ آهي. سندس تخليق ۾ انسانن جي ڪيل زيادتين خلاف اعلان جنگ پر انسانيت جي مجبورين/ هيڻائين سان همراهي جو حامي به آهي. سندس وجود ۾ سدائين جاڳ جي تنبوري جون تندون ڇڙيل ئي رهن ٿيون.

غلام نبي زئور
ميرپور بٺورو
2011-01-28