ناول

رشتن جي آزادي

خوبصورت لفظن جي خالق ۽ پياري انسان سائين حيدر درياء جو هي ناول جڏهن ڪتاب جي صورت ۾ مليو هو ته مان ٻن ڏينهن ۾ ئي هي ناول پڙهي پورو ڪيو هو۔ سنڌ جي عجيب روايتن سان گڏ رشتن جي ٽوٽ ڦوٽ ۽ پيار جي اظهار تي سندس سٽون سچ ته خوبصورت آهن۔
سندس ناول ۾ اڻ ڳڻيا اهڙا مڪالما آهن جيڪي هتي پيش ڪري سگهجن ٿا پر انهن مان هڪ هيٺ ڏجي ٿو:
ياد رکجان، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽حضرت آدم سان پنهنجي خدا!
۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواهش!
Title Cover of book رشتن جي آزادي

قسط 3

صبح جو ربنواز پنهنجي دستور موجب سج اڀريي کان اڳ اٿيو ۽ ٽي وي کولي قرآن پاڪ جي تلاوت هلڪي آواز ۾ ٻڌڻ ويهي رهيو. ۽ ڪجهه ئي دير کان پوءِ جانو کي سجاڳي ٿي ته، ڪنهن اوپري مهمان جيئان، هڪدم کٽ تي اڀو ٿي ويهي رهيو.
ربنواز سمجهي ويو ته، جانو جي ذهن ۾ اڃا شايد اجنبين واري سوچ آهي، تنهن کيس پنهنجائپ واري احساس ۾ چيس ”بابا هٿ منهن ڌوئي دڪان کول ۽ ڳوٺان کڻي آيل دل جا داغ به ڌوئجان،! پنهنجي اندر جي اذيت کي ماڻهو اڪثر روئي ڌوئيندا آهن، ان کي هميشه لاءِ سنڀالي رکڻ بيوقوفي آهي، جن پنهنجي اندر جي عذاب کي سانڍيو سي پنهنجي عقل، علم، ۽ سوچن کي سنڀالي اڳتي وڌائي نه سگهندا آهن. انهن کي پنهنجا سور پنهنجي آدرش لاءِ وقت ئي نه ڏيندا آهن... معاف ڪجان؟ تون چوندين ۽ سوچيندين ته، چاچا ربنواز صبح ساڻ پنهنجي تقرير چالو ڪري ڇڏي! پر اصل ۾ خبر اٿئي ته رات جو سمهڻ مهل سٺا خيال سوچي سمهڻ ۽ صبح جو ننڊ مان اٿڻ وقت مضبوط خيال ۽ سگهاري سوچ سان پنهنجي شروعات ڪجي. زندگي ۾ جيئڻ، مرڻ وارن اصولن جي پابندي ڪرڻي پوي ٿي.“
”جي چاچا، توهان صحيح پيا چئو، مان ڪوشش ڪندس... پوءِ به توهان ويٺا آهيو نه، مان ته پنهنجي اها وڏي خوشنصيبي ٿو سمجهان!“
جانو کٽ تان اٿندي چيس ۽ پوءِ هٿ، منهن ڌوئي دڪان کولي ان جي صفائي کي لڳي ويو.
بعد ۾ نيرن گڏجي ڪيائون، جنهن کانپوءِ دڪان جي ڪم ڪار جي ترتيب ۽تفصيل کيس سمجهايو ويو. ۽ پوءِ دل لڳائي دڪان جو ڪم ڪندو رهيو سال ٻن جي اندر هن ۾ وڏي تبديلي اچي وئي، ۽ هن سڄو دڪان سنڀالي ورتو، هاڻ هن ربنواز کي رڳو پنهنجي دڪان جي مالڪي ۽ ماليت جي سنڀال رکڻ ۽ ايندڙ ويندڙ گراهڪن سان ڏي، وٺ ۽ ڪچهري، ڪلام تائين محدود ڪري ڇڏيو هو.
شروع ۾ ربو، جانو سان اهو شرط سختي سان لاڳو ڪري ڇڏيو هو ته:
”جان محمد توکي پنهنجي پڙهائي کي ڪيئن به ڪري اڳتي وڌائڻو آهي؟ پوءِ ڀلي پرائيويٽ يا ڪنهن به طريقي پر هاڻ توکي پڙهائي مان هٿ ڪڍڻو ناهي. جيستائين تون گريجوئيشن نٿو ڪرين؟“
۽ جانو پنهنجي واعدي موجب پنهنجي پڙهائي کي پرائيويٽ طريقي سان اڳتي وڌائيندو رهيو.ائين هن ڇهن سالن تائين B.A پاس ڪري خود کي Graduate سڏائڻ وارو حق حاصل ڪري ورتو. ان کان علاوه سندس غير نصابي تعليم ۾ ربنواز پاڻ سندس اهڙي تربيت ڪئي جنهن جي اڳيان سندس سرڪاري B,A واري ڊگري جي به جاءِ نه هئي.
عشق ته استاد، ۽ شاهن جو شاهه، سو جي خود تعليم ڏئي ته، ماڻهو دوزخ مان ٽانڊو کڻي بهشت کي به باهه ڏئي ٿا سگهن، پر عشق جي شاگرد جي تعليم به ستارن کان اڳتي روانو ڪريو ڇڏي. ربنواز به کيس اهڙي فڪر جي ڦرهي جا سبق پي پڙهايا.
جنهن ڏينهن جانو جي بي اي جي رزلٽ آئي هئي، ان رات خوشيءَ ۾ هي ٻئي سڄي رات ڪون ستا هئا.
انهيءَ رات ڪچهري ڪندي، ربنواز اچانڪ تڪڙو اٿي جانو جي پيءُ جي تصوير کي سامهون بيهي چوڻ لڳو ” اي دوست! تون جانو کي پڙهائڻ ۾ ڀاڙيو نڪتين، پر ڏس مون پنهنجي دوستيءَ جو اڌ حق ادا ڪيو، اڄ تنهنجو جانو، مون جان محمد سڏائي ڇڏيو آهي. هاڻ هن جي نوڪريءَ لاءِ تون ايڏاهين پنهنجي خدا کي سفارش ڪجان ۽ مان هن دنيا جي ناخدائن کي چورائيندس... پر تنهن کانپوءِ مونکي پاڻ ڏانهن جلدي گهرائي وٺجان!
ڏس دوست دنيا ۾ گهڻو جيئڻ، سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ بنا هلڻ جي برابر آهي. ۽ مون ۾ هاڻ سا سگهه نه رهي آهي! هاڻ ته هي دنيا، يا مون کي نٿي وڻي يا مان دنيا کي نٿو وڻان. بس هاڻ اهڙو جيئڻ،مون کي جهڙو اڌارو پيو لڳي، ۽ مان اهڙي قرض ۾ جيئڻ جهڙو ناهيان.“
ايترو چئي سندس اکيون ڀرجي آيون، جانو سندس ان ارمان کي سمجهي نه سگهيو. ۽ اٿي کيس ڳل ڳراٽڙي ڏئي وٺي اچي سندس ڪرسي تي ويهاريس.
جانو پنهنجي همدردانا ڪيفيت ۾، ڄڻ ڪنهن اڻڄاڻ پيڙاءَ جو درد محسوس ته ڪيو، پر ان وقت ربُو کان ان معاملي بابت ڪجهه پڇڻ لاءِ، سندس ئي ڪيفيت اجازت نه پي ڏني.
ربنواز جي اکين ۾ ڀرجي آيل پاڻي آخر ڳوڙهن جي شڪل ۾ وهي پيو. جانو سندس اهي لڙڪ اگهڻ چاهيا، ته کيس منع ڪندي چيائين ”بابا! انهن کي وهڻ ڏي، اهي اندر ۾ رهجي ويا ته، منهنجو اندر ڪچو ڪري وجهندا، جنهن کي مون نِهائين جيئن راڳي رات ڏينهن سنڀاليو آهي. اهو بند اڄ وري سالن کان پوءِ پنهنجي پُراڻ سبب ٽٽو آهي ته انهيءَ کي وهڻ ڏي، اڄ وري ا ُٿل کائي اکين کي آباد ڪيو اٿس ته، ڀلي من تي رهيل ڪا مَرُ، مصيبت ڌوئي ڇڏي!“
۽ ڪجهه دير جي خاموشي کانپوءِ وري چوڻ لڳو ”جان محمد! بابهين منهنجو حال محرم دوست هو، هو عظيم انسان هو، هن دوستيءَ ۾ مون سان ڪڏهن به دنگ نه ڪڍيو. جڏهن مان راتين جي رولاڪين ۾ پنهجي پريتم سان ملڻ ويندو هئس، ته پروگرام موجب مون سان گڏجي هلندو هو. هڪڙي رات مونکي چيائين ”ربنواز! دنيا ۾ جن کي محبت ملي تن کي به روئيندو ڏٺم ۽ جن کي ڪجهه نه مليو تن کي به تاحيات روئندو ڏٺم هي محبت بنهه ڪو عجيب معاملو آهي هي ته مضبوط کان مضبوط ماڻهو کي به اندران، اندر ٽوڙي، ٽُڪر، ٽُڪر ڪري ڇڏيندڙ آهي... ٿورو پنهنجو خيال رکجان يار؟“
جڏهن اها هدايت بابهين جي ياد آيم، تڏهن پنهنجي اندر جودرياءَ اٿلي پيم يار... سچ، پچ ته محبت ۾ جيئڻ هڪ عجيب ايذاءُ به آهي، ته اندر جي آڪار لاءِ پاڻ مارڻ واري هڪ پيڙاءُ به... زندگي اقرارن جي آکاڙي ۾ جيئارڻ سڀ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ماڻهو جي اندر ۾ هڪ اهڙي آگ ٻرندي رهي ٿي جيڪا نه وسامي ٿي، ۽ نه جلدي جلائي ڀسم ٿي ڪري! ٿي سگهي ٿو اها نه ڀسم ٿيندڙ آگ دوزخ جي باهه ۽ بهشت جي بهار، ٻنهي کي گڏي خدا اهڙي نه ختم ٿيندڙ جلن جوڙي هجي؟ جيڪا انسان کي جيئڻ ۽ مرڻ جي وچ ۾ رکي ٿي! ۽ ماڻهو نه جيئي ٿو نه مري ٿو!؟“
اهڙي طرح ربو هڪ دفعو وري پنهنجي ماضي جو باب کولي ويٺو. هُو رومانواد ڪون هو، سندس اهو پهريون ۽ آخري پيار هو. جنهن جو هو جانو سان وقت سِر ذڪر ڪندو رهيو. محبت سندس اندر جي اوطاق جا اهي سڀ دريون، دروازا پٽي اڇلي ڇڏيا هئا. جن جي تاڪجڻ سان ماڻهو جومن گُهٽجي، ٻُوساٽجي پنهنجي سوچ ۽ فڪر کي کُٽائي ختم ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ سندس نيتون دٻجي ڪِنيون ٿي ڌپ ڪري وينديون آهن.
ربو کي محبت اها راهه ۽ رستو نه ڏيکاريو هو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي سوچ ۽ خيال سان گڏ گهمندي پاڻ به الائي ڪٿي گُم ٿي ويندا آهن، ته پنهنجن دوستن کي به انهن اڻڄاڻ راهن ۾ رلائي وڃائي ڇڏيندا آهن.
هن کي ته محبت اهي راهون ۽ رمزون ڏنيون هيون جن کي زباني طرح کولي بيان ڪرڻ ته ڇا، پر سندس هڪ نظر جي اشاري سان به ماڻهو محبت جي راهه اختيار ڪري پي سگهيو.
ربو جي انهن پُراثر محبتي بيانن ۽ اشارن جانو کي به محبت جو قائل ڪري ڇڏيو.
ماڻهو جنهن شهر ۾ رهي ٿو، پنهنجي ضرورت وارو وکر به ان شهر مان ئي وٺندو آهي!
جانو ۾ محبت واري اڃ جاڳڻ کانپوءِ، هن گهر ۾ ربو جي سڀ کان ننڍي ڀاءُ جي ڌيءَ زليخا سان پنهنجي سڪ جو سڳو سبڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، ۽ زليخا به سندس انهيءَ محبتي محنت کي خوش آمديد چئي ڇڏيو هو. هنن ٻنهي پنهنجي دلين جا آواز ٻڌي ۽ سمجهي ورتا هئا.
پر جانو ان گهر جو ڀاتي ٿي رهڻ جي سبب ان ڪٽنب جي احترام ۾ ۽ ربو جي احسانن سبب هن خود کي لڪائي رکيو هو.
۽زليخا، جانو کي ڌاريي قبيلي جو سمجهي، پنهنجي قبيلي جي خوف کان خود کي ظاهر ڪرڻ مناسب ئي نه پي سمجهيو.
پر جيڪا محبت سندن وچ ۾ اوچتو سبجي سِلائي ٿي وئي هئي. تنهن مان هاڻ ٻئي هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار به نه هئا.
ان رات، ربو جنهن مهل پنهنجي دوست جي ياد ۾ خود کي رئاري ويٺو هو ۽ سندس اندر اُڌما کائڻ لڳو هو ان مهل ڪجهه دير کانپوءِ هن پنهنجي ڪيفيت بدلائڻ جي خيال سان جانو کان پڇيو ”جان محمد! هاڻ تون پهريان نوڪري ڪرڻ چاهيندين يا شادي، ڇا ايرادو آهي؟“
تڏهن جانو چيس ”چاچا سائين، اهي ٻئي ڪم منهنجي ته وس کان ٻاهر آهن! نوڪري لاءِ پيسو کپي، رشوت کان سواءِ نوڪري نٿي ملي!۽ شادي لاءِ... پيسو به کپي ته گهر به کپي، جڏهن ته منهنجو نه مِٽ نه مائٽ نه گهر، تڙ ۽ نه پيسو ڏوڪڙ!؟“
”نه ائين نه چئو، مائٽ تنهنجو مان آهيان ۽ ٻيو هو سجاول وارو تنهنجو مائٽ علي احمد، جنهن ڏانهن مهيني ۾ ٽي چڪر ته ڪندو آهين، سو اهڙي ڪم ۾ ڪم نه آيو ته پوءِ ٻيو تنهنجي ڪهڙي درد جي دوا ٿيندو. اسين ٻه ڄڻا ٿينداسين تنهنجي شادي کي منهن ڏئي وينداسين. هڪڙو شادي جو خرچ ڪندو ۽ ٻيو گهر جي معاملي کي منهن ڏيندو بس! ۽ باقي نوڪري ان لاءِ به همٿ ڪان هاربي، تون وڏي همٿ وارو جوان آهين، مان نٿو سمجهان ته نوڪري وٺڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو مسئلو هجي؟“
”پر چاچا توهان مون تي اڳيئي ايڏا وڏا احسان ڪيا آهن، جيڪي مان پنهنجي سڄي عمرلاهي ڪون سگهندس ۽ هاڻ وري وڌيڪ شادي وغيره جي لاءِ توهان کي خرچا ڪرايان اهو ته هاڻ مونکي منهنجو ضمير به اجازت نٿو ڏئي.“
”ڏس جان محمد، هونئن ته اسان جي فئملي جو فرد ٿي چڪو آهين، پر اصل سچ اهو آهي ته، تنهجو اهو دلي ۽ روحاني رشتو جهڙوڪر رڳو مون تائين محدود آهي. ۽ منهنجي هاڻي عمر جي لحاظ کان اها حالت آهي جو، مان پنهنجي هڪڙي ٽنگ... جهڙي قبر ۾ داخل ڪيو ويٺو آهيان- باقي هڪڙي ٽنگ اٿم دنيا ۾ ... مان ته هاڻ اهي خواب ئي ڪون ٿو ڏسان، جيڪي منهنجي عمر جا رڳو ڏهه ڏينهن وڌائي سگهن!... ماڻهو جڏهن پنهنجي موت کي ويجهو ايندو آهي. ته سندس حوصلي ۽ همٿ جي پوري خبر تڏهن پوندي آهي. مان ته، اڄ ڪلهه انهيءَ سوچ ۾ آهيان ته، خدا مونکان شل تيستائين حوصلو نه کسي جيستائين منهنجو موت مونکي پاڻ سان وٺي روانو نه ٿئي... پر جان محمد! موت جي ته ڪا مهل نه هوندي آهي. تنهن ڪري مان تنهنجي لاءِ اڃا به ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو، پر دل ٿي چوي ته، اهو جيترو جلد ٿي سگهي، ان ۾ هاڻ دير نه ڪريان.“
”چاچا مان اوهان جي احسانن جو قرضي آهيان، مان ته هاڻي پنهنجي ذاتي معاملي ۾ ڪجهه ڳالهاءِ به نٿو سگهان.“
”نه جان محمد، انهن کي احسان ڪون چئبو آهي! جنهن کي انسانيت چئبو آهي، تنهن جي ڀلائين کي، قرض جي شڪل ڏئي، ٿورن ۽ مهربانين ۾ شمار نه ڪبو آهي... ڀلا جي مون توتي احسان ڪيا آهن، ته ان جي بدلي ۾، مون تي اهو احسان ڪري، ٻڌائي ته پهريان شادي جو خيال آهي يا نوڪري جو؟“
”چاچا ڇو ٿا مون تي ايڏو زور ڀريو توهان؟“
”ڏس جان محمد، منهنجي هي محبت جي قولن ٻڌي حياتي، هڪ نانگي مسافر جيئان گذري آهي ۽ مان هاڻ پنهنجي سفر جي آخري پتڻ تي اچي بيٺو آهيان. پر پنهنجو موت ويجهو ڏسي مان اڃا ايڏو بيڪار۽ اندر ۾ ڪمزور ناهيان. مان اڃا تنهنجي ڪم اچي سگهان ٿو... بس الاءِ ڇو اها منهنجي اندر جي خواهش آهي، جنهن کي مان ماري نٿو سگهان.“
”مونکي ڪجهه سوچڻ جي مهلت ڏيو چاچا؟“ جانو ويچارگي مان چيو.
۽ربو چيس ”ڀلي ائين به ٺيڪ آهي... پر ٻن ڏينهن تائين، وڌيڪ انتظاري ڪرائي، منهنجي عمر نه کٽائجان؟ هونئن به منهنجي عمر جا ڏينهن شايد ڪي ٿورا باقي بتا هجن!“
”نه چاچا سائين، مان توهان کي ايڏو انتظار نه ڪرائيندس.“
جانو ايترو چئي وري تڪڙو ئي چوڻ لڳو ”هاڻ آرام ڪجي چاچا؟ هو ڏسو گهڙيال ۾ رات جا ٽي پيا ٿين!“
”نه، اڃا سمهون ڪون ٿا، سڀاڻي تون ڳالهيون ڪندين ته، چاچا ربنواز پڇاڙي پيريءَ ۾ بنهه ڀاڙيو ٿي پيو هو! پوڙهو ضرور آهيان پر اڃا تو جهڙي جي ٿڪائڻ جو ناهيان... تون ٿڪو هجين ته پوءِ اها ڳالهه ڪر؟“
”نه، چاچا، مان سمهي پوان ۽ توهان ويٺا هجو، ائين ٿي نٿو سگهي.“
”ته پوءِ، هينئن ڪر... ٻاهر ڏس ڪا هوٽل کليل هجي، ته چانهه پيار؟“
جانو ان مهل ئي اٿيو، ۽ دڪان کان ٻاهر نڪتو، پر سڄو شهر ننڊ جي موت ڳڙڪائي ڇڏيو هو، رات به ڪنهن طوائف جيان ستارن جي رقص ۾ پنهنجي جوڀن تان موٽ کائي هاڻ جهڙو پنهنجن پاپن جي پڇاڙي واري حصي ۾ داخل ٿي چڪي هئي، ماڻهو، ڇيڻهو جو آواز ته ڇا، پر ڪنهن جيتام جي چيچاهٽ به ٻڌڻ ۾ ڪون پي آئي بس رڳو ڪنهن، ڪنهن مهل ڪنهن گاڏي هلڻ جو ڪو هلڪو آواز ٻڌڻ ۾ پي آيو، جنهن مڙئي زندگي جو احساس پي ڏياريو، نه ته ائين پي لڳو ته، جهڙو هي دنيا وري جيئري ئي ڪون ٿيندي!
جانو کي ويجهڙ ۾ ڪا به هوٽل کليل نظر نه آئي ۽ هو خالي واپس اچي چوڻ لڳو ”چاچا پنهنجي ايريا جي اندر ڪائي هوٽل کليل ڪانهي، باقي چئو ته ڪجهه پنڌ اڳتي وڃي ڏسان؟“
”نه بابا! رات جي وقت، شهر ۾ هيڏانهن، هوڏانهن جو رولڙو صحيح نٿو لڳي، حالتون تنگ آهن، امن ته هن ملڪ ۾ڄايوئي ڪونهي... هن ملڪ ۾ امن جي ماءُ سان اجتماعي زنا ڪري ان کي سنڍڪري ڇڏيو اٿن، تنهن ڪري هاڻ هن ملڪ ۾ امن جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي! ... چانهه جي ڪوپ تان مڙس ئي چٽ... ڇڏينس کڻي، الماري ۾ ڏس Green Tea پيل هوندي اها تيار ڪر ته ٿڪ لاهيون.“
جانو الماري مان Green Tea ٿوري کنڊ ۽ هڪڙو ڇوڏو دالچيني جو کڻي، سگري ٻاري ڏهن منٽن ۾ ٻه ڪوپ چانهه جا تيار ڪري ورتا. چانهه پي توانا ٿيا ته، سندن ڪچهري ۾ وري هڪ نواڻ اچي وئي. هاڻ جانو جي من ۾ اها هورا کورا پيدا ٿي پئي، ته چاچا ربنواز کي اڄ ڪجهه گهر جي معاملي تي ڳالهرائجي، ته ٿي سگهي ٿو، زليخا جي به ڪا معلومات ملي پوي. انهيءَ خيال سان جان محمد هڪ هلڪي اوگرائي ڏئي پڇيس ”چاچا! گهر ۾ ته سڀئي، توهان جي هڪٻئي کان وڌيڪ عزت ڪندا آهن، توهان محسوس ڪريو ٿا ته، سڀ کان وڌيڪ توهان سان محبت ڪير ٿو ڪري!؟“
ته ربو کلندي چيس ”اهو ساڳي سوال مان توکان پڇان، ته مون کانسواءِ، باقي گهر ۾ تنهنجو وڌيڪ خيال، ڪوئي رکي ٿو؟“
”منهنجي ته ڳالهه الڳ ٿي نه چاچا؟“
”اهوئي ته منهنجي من ۾ گمان رهيو آهي، ته تون گهروارن کان خود کي الڳ رکندو آيو آهين، توڻي جو گهر وارن توکي ڪڏهن ڌاريو تصور نه ڪيو آهي... جان محمد ڪنهن سان گڏ رهڻ کانپوءِ، خود کي الڳ ۽ نرالو رکڻ معنيٰ پنهنجي لاءِ پريشانيون پاڻ پيدا ڪرڻ وارو عمل آهي! ۽ ٻيو ته اهڙو ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ ورهائجو وڃي... زندگي لاءِ ڪنهن قسم جي ورهاست يا ورڇ ماڻهو کي اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ اقليت غلاميءَ جو اصل نالو آهي.“
”مون اهو ڪڏهن سوچيو به ناهي چاچا، ته گهروارا مونکي پنهنجو غلام ٿا سمجهن، پر توهان جي ڳالهه کي به رد نٿو ڏئي سگهجي، ليڪن اهو به هڪ سچ آهي ته، دلين جا رشتا ڳنڍيندڙ خدا بي پرواهه جي ذات آهي. باقي انسان ته، رڳو رسمي رشتن جي اٽڪل ۾ ٿو گذاري، ۽ خدا ٿو ڏسي ته، مان توهان ۽ گهر وارن جي تعلقاتن سان ڪڏهن به اٽڪل بازي نه رکي آهي.“
”اڙي بابا جان محمد! ان کان به وڌيڪ وڏو سچ اهو آهي ته، هي زندگي، معاملن جو هڪ اهڙو اڻ کٽ سلسلو آهي، جنهن ۾ نه چاهيندي به، ماڻهو ويچارو اٽڪلون ڪري ٿو. ۽ اها ماڻهو جي مجبوري آهي ته، زندگي جي رشتي سان نباهڻ خاطر، نه چاهيندي به هو ڪڏهن، ڪڏهن اٽڪل بازي ۾ اٽڪي پوي ٿو ۽ زندگي جي معاملي ۾ اهو ايڏو ڪو وڏو ڏوهه به ڪونهي... تو زندگي جي نباهه لاءِ ڪا اٽڪل نه ڪئي آهي، ته اهو تنهنجو ذاتي عمل آهي، پر زندگي ۾ آخر ڪڏهن ڪا اٽڪل ڳلي به پئجو وڃي! ۽ پوءِ اٽڪل سان به اٽڪل ڪرڻي پوي ٿي!“
ربو اهو ايترو ڪجهه ان نيت سان پي چيو ته، هن ٻيڙي تريي، جان محمد کي اسان جي ڪٽنب سان گڏ رهندي لڳ، ڀڳ اٺ سال اچي ٿيا آهن، پر گهر ۾ ڪنهن سان پنهنجي ويجهڙائپ به شايد ٺاهي نه سگهيو آهي. جي سندس دل چاهي ها ته، مان کيس پنهنجي ڪٽنب مان به شادي ڪرائي پي سگهيس، شايد هن خود کي احسانمند سمجهي ان معاملي ۾ پنهنجي نيت کي به ماري ڇڏيو هجي.“
ايترو سوچي، وري خيال آيس ته ”ٿي سگهي ٿو، انسان آهي، سندس سيني ۾ زنده دل پيل آهي... گهر ۾ ڪنهن سان سندس ڪا ويجهڙائپ هجي به؟ ۽ هي ڪنهن ادب، احترام ۽ حجابن وچان چئي ٻڌائي نه سگهندو هجي؟“
بس ان خيال کي اتي ئي روڪيندي، هاڻ هن جانو جي من اندر مان سندس دل جو رايو کوٽي ڪڍڻ جي ڪوشش سان هن جانو کان پڇيو ”منهنجي ڳالهه توکي سمجهه ۾ آئي؟ ته زندگي سان نِباهه خاطر، ماڻهو اٽڪل بازي ۾ اٽڪي پوي ٿو؟“
عجب صورتحال هئي، ٻئي هڪڙيئي ساڳي معاملي جي مُنجهه ۾ هڪٻئي جي دلين ۾ جهاتيون پائڻ لڳا، پر ڪير هو وچ ۾ جنهن ٻنهي جي دلين واري ساڳي راز کي، ٻنهي کان پي لڪايو!؟ شايد اِها ئي اُها هستي آهي، جنهن خود کي به سڀن کان لڪائي رکيو آهي.
جانو پنهنجي دل جو راز ڪجهه ترسي، ترسي ڏيئڻ واري نيت سان جواب ڏنو ”چاچا! ته بس توهان ائين سمجهو ته، مان ڪا اٽڪل ڪري پيو پڇان ته، گهر ۾ سڀ کان وڌيڪ محبت، توهان سان ڪهڙو فرد ڪندو آهي؟“
جان محمد جو ان سوال تي اٽڪي بيهڻ سان، ربو کيس، سڌو، سڌو چئي ڏنو ”جان محمد، توکي تقريبن اٺ سال اچي ٿيا آهن مون سان گڏ رهندي تون مونکي چڱي طرح سمجهي چڪو هوندي ته مان آزاد خيال ۽ کليل ذهن وارو ماڻهو آهيان، جو ڪجهه به چئجي، چئي ڏجي. من ۾ لڪائڻ سان ماڻهو جي ماڻهپي تي زنگ ٿو چڙهي، منهنجي اها ڳالهه توکي هاڻ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ٿي؟“
”جي ها، بلڪل... معنيٰ ته پنهنجن سان پردا ڪون ڪبا آهن“ جانو پنهنجو کليو اظهار ڪيو، ته ربو چوڻ لڳس ”ٺيڪ، بلڪل ٺيڪ ته پوءِ هاڻ مان توکان اهو ٿو پڇان ته، جيئن تو ٿوري دير اڳ ۾، خدا وچ ۾ وجهي چيو ته، مون ڪا به اٽڪل بازي نه ڪئي آهي... ائين مان به خدا وچ ۾ وجهي توکان پڇان ٿو، ته گهر وارن مان ڪنهن ماڻهو جي توسان ڪا چاهت، پيار، يا محبت آهي؟“
”جانو خاموش ٿي، ٺري، ٺپي ويو، سوچيائين ته، هاڻ ڪجهه لڪائڻ سان، شايد پنهنجي اعتماد ۽ پنهنجي ساک کي نقصان رسائيندس، بس پوءِ نيٺ دل جهلي چوڻ لڳو ”چاچا پيار، محبت کي ته اٽڪل ڪون چئبو آهي؟“
”ها! تون درست آهين، پر تون ڪجهه دير لاءِ کڻي ائين سمجهه ته ان کي مون پنهنجي ڪنهن مقصد طوراستعمال پي ڪيو... ليڪن مون کي، منهنجي سوال جو، توکي سڌو جواب ڏيئڻو پوندو؟“
۽ جانو بس سڌو، سڌو جواب ڦهڪائي ڏنو ته ”مان سمجهان ٿو ته، زليخا، مونکي چاهي ٿي چاچا“
”۽ تون؟“
”مان توهان سان انڪار نٿو ڪري سگهان؟“ ۽ دل ۾ چيائين کٽي ڀاڳ“
۽ ربو وڏي اتساهه مان چيو ”واهه! ... ويري گڊ ... اڄوڪي رات وارو اوجاڳو سجايو ٿيو جان محمد... ڪنهن ماڻهو کي مڪمل ڪري، مان سمجهان ٿو ته، مون پنهنجي انسانيت مڪمل ڪئي.“
ائين چئي ۽ پوءِ جانو ۾ پنهنجائپ واري نظر سان ڏٺائين، جيڪو ڄڻ ڪنهن گنهگار جيئان ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هو، ربو سندس ان احترا ۽ شرم حضوري واري ڪيفيت ٽوڙڻ خاطر سندس دل وڌائيندي چوڻ لڳس ”مان محسوس پيو ڪيان ته، هن وقت تنهنجي من ۾ ان معاملي مطابق هڪ هلڪو خوف آهي. پر اهو هئڻ گهرجي جان محمد... پنهنجائپ لاءِ اهڙو خوف انسان ۾سندس انسانيت کي دائم رکي ٿو... منهن مٿي کڻي مون کي ڏس، مان ڪيڏو خوش آهيان. تو ته، اڄ منهنجي عمر جا الائي ڪيترا ڏينهن وڌائي ڇڏيا.“
جانو منهن مٿي کنيو، ته سندس منهن ۾ گهٻراهٽ ڏسي چوڻ لڳس ”نه! پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. خبر اٿئي مان تنهنجي اهڙي اقراري جواب لاءِ ڪيڏي تجسس ۾ هئس... مان ڪنهن انتظار ۾ هئس، مون کي خوف هو، ته ڪٿي تون به مون وانگيان اڪيلو نانگو نه رهجي وڃين!“
جانو ڪجهه دير لاءِ منهن مٿي ڪري، وري به پنهنجو ڪنڌ ائين هيٺ جهڪائي ڇڏيائين جو جهڙو ربو کي پنهنجائپ جو وڌيڪ احساس ڏياري. پاڻ کي وڻائڻ جي ڪوشش ڪندو هجي پر ٻنهي جي وچ ۾ پنهنجائپ هاڻ محبت جي ٻج سان پنهنجون پاڙون پختيون ڪري چڪي هئي. تنهن ڪري ڌاريائپ جي گمان جو وجود ئي نه رهيو هو.
بي اي پاس واري خوشيءَ ۾، سڄي رات ڪچهري ڪندي، هنن کي فجر ٿي چڪو هو اسر واريون صدائون روانيون ٿي چڪيون هيون، شهر ۾ هر طرف کان آذان جي پڪار ٻڌڻ ۾ اچي رهي هئي. آّذان مڪمل ٻڌي ڪلمو پڙهي، ربو چوڻ لڳو ”جان محمد! هاڻ دعاڪجان، ته خدا انهيءَ آذان جي صدقي، اسان جي به التجا اگهائي، ته تنهنجي شادي واري معاملي ۾ ڪا آساني پيدا ٿي پوي؟“
جانو سندس نيڪ نيتي واري اهڙي اظهار مان، پنهنجي من واري خوشي ماپي نه پي سگهيو پر ظاهري طرح پنهنجي من جي اها مسرت لڪائيندي چيائين ”چاچا هاڻ ته ڏينهن ٿي ويو آهي، مان ڏسان، گهر وڃي، ڪو ناشتي جو انتظام ڪيان... ۽ اڄ مان دڪان پاڻهي سنڀاليندس، توهان اڄ آرام ڪجو؟“
”نه! اڄ ڇُوٽي ٿا ڪيون جان محمد... اوجاڳي ۾ ڪم ڪار ڪون ٿي سگهندو، پنهنجو دڪان آهي... مزدور ته ناهيون ڪنهن جا، منجهند کانپوءِ ڏسنداسون ان ڳالهه کي... تون وڃ گهر، ڪو ناشتي جو بلو فلحال ڪر. خالي پيٽ سمهڻ صحت لاءِ سٺو ناهي، باقي دڪان فلحال نه کولجانءِ، بس هڪڙو طاق کولي گهران ڪجهه ٺهرائي اچ... منهنجي لاءِ هڪ اڦراٽو ۽ بيدو آڻجان.“
سج ته اڃا ڪون نڪتو هو، پر ڏينهن پڌرو ٿي چڪو هو. چئني طرفن کان انساني هُل آهستي، آهستي وڌڻ لڳو هو، اهو دنيا جو ڪائون جنم هو، تنهن جي ڪنهن کي ڪا خبر ڪان هئي.
جانو ناشتي جي لاءِ گهر ويو، گهر ۾ اچڻ، وڃڻ ته هن جو رات ڏينهن ٿيندو ئي رهندو هو. پر ان ڏينهن گهر ۾ داخل ٿيڻ وارو انداز ئي سندس نرالو هو. گهر ته اهو ئي ساڳيو، گهر جا ماڻهو به اهي ساڳيا، ڪا شيءَ ڪان بدلي هئي، بدليو هو ته، هاڻ رڳو جانو بدليو هو، ربو سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪري ڇڏڻ کانپوءِ، اهو گهر هاڻ سندس محبوبا جو گهر بڻجي پيو هو، گهر جي هر شيءَ کي، سندس نظرن ۾ وڏي اهميت ملي وئي هئي. ائين پي کيس محسوس ٿيو، جو ڄڻ زندگيءَ جون سموريون جنگيون هن کٽي ورتيون هيون.
گهر ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ هن ناشتي ٺهرائڻ کان وڌيڪ، اها پي ڪوشش ڪئي ته، ڪهڙي طرح سان زليخا کي به، ان حقيقت کان هينئر ئي واقف ڪندو وڃا؟
گهر جا تقريبن سڀئي فرد بيدار ٿي چڪا هئا، جانو ناشتي جي لاءِ سڌو اچي زليخا جي ماءُ کي چيو، جنهن کيس چيس ”ها، تون ويهه، مان اِجهي تيار ٿي ڪري وٺان... ويهه وڃجانءِ نه؟... ناشتو کنيو وڃجان... صبح سويلي دڪان تي اچڻ لاءِ ٻار چيو نٿا مڃين ۽ ناشتو ‎ٺريو وڃي ته، ادا ربنواز رنج ٿو ٿئي!“
جانو گهر جي ورانڊي ۾ خالي کٽ پيل ڏسي اڃا ويٺوئي مس ته، ڪمري مان زليخا اکيون مهٽيندي ٻاهر نڪتي، زليخا کي پنهنجي پاسي مان لنگهندو ڏسي، سندس ٻن اکين مان ڄڻ چار اکيون ٿي پيون! هن پنهنجي هوشياري سان، پنهنجي هڪڙي ٽنگ وڌائي، پنهنجو پيرزليخا جي ٽنگ ۾ هنيائين ته زليخا سندس منهن ۾ ڏسي، پنهنجي اکين جي ٻولي ۾ ئي پڇڻ لڳس ”ڇا ٿو چوين!؟“
۽ جانو بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي آهستي چيس ”رات مان پنهنجي پيار واري ڪهاڻي چاچا ربنواز کي ٻڌائي ڇڏي. ۽ هو ڏاڍو خوش ٿيو... شادي ڪندييئن نه مون سان!؟“
۽ زليخا ان ڏينهن واري پنهنجي پهرين کل، جانو سان کلندي هلي وئي.
جانو ۽ زليخا جي پيار واري خبر پوڻ کانپوءِ ربو کي وقت جي رفتار ڄڻ تيز محسوس ٿيڻ لڳي، ٻه مهينا گذري ويا سرءُ جي موسم سور ورهائي رواني ٿي۽ سيارو سڪ جون ڀريون کڻي سنڌ ۾ اچي لٿوهو.
ڊسمبر جو مهينو هو، ربو هاڻ دڪان جي هر ڪم کان آجو، اڪثر پنهنجي ڪمري جي حوالي هوندو هو... هن پنهنجي صحت کي هر حوالي سان سنڀالي رکيو هو. پيريءَ ۾ ته داخل ٿي چڪو هو، پر سندس رت اڃا ڪنوارو هو! هن زندگي ۾ پنهنجي محبت واري پيڙاءُ کانسواءِ باقي ٻي ڪا وڏي بيماري ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. ۽ پنهنجي سوچ کي به، بيڪار ۽ بي مقصد خيالن جي بيمارين کان به بچائي رکيو هو.
صاف سٿرو پائڻ، ٿورو ۽ هلڪو کاڌو کائڻ، پورو پُنو آرام، ٺٺ ٺانگر ۽ پيسي، ڏوڪڙ سان دلچسپي نه هئڻ جي برابر!
وقت جو پابند، ۽ زندگي جي معاملي ۾ غير سنجيدگي کي ناپسند ڪندو هو.
هُو حضرت علي رضه جي ان قول کي دُهرائيندو رهندو هو ته ”دنيا وارا سوارن جيئان آهن، جو انهن اڃا مس منزل ڪئي، ته هڪليندڙن کين للڪاريو ۽ اهي هليا ويا... ڳالهايو ته جيئن سڃاتا وڃو، ڇو ته ماڻهو پنهنجي زبان هيٺان لڪل آهي.“(حضرت علي رضه)“
ربو صوفي صنف جو ماڻهو هو، ۽ اڪثر عثمان مروندي (قلندر) جو اهو شعر به دل کي ٻڌائيندو رهندو هو.
”از خيال غير حق، بيگانه باش
ايء دل اگر، عاشق ديوانه باش“
(عثمان مروندي)
”اي دل جيڪڏهن عشق آهي، ته تون ديوانن وانگر رهه ۽ غير حق جي خيال کي دل مان ڪڍي ڇڏ.“
هن پنهنجي محبت ۽ وفا ۾ سچائي سان نباهيو هو، توڙي جو سندس زندگي جي وڻ کي، بادِ خزان جهڙين هوائن لوڏيو، ضرور هو، پر تنهن رڳو، سندس پيار جي پنن کي پي ڇاڻيو، باقي هي سڀ سَٽون سهي چڪو هو.
سندس خيالن جي موسم به ڪيتريون ئي چؤماسن جون هوائون ۽ آلودا طوفان اٿاريا هئا، پر هي ته پنهنجي اندر جو ڌوٻي به پاڻ هو. تنهن خيالن جي گندگي ۽ سوچن جي واچوئڙن سان چڱي طرح ۽ مضبوطي سان مقابلو ڪري، خود کي قابو ڪري رکيو هو.
پر هاڻ دنيا، جهان جا جهڳڙا هن سان وڙهي، وڙهي هو پاڻ ٿڪي پيا هئا. دنيا جي لذت سان، هاڻ نه هن کي ڪا دلچسپي هئي، ۽ نه دنيا کي به هاڻ هن مان ڪو مزو ٿي آيو.
سندس ذهن زماني جي زنگ آلود معاملن کان به آزاد ٿي چڪو هو. بس هاڻ هي رڳو، جانو ۽ زليخا جي شادي جي معاملي ۾ بيچين ٿي پيو هو. شايد سندس زندگي جي مقصدن مان اهو هاڻ آخري مقصد هو، باقي قسمت جا ڪم هن ڄڻ خدا جي حوالي ڪري ڇڏيا.
زليخا جو پيءُ هن جو سڀن کان ننڍو ڀاءُ هو، ان جي عمر تقريبن پنجونجاهه سال کن هئي، پر پاڻ ننڍڙو ذهن، هلڪي طبيعت پوري پني سوچ ۽ مذهبي ذهن وارو ماڻهو هو.
ربو کي ڊپ هو ته، زليخا جو رشتو، جان محمد لاءِ مشڪل قبول ڪري؟ پر ربو خود کي پوءِ به مايوس ڪون پِي ڪيو، هي انهيءَ سوچ ۾ هو ته، ”جانو ۽ زليخا جي شادي ۽ انهن لاءِ هڪ ننڍڙو گهر ڇپر ڇانءُ لاءِ به ضروري آهي.“
سندس سوچ مطابق، اهو معاملو ايترو تڪڙو ايندو، ان لاءِ هن سوچيو ئي ڪون هو، ۽ نه ان جي تياري به ڪئي هئي.
صبح جو وقت هو ربو پنهنجي ڪمري ۾ ليٽيل هو، جانو دڪان جي ڪنهن نئين فٽنگ جي ڪم ۾ سڄي رات ڪون ستو هو. پر ڪم پوءِ به سڄي رات ۾ مڪمل ٿي نه سگهيو هو ۽ صبح جو به جانو ته سمهڻ نه پي چاهيو، پر ننڊ جو موت ماڻهو جو پيڇو ڇڏيندو ئي ناهي.
صبح جو ڪجهه دير کان پوءِ، جانو جي اکين ۾ ننڊ جي موت جلن پيدا ڪري وڌي، آخر تنگ ٿي، دڪان اندران بند ڪري جانو به سمهي پيو ۽ ربو ته اڳيئي ستل هو. سو ٻن ڪلاڪن جي ننڊ کانپوءِ جاڳيو ته، بدن ۾ هلڪو ٿڪ محسوس ڪيائين، سياري جي موسم هئي. راتيون ماڻهن جي خيالن جيئان ڊگهيون ۽ڏينهن نيتن جيئان ننڍڙا هئا.
ربو گهڙيال ۾ ڏٺو ته ڏينهن جا يارنهن ٿيا هئا. هي پنهنجي بيڊ تان اٿيو ۽ وهنجي ڪپڙا بدلائي، بدن هلڪو ڪري، ٽي وي تي خبرون ٻڌڻ ويهي رهيو.
جانو ۾ جواني جو رت هو، جنهن تي ننڊڪاهه ڪري ائين غلبو ڪيو هو، جيئن محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪري، قتل ۽ غارت جي ذريعي سنڌين جا ذهن بي ستا ڪري ڇڏيا هئا... جانو جو ذهن به ننڊ نهوڙي ائين بي موت ماري بي سَتو ڪري ڇڏيو هو. تنهن پنهنجي ان گهَريِ ننڊ ۾ خواب پي ڏٺو ته، سندس مرحوم ماءُ، سندس هٿن پيرن تي ميندي رکي سندس شاديءَ جا سهرا پئي ڳائي ته وري روئي به پئي! هن پنهنجي ماءُ کان پڇيو ”امان تون روئين ڇو پئي!؟“
ماءُ چيس ”جانو پٽ، هنن ڳوڙهن ۾ غور سان ڏس، منهنجن انهن ڳوڙهن ۾ توکي سڄي دنيا نظر ايندي، جيڪا مون بدنصيب جيئان پنهنجن خواهشن خاطر توکي ماتم ۽ شرنائين جي وچ ۾ منهنجي لڙڪن جيئان ڊوڙندي نظر ايندي... جانو پٽ! هي شادي جي ڪجهه گهڙين واري خوشي، ماڻهو کي دنيا جي الائي ڪيترن اڻ ڏٺل غمن سان به گڏائي ٿي ڇڏي ... بس هڪ ماءُ جي ناتي سان، تنهنجي باقي عمر جي حال تي سوچيندي، منهنجا ڳوڙها ڳڙي پيا. پر تون ڇو ٿو پريشان ٿيئن؟ مان تنهنجي ماءُ آهيان، روئڻ کلڻ ته، هر ماءُ جي مقدر ۾ آهي پٽ!“
”نه امان مان توهان کي روئندو نٿو ڏسي سگهان.“
تڏهن ماءُ کيس پيار وچان، سندس گول ڳِٽي ۾ چهنڊڙو وجهي، ٿورو ڌوڻو ڏنس ته، سندس خواب ٽٽي پيو ۽ پاڻ ڇرڪ ڀري جاڳي پيو ته، سندس اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون، ۽ ربو سندس اکين ۾ ڏسي چيس ”سمهي پئو جان محمد! تو اڃا ننڊ پوري نه ڪئي آهي،تنهنجن اجاڳيل اکين ۾ اڃا ڏس، پاڻي پيو تري!“
جانو دل ۾ چيو ”هاءِ ڙي بي خبري، دلين جا خون هميشه توئي خشڪ ڪيا آهن“
۽ پوءِ خواب واري حقيقت لڪائيندي ربو کي چيائين ”چاچا سياري ۾ ڏينهن جو گهڻو سمهڻ، ماڻهو کي بيمار ٿو ڪري وجهي.“
”ها! اها ڳالهه صحيح آهي.“ ربو سندس جواب سان سهمت ٿيندي چيو.
هاڻ جانو به وهنجي، ڪپڙا بدلائي دڪان کولي ڇڏيو ۽ آسڻ جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي چيائين ”چاچا، بک ڪان لڳي اٿَو؟ يا نيرن پاڻي ڪري ويٺا آهيو.؟“
”اڙي بابا انسان ويچارو ته پنهنجي سڄي عمر ۾ بک مان ته ڀاڪر ڪڍي ئي ڪون ٿو ... مان به ته ماڻهو آهيان معافي ته بک مونکي به ڪان ڏيندي! ... پر مان هاڻي گهر ٿو وڃي کاوان ۽ تنهنجي لاءِ دڪان تي موڪليان ٿو.“
ربو گهر هليو ويو، پر ان ڏينهن گهر پهچندي ئي، زليخا جي ماءُ کي پنهنجي منهن ويهاري چوڻ لڳس ”بس هاڻ توکي گهڻي دير ويهاري، ڊگهيون ڳالهيون ڪون ٿا ڪريون. ڳالهه توکي ٻن اکرن ۾ ٻڌايان ته، پنهنجي ڌيئڙي زليخا، مان پنهنجي دل ۾ جان محمد جي نالي ڪري ڇڏي آهي. تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
”ادا تون گهر جو وڏو آهين، مان توکي ڪيئن ٿي جواب ڏئي سگهان. باقي پڻس شل راضي ٿئي، هُن ۾ ته ان ڳالهه جو اُلڪوئي نٿي ڏسان، آهي به روزي، نماز جو پابند، پر کيس نياڻي جو بار نظر ئي نٿو اچي!؟“
”مان ساڻس ڳالهائيندس، پر تون ڪجهه ٽيڪو ڪرائجان... جان محمد لکيو پڙهيو سٺو ڇوڪرو آهي. ۽ وڏي ڳالهه ته، اسان پنهنجو ڪري سنڀاليو آهي، جهڙو گهر جو ڀاتي ٿي رهيو آهي. ۽ سياڻو ڇوڪرو به آهي، بس هاڻي زليخا ان جي آهي، مونکي رڳو تنهنجي مرضي ڏسڻي هئي، باقي هن تو واري مُلي کي سڀ گڏجي پيا منهن ڏينداسين.“
اهڙي طرح سان، ربو زليخا جي ماءُ کي جهڙو مڪمل راضي ڪري ورتو ۽ پوءِ وري، ٻه ٽي ڏينهن سهي، هن ٻنهي زال مڙس کي گڏ ويهاري سندن گڏيل راضپي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ته، سندس ڀاءُ مُلو چوڻ لڳو ”ادا تون درويش آهين! ... جانو جو ته، نه راڄ نه ڀاڳ، نه گهر نه تڙ، مان پنهنجي نياڻي ايئن ان سُڃي سر کي پرڻائي ڇڏيان؟ جنهنجو پنهنجو نه روزگار، نه ڪاروبار! تون ايترو ته سوچ، جنهن زليخا کي تون سورن ۾ٿو وجهين، سا رڳو منهنجي ڌيءُ آهي ڇا؟ تنهنجو به ته ٻچو آهي؟“
تڏهن ربو سندس ذاتي ذميواري جو احساس ڏيئاريندي چيس ”بابا لائق نياڻي جو بار، مائٽ کي ٿڪائي ٿو وجهي، مان پنهنجي نياڻي سمجهي ته، توتان بار لاهڻ ٿو چاهيان!“
”مونکي تون ٿو ٿڪائين، باقي زليخا جي بار ۾ مان ٿڪو ناهيان.“ مُلي ٿورو کَهري لهجي ۾ چيو، پر ربو کيس سنجيدگي سان چيس ”هڪ لائق نياڻي جي پيءُ کي اهڙو ٿڪ هئڻ گهُرجي منهنجا ڀاءُ... تون منهنجي ڳالهه سمجهين ڇو نٿو؟ مون کي به اوتري پياري آهي جيتري توکي... مان هن مان بيزار ٿي، ان کي نه پيو پرڻايان، هُو ته ٻئي هڪٻئي کي پسند ڪن ٿا... اسان کي سندن پسند جو احترام ڪرڻو پوندو!؟“
ته مُلي چيو ”ڏس ادا، اها جيڪا تون پسند واري ڳالهه ٿو ڪرين، ته ان ۾ مان پنهنجي نياڻي کي اڇليندس ته ڪون... ڇا آهي جانو وٽ؟ جو اسان سندن پسند جو احترام ڪريون... مان کيس ٺلهن هٿن تي، پنهنجي سياڻي، سهاڳي خيرات ۾ ڏئي ڇڏيانس، ائين؟“
”ڏس مولوي!مان زليخا جو نصيب وڪڻان ڪون پيو، جو تون اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين! مان توکي ايترو ٻڌائي ڇڏيان، ته سندن پسند جي خلاف، سڀاڻي ڪو فيصلو ٿئي ٿو... ته اهڙي غلطي جو ذميوار تون هوندين؟ ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان، ان جو پڇاڻو توکي ئي ڏيئڻو پوندو؟... تون ڀلي ڏينهن، ٻه، سوچ پر منهنجي مرضي به ڌيان ۾ رکجان؟“... ۽ ٿي سگهي ٿو، منهنجي اها آخري خواهش به هجي!“
ربو جي ايتري ڪوشش کانپوءِ به، سندس ڀاءُ ڪوئي خاطر خواهه جواب ڪون ڏنس، ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن رکي. ربو، هڪ رات جانو کي چيو ”جان محمد! نه تو پاڻ پيسو، ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪيو، ۽ نه وري مون به توکي اهڙي ڪا صلاح ڏني، پر هاڻ تنهنجي لاءِ ڪجهه پئسن جو هجڻ تمام ضروري ٿي پيو آهي. جنهن جو توکي اڃا علم ڪونهي... تو نوڪري لاءِ درخواست ڏني هئي، ان جي به اڃا ڪا يقين جوڳي اميد نظر نه پئي اچي ۽ مان تنهنجي لاءِ جيڪو فيصلو ڪري ويٺو آهيان، ان کان به تون اڻڄاڻ آهين... خير ان ۾ ته مونکي تون نااميد ڪون ڪندين؟“ جانو سندس هلندڙ بياني ۾ چيس ” چاچا سائين، توهان اها ڳالهه ڪيئن ٿا ڪريو، منهنجو سڀ ڪجهه توهان ئي آهيو، توهان کي نااميد ڪري، مان پنهنجي انسانيت جو قتل ڪون ڪندس، توهان بس رڳو هڪ دفعو، مونکي حقيقت کان واقف ڪريو، ڪٿي ائين نه ٿئي، جو مان اڻ ڄاڻائي ۾، ڪا غلطي ڪري توهان جي دل رنجائي وجهان؟“
”ته پوءِ ٻڌ جان محمد. تنهنجي شادي لاءِ، زليخا جي گهُر ڪري چڪو آهيان، ته زليخا تنهنجي آهي ۽ تنهنجي لاءِ آهي، بس مهيني، ٻن ۾ اسان ٻنهي، توکي ۽ مونکي اهو معاملو حل ڪرڻو آهي؟“
جانو اها ڳالهه ٻڌي، پاڻ تائين دنگ رهجي ويو. کيس اها توقع ئي ڪان هئي ته، پنهنجن کان ڌڪارجي، اڪيلو يتيم ٿي وڃڻ کانپوءِ به، زندگي ۾ ڪا اهڙي شخصيت يا انسانيت به مون تي ايڏو احسان ڪندي، جنهن جي بدلي ۾ مان چند لفظن جي شڪراني کانسواءِ ٻيو ڪجهه عطا ڪري نه سگهندس، هن بس ٽٽل، ڦٽل لفظن ۾ ربو کي چيو ”چاچا ايڏي وڏي ذميواري جو وزن مون تي رکو پيا، جنهن جي مان اهل ئي ڪون هئس.“
”ڏس جان محمد! اوهان هڪٻئي کي چاهيو ٿا، هڪٻئي کي پسند ٿا ڪريو... دنيا ۾ پيار، محبت ئي ته آهي، جيڪا ماڻهو ۾ اهليت پيدا ڪري ٿي، جيڪڏهن تنهنجي من ۾ سچي محبت آهي، ته پوءِ توکي يقين هئڻ گهرجي، ته اهليت تنهنجي محتاج آهي، جيڪا بس رڳو گهربل وقت تي ڪم ايندي رهندي ۽ سڀئي شيون انسان کي هڪ ئي وقت حاصل نٿيون ٿين... هي ڊسمبرجو مهينو آهي ۽ ايندڙ مارچ مهيني ۾ جيئن ئي سموري سنڌ جا گل خوشبوءَ ڏئي کلن... تيئن مان توهان ٻنهي کي ان گلزاري سان گڏ کلندي ڏسڻ ٿو چاهيان... ڇا خيال آهي تنهنجو؟“
”چاچا مان ته ڪجهه نٿو چئي سگهان، منهنجو حال توهان کي ساريو پيو آهي؟“ جانو ويچارگي مان چيو.
”رڳو پنهنجي حال تي سوچي، سوچي پنهنجي دل ٿڪائي وجهڻ، اها ته ڪا مردانگي ڪان چئبي؟ حال کي سنڀالي وٺٻو چريا! رڳو ايترو ٻڌائي مارچ وارو مهينو ٺيڪ رهندو... ڪجهه ٿورو وقت وچ ۾ آهي، پنهنجو ذهن ٺاهي وٺجان... مان هاڻي ڪمزور ٿي چڪو آهيان ۽ جسماني طور مان سواءِ پنهنجي ڳالهين، صلاحن جي باقي تنهنجي ڪا مدد ڪري نه سگهندس... سڀاڻي معاملو ڪهڙي طرح ٿو حل ٿئي، ان لاءِ توکي ذهني طرح تيار رهڻو پوندو.“
ربو، جانو کي هر طرح ۽ هر حوالي کان مضبوط ۽ پُختو ڪرڻ پي چاهيو کيس خدشو هو ته، معاملو خوش اصلوبيءَ سان حل ٿيڻ شايد مشڪل ٿي پوي“ تنهن ڪري هن جانو کي بار، بار پي همٿايو، ته ڪٿي هو پنهنجي اڻ هوند واري ويچار ۾، پنهنجي همٿ نه هاري ويهي“
ربو پنهنجي ڪجهه رقم بينڪ ۾ ٽاري ڇڏي هئي، سابه انهيءَ خيال سان ته، اهي پيسا ڀلي هڪڙي پاسي ٽريا پيا هجن، ڪنهن ڏکئي وقت، مهل ڪم اچي ويندا“ پر انهن پيسن جي خبر ٻئي ڪنهن بِني بشر کي ڪان هئي.
هاڻ هن سوچيو ته ”جي ضرورت پئي ته، ان مان ڪجهه رقم جانو لاءِ ڪڍرائي وٺبي.“
ربو هڪ ڏينهن پنهنجي گهر ۾ وري به، پنهنجي ڀاءُ مُلي سان ساڳيو ذڪر ڇيڙيو، ته زليخا کانسواءِ باقي گهر جا سڀ ڀاتي اچي گڏٿيا هئا. جيئن ئي زليخا جي شادي جو ذڪر گهر ۾ ٿيو هو، ته ڪجهه ڏينهن کان آهستي، آهستي سڄي گهر۾ هاڻ رڳو زليخا ۽ جانو جو ذڪر هو.
سڄو گهر ان رشتي ۾ راضي ۽ خوش هو، بس رڳو هڪ زليخا جو پيءُ جيڪو پنهنجي ضد ۾ اڙيو بيٺو هو! پر هڪ ڏينهن سندس زال انهيءَ بهاني تي راضي ڪري بيهاريو هو ته، ”جانو کي پنهنجو گهر ناٺي ڪري پاڻ سان گڏ رهائينداسين!“
هو ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو هو، جڏهن سڀني گهر ڀاتين اڳيان ربو کانئس پڇيو ”تو مونکي اڃا، منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو آهي؟... مان چوان ٿو منهنجا ڀاءَ، مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڇو نٿو ڪرين؟ مان تنهنجو وڏو ڀاءُ آهيان، مون کي پنهنجي خاندان جو توکان وڌيڪ اونو آهي... رڳو روزي، نماز تي گهر ڪون هلندا آهن. پنهنجي اولاد جو حق ادا ڪرڻ به فرض آهي. ڇڏ پنهنجي ضد کي... مونکي عزت ڏي، انهيءَ ۾ تنهنجي عزت آهي.“
ربو جي منٿ ميڙ کان علاوه، زليخا جي ماءُ ان معاملي لاءِ هالا مان پنهنجي وڏي ڀاءُ کي گهرايو هو، تنهن به زليخا جي پيءُ کي گهڻو ڪجهه سمجهايو، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي ڀاءُ ربو کي چيو ”ٺيڪ آهي! مان توسان انڪار ڪري، تنهنجي دل نٿو ڏکائڻ چاهيان، پر هڪڙي ڳالهه منهنجي به توهان کي رکڻي پوندي.“
ربو تڪڙ مان چيس ”ها ڇو نه، چئو ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
مُلو چوڻ لڳس ”مان جانو کي پنهنجو گهر ناٺي ڪري رهائيندس؟“
تڏهن ربو سختيءَ سان چيو ”ائين ته مان هرگز ڪرڻ ڪون ڏيندس، هُن کي تنهنجي نياڻي ڏئي، مان تنهنجي گهر جو غلام هرگز نٿو بڻائڻ چاهيان... شادي کانپوءِ، ماڻهو کي پنهنجي آزاد حيثيت ۽ پنهنجي ذميواري جي احساس سان جيئڻ گهرجي...اهو تون ڄڻ ٻنهي کي، پنهنجي نظر جي غلامي ۾ رکڻ ٿو چاهين، جيڪو مونکي منظور ناهي... هن کي گهر ناٺي رکي، تون سڄي گهر کي ڪروڌ جي وَر ٿو چاڙهين، ائين هي سڄو گهر ڦٽائي، پنهنجي خاندان کي خوار ڪندين؟“
وچ ۾ زليخا جي ماما چيو ”ادا ربنواز، ڏس جان محمد کي تو پنهنجي گهر جي ٻچي جيئان، پنهنجي گهر جو ڀاتي سمجهي ساريو، سنڀاليو آهي، ته هاڻ ڀلا شادي ڪري هن گهر ۾ ئي رهيو، ته ڪهڙو فرق پوندو. پاڙي وارن کي خبر آهي ته، هو هن گهر جي لاءِ هاڻ ڌاريو ناهي، تنهن ڪري هاڻ هڻي، هڻي مُلي کي راضي ڪيو اٿئون، ته وري تون سندس راز نٿو رکين، ادا هاڻ نياڻي تي، سندس مرد جو نالو رکي ڇڏيوسين، هاڻ اهو نالو بدلائي به نٿو بدلائي سگهجي... اسان جي سنڌي سماج ۾ اها اُن نياڻي جي لاءِ گار برابر سمجهيو ويندو آهي.“
ته ربو چيس ”مان سڀ سمجهان ٿو محمد علي، مون کي اها خبر آهي. پر تون سلجهيل ماڻهو آهين، تون اهو ڇو ٿو وسارين ته جان محمد کي گهر ناٺي ڪري ويهارڻ سان، هڪ ته اسان ان کي، سندس ذميوارين کان ڄڻ معذور ٿا ڪريون ۽ ٻيو جڏهن اسان هن کي پنهنجي نياڻي پرڻائي ڏيون ٿا، ته پوءِ هن کي پنهنجي سسُ ۽ سُهري اڳيان کيس باندي ٿا بنايون، اهو ته اسان ان سان ظلم پيا ڪريون، ان کان علاوه اهو اسان پنهنجي سماج ۾ هڪ غلط روايت ۾ واڌارو پيا ڪريون... توکي ته، منهنجو ساٿ ڏيئڻ گهُرجي... هن مون واري ڀاءُ مُلي کي ته، مسجد کان ٻاهر پنهنجو خدا ئي نظر ڪون ايندو آهي، ته باقي ماڻهو ۽سماجي اصول هن کي ڪٿان نظر ايندا.“
۽ وري کلندي زليخا جي ماءُ ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو ”ادا محمد علي! تون پنهنجي هن ڀيڻ کي سمجهاءِ، مان سمجهان ٿو، منهنجي هن ڀاءُ مُلي جي مٿي ۾، اهو بُس انهيءَ درويش ڀريو آهي!“
محمدعلي ته دلي طرح، اڳيئي ربو جي خيالن سان سهمت هو، پر ان ڏٺو ته، فلحال ڪنهن طرح معاملي کي حل ڪري وٺجي، بعد ۾ پوءِ به الله چڱي ڪندو“
پر ربو! جيڪو پنهنجي گهر جي خاندان جو سربراهه هو، تنهن معاملي کي مڪمل طرح صفائي سان حل ڪرڻ پي چاهيو، ان کي اها شادي هر حال ۾ ڪرائڻي هئي. جنهن ۾ زليخا خود به مڪمل سندس چئي پٺيان هُئي... پر ربو سوچيو پي ته ” نياڻي جي پيءُ سان ان معاملي ۾ جبر ڪرڻ مناسب ڪون ٿيندو، پر جي آخر تائين ڳالهه نه مڃيائين ۽ پنهنجو ضد چٻاڙيندو رهيو، ته پوءِ مجبورن ڪوئي طريقو اختيار ڪري به، زليخا، جانو سان پرڻائبي.“
ربو وڌيڪ اڳيان، پويان جي سوچ ئي ڪون پئي ڪئي. بس اها ڄڻ سندس اٽل مرضي هئي. ۽ اٿڻ مهل ربو زليخا جي مامي، محمدعلي کي چيو. ”محمدعلي، توکي تيستائين پنهنجي ڳوٺ هالا واپس ناهي وڃڻو... مونکي هي مُلو راضي ڪري ڏئي پوءِ وڃجان، نه ته منهنجي مئي، خدا منهنجو منهن ڏسڻ به نصيب نه ڪندئي؟“
”ادا الله توکي وڏي حياتي ڏي، اهڙي ڳالهه نه ڪر... ٻيلي مُلي کي الله ساڃاهه ڏي، باقي مونکي ڪائي اميد نظر ڪان ٿي اچي... بس تون ان تي ايترو گهڻو نه سوچ، نياڻي جو ننگ آهي... سڀ سندس دعاڳو آهيون، الله ان جي لاءِ ڪو آسان رستو جوڙيندو.“
۽ پوءِ اهو معاملو گهر ۾ ڪجهه ڏينهن لاڳيتو هلندو رهيو، جنهن ۾ گهر جا سڀ ماڻهو ربو جي فيصلي سان مُتفق هئا، پر زليخا جو پيءُ پنهنجي ضد تان هڪ انچ به هٽڻ لاءِ تيار نه هو.
سندس زال جنهن کيس اهو گهر ناٺي وارو عقل ٺاهي سندس سوچ ۾ وڌو هو، ان به کيس ڪافي سمجهايو، پر آخر اها به تنگ ٿي سندس مخالفت ۾ اچي وئي.
ربو توڻي جو گهر جو وڏو هو، پر هُن مُلي به روزا، نمازون ادا ڪري جيڪي نيڪيون گڏ ڪيون هُيون، انهن جي فخر سندس من ۾، هوڏ، هٺ، تڪبر، بغض ۽ پاڻ وڻائڻ جهڙي غلط سوچ پيدا ڪري ڇڏي هئي!
مُلي چاهيو پي ته،”منهنجن سٺن عملن جي ڪري، گهر۾ منهنجي به ڪا مڃتا هئڻ گهرجي.“
اهڙي طرح زليخا جي پيءُ پنهنجن چڱن عملن کي ڳڻيندي، خود کي خود نمائي جهڙي سوچ ۾ ڦاسائي وڌو هو. تنهن ڪري سڄي گهر ۾، رڳو بس خود پاڻ اڪيلو ئي گهر ناٺي وارو شرط سامهون ڏئي، سڄي گهر کي رنجائي وڌو هو.
جنوري جو سڄو مهينو زليخا جي پيءُ کي مڃائيندي گذري ويو، زليخا جو ماما به موٽي پنهنجي ڳوٺ هالا هليو ويو، پر ويندي، ويندي پنهنجي ڀيڻ کي چڱي طرح هدايت ڪندي چئي ويو ته ” زليخا لاءِ ادا ربنواز، جيڪو به فيصلو ڪري، تون انڪار نه ڪجان، هُن سڄي عمر جو ڪجهه ڪيو ڪمايو آهي، اهو اوهان ۽ اوهان جي ٻچن لاءِ ڪيو آهي، هن پنهنجي اباڻي ملڪيت مان به، ڪجهه ڪون رکيو ۽ هاڻ هُو عمر جي پڇاڙي ۾، اوهان کان رڳو زليخا جي سڱ جي حجت پيو ڪري، ۽ ٻيو هاڻ هو وڏي عمر جو ماڻهو آهي، ٿي سگهي ٿو اها اوهان سان هن جي آخري حجت هجي، تنهن ڪري هن جو تمام گهڻو خيال رکجان ۽ هن کي ڪنهن به قسم جو رنج نه رسي؟“
زليخا جي ماءُ پنهنجي ڀاءُ جي هدايت تي عمل ڪندي، هن پنهنجي پيٽ ڄائي نياڻي جي نصيب جا سڀ اختيار ربو کي ڏئي ڇڏيا. ايتري تائين جو، ربو کيس پنهنجي آخري فيصلي کان واقف ڪندي اهو به ٻڌايس ته ”تنهنجو مڙس جيڪڏهن گهر ناٺي واري ضد تان نه لٿو ته، مان زليخا ۽ جانو جي شادي ڪورٽ مان ڪرائي کين ڪنهن ٻئي پاسي روانو ڪري ڇڏيندس؟“
تڏهن به زليخا جي ماءُ کيس اهو جواب ڏنو ”ادا مان ته چوان ٿي اهو ڪم تون اڄ ڪرين يا سڀاڻي ڪرين؟ مون پنهنجي نياڻي جو ننگ تنهنجي حوالي ڪيو، باقي منهنجو مڙس مونکي نٿو مڃي ۽ نڪي مڃيندو به... بس رڳو اها مون تي مهرباني ڪجو، جو منهنجي مڙس جي ڳالهه دل ۾ نه ڪجو، بس توهان مون ڏانهن ڏسجو، توهان وڏا آهيو، وڏيون نظرون رکجو؟“
بس پوءِ ربو ان نيڪ نمازي ڀاءُ سان زليخا واري معاملي تي، وڌيڪ ڳالهائڻ ئي ڇڏي ڏنو، سندس دل ته، ارمان جو غوطو کاڌو، پر پنهنجي ان ننڍي ڀاءُ کي مهڻو ڪون ڏنائين.
بهار جي موسم به هاڻ اچي منهن ڏيکاريو هو، گلن وارا ٻوٽا، هاڻ ڦُلڙيون وجهي گُل ٻاٽي تي هئا، ٿڌيون، مٺيون واهُونديون ماڻهن جا ذهن ۽ سوچون تازيون ڪري رهيون هيون، بادِ بهار جي ڪري، پکي پکڻ، جيت جڻا ۽ وڻ ٽڻ سڀ تازا توانا نظر پي آيا، سڄي سنڌ ڪنهن سنڌي ڪنوار جيئان، پنهنجا سينگار ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئا.
مارچ جو مهينو اچي ويو، چؤطرف گُلِ، گلزاري لڳي وئي، سڄي سنڌ اڻ ڳڻيل خوشبوئن سان واسجي وئي. هر ماڻهو جي ڪيفيت ڄڻ نکيٽي واري رات جهڙي محسوس ٿيڻ لڳي.
مالهي طرح طرح جا گل پٽي گڏ ڪري، پنهنجي، پنهنجي ملهه وڪڻڻ لڳا هئا، ربو لاءِ به جانو ۽ زليخا ٻنهي ڪنوارن گلن کي هڪٻئي سان گڏ کلائي، هميشه جي لاءِ هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏڻ وارو وقت هاڻ جهڙو ربو جي نظرن اڳيان اچي، بيهه کيس چوندو هجي ته ”اي ربنواز ڪجهه سعيو ڪر، ڪٿي اهي گل پنهنجي خوشبوءَ پراڻي ڪري ختم نه ڪري وڃن؟“
۽ پوءِ هن جانو کي پنهنجي صلاح ۾ وٺندي چيو ”جان محمد! مونکي غور سان ٻڌ، هاڻ مان جيئن چوان تيئن ڪرڻو آهي؟“
”چاچا توهان ته الاءِ ڇا ٿا چوڻ چاهيو، پر جيئن به چوندا،مان توهان جي حڪم جو پابند رهندس.“
جانو ان گهر واري معاملي سڄي کان، اڃا الڳ، ٿلڳ هو. کيس ڪا به خبر نه هئي، ته ڇاڇا ٿي گذريو آهي، اهو سڀ ڪجهه ربو پنهنجي راضداري سان ڪيو هو. پر ائين ضرور هو ته، جانو کي به ذهني طرح تيار رکڻ واري جستجوکي هن نه وساريو هو.
ان مهل به ربو پنهنجي شروعات ائين ڪئي ته ”جان محمد، مون ڪافي ڪوشش ڪئي ته، معاملو خوشيءَ، خوشيءَ سان حل ٿي وڃي، جنهن ۾ اسان سڀني جون گڏيل خوشيون هيون ... پر دنيا ۾ خوشين جو مُلهه تمام ڪو وڏو آهي يار... پاڻ نه پهتاسين... سڄي عمر ائين ڄڻ، ڪنهن واڍي جي اوزار جيئان پنهنجي دل جو جوڙ ڳنديندي گذاري ڇڏيم... پر خير! پوءِ به مان سمجهان ٿو ته، تنهنجي ۽ زليخا جي رشتي کي سڄي گهر کان الڳ ڪري، اوهان کي پنهنجي مرضي سان جيئڻ ۽ آزاد حيثيت سان رهڻ وارو حق ادا ڪري، شايد مان ڪجهه سڪون محسوس ڪريان... ۽ سمجهان ٿو، تون به ذهني طرح ان لاءِ تيار هوندين؟ جيڪڏهن تون ان حالت ۾ ناهين! تڏهن به هاڻ سواءِ تنهنجي خودداريءَ جي، باقي ٻيو ڪو به حيلو بهانو، مونکي نظر ڪون پيو اچي!“
جانو ان مهل ڄڻ ائين سمجهي ورتو ته، ”زليخا کٽي ورتم“ پر کٽڻ هارائڻ واري بازي، اڃا مڪمل نه ٿي آهي. جنهن ۾ باقي آخري کلاڙي شايد مان ئي رهيو آهيان!“
۽ پوءِ دل جي ڳالهه لڪائيندڙ ماڻهو جيئان چيائين ”چاچا مان توهان جي حڪم موجب بلڪل تيار آهيان، پر رڳو بس اها پريشاني اٿم ته، منهنجي مالي حالت، هڪ فقيرکان وڌيڪ ڪانهي، مون ته پنهنجي قسمت جو ڌڻي به، اڄ تائين توهان کي سمجهيو آهي، پر پوءِ به، توهان جي ڪنهن حڪم کان، انڪار نٿو ڪري سگهان.“
ربو کي يقين هو ته،جانو ۾ منهنجي تربيت هڪ ڏينهن پنهنجي جوهر جو اثر ضرور ڏيکاريندي! تنهن ڪري جانو جو جواب ٻڌي، هن کي جهڙو پنهنجي محنت جو اجورو هَڪيو تڪيو ملي ويو هجي. ان سوچ ۾ پنهنجي خوش چهري سان جانو کي چوڻ لڳو ”پندرهن مارچ تي تنهنجي ۽ زليخا جي شادي اسان طئي ڪري ڇڏي آهي... پر سا ڪورٽ جي ذريعي! ۽ ها! شادي جي معاملي ۾ هاڻ تنهنجو ڪو، سوال، جواب ڪون هلندو، بس ايئن سمجهه ته، اها مان توسان... پهريون گهمرو ڪا حجت پيو ڪيان... باقي مونکي خبر آهي، ته رهائش جي معاملي ۾، تون پريشان ضرور هوندين؟ پر وچ ۾ اڃا هڪ هفتو پيو آهي. ڪو نه ڪو حل ڳولي وٺبو.“
جانو ان مهل خاموش ئي رهيو، ڪوئي جواب جيڪڏهن ڏئي ته ڏئي به ڪهڙو؟ ويچارو يتيم بي گهر، هڪ ڇنل پُراڻي گل جيئان، سُڪِي پنهنجي قرابت واري خوشبوءِ ئي ڇڏي ويو هو. ۽ ربو کيس ڪنهن مالهي جيئان پنهنجي پيار ۽ قربت واري پاڻي جا ڇنڊا هڻي کيس تازو پي رکيو، نه ته هن پنهنجي زندگي ڄڻ اوڌارو اٽو پي تصور ڪئي!
پندرانهن مارچ تي، شادي واري ڳالهه ٻڌي، جانو وائڙو ٿي ويو. پر سندس شادي واري معاملي تي کيس ڪجهه ڳالهائڻ تي پابندي مڙهيل هئي، ليڪن پوءِ به سندس من ته هرڻ جي چال جيئان ڇُوٽ ۽ آزاد هو. هن سوچيو ته، ”زليخا کي ساڻ وٺي، سندس ماسين يا ماماڻن وٽ وڃي رهنداسين ۽ اتي ڪنهن ڌوٻي وغيره جي دڪان تي مزوري ڪري پيو گذارو ڪندس ۽ زليخا به ذهني طرح آسودي هوندي.!؟“ پر وري خيال آيس ته، ”متان اُهي مونکي رول، يتيم ۽ نڌڻڪو سمجهي، پيا زليخا کي مهڻا ڏيئن، اهو صحيح ڪون ٿيندو!؟“
۽ وري سوچ آيس ته ”سجاول... پنهنجي مائٽ علي احمد ڏانهن هليو ويندس... هُو مونکي جيءُ ۾ جايون ڏيندا، اتي ڪوئي طعني، طُنڪي وارو به ڪون هوندو!“
ليڪن ان لاءِ به اهو سوچي پريشان ٿيڻ لڳو ته ”علي احمد ته ٻهراڙيءَ ۾ ٿو رهي ۽ ٻيو ته هو غريب لڏي وارو ماڻهو آهي، اتي ڪو روزگار جو وسيلو به هٿ ڪون اچي سگهندو ۽ مان انهن تي اجايو بوج ٿي پوندس!“
ان ارادي تان به هٽي ويو ۽ پوءِ اوچتو ياد آيس، ”دادو هليو ويندس، اُها ڪنهن زماني جي پُراڻي مائٽي آهي، منهنجي حال حقيقت جي به کين ڪا پروڙ ڪان پوندي ۽ ٻيو ته، اُهو ڳوٺ شهر سان ويجهو، جهڙو گڏ آهي، ڪوئي پنهنجو روزگار به ڪري سگهندس ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽر آهي، ڪوشش ڪري ڪائي سرڪاري نوڪري به حاصل ڪري سگهان ٿو.“
بس هاڻ هن سوچي، ويچاري پاڻ کي ذهني طرح تيار ڪري ڇڏيو ته ”ضرورت پئي ته، دادو هليو ويندس.“
رات جو سمهڻ مهل، ربو ساڻس ان حال احوال بابت پڇيس ”جان محمد ڪا سوچ ويچار ڪيئي،؟ ڏس شادي ڪورٽ جي ذريعي پئي ٿئي، ان ڪري جو زليخا جو پيءُ، توکي گهر ناٺي ڪري ويهارڻ واري ضد تان نٿو لهي تنهن ڪري مون اهو سوچيو آهي ته، ڪورٽ مان نڪاح ڪرائي اوهان ٻنهي کي ڪجهه وقت لاءِ فلحال ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهائجي ۽ پوءِ زليخا جي پيءُ کي آهستي، آهستي راضي ڪري وٺجي، انکانپوءِ هتي ڪو ئي مسواڙ تي گهرڙو وٺي، پنهنجي هن دڪان تي ئي پيو گذارو ڪجانءِ، پر تيستائين تون پنهنجي مڙسي ڪندين ته، ڪا سرڪاري نوڪري به هٿ ڪري وٺندين!؟“
جانو دل ۾ سوچيو ”هاءَ ڙي جانو تنهنجي قسمت! پنهنجن کان ته مري بتاسين، پر هاڻ ته پراون کان به وياسين!“
سنڌي ۾ عام چوڻي آهي ته ”تِر جي گُٿي، سؤ چوٽون کائي“
پوءِ اها الڳ ڳالهه آهي، ته ڪا چوٽ چَٽ ڪريو ڇڏي، ته ڪا چوٽ اهڙيءَ چوٽيءَ تي چاڙهيو ڇڏي، جتي پڄڻ ملائڪن جي به جاءِ ناهي! جانو کي به ظاهري طرح اهي چوٽون اڃا چاڙهي رهيون هيون، پر سندس پيڙائن ۾ لاٿ نظر ئي ڪون پي آئي.
ظاهر آهي ڪنهن مٿانهين منزل ڏانهن ويندي، عذاب، اذيتون ۽ سفر جا سور به گڏئي رهندا آهن. پر اوڏانهن ويندي انهن ايذائن جي لذت سمجهه کان ئي ٻاهر هوندي آهي. پر اتان ڪرندي سالم ۽ سلامت رهڻ! ان لاءِ به ڪا يقيني ۽ آخري راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي.
ماڻهو کي پنهنجي زوال جو علم هجي، ته ڪمال جي لاءِ، شايد ڪُسي وڃي، پر قدم ٿي سگهي ٿو اڳتي نه وڌائي!؟
۽ دنيا ۾ اڪيلو ٿي وڃڻ به، ڪنهن قوم يا انسان لاءِ بدترين زوال آهي! جيڪو جانو جي خيال ۾ نه هو پر، اهڙو زوال جهڙو هن کي پاڻ ڏانهن سڏي رهيو هو.
۽ سنڌ ۾ آباد قبيلن به شايد ائين ئي، خود کي هڪٻئي کان الڳ ۽ اڪيلو رکي، صدين کان پنهنجي قومي وحدت کي اهڙي زوال جي حوالي پي ڪيو آهي!
جانو ۽ زليخا به ٻن مختلف قبيلن مان هئا، جانو ٻروچ قبيلي مان ۽ زليخا سماٽ خاندان مان هئي.
سماجي آزادي ڇاکي چئجي؟ اهڙي سوال جو علم جيڪڏهن جانو کي هجي ها ته، شايد ڪسڻ قبولي ها، پر زليخا کي ساڻ وٺي سڀن کي ڇڏي، دادو هرگز ڪون وڃي ها: ۽ نه ڏئي ڏکن ڏاکڙن ۾ پوي ها!
پر جانو جهڙا ته الاءِ ڪيترا، ٽڪرن ۾ ٽٽل هن سماج، پيار جي پنڌ ۾ ستائي، ٿڪائي ڪُهي ڪواب ته ڪري ڇڏيا، پر پنهنجي ذاتيات واري انا تان هڪ انچ به هي سماج هيٺ لهي نه سگهيو!
جانو کي به پنهنجي سماج جي ان حاسد ۽ نفاقي اصولن، مُنجهائي ۽ ڏکائي وڌو هو. ۽ ان خاندان کان به الڳ ٿيڻ وارو عمل وري به جهڙو کيس، پنهنجن کان پري ڪري رهيو هو. پر ويچارو ٻيو ڪري به ڇا پي سگهيو. هن پنهنجي مسئلي کي ڊيگهه ڏيڻ جي بجاءِ معاملي کي کٽائيندي چيو ”چاچا مان دادو هليو ويندس.“
۽ ربو پنهنجي صلاح ڏيندي چيس ”پر دادو کان، تو واري مائٽ علي احمد وارن ڏانهن وڃڻ، منهنجي خيال ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندو؟ هو تنهنجا پنهنجا آهن... لاڙ سنڌ وارا ماڻهو، وڌيڪ ٿڌي دل وارا ماڻهو آهن!“
ربو جي خيال ۾ ته، کيس پنهنجن ڏانهن وڃڻ گهرجي، اتي پنهنجائپ ۾ کيس، پنهنجا نوان، پراڻا درد ستائيندا ڪون ۽ نه وري اتي زليخا به ويڳاڻي ٿيندي.
پر جانو کيس مطمئن ڪندي چيس ”چاچا توهان بلڪل درست پيا چئو، پر علي احمد وارا ٻهراڙي ۾ ٿا رهن، جنهن ڪري مان پنهنجي نوڪري وغيره، لاءِ ڪا بهتر ڪوشش ڪري ڪون سگهندس، دادو ۾ رهي مان پنهنجي نوڪري لاءِ وڌيڪ بهتر ڪوشش ڪري سگهان ٿو ۽ مونکي پنهنجي ڪنهن روزگار جا وسيلا به کوڙ ملندا، توهان فڪر نه ڪريو، مان اتي جن وٽ وڃي رهندس، اهي به منهنجي ناناڻڪي وراڪي جا مائٽ آهن.“
بس پوءِ ربو مطمئن ٿيندي چيس ”ٺيڪ آهي! مونکي ڪو اعتراض ڪونهي ... پر مون پنهنجو رايو ان خيال سان ڏنو ته، تون هڪ دفعو وري به ڄڻ اڪيلو ٿي ويندين، مونکي ان جو ڏک به آهي، ته پريشان به ٿيان ٿو، سوچيان ٿو ته، ڪٿي ائين نه ٿئي جو، سارين جي سنگ جيئان، بار، بار پنهجن کان ڇڄي پري ٿيڻ سان، تون پنهنجو حوصلو نه هاري ويهين!؟“
ربو جي ان سواليه سوچ سان، جانو جو اندر هڪ دفعو وري به ڳري ڪچو ٿي پيو، پنهنجن کي وسارڻ، ڏاڍو ڪو ڏک وارو عمل هوندو آهي! ۽ وري زماني جي عذابن ۾، زندگي واڻيي جي اوڌر جيئان گذارڻ به، ڪنهن بازاري ڪاغذ جيئان پراون هٿن جي نُپوڙ ۽ بازاري پيرن جي لتاڙ بڻجو پوي! يا پنهنجن جي ڏنل روڳ ۾، روئي، روئي اکيون ٻيرا ڪرڻ وقت، ڪو دلداري ڏيئڻ وارو به نه هجي! تڏهن ماڻهو اندران اندر ائين ٿو ڀڄي، ڀُري پوي، جو ڄڻ ان جي وري مڪمل ٿيڻ جي اميد ئي باقي نٿي رهي!
جانو جي قسمت به، جانو سان ائين ئي کيڏڻ لڳي هئي... ربو جي ان جملي! جنهن ۾ هن چيس ”سارين جي سنگ جيئان بار بار پنهنجن کان ڇڄڻ!“ انهن لفظن ته کيس هيڪاندو هيڻو ڪري وڌو هئس، ۽ اکيون ڳريون ٿي پيون هئس، هن پنهنجا ٻئي هٿ ربو جي پيرن تي رکندي چيو، ”چاچا مون اڌ مئل، اڀاڳي کي دعا ڪجو... مونکي پنهنجي قسمت جي راند سمجهه ۾ نٿي اچي؟... ماڻهو کي پنهنجي مقدرسان ملڻ جو موقعو مليل هجي ها، ته مان پهرين ملاقات ۾ ئي، پنهنجي مقدر کان کلي ڳالهائڻ واري حجت ئي کسي وٺان ها! هاڻي دعا ڪجو ته، خدا شل زليخا جي صدقي ۾ منهنجو نصيب سڌو ڪري!؟“
۽ ربو پنهنجا پيرسن هٿ جانو جي ڪلهن تي رکندي چيو ”مٿي سڌو ٿي پٽ... ياد اٿئي توکي چيو هئم ته، عيسيٰ نبيءَ جو پنهنجو پيءُ ڪون هو، حضرت آدم کي پنهنجا ماءُ، پيءُ ٻئي ڪون هئا، ۽ بيِ بيِءَ مريم سان پنهنجو مرد ڪون هو. پر پوءِ به دنيا جي هر خطي ۾ اڄ به اهي جهڙا زنده آهن، ۽ شايد قيامت تائين سندن نالا قائم رهندا... انسان کي پنهنجا بهتر ۽ ڪامل عمل زنده رکندا آهن...پنهنجي ماءُ، پيءُ واري رشتي کان به، پنهنجي انسانيت سان رشتو نباهڻ وڌيڪ ڏکيو آهي... بس پنهنجي انسانيت سان رشتو قائم رکجان... ۽ پوءِ باقي دنيا جا رشتا، پنهنجو پاڻ تو ڏانهن پنهنجا هٿ وڌائيندا... پنهنجي قسمت جي شڪايت ڪنهن سان به نه ڪجان، اها ڪمزور، بي همٿ ۽ بي عمل ماڻهن جي سڃاڻپ آهي! ... ماڻهو جڏهن پنهنجي همٿ وڃائي، پنهنجو ايمان بيمار ڪري، پنهنجي شخصي حيثيت فنا ٿيندي ڏسندو آهي، تڏهن ڊگهيون دعائون پنندو آهي... تون دعا پنندڙ کي ڇڏي، عمل پنندڙ کي اهميت ڏجان... جن کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ وارو فهم ۽ فڪر آهي، اهي ماڻهو دنيا ۾ اڪيلا ناهن هوندا... مان نٿو سمجهان ته، تون پنهنجو پاڻ کي اڪيلو تصور ڪري، پنهنجي انسانيت جي رشتي جو قتل ڪندين! ... ڏکن جون گهڙيون پاڻي تي ڦوٽي جيئان هونديون آهن. انهن گهڙين کي سال سمجهندڙ، عقل کان سُڃا هوندا آهن، سندن حوصلو ڪمزور، نيت بيمار ۽ نظر ڇوٽي هوندي آهي، دنيا ۾ انهن کي رسوائي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو ملي... تون پنهنجي نظر بيدار، سوچ سخي، عقل سُجاڳ ۽ سُڌ سُلڇڻي رکجان! ... توکي ڪهڙي دعا ڏيان جانو!؟ ... دعا جي لائق ته مان آهيان، هر حوالي کان هيڻو ۽ ڪمزور ٿي چڪو آهيان... هيءَ عمر ته هاڻ، ڪنهن سخيءَ جي کُٽل خيرات پئي لڳي... تون پنهنجي اندر کي خوش رک، خدا تنهنجو مددگار ٿيندو... مايوسي ماڻهو جو گوشت کايو ڇڏي! ۽ انساني رت سندس اُڃ اُجهائيندڙ آهي! سا، ماڻهو کي مَمَ جيئان چٽي ڪنهن ڪم جو نٿي ڇڏي! ... زندگيءَ ۾ جيتري مون مايوسيءَ کان نفرت ڪئي آهي. اوتري مون پنهنجو پاڻ سان محبت به نه ڪئي آهي ... تون دعائون وٺي ڪهڙي جيئاپي ٿو جيئڻ چاهين!؟ ... ماڻهو سڄي عمر دعائن جي سهاري نٿو جِي سگهي! ... تنهنجي لاءِ تنهنجي محبت ئي ڪافي آهي... حياتيءَ جي هڪ گهڙي به، اگرڪوئي محبت بنا ٿو گذاري، ته اهڙو ماڻهو ڄڻ سڄي عمر لاءِ پنهنجو خدا، ئي وساري ٿو ڇڏي... دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا عظمت آهي، ته اها محبت ئي آهي. جيڪا اسان کان اڳي به هئي ۽ اسان کان پوءِ به هوندي... ڪير آهي؟ جيڪو دنيا ۾ عزت سان جيئڻ نٿو چاهي؟... پر هي خدا جي نگري آهي، هتي انسان پنهنجي خواهش جي کوج ۾، پنهنجو مان، مريادا وساري ٿو ڇڏي... هر ماڻهو جي اندر ۾ حسرتن جو هڪ وڏو شهراڏيل آهي، جنهن جو هُو حاڪم ٿيڻ ٿو چاهي! پر هُو ان شهر جو فقير به آهي ته بادشاه به پاڻ آهي، پر افسوس اهڙي سمجهه کان محروم آهي! ...
مون کي ڏس! مان پنهنجي محبت جي حسرت ۾ بادشاهه به آهيان، ته فقير به آهيان! ... سماجي بندشن سبب مان فقير آهيان ۽ پنهنجي محبت سان سچائي جي سبب، پنهنجي حڪم جو حاڪم مان پاڻ رهيو آهيان... سڄي عمر پنهنجي محبت جو انتظار ڪندي، مون پنهنجي خدا کي به ڪڏهن رڳو چپن جي دانهن به ڪون ڏني آهي.
هر انسان پنهنجي خدا جي شڪل ۾، پنهنجي ئي ڪرشمي ۽ ڪرامت ۾ پيو جيئي، پر ان جو کيس علم ناهي... جن کي ان جي پروڙ پئي، سي علم جو دروازو ۽ سوليءَ تي منصورٿا سڏائين... بلاول جو سڏ، گوتم جو گيان ۽ لطيف جي وائي... سڀ ڪنهن جي ڪن کي، سمجهه ۾ نٿا اچن... جن سمجهيو، سي پنهنجي ساهه جا سپاهي نٿا رهن...
محبت ته، الائي ڪيترا ميهار، تڙ تان ئي موٽائي ڇڏيا... تون ته خوشنصيب آهين جانو، توکي تنهنجو پيار، پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي حاصل ٿيو، سڄي عمر جي انتظار وارو زهر خدا توکي معاف ڪيو... ٻڌائي توکي باقي ڪهڙي دعا جي ضرورت آهي!؟“
۽ پوءِ پنهنجو پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو ”هن پوڙهي عمر ۾ ته، دعائون به دير سان ٻڌيون وينديون آهن! پر پوءِ به مان توهان لاءِ دعا گهري پنهنجي خدا کي خوش ٿو ڪريان ته... اي اسان جا پالڻهار، تون انصاف سان فيصلا ڪندڙ آهين... تون، اسان ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر... اي ميزان عدل جا مالڪ، تون جان محمد ۽ زليخا کي نفرت ۽ اوپرائپ جي قيامت کان بچائجان؟... اي، سائي مان سُڪو ۽ سُڪي مان سائو ڪندڙ، رت ۽ پوُنء، ساهه ۽ پساهه جا سائين تون زليخا ۽ جان محمد جي نسل ۾ رت ۽ روح جو رشتو قائم رکجان ۽ قيامت تائين انهن کي ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورهائي، ڇڙوڇڙ نه ڪجان؟... آمين.“
ربو پنهنجي دعا وارا هٿ منهن تي گهمائي ڪلمو پڙهيو. ۽ جانو جيڪو لاڳيتو تيستائين بيٺو ئي هو، ربو جي پوري دعا ٻڌي پاڻ به آمين چيائين.

••••