قسط 1
جنهن کي خالق جي تخليق جو درجو ۽ اهميت حاصل آهي.
انهن جنسن ۾ جنهن وقت پنهنجي، پنهنجي نسلي واڌ واري ڪشش جيءَ ۾ جاڳيندي آهي، ته پنهنجي مختلف احساس، حِس ۽ حرڪتن جي ذريعي سان هڪٻئي کي ڳولي لهن ٿا!
پر ڪُل ارڙنهن هزار مخلوق ۾، سڀ کان وڌيڪ مهذب، سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ سڀ کان وڌيڪ وڏي شرف واري مخلوق ”انسان“ آهي.
جنهن ۾ هر ماڻهو جي پنهنجي الڳ سوچ آهي، هر ماڻهو جي پنهنجي هڪ الڳ ڪهاڻي آهي، هر ماڻهو جي پنهنجي هڪ الڳ نيت ۽ عمل آهي. ۽ هر ماڻهو جي پنهنجي هڪ الڳ شڪل ۽ صورت آهي. ۽ سندس عمر جي هر هڪ ڏينهن کي به پنهنجي هڪ الڳ اهميت آهي.
اهو انهيءَ ڪري جو، تبديلي قدرت جي هڪ اهم حڪمت آهي.
۽ جتي تبديلي رُڪجي بيهه ٿي وڃي، ته اهو فنا جو مڪان آهي، جنهن جي شڪل تباهي، بربادي، انت ۽ موت جي صورت ۾ رهي آهي! يا، جو، دم سندس جيئاپو آهي به، ته ان جو قدر، مقدار، ان جي اهميت ۽ عمر جو باقي رهيل حصو، ناڪاره، بي مقصد، گيدِي ۽ ڌرتيءَ واري ڌوڙ جي برابر رهيو آهي.“
جانو! پنهنجو ڪم ڇڏي، حڪيم صاحب جي ان فلسفي کي ڌيان ڏئي ٻڌي رهيو هو، هن کي اهي، اهڙيون ڳالهيون سوچ، ويچار ۾ وجهي ڇڏينديون هيون. ۽ انهن سان سندس دلچسپي وڌيڪ به هوندي هئي. هي انهن ڳالهين کي هينئين سان هنڍائي ڇڏيندو هو. ڪيترا ڀيرا هن کي حڪيم صاحب ملامت ڪري چيو هوندو ته، ”تون پنهنجي ڪم سان ڪم رک، تنهنجو ڪم آهي ڦڪيون ڪُٽي صاف ڪرڻ.
دنيا ۾ هر رشتي کان وڌيڪ، مقصد سان رشتو عظيم هوندو آهي. جڏهن تنهنجو ڪوئي مقصد آهي، ته دنيا جا باقي سڀ رشتا توسان آهن، پر جيڪڏهن تون بي مقصد ماڻهو آهين، ته دنيا ۾ بس اڪيلو آهين ۽ تنهنجي ڪائي اهميت ناهي. مان جنهن مريض سان ٿو ڳالهايان، ته تنهنجو اوڏانهن وات ڦاٽو پيو آهي. ۽ ٻيو ڪم سڀ ڇُٽو،...ڏس جانو، منهنجو اهو حمام دستو ٿو ڀڃين؟ ته مان پنهنجي گهر هلندو ڪندوسانءِ!؟“
پر حڪيم صاحب جي اها ملامت به کيس وسريو ويندي هئي. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ، ٻه سال کن پڻس وڌيڪ پڙهڻ لاءِ مٿس زور ڀريو، پر پڙهائي تان سندس دل ڀڄي پئي. تنهن ڪري اجائي رُلڻ، کرڻ کان پيءُ کيس حڪيم صاحب وٽ، حڪمت جو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو. ان حڪيم صاحب وٽ هن چار سال ڦڪيون ڪُٽيون، پر ڪي ٻه، ٽي نسخا سمجهه ۾ آيس باقي رڳو کيس حڪيم صاحب جون فلسفياڻيون تقريرون ياد هيون!
انهن چئن سالن دوران سندس ماءُ، پيءُ ٻئي وفات ڪري ويا.
هڪڙي ڏينهن ڪا ڦڪي ڪٽيندي حڪيم صاحب جو ڪوئي خاص حمام دستو هن ڀڃي وڌو، ته حڪيم صاحب کان ان ڪاوڙ ۾ اهو نقصان برداشت نه ٿيو ۽ پنهنجي شفاخاني مان کيس هلندو ڪيائين ۽ ويچارو بيروزگار ٿي گهر ويهي رهيو.
هي پنهنجي پيءُ جي اولاد مان پاڻ ۾ صرف ٻه ڀائر هئا، جانو عمر ۾ ننڍو هو.
سندس وڏي ڀاءُ ٻه شاديون ڪيون هيون، جنهن کي ٻنهي شادين مان ست ٻار هئا. هي ٻهراڙي جا رهندڙ هئا، سندن پنهنجو ٻني، ٻارو ڪون هو، ۽ سندن گذارو روز جي مزوري يا هارپي وغيره تي هوندو هو.
جانو ڏسڻ، ۾ سهُڻو، قد، بت جو مضبوط ۽ قدآوار، گول ڳٽا، جاڙا ڀرون، ۽ وڏيون روبدار اکيون، هڪ وار غور سان سندس اکين ۾ ڪنهن ڏٺو، ته وري ٻيو گهمرو سندس منهن ۾ ڏسڻ جي ان کي همت ئي نه ٿيندي هئي!
جانو جنهن ڏينهن کان بيروزگار ٿي گهر اچي ويٺو، ته سندس ڀاڄائين جو مٿس روز، روز جو ڪروڌ متو پيو هوندو هئس.
سندس ڳوٺ حيدرآباد ۽ ٽنڊو ڄام جي روڊ سان، حيدرآباد کي ڪجهه ويجهو لڳندو هو. سندن ڳو ٺ جي آسي، پاسي وارين زمينن ۾ اڪثر وونئڻن جو فصل گهڻو ٿيندو هو. جن ۾ سندس ڀاڄايون به مزدوري جي سانگي حد جي زميندارن جو ن ڦٽيون چونڊڻ وينديون هيون پر جانو کي اهو ڪم ڏکيو لڳندو هو. جيڪڏهن جُٺ، ڦِٺ ڪري وٺي به ويندا هئس، ته ڪاڙهي تپڻ کانپوءِ انهن کي اتي ڇڏي پاڻ گهر ڀڄي ايندو هو.
هڪڙي ڏينهن ڦٽين جي چونڊي دوران، ڪو ڏهين، يارنهين وڳي ڌاري هن پنهنجي ننڍي ڀاڄائي کي اتي جي ئي ڪنهن پاڙيسري نوجوان سان ڪنهن پاسيري جڳهه تي کل، خوشي ۽ ٺشڪو ڪندي گڏ ويٺل ڏسي ورتو، ته هن کي پنهنجي اندر غيرت جو غبار چڙهي ويو ۽ سندس من ۾ هڪ عجيب کپت پيدا ٿي پئي ته ”وڏي ڀاءُ کي ٻڌائجي يا مڙئي ماٺ ڪري. پنهنجي غيرت کي اهو ڪِنو پاڻي پيئڻ ڏجي! ۽ ڪنهن کي به ڪجهه نه ٻڌائجي؟ ۽ ماٺ، ماٺ ۾ پنهنجو گهر ئي ڇڏي ڏجي!؟“
انهيءَ سوچ کيس ولوڙ ۾ وجهي ڇڏيو هو. پر ان تي عمل ڪرڻ جي بجاءِ هي وڌيڪ سوچڻ لڳو، ۽ گهڻي سوچ جي ڪري ڪو بهتر فيصلو نه ڪري سگهيو ۽ خيال آيس ته ”وڏو ڀاءُ آهي، اڄ نه، ته سڀاڻي معاملو نيٺ اگهاڙو ٿيندو، ماڻهو کلندا، منهنجي ڀاءُ جو گهر ڦٽندو، بهتر آهي ته، مان کيس اڳواٽ آگاهه ڪيان، ۽ ائين پوءِ ڪنهن ٻڌو، ڪنهن نه ٻڌو، دنيا جي کِل کان گِهرجي کِل وري به خير جي هوندي!“
بس هاڻ اتي هن جي سوچ بيهي وئي ته، ”جيترو جلد ٿي سگهي وڏي ڀاءُ کي ٻڌائڻ گهرجي؟“
۽ پوءِ ان رات ئي، هن پنهنجي ڀاءَ کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي، پر ڀاڻس بي اعتباري وچان کيس، پنهنجو وات بند رکڻ جي تنبيهه ڪندي چيس ”جانو ڏس! ڳالهه غلط نڪتي، ته مون جهڙو بڇڙو ٻيو ڪٿي ڪو نه ملندئي.؟“
هن ويچاري وڌيڪ وات مان ٻڙڪ به نه ڪڍي، بلڪ سندس ذهن هڪ هلڪي پڇتاءُ وارو جهٽڪو کاڌو ۽ پنهنجي ڀاءَ جي ان بي اعتماد رويي مان هڪ بي جان بُت جيئان خاموش ٿي ويو.
ٻن ڏينهن کانپوءِ، هن کي پنهنجي ان وڏي ڀاءَ گهرجي بند ڪمري ۾ ويهاري چيو ”جانو تون منهنجو سڳو ڀاءُ ته آهين، پر بنهه بيڪار ۽ ڪمينو نڪتين، مون معاملي جي چڱي طرح، سُنهن ساک سان جانچ پڙتال ورتي آهي... جڏهن تو اکيون پوري، بي غيرت ٿي پنهنجي ننڍي ڀاڄائي سان ناجائز تعلقات ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن جڏهن انڪار ڪيو ته تو ان تي الزام هڻي، مونکي ۽ منهنجي معصوم ٻارڙن جو گهر تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.... تنهنجي لاءِ ته منهنجو اندر ٻڙڪي پيو، مان توکي رات جي وچ ۾ ڪُهي، هن گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ دفن ڪري ڇڏيان، ان کان اڳ ۾ توکي چڱي طرح سان ٿو چوان ته، منهنجو منهن ڇڏي ڪيڏانهن هليو وڃ، هميشه لاءِ هليو وڃ، مان تنهنجي شڪل وري نه ڏسان.... منهنجي نظر تي وري چڙهيو آهين، ته تنهنجي اها سِسي ڪو نه هوندي....هليو وڃ هتان، هينئر جو هينئر!“
اهو ڪو منجهند جو اڳينءَ وارو وقت هو. جانو، ان مهل ئي ڪجهه ڪُڇڻ ۽ چوڻ کان سواءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ کي سامهون هٿ ٻڌي گهر مان نڪتو، پيرن ۾ پراڻو ڦاٽل جوتو! جيڪو هن ڪجهه قدم اڳتي هلي لاهي ڦٽو ڪيو، مٿو اگهاڙو، ڪپڙا ميرا، خيسو خالي، ويچارو ڌوٻي جي ڪتي جيئان نه گهر جو نه گهاٽ جو رهيو.
سندس هڪ مامو هو ۽ ٻه ماسيون هُيون، پر انهن کي به هڪ ڏينهن اڳ ۾ سندس وڏي ڀاءُ چئي ڇڏيو هو ته ”هن ڪميني کي اوهان اتي رهايو آهي ته ان جي خون جا ذميوار اوهان هوندا؟“
تنهن ڪري اتان به کيس رڳو هڪڙي ڏينهن جي به پناهه نه ملي. ۽ هاڻ هن پنهنجي ڳوٺ جي آس، پاس پنهنجي ڪنهن يار، دوست وٽ رهڻ به مناسب نه سمجهيو. بس پوءِ پنهنجا وَر کُنجي هن حيدرآباد شهر جو رُخ ڪيو جتي سندس پيءُ جو هڪ پراڻو دوست ربوڌوٻي، نالي رهندو هو. جنهن وٽ ننڍي هوندي پاڻ به پنهنجي پيءُ سان گڏجي، ڪيترا دفعاانجي دُڪان تي ويو هو.
آڪٽوبر جو مهينو هو، سرءُ جي موسم پڇاڙي رهي هُئي، جنهن سنڌ ۾ هميشه وڏا وڏا درخت به هيڻا ڪري انهن جا گُل ۽ گؤنچ ڇاڻي سنڌ کان هميشه گلزاريون کسيون آهن. انهن ڏينهن جانو کي به ان پن ڇڻ واري موسم اداس ڪري اهڙي گوندر سان گڏي ڇڏيو هو، جنهن جي لاءِ هن ڪڏهن سوچيو به، نه هو.
پر هر موسم کي پنهنجي قدرت جي حڪم موجب، پنهنجو اثر، آبادي ۽ نتيجو ڏيئڻو پوي ٿو.
جيڪڏهن بهار ۾ گل کلي خوشبوءَ نه ڏيئن، ته بي بها خوبصورت بهار ڪيئن سڏجي؟
سانوڻ جيڪڏهن پنهنجي گهمسان گهٽائن سان وسڪارا نه ڪري ته تاڙي جي تنوار ڪنهن کي وڻندي!؟
سيارو جيڪڏهن اتر جون سرد هوائون ڇيڙي، سڄڻ ياد نه ڏياري، ته سڪ جي سوز جو اثر ڪنهن کي ڪيئن محسوس ٿيندو؟
ائين بلڪل اهڙي طرح سرءُ جيڪا هر جيءَ ۾ جدائي وجهي سڪ سرس ڪندڙ موسم آهي. جانو به ان موسم جي پڇاڙڪِي ۾ پنهنجن جانَبن کان ڪنهن پن جيئان ڇڻي هميشه لاءِ رُلي پيو هو.
۽ هاڻ سترنهن، ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي ابي جي تعلقاتن ذريعي تڳڻ پي چاهيائين. هن حياتي جي باقي طويل سفر کي ڪنهن طرح آسان ڪري جيئڻ پي چاهيو.
هن زندگيءَ کي پنهنجي جيئاپي جو، حق ادا ڪرڻ پي چاهيو. پر جنهن سماج سندس ستن پيڙهين کي به نسل در نسل سماجي برابري کان محروم رکي سور ڏئي ستائي، ستائي ماريو هو. ليڪن پوءِ به سندس جيءَ ۾ جيئڻ وارو جذبو هو. هن ۾ پاڻ جيئارڻ جي همٿ هئي، سندس سوچ سگهاري، ۽ ارادا مضبوط هئا. پر کيس پنهنجن مان مليل ڌڪار جو ڏک هو، جنهن هن کي اندران اندر جهوري وڌو هو. پنهنجن جي پچار، سندس جيءَ ۾ هر، هر جاڳي پي پيئي، هن کي پنهنجي امڙ جون چيل اهي ڳالهيون به ياد اچڻ لڳيون، جيڪا کيس چوندي هئي، ”جانو! توکي بابهين جان محمد جي نالي سان ٿو سڏي، پر مان توکي جانو ڪري ٿي سڏيان. ان ڪري جو تون منهنجي جان آهين. توکي نه ڪجهه ٿي پيو، ته مان جيئري ئي مري پونديس... ڏس جانو، توکي اڃا ماءُ جي رشتي جو احساس ناهي. اڃا تون ٻار آهين، پر جنهن ڏينهن نه، تون ڪنهن ڳاري ۾ ڳري ۽ اندر جي اُڌمي مان روئي، روئي مونکي ماءُ سمجهي سڏ ڪندين، تنهن ڏينهن توکي ماءُ جي رشتي جو احساس ٿيندو...
جانو پٽ توکي اڃا اها خبر ڪونهي، ته جڏهن اولاد پنهنجي پوري وجود سان، پنهنجي ماءُ جو رشتو ويڙهي، ڪا پڪار ڪندو آهي، تڏهن ماءُ پنهنجي پيرن هيٺيان جنت ڪڍي پنهنجي ان سائل اولاد کي عطا ڪندي آهي.
سندس ماءُ جي انهن يادن کيس هيڪاندو رئاري هيڻو ڪري وڌو ۽ روئڻ وقت ڪو پرچائڻ وارو نه هجي، ته اهو روڳ ماڻهو جي روح ۾ گهر ڪري ويهي ٿو رهي. هونئن به زندگي ۾ اڪيلو ٿي وڃڻ جهڙو اهڙو ڪو ٻيو روڳ شايد نه هجي!؟
ماڻهو پنهنجي اڻ مِٽ ۽ اڻ ڳڻيل رشتن۾ ڳُتيل آهي. اهي سڀئي رشتا جڏهن اچانڪ ٽٽي ٿا پون ته ماڻهو مڪمل يتيم ٿو سڏجي. ۽ پوءِ اهي رشتا عذاب بڻجي سندس لُونءِ، لُونءِ کي لوهار جيئان ٿا ڪُٽين ۽ هو اڪيلو انهن ڀوڳنائن ۾ ڪيترو ڀوڳي ٿو؟ ان لاءِ هينئر حقيو، جانو هجي ها، ته شايد ايئن ئي چوي ها ته ”ماڻهو جڏهن اڪيلو ٿو ٿي پوي، تڏهن وحشتون ۽ ديوانگيون، زماني جون مسڪريون ۽ ٺٺوليون سڀ سندس ساهه سان گڏجي رهن ٿيون. پوءِ ڪنهن مهل انسان، ته ڪنهن مهل عزازيل! اهڙيون ڪيفيتون ڪربناڪ سوچن جو سلسلو جوڙي سي به ساڻس گڏ رهن ٿيون. اُهي سڀئي سلامتي سان پنهنجي ساهه سان گڏ سنڀالي کڻي هلڻ ئي مڪمل انسانيت آهي...
هن دنيا جو خلقيندڙ پاڻ اڪيلو ئي پالڻهار آهي. هيڏي ساري جهان جو جهنجهٽ! پوءِ به ساڻس ڪنهن تعلق جي نسبت سان نه سندس، نه ڪنهن ٻئي جي ڪا شرڪت، شراڪت آهي... واهه!
شايد ان سبب ئي مڪمل خدا ٿو سڏائي. سڀن کان الڳ، سڀن ۾ اڪيلو ۽ پنهنجي ذات جو پاڻ اڪيلو مالڪ! ...
هڪ مڪمل انسان ۾ به اهڙي خودداري، جوهر ۽ جولان هئڻ گهرجي“
جانو پنهنجي نئين عمر ۾ اهڙين سوچن ۽ يادن جي جنگ ۾ جُهري جهڄي پيو هو. پر پوءِ به پاڻ جيئڻ جي سَت ۽ سمجهه اڃا سالم هئس.
هي جنهن مهل شهر پهتو هو، ته سج پنهنجي رتول رنگ ۾ راسيون رنڱي چڪو هو. شهر ۾ وڌيڪ رلڻ، ڦرڻ ڇڏي سڌو ربو ڌوٻي جي دڪان تي آيو. دڪان کليل هو پر ربو موجود نه هو. هي دڪان ۾ هڪ ڪاٺ جي پراڻي ڪرسي تي ويهي رهيو.
هن کي ربو بچپن کان گهڻو قرب ڏيندو هو. پڻس عبدالفتاح۽ ربو جنهن جو سڄو نالو ربنواز هو. ٻئي حيدرآباد ۾ مئٽرڪ تائين گڏ پڙهيا هئا. تڏهن مئٽرڪ ۾ فيل ٿي پيو هو ۽ غربت جي ڪري اتي ئي رهجي ويو. ليڪن پوءِ به ربو سان سندس دوستي قائم ۽ مثالي رهي هئي.
جانو دڪان ۾ ويهي جڏهن دڪان ۾ هيڏانهن، هوڏانهن پنهنجون نظرون تڪيائين، ته سندس پيءُ جو ن اهي ڪچهريون ياد اچڻ لڳس.
جيڪي هو پنهنجي محب دوست، ربو ڌوٻي سان ويهي ڪندو هو.
هن کي ياد آيو ته، سندس نالو کڻندي سندس پيءَ چيو هو. ”ادا ربنواز ٻيلي منهنجو هي جان محمد مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي؟ ڏس ڏي ته هن لاءِ هاڻ ڇا ڪجي؟ هي هاڻ پڙهي هرگز نٿو. ٻني ٻارو پنهنجو ذاتي ته آهي ڪو ن، ۽ هارپي مان به ڪجهه حاصل ڪونهي ۽ حڪيم صاحب وٽ به پنج ڏينهن وڃي ٿو ته، ٻه ڏينهن اتان به گسايو وڃي. ائين ته هي هاڻ خراب ٿي ويندو، ٻيلي هن جي لاءِ ته ڪو بِگر بِلو ڏس؟“
تڏهن ربو ڌوٻي سندس لاءِ چيو هو ”يار... جان محمد ته مونکي تمام سياڻو ٿو لڳي، پر تو هن تي اجايون سختيون ڪري، ڪري هن ويچاري جا حال رولي ڇڏيا آهن. مئٽرڪ تائين ته پڙهيو پر پوءِ تو پاڻ هن کي پڙهائي مان ڪڍي ورتو، تون شايد هاڻ هن جي ڪمائي کائڻ ٿو چاهين، ها نه،؟“
”پوءِ ڀلا ٻيو ڇا ڪيان؟ وڏو پٽ به، ته، ٻه شاديون ڪري ويهي رهيو ۽ ٻنهي شادين مان، ٻارڙا به گهڻا ٿي پيا اٿس، ضرورتون وڌڻ لڳيون آهن، ڀلا سڄي عمر ته مان هنن کي ڪمائي ڪون کارائيندس ۽ ٻيو ته سدائين ڪنهن جي لاءِ مائٽ به حيات ڪون ويٺا آهن... ادا پنهنجا ڪلها وهيل هوندن ته ڪنهن جا محتاج ڪون رهندا، ماڻهو کي پنهنجي سمجهه، عقل ۽ هنر هوندو ته، ڪم ايندو!“
”۽ علم تنهنجي خيال ۾ هنن جي ڪم ڪون ايندو، ها نه؟“
”ادا علم ته الله جي به سڃاڻپ آهي، پر سو ته سندس نصيب ۾ نه هو، نه!“
”نصيب ۾ نه هو ڇا؟ هن جي عمر ته اڃا پڙهڻ جي آهي. ۽ تون هن جي قست کي ويٺو ڏوهه ڏيئين، اها ايڏي ناانصافي اولاد سان ناهي ڪبي عبدالفتاح... غربت پنهنجي جڳهه تي بلڪل آهي، پر ان سان گڏ جيڪڏهن ڀاڙيائپ کي گڏائجي، ته ماڻهو بيڪار ۽ ڀاڙِي ٿيو پوي!“ ربو کيس حجت ۾ چيس ۽ ساڳي انداز ۾ جانو جي پيءُ چيو هو ”ربنواز مان غريب ضرور آهيان، پر ٻيلي مونکي هروڀرو ڀاڙيو نه چئو، ياد اٿئي؟ جڏهن پنهنجي سنگتياڻي جي انجام تي ويندو هئين ته مونکي ڪيتريون منٿون ڪندو هئين؟ هاڻي ٻڌائي ڀاڙيو مان يا تون؟“
”ها! اهي يادون ڀلي دُهرائي، پر هاڻ تون همٿ هاري چُڪو آهين، تنهنجي وڏي پٽ ٻه شاديون ڪيون، ان کي ڪجهه ٻارڙا ٿي پيا ته انهن جي روزي روٽي جي ڪارڻ پنهنجو پاڻ کي بس ڀڃي ڀوري وڌو اٿئي... ته پوءِ ٺهيو، هاڻ هي جانو ڪر منهنجي حوالي.؟“
جانو کي اهي پنهنجي پيءُ جون ڪيل ڪچهريون ياد آيون ته، سندس اندر جو سانوڻ اُڌمو کائي بي مُدو اکين مان وسڻ لڳو، هن پنهنجي قميص جي پلاند سان ڳلن تان ڳوڙها ويٺي اُگهيا، ته ربو ڌوٻي اوچتو مٿس اچي بيٺو، ربو سندس اهو حال ڏسي هو پاڻ به ڏکارو ٿي پيو، پر پوءِ خود کي ڏاڍو ڪندي. پنهنجي دل تي ڄڻ پٿر رکندي چوڻ لڳس ”اڙي... جانو تون ڪيڏي مهل آئين!؟“
۽ وري سندس منهن ۾ ڏسي چوڻ لڳس ”اڙي هي ڇا؟ تون روئين پيو؟“
بس ربو جو ايترو پڇڻ ۽ جانو اٿي کيس ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو، تڏهن ربو ڌوٻي کيس ڳلي لڳائي دلداري ڏيندي چيس ”نه جانو بس ... روئبو ناهي، ڏس هي بازار آهي، ماڻهو پيا ڏسن، تون هاڻي وڏو ٿي ويو آهين... ماڻهو ڇا چوندا؟... بابا آئون آهيان نه... سڀ ٺيڪ ٿي ويندو... تون به بابهين وانگر ڀاڙيو ٿي پيو آهين... ويهه بابا ويهه...؟“
ربو دلداريون ڏئي کيس ساڳي ڪرسي تي ويهاريس ۽ سندس دڪان ۾ بازاري ماڻهن لاءِ پيل ٿڌي مٽ مان پاڻي جو گلاس ڀري پياريائينس ته، جانو جو تن، من ٺري پيو ۽ مايوس حالت ۾ منهن هيٺ ڪري خاموش ويٺو رهيو.
ربو ڪجهه دير لاءِ ڄاڻي، واڻي شوڪيس ۾ رکيل ڪپڙن کي هيٺ مٿي ڪري، وري به اچي سندس پاسي ۾ ڪاٺ جي بينچ تي ويٺو ۽ هلڪي کنگهڪار ڪري شفيق لهجي ۾ چوڻ لڳس ”جانو بابا هر ماڻهو جي زندگي اڻ ڳڻيل ڏينهن جو هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن ۾ هر موسم اچي ۽ وڃي ٿي، هر معاملو اچي ۽ وڃي ٿو، ثواب ۽ گناهه به اچن ۽ وڃن ٿا. پوءِ ظاهر آهي ته، ان اڻ سُونهين سفر ۾ پنهنجا ۽ پراوا به اچن ۽ وڃن ٿا. ماڻهو ڪنهن جي لاءِ ڪيترو روئندو؟ انهن کي ڏس، جن کي دنيا ۾ ڪو پرچائڻ وارو ئي ڪونهي، انهن جا به ته، ابو، امان هئا، اهي به ته زندگي جي هن ساڳي سفر جا مسافر آهن نه!“
ربو جا اهي لفظ جانو جي جيءَ کي وڏو ڏڍ ڏئي ويا ۽ هن منهن مٿي کڻي ربو ڌوٻي جي منهن ۾ ڏسي جهڙو ڪجهه چوندي، چوندي خاموش ٿي ويو ۽ ربو ان ڳالهه ۾ راضي هو ته ”ڀلي خاموش رهڻ فلحال سندس ڪيفيت لاءِ بهتر آهي ۽ جيترو خاموشي کيس سمجهائي، پرچائي سگهي ٿي، اوترو ٻيو ڪير به ان حالت ۾ پاڻ روئي به کيس ريجهائي نٿو سگهي.“
ربو سندس ان خاموشيءَ کي ڪجهه وڌيڪ وقت ڏيئڻ لاءِ بهانو ٺاهيندي کيس چيائين ”جانو مان گهران چانهه کڻي ٿو اچان، گڏجي ٿا پيئون، تون ٿڪل هوندين. هٿ منهن ڌو، اندر کٽ تي ڪجهه دير ٽنگون ڊگهيون ڪر، مان بس اِجهي اچان ٿو، پر جي تڙ ڪريئن، ته هو سامهون حمام آهي، وهنجي به سگهين ٿو؟“
ربو ڌوٻيءَ جو گهر دڪان جي بس ڪجهه قدمن جي فاصلي تي هو.
پاڻ غير شادي شده نانگو مسافر هو. ٿورو وقت ٿيو هئس، جو سندس عورت جنس سان دلچسپي نه رهي هئي. گهر ۾ سندس ٻه ڀائر شادي شده ۽ اولادي هئا. هي پنهنجي دڪان جي ڪمائي پنهنجي ضرورت کانپوءِ، جيترو به ٿيندو هو، پنهنجي ڀائرن جي گهر ڏيندو هو. ۽ اتان کاڌو، پيتو ۽ ٻي هر ضرورت واري شيءَ کيس عزت سان ملندي هئي.
هوپنهنجي ننڍڙن ڀائٽن ۽ ڀائٽين سان انتهائي پيار ڪندو هو. سندس زندگي جي پيار وارو حصو انهن معصومن جي رشتن سان رلِي، ملي ويو هو.
پاڻ اصل هالا شهر جي ڪنهن عباسي خاندان مان هو. سندن چڱي، خاصي زمينداري هئي. هن حيدرآباد جي ڪنهن اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي هئي تڏهن کيس تپداري واري نوڪري جي آڇ به هُئي، پر سندس پيءَ پنهنجي خانداني روايت موجب سرڪاري نوڪري کي اهميت نه پي ڏني ۽ کيس پنهنجي زمينداري ۽ شهري ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو هو.
پنهنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ هن کي زمينداري ۽ وڏي ڪنهن ڪاروبار سان دلچسپي نه رهي ۽ پنهنجي اباڻي ملڪيت مان پنهنجو حصو، پتي سڀ پنهنجي ٻنهي ڀائرن کي ڏئي ڇڏيائين. ربو انهن ڀائرن کان عمر ۾ وڏو هو. سندس باقي ٻئي ڀائر توڻي انهن جون گهرواريون، هن جي هر ڳالهه رکندا هئا، سندس هڪڙو ڀاءُ مذهبي ۽ مُلاڻي ذهنيت وارو هو. سو سندس سوچن، خيالن جي ڪنهن، ڪنهن مهل تنقيد ڪندو هو، پر سو به پرپٺ. منهن تي ته اهو به سندس وڏو احترام ڪندو هو.
ربو پنهنجي جوانيءَ ۾ هڪ خوبصورت، جوان ڪنهن ٻروچ خاندان جي ڇوڪريءَ سان پيار ڪيو هو ۽ هڪٻئي سان واعده اقرار ڪري ڇڏيا هئا ته، ”هميشه جي لاءِ هڪٻئي جا ٿي رهنداسين“، جيڪڏهن پنهنجن مائٽن خانداني ۽ قبائلي خيال کان قبيلائي يا ذات، پات جي فرق سبب پاڻ کي هڪٻئي سان شادي نٿا ڪرڻ ڏين ته اهو الله لڳ وچ ۾ ٻنهي جو گڏيل اقرار رهندو ته ”نه تون ڪنهن ٻي عورت سان شادي ڪندين ۽ نه مان ڪنهن ٻئي مرد سان نڪاح ڪنديس!“
ربو پنهنجي ان پيار جي اقرار تي قائم هو. شايد انهيءَ ڪري ئي سندس ڪاروبار وغيره سان سندس ڪا دلچسپي نه رهي هئي. ليڪن پوءِ به اباڻي ملڪيت جو مالڪ کيس ئي تصور ڪيو ويندو هو.
سندس طبيعت سنجيده، نيڪ دل، اشراف، سخي سوچ، عقلمند ڪتابي، ۽ سخن پرواز ماڻهو هو.
عمر ۾ هاڻ سٺ کان ستر سالن جي اندر هو. پر سندس کِهي پڪي، پختي ۽ هانٺي جو مضبوط.
هن پنهنجي دل جي مرد کي غلط عملن کان مضبوطي سان روڪي رکيو هو. شهر جا ڪجهه ماڻهو ته کيس قلندر ڪري به سڏيندا هئس. بلڪل آزاد خيال ۽ تنهائي پسند ماڻهو هو.
دڪان ۾ هن پنهنجي لاءِ هڪ ننڍڙو گهر به سجائي رکيو هو سندس روزمره جي استعمال جون شيون ۽ رهڻ، سمهڻ جو سمورو انتظام هن دڪان جي ڪمري ۾ سجائي سنڀالي رکيو هو. جنهن ۾ هڪ (Single bed) هڪ نوار تي واڻيل کٽ جنهن تي مهمان مهي لاءِ ويڙهيل بسترو، چار ڪرسيون، هڪ ننڍڙي پر سهڻي ڪاٺ جي ٽيبل، ڪتابن جو ڪٻٽ، هڪ ڪاٺ جي ٺهيل الماري، جنهن ۾ ڪپڙا، پرفيوم، وهنجڻ جي صابڻ کان وٺي روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ سڀ شيون موجود هيون پر انهن ۾ جيڪا سندس خاص شيءَ هئي سا هئي (Green Tea) جيڪا هو اڪثر سردي جي موسم ۾ شوق سان پيئندو هو.
ڪمري سان(Attached) باٿ روم، ڪمري جي ديوار تي اترئين طرف کان گهڙيال ۽ ان جي هيٺيان برابر ۾ ٻه فريم ٿيل (Photograph) جنهن ۾ هڪ ذاتي سندس ۽ ٻي جانو جي پيءُ جي تصوير هئي جنهن جي هيٺ نالو لکيل هو. عبدالفتاح سنجراڻي. ۽ هڪ فل سائز ۾ رنگين T.V.
مطلب ته ضرورت لاءِ گهربل سڀ سامان سندس دڪان جي ان گهر نما ڪمري ۾ ڪنهن حد تائين موجود رهندو هو. صرف رڳو کائڻ پيئڻ واري ضرورت هن پنهنجي ڀائرن جي گهر سان جوڙي رکي هئي. ۽ اهو ئي باقي بهانو هو. جنهن کيس پنهنجي ڀائرن ۽ انهن جي اولاد سان سندس رشتي جي ڀرم کي جوڙي رکيو هو.
نه، ته فقيرتن ماڻهو، پنهنجي پريميڪا جي فڪر ۾ سيلاني فقير به ٿي پي سگهيو.
اسان جي سنڌي سماج ۾ هڪ مڪمل انسان جي ڳڻن ۽ وصفن ۾ اهو هڪ وڏو ڳڻ ۽ سٺو عمل آهي ته، پنهنجن قريبي رشتن سان تاحيات پنهنجو سٻنڌ جوڙي رکڻ ۽ انهن سان نباهڻ.
پر ان جي ابتڙ حالت ۾ ان کي انسانيت مان به خارج تصور ڪيو وڃي ٿو.
جانو ان ڪاٺ جي ڪرسيءَ تان اٿي، هٿ منهن ڌوئي اندر ڪمري ۾ ليٽيو پيو هو، پر سندس مٿي ۾ سوچن جو سور اڃا هلڪو نه ٿيو هو. اڃا سندس اکيون آليون، مٿو ڳرو، بدن ساڻو ۽ هينئون ڪچو لڳو پيو هئس. کيس پيءُ جي پيار، ماءُ جي ممتا، ڀاءُ ۽ ڀاڄائين جون بي مروتيون، دوستن ۽ هڪجيڏن واريون حجتون وغيره سڀ سندس سوچ تي وڻ ويڙهيءَ جيئان وڪڙيل هيون. سندس منهن ۽ اکيون دل جي صدمي سبب ڳاڙهاڻ مائل هيون.
هاڻ سرءُ جو ان ڏينهن وارو سج لهي چڪو هو. اونداهه جو راڪاس سڄي شهر ۾ ڊوڙي ويو هو. پر پوءِ به دڪان جي بجلي اڃا بند پئي هئي.
ربو گهران چانهه ته کڻڻ ويو هو، پر اصل ۾ اهو ته، هو هڪ بهانو، تنهن ڪري. ان کي ڄاڻي واڻي به دير ڪري اچڻو هو.سو اُهو پنهنجي وقت سان گهران چانهه کڻي جيئن ئي دڪان تي چڙهيو هو، ته دڪان ۾ اونداهه ڏسي جانو کي سڏ ڪرڻ لڳو.
”جانو...او جانو“
”جي چاچا سائين، مان هيڏانهن ڪمري ۾ آهيان.“
جانو کٽ تان اٿندي چيو، ربو کي ته کيس سڏ ڪرڻ جي ضرورت ڪا نه هئي، پر سندس ڪيفيتن جي تبديلي ۽ پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ خاطر چوڻ لڳو ”اڙي، بابادڪان جي بجلي ڇو ڪون ٿوٻاريئن؟ اونداهي ته ماڻهو جي اندر جا عذاب ٿي جاڳائي!“
۽ چانهه جو ٿرماس رکي خود بجلي ٻاريندي چيائين ”هڪ اها روشني ته آهي، جيڪا انسان جي روحاني راهه گذر ۾ راحت بخشي ٿي.“
هن دڪان ۽ ڪمري جي بجليءَ جا بٽڻ ٻاري دنگ ڪيا ته، جانو به اچي اڳيان بيٺس، سندس منهن ڏسي وري چوڻ لڳو ”ڪوشش ڪجانءِ زندگيءَ جي راهداريءَ ۾ اونداهه کي اچڻ نه ڏجان؟ هٿ منهن ڌوتو اٿئي...؟ وهنتو ڪون آهين...؟
توکي وهنجڻ کپندو هو!؟ ٿڪ لهي وڃئي ها ۽ بدن هلڪو ٿي پوئي ها!“
۽ وري سندس پيرن ۾ ڏسي چوڻ لڳس ”خير! چانهه پيون پوءِ تنهنجي لاءِ ڪو جوتي، چمپل به وٺون، اگهاڙا پير هن عمر ۾ ديوانن جا هوندا آهن، ۽ دنيا انهن تي رحم نه کائيندي آهي! ٻيو ته اسان جي سنڌي سماج ۾ ڪنهن به قسم جي اوگهڙ کي قبول ئي نه ڪيو ويندو آهي ۽ نه ئي ان کي عزت ۽ احترام جي لائق سمجهيو ويندو آهي... سمجهئي جان محمد؟“
”جي چاچا سائين“ جانو ساڳي ڪاٺ واري ڪرسي تي ويهي رهيو، ۽ ربو پنهنجي آسڻ واري ڪرسي ڏانهن ويندي پڇيس ”بک ته گهڻي ڪون لڳي اٿئي؟“
”نه چاچا، ماني ڳوٺان کائي نڪتو هئس!“
جانو اهو ڪوڙ ڳالهايو، پر هونئن به سيني اندر جيڪڏهن سورن جو سانڌاڻو، سنڌيل هجي، ته بک ڪنهن کي لڳندي؟
ربو سمجهي ويو ته، جانو ڪوڙ ڳالهايو آهي. تنهن چانهه جو سُرڪ ڀريندي چيس ”جانو، هڪڙي ڳالهه ياد رکجان، ماڻهو جڏهن پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪري، يا زماني جي عذابن سبب، پنهنجو پاڻ کان ڇڄي، اڪيلو يا اڌ ماڻهو جو ٿي پوندو آهي، تڏهن هو ڪوڙ جو سهارو وٺي، ڪوڙ ڳالهائي پنهنجو بچاءُ ڪندو آهي.
پر اصل ۾ اهو هو بيوقوفي ڪري، خود سان اهو فريب ٿو ڪري جنهن ۾ کيس سواءِ رنج ۽ رسوائي جي ٻيو ڪجهه حاصل ئي نٿو ٿئي، سو بابا ڪوڙ کان ڪڏهن به ٽيڪو نه وٺجان.“
جانو به سمجهي ويو ته منهنجي ڪوڙ جٽاءُ نه ڪيو! سو لڄوڻي انداز ۾ سچ ڳالهائيندي چيائين”چاچا مان ماني واقعي کائي ڪون آيو هئس، پر سچ، پچ ته، بک به گهڻي ڪون لڳي اٿم.“
”نه، نه مونکي خبر آهي، گهڻي بک توکي لڳندي به ڪان، پر مان صرف ايترو ٿو چوان ته، ڪنهن به حوالي کان، حجاب ڪري، دل ۾ ڪجهه لڪائي نه رکجان، ضرورت کان وڌيڪ دل ۾ بچت ڪرڻ به ڄڻ قبر جي عذاب برابر آهي.“
جانو ته حڪيم صاحب وٽ اهڙيون ڳالهيون ٻڌي، ٻڌي انهن جي گهرائي کي سمجهڻ جي صلاحيت به ڪنهن حد تائين سڌاري چڪو هو. نه رڳو ايترو پر ڪڏهن، ڪڏهن سندس ذهن ۾ به اهڙي ڪا نئين نرالي ڳالهه يا ڪو عجيب ۽ نئون خيال ذهن ۾ ايندو هئس ته، هو پنهنجو پاڻ تي خود به حيران رهجي ويندو هو، ائين پي لڳو ته، سندس تخليقي قوت ۾ به واڌارو اچي رهيو هو.
چانهه پِي واندا ٿي، بازار مان جوتو وٺي، رات واري ماني کائي، دڪان جو دروازو وارائي اندران بند ڪري ٻئي ڄڻا پنهنجي، گهر نما دُڪان جي ان ڪمري ۾ اچي ويٺا. ربو بيڊ تي ٻه وهاڻا سيرانديءَ کان رکي انهن تي اِرڪ ڏئي ليٽي پيو. ۽ جانو پنهنجي سمهڻ واري کٽ ڇڏي... ڪرسي تي ٿي ويٺو. ڪجهه دير خاموشيءُ کانپوءِ، جانو کان سندس احوال وٺندي ربو پڇيس ”ها جان محمد! منهنجي خيال ۾ ته مان ڪجهه سمجهي به ويو آهيان، يا ٿي سگهي ٿو ڀليو به هجان! پر هاڻ تون ٻڌائي ته، ڇا معاملو آهي، ڇو پريشان آهين؟ بابِهين جي وفات کان پوءِ پندرنهن، سورنهن مهينن کانپوءِ آيو آهين، سو به ڪنهن ڏک، ڏمر کان آيو آهين، ڀاڻهين وڏو ته، سال ٿيا آهن، مون ڏانهن اچي ئي ڪون، ائين پيو لڳي، ڄڻ هن پنهنجي پيءُ وارا واسطا تعلق سڀ ماري، وساري ڇڏيا! پر پنهنجي پي جي سٺن دوستن کي به وساري، وڃائي ويهي رهيو آهي. خير ان تي ميار ناهي. هو ته آهي به هڪ ننڍڙي سوچ، ننڍڙي دل، ننڍڙي ذهن ۽ ٿوري عقل وارو ماڻهو، پر توکي ته مان بچپن کان ڏسندو اچان، تون ذهين، عقلمند ۽ ساڃاهه، سمجهه وارو جوان آهين. تون پنهنجي پيءُ جي پوکي راهي سنڀالڻ واري سمجهه رکين ٿو... منهنجي خيال ۾ مونکان تون پنهنجي دل جي ڳالهه ڪون لڪائيندين؟“
”نه چاچا سائين، توهان ۽ادا علي احمد سجاول وارو، اوهان ٻئي منهنجا ڄڻ پنهنجا آهيو، توهان ته منهنجا... مونکي پنهنجي پيءُ جيئان آهيو، ڀاءُ علي احمد سجاول ۾ ٿو رهي. سو بابا سائين جن جو سڳو سوٽ آهي. ۽ منهنجو هم عمر آهي. بس ڪو مڙئي مهينن جو عمرين ۾ فرق آهي. پر هو هتان کان ڪجهه پرڀرو آهي، ۽ مون وٽ ڀاڙي جيترو پيسو ڏوڪڙ به ڪون هو. توهان حيدرآباد ۾ مونکي هر لحاظ کان ڪجهه ويجها هئا. تنهن ڪري مان پنهنجي ڳوٺان پنڌ ئي پنڌ توهان ڏي هليو آيس.“
جانو جو ڳوٺ ۽ حيدرآباد ايترا ويجها به ته ڪون هئا، جو ماڻهو سندس ڳوٺ کان حيدرآباد تائين پنڌ اچي، وڃي سگهي. ربو ته ڪنهن زماني کان ان فاصلي ۽ گس، پنڌ کان واقف هو. تنهن سندس پنڌ جو اندازو ساريندي پڇيس ”اڙي، واهه ڙي، جوان واهه، تون ڳوٺ کان حيدرآباد تائين لاڳيتو پيرين اگهاڙو پنڌ آيو آهين!؟“
”جي ها! چاچا هاڻ هر، هر توهان سان ويٺو ڪوڙ ڳالهايان اهو ته هاڻ مناسب ڪون ٿيندو ، نه!“
”شاباس جانو! اها اهڙي بردباري ۽ همٿ، تو پنهنجي هميشه سلامت رکي، ته يقين ڪر ناڪاميءَ ۽ نااميدي، تنهنجي اندر داخل ئي نه ٿي سگهندي، دنيا ۾ سچ کانسواءِ باقي سڀ اجائي ڀُل آهي جانو.“
”جي!“ جانو سندس منهن ۾ ڏسي جواب ڏنو.
ربو پنهنجي بيڊ تي ٽيڪ ڇڏي، سڌو ٿي، سندس سامهون ويهندي چيس ”جانو! پنهنجي تڪليف جي وقت پنهنجو ڏکيو حال، رڳو پنهنجي دل کي ٻڌائڻ سان، ماڻهو پنهنجي اندر ۾ هڪ اهڙو زهريلو اثر ٿو پيدا ڪري، جنهن جي جوش ۾ پوءِ اکين مان اهو زهر پاڻي جي شڪل ۾ ائين ٿو اُڀامي جاري ٿئي جيئن ڪنهن مٿانهين جبل تان آبشار هيٺ ڪرندي، هيٺاهين واري پهاڙ کي پرزا ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح پوءِ ته اهو ماڻهو پڌرو ساڳي ٿي پوندو آهي. پر پوءِ پنهنجون همدرديون ضايع ڪري ٿو ڇڏي، ڏک، ڏولاوا ماڻهو کي دل سان نه، دل وارن سان اورڻ گهرجن ته جيئن اندر جي اُساٽ ۽ تن جي تپش جهڪي ٿي وڃي... جانو تون ۽ مان، اسان ٻئي هڪٻئي کان ايتري وٿي تائين هڪٻئي کان پري آهيون، جيئن هي هٿ جون آڱريون، تنهن ڪري جو ڪجهه به ٿيو آهي، بي فڪر ٿي ٻڌائي، مان تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو.“
”جي، چاچا سائين، مان توهان کي پنهنجو سمجهي ته توهان وٽ آيو آهيان، ۽ توهان جوئي، ٿي رهڻ ٿو چاهيان؟“
جانو ائين چئي، پوءِ پاڻ سان ٿيل سموري وارتا کيس سربستي بيان ڪري ٻڌائي ۽ آخر ۾ اکين مان لڙڪ ڳاڙيندي، چوڻ لڳو ”چاچا مونکي واپس ڳوٺ نه موٽائجو، ادو مونکي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان قتل ڪري ڇڏيندو ۽ مان جيئڻ ٿو چاهيان. جيڪڏهن مان هتي توهان وٽ ئي رهان ۽ توهان ان ۾ ڪا ڏکيائي محسوس ڪندا هجو، ته مونکي بس رڳو سجاول جو ڀاڙو خرچ ڏجو مان ڀاءُ علي احمد ڏي سندس ڳوٺ هليو ويندس؟“
ربو سندس ماجرا ٻڌي پنهنجي مرحوم جگري دوست عبدالفتاح کي ياد ڪري آخر پنهنجي دل به رئاري ويٺو. هو پنهنجي بيڊ تان اُٿيو، واٽرڪولر مان پاڻي پيتائين ۽ جانو کي به سندس بنا گهُر جي پياريائين ۽ وري به ڪجهه دير ساڳي حالت ۾ بيڊ تي وهاڻن کي ٽيڪ ڏئي ليٽي پيو. ڪجهه دير سوچ ويچار کانپوءِ، جانو کي مخاطب ٿيندي پڇڻ لڳو ”جانو ڏس! ان معاملي بابت توکان هڪ دفعو پڇڻ منهنجو به ڪو حق ٿئي ٿو. بس مونکي رڳو ايترو ٻڌائي ته، تو پنهنجي ڀاءُ ۽ پنهنجي ننڍي ڀاڄائي بابت جو ڪجهه به چئي ٻڌايو آهي، ان ۾ تون بي ڏوهي آهين يا توکان ڪٿي ڪا غلطي ٿي وئي آهي؟ بس هاڻ جو ڪجهه به تون ٻڌائيندين؟ سچ يا ڪوڙ اهو سڀاڻي وقت به پڌرو ڪري ڇڏيندو!؟“
”چاچا. مون اهڙي ڪائي غلطي ناهي ڪئي. جيڪڏهن مان گنهگار آهيان، ۽ سڀاڻي وقت اهو ثابت ڪري ٿو، ته منهنجو سر تنهنجي پيرن ۾ هوندو، ۽ توهان پنهنجن هٿن سان منهنجو سر قلم ڪري، مونکي دفن ڪري ڇڏجو، مان توهان کي پنهنجو خون اڄ کان ئي معاف ڪري ٿو ڇڏيان، اهو مان عبدالفتاح جو پٽ توهان سان واعدو ٿو ڪري ڇڏيان...!“
هڪ دفعو وري به ربو ڪجهه سوچڻ لڳو، پر هن ڀيري جانو جو نظرون کيس چڱي طرح تڪي رهيون هيون، ڪجهه دير کانپوءِ ربو سندس منهن ۾ ڏسي ٿڌو ساهه ڇڏيندي چيس ”جانو اڄ کان هي دڪان تنهنجي حوالي ۽ مان به تنهنجو... تون منهنجو ٿيئين نه ٿيئين اها الڳ ڳالهه آهي... توکي ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ جي ڪائي ضرورت ناهي. جيسين مان جيئرو آهيان، منهنجي ساهه سان گڏ آهين. تو شام جو اچڻ وقت ئي چيو هو ته، مان جيئڻ ٿو چاهيان، بس پوءِ جيسين سيسيءَ ۾ ساهه اٿم، تيستائين ڪو ٻيو فڪر نه ڪجان، تون نه رڳو پاڻ جيئندين، پر اميد الله ۾ آهي ته، تون ٻين کي جيئڻ سيکاريندين اهو مون ربنواز ڌوٻيءَ جو به توسان واعدو رهيو.“ ۽ پوءِ جانو جي دل وٺڻ خاطر کيس پنهنجو حال محرم بڻائيندي چوڻ لڳس ”منهنجو جيئاپو ٻڌندين؟ ٻڌايان توکي پنهنجو جيئاپو، ته مان ڪيئن پيو پاڻ کي جيئاريان، دل ته چوي ٿي، اڄ مان پنهنجو اندر توسان اوري ڇڏيان جانو. ٿي سگهي ٿو، زندگي جي سفر ۾ ڪڏهن ڪٿي ڪنهن ماڳ تي تنهنجي ڪنهن ڪم اچي وڃي؟“جانو سندس دل جي سچائي ۽ خلوص ڏسي، پنهنجي دل جا بار ڊهندي محسوس ڪيا، کيس خبر ئي نه رهي ته، الائي ڪهڙي لفظ لهجي سندس لڱن تان ٿڪ لاهي ڇڏيو. ان سَرهائيِ ۾ هن اسرار ڪندي چيس ”چاچا، جيڪڏهن مان توهان جي اندر جو احوال ٻڌڻ جي اهل هجان، ته پوءِ اها توهان جي مون تي وڏي عنايت ٿيندي، جو توهان مونکي پنهنجي روح جي رشتي سان ڳنڍيو ٿا!“ ”ها! ڇو نه جان محمد، تون منهنجي دادلي دوست جو پٽ آهين، تون مونکي ٻڌڻ جي بلڪل اهل آهين.“
••••