پيماني ۾ اوتيل شراب
سنڌو درياهه جڏهن ڪئلاش پربت کان پنهنجو سفر شروع ڪري ٿو ته ان ۾ بلا جي مستي ۽ ارڏائي هجي ٿي ۽ شينهن جيئان گجگوڙ ڪندڙ مست سنڌو جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ته سندس آڪار وڌي ٿو ۽ سنڌ ۾ سفر ڪندي منجهس گوتم جهڙي سانت اوتجو وڃي ۽ نگر ٺٽي ۾ پهچندي وشال درياهه ڄڻ ڪنهن نرتڪي جي ڌيمي، چال جهڙي روم تي سمنڊ ۾ سمائجي وڃي ٿو. ڪئلاش جبل کان سانڍيل سڪ جيڪا کيس بيچين ڪندي سفر تي اسهائي ٿي، ان جي پورتڻا هو نگر ٺٽي ۾ ماڻي ٿو.... تڏهن مونکي سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو ته، ٺٽي ضلعي ۾ ايڏا مهان ڪلاڪار ڇو ٿا پيدا ٿين؟ جتي سرجڻهار سنڌو پنهنجو اڻانگو سفر پورو ڪري منزل ماڻي سڦلتا پائي، ان ڌرتي تي سونهن، سڪ ۽ سوز جا سلا سدائين اُڳندا رهندا ۽ پنهنجي سرهاڻ سان سنسار کي واسيندا رهندا. سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، قاسم پٿر، ارشاد ساگر، مريم مجيدي، رنگريز.... کان حيدر دريا تائين ڏات جي ڏيهه ۾ اُهي نالا آهن، جن جي ڪوتائن ۾ سنڌ جي سونهن، سڀيتا ۽ سنڌو جيڏو وشال سينو سمايل آهي.
نج ڳوٺاڻي بيهڪ رکندڙ سادو سودو، پنهنجي ڌن ۾ مگن رهندڙ حيدر دريا کي ڏسي ڪير چوندو ته هي ڪو ڀلوڙ ناول لکندڙ به آهي؟ اسان وٽ عام طور تي ليکڪ به ڪاسميٽڪ خول ۾ رهڻ پسند ڪن. عام طور تي لکڻين کان زياده ڳالهائڻ جي اسٽائل، اٿڻ ويهڻ جي انداز مان اديب محسوس ڪرائين، پر هي فقير ماڻهو سنڌ جي عظيم ناول نگار علي بابا جيئان بلڪل فطري ڏيکائي ڏيندڙ ائين ڄڻ هن ۾ موهن جي دڙي جو روح سمايل هجي.
”لفظن جي خواهش“ کان پوءِ ”رشتن جي آزادي“ سندس ٻيو ناول آهي. هڪ چيني چوڻي آهي ته”عالم ڪتابن تي ڳالهائيندو آهي ۽ ڪاسائي رڍن تي“. حيدر دريا هن ناول ۾ سنڌ جي سماجي بيهڪ تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي اُن ۾ موجود ڪُڌين رسمن ۽ رواجن کي ننديندي آئيندي ان اُجالن جا گس گهاٽ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ناول جون هي سٽون ان جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون.
”هر انسان پنهنجي خدا جي شڪل ۾ پنهنجي ئي ڪرشمي ۽ ڪرامت ۾ پيو جيئي پر اُن جو کيس علم ناهي... جن کي ان جي پروڙ پئي سي علم جو دروازو ۽ سولي تي منصور ٿا سڏائين.“
حيدر دريا جي ناول پڙهڻ سان تلسلسل ٽُٽي نٿو ۽ هڪ ساهي ۾ ان کي ختم ڪرڻ تي دل چوي ٿي.
”موپاسان“ جي راءِ مطابق، ”سٺي ڪهاڻي اُها هوندي آهي جيڪا توهان کي اهو محسوس ڪرائي ته ان جا ڪردار اوهين به ٿي سگهو ٿا.“
حيدردريا جي ناول جو ڪردار ڪريمداد، چاهت، بختاور، جان محمد، عادل، علي احمد... بلڪل ائين محسوس ٿين ٿا، ڄڻ اهي اسان منجهان ئي هجن ۽ اسان منجهه ئي رهندا هجن.
جيئن سنڌي ادب ۾ ناول نويسي ۾ علي بابا ۽ ماڻڪ جو پنهنجو اسلوب ۽ انداز آهي تيئن حيدر دريا جو ناول لکڻ جو به پنهنجو ڏانءُ آهي. ڪردارن کي ناول ۾ ڪيئن سموئجي، منظرڪشي ڪيئن ڪجي ۽ سٽاءُ ڪيئن رکجي، اهو فن کيس بخوبي اچي ٿو. سندس هن ناول ۾ ڪيل منظرنگاري ترگنين ۽ ٻين روسي ليکڪن جي ناولن جي ياد ڏياري ٿي. ناول ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگي جو امتزاج، رهڻي ڪهڻي، روين ۽ قدرن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن ناول جي اها خوبي آهي ته ان جا ڊائلاگ ايڏا ته جاندار ۽ وزن وارا آهن جو ان کي آساني سان ڊرامائي تشڪيل ڏئي سگهجي ٿي. چيخوف جا چيل اهي لفظ هت ناول تي ٺهڪي اچن ٿا ته ”سٺو توهان لکندا آهيو جڏهن ته شاهڪار افسانو توهان کي لکندو آهي.“
جتي ناول نگار کي ڪردارن کي نمايان ڪرڻ جو فن اچي ٿو، اتي هن جي ٻولي به ڏاڍي خوبصورت آهي. ناول ۾ آيل تشبيهون، ۽ لفظ ناول جي سونهن کي چار چنڊ لڳائن ٿا.
مثال طور: ”مان جيستائين پنهنجي محبت کي هڪ نظر نه ڏسندو هوس تيستائين باقي سڄو جهان مونکي بدصورت ۽ اداس نظر ايندو هو.“
شايد ڪلا جي اهڙي ئي سونهن کان متاثرٿي سئزرلينڊ جي مصور ”ڪلي پال“ چئي ويٺو ته آرٽ اڄ جي دور جي اڻ ڏٺل جي مصوري آهي.“
حيدر دريا ناول جي روايتي ترتيب ۽ بيهڪ کي ڇڏي اڄ جي دور جي تقاضائن ۽ ضرورتن کي مد نظر رکندي تاريخ، تهذيب، سماجيات، معاشيات ۽ حتاڪه فلسفي تائين هر موضوع کي ناول ۾ مجبور ڪري ٿو. توڻي جو حيدر دريا جي پيش ڪيل نظرين ۽ موضوعن تي اختلاف راءِ رکي سگهجي ٿو. جيڪو آدم جو بنيادي حق به آهي. آءُ آدم کي انهيءَ ڪري به سلام ڪندو آهيان جو منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن آدم حڪم عدولي نه ڪري ها ته شايد اسين هي خوبصورت دنيا نه پسي سگهون ها. سو آءُ حيدردريا جي ناول ۾ آيل موضوعن سان ڪي قدر اختلاف راءِ رکندي به ان نتيجي تي پهتو آهيان ته مون ۽ حيدر دريا پارا ڏات ڌڻي، الڳ رستا جهاڳيندي به هڪ منزل جا مسافر آهيون.
حافظ جي هڪ شعر جي تشريح آهي ته: ڪالهه ڏٺم ته ملائڪن مئي خاني جو در کڙڪايو ۽ ماڻهو جي مٽي ڳوهي پيمانو ٺاهيائون.“
حيدردريا ان پيماني ۾ شراب اوتيو آهي. هاڻي اها اسانجي بدنصيبي/ نااهلي چئبي جو اسين ان مان سُرڪ نه ڀريون.
ڀون سنڌي
5 جنوري 2011ع
3684972-0331