ناول

رشتن جي آزادي

خوبصورت لفظن جي خالق ۽ پياري انسان سائين حيدر درياء جو هي ناول جڏهن ڪتاب جي صورت ۾ مليو هو ته مان ٻن ڏينهن ۾ ئي هي ناول پڙهي پورو ڪيو هو۔ سنڌ جي عجيب روايتن سان گڏ رشتن جي ٽوٽ ڦوٽ ۽ پيار جي اظهار تي سندس سٽون سچ ته خوبصورت آهن۔
سندس ناول ۾ اڻ ڳڻيا اهڙا مڪالما آهن جيڪي هتي پيش ڪري سگهجن ٿا پر انهن مان هڪ هيٺ ڏجي ٿو:
ياد رکجان، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽حضرت آدم سان پنهنجي خدا!
۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواهش!
Title Cover of book رشتن جي آزادي

قسط 2

ربو هڪڙو وهاڻو پنهنجي جهوليءَ ۾ رکي، ان تي پنهنجون ٻئي ٻانهُون ائين رکيائين جو ڄڻ پنهنجي سڄي عمر جو بار انهيءَ ويهاڻي تي اڇلي ڇڏيائين ۽ پوءِ پنهنجي ڪهاڻي جي شروعات ڪندي چوڻ لڳو ”جانو! مان تنهنجي عمر جو هئس ته، عشق منهنجي دل ۾ ڪِتڪتايون ڪرڻ لڳو، مان پنهنجي عمر ۾ ڇوڪرين کي غور سان ڏسڻ ۽ انهن جي جسماني جوڙ جڪ تي پنهنجي دل کي حرصائيندو هئس. ڪڏهن، ڪڏهن ته ڪنهن ڇوڪريءَ سان دل لڳي واري حجت به ڪري وٺندو هئس. منهنجي اهڙي من چلائين آخر هڪ ڏينهن هڪ ٻروچ قبيلي جي نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ سان منهنجي پيار جو پيوند جوڙي ڇڏيو، ۽ مان ان سان سچو، پچو پيار ڪري ويٺس ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو به مون سان محبت ڪرڻ لڳي... هُو اسان جي هڪ ايماندار هاريءَ جي لکي، پڙهي ڌيءَ هئي... آهستي، آهستي اسان هڪٻئي سان ائين هڪ ٿي وياسين، جيئن پڙاڏو ۽ سڏ! ... پر اڃا ان معاملي جي ڪنهن کي به ڪا خبر ڪان هئي. تڏهن اسان هالا ۾ ويٺل هئاسين. اڄ به اڃا اسان جون زمينون اتي آباد آهن. اهي ساڳيا هاري، ساڳيا خاندان منهنجي ان محبوبا سميت اتي آباد آهن. مان پنهنجي ان محبوبا واري محبت جي سحر ۾، روز صبح، شام پنهنجي ٻني تي رڳو سندس ڪري ويندو هئس.
اسان جي محبت ۾ روز نوان پيچ پوندا رهيا ۽ اسان جي محبت مضبوط ٿيندي وئي.
جان محمد! قدرت واري دنيا ۾ محبت پيدا ڪري، نه رڳو انسان تي پر هن پنهنجو پاڻ تي ۽ هر ساهه واري تي هڪ وڏو احسان ڪيو آهي.
دنيا ۾ محبت نه هجي ها، ته نه انسان جي انسانيت هجي ها ۽ نه خدا جي خدائي!
نه وڻ ميوا پچائن ها! نه ماکي رس ٺاهي ها!
نه مُلو مسجد اڏي ها، نه شيطان شرارتون جوڙي ها ۽ نه ولِي ولايتون حاصل ڪن ها!
نه تيرٿ، حج ۽ تڪيا جُڙن ها ۽ نه ثواب، گناهه جي ساڃاهه هجي ها!
نه جڳ ۾ رشتا جڙن ها ۽ نه رقيبن ۾ جدائي جو روڳ هجي ها!
هي اسان ساهه وارا سڀ محبت جي صدقي ساڃاهه رکون ٿا، نه ته وڍيي جو ويڄ ته هٿ ئي ڪون اچي ها!
هر ڪوئي ڪوري ڪاغذ جيئان ڳري، سڙي اڪيلو ئي مري ها! نه سماج نه سياست، نه قبيلا ۽ نه قتل عام ۽ نه تون ۽ مان.
بس ڪرم ان آدم جا ٿيا، جنهن آسمانن جي بهشت مان محبت کي هيٺ هن ڌرتيءَ تي آندو ۽ اسان سندس بيِ، بيِ حوا واري محبت جو اولاد ٿي پياسين.
بس ان ساڳي حضرت آدم جي آندل محبت اسان کي به آدم ۽ حوا ياد ڏياري ڇڏيا ۽ اسان هڪٻئي سان شادي جا اقرار ڪري ويٺاسين. توڻي جو اها اڻٿيئڻي ڳالهه هئي. ائين ٿيڻ مشڪل پي نظر آيو.
اسان جي سنڌي سماج ۾ اسان اڃان پنهنجي، پنهنجي ذات جي جيل مان ٻاهر نڪري نه سگهيا آهيون. اڃا تائين سنڌي سماج مڪمل قومي وحدت کان ڄڻ ته محروم آهي. سنڌي سماج اڃا تائين قبيلن خاندان ۽ الڳ، الڳ ذاتين ۾ ورهايو پيو آهي. هڪڙو قبيلو ٻئي قبيلي کان رت جي رشتن ۾ ٽٽو پيو آهي. هڪڙي ذات وارو ٻيءَ ذات واري سان سڱ، سيئاپو نٿو ڪري. ميمڻ، ملاحن سان سڱ نٿا ڪن، ملاح کٽين سان نٿا ڪن، کٽي، ملاحن سان نٿا ڪن، رند، جتوئين سان نٿا ڪن۽ سما لاکن سان نٿا ڪن، ۽ لاکا ٻروچن سان نٿا ڪن ۽ وري ٻروچ قبيلا سنڌ ۾ پنهنجن ٻروچن قبيلن ۾ به ائين ئي ورهايا پيا آهن، ۽ ان کان پوءِ سادات قبيلا به ائين آهن، پوءِ اها الڳ ڳالهه آهي، ته ڪٿي ڪي پيار ڪندڙ ٻه دليون، انهن سماجي غلط اصولن جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي پيار جو پرڻو حاصل ڪري ٿا وٺن، پر سي به ته، پنهنجي سماج ۾ جهڙي خوني دشمني ٿا پرائن.
مونکي ۽ منهنجي پريمڪا کي به اهو ئي خوف هو.
سنڌ ۾ ته اسان وٽ مذهبي صورتحال به ساڳي آهي. مثلن: ڪوئي غيرمسلم خاندان ڪلمو پڙهي مسلمان ٿئي ٿو، ته ان سان ڪنهن مسلم خاندان جو رشتو، تعلق ڳنڍڻ ته ڇا؟ پر انهن نون مسلمان ٿيندڙ خاندان جي گهر جو پاڻي پيئندي به، اصل مسلمانن جو ڄڻ روح ٿو خراب ٿئي! ائين سنڌ ۾ سماٽ ۽ ٻروچ قبيلن جي وچ ۾ به اهڙي ڪراهت ذري گهٽ ساڳي عملي حالت ۾ آهي!
مان ۽ منهنجي محبوبا اسان ٻن مختلف قبيلن جا ڄايا هئاسين. هُوءَ ٻروچ ۽ مان سَماٽ!
انهيءَ قبيلائي ورڇ، جيئن اسان ٻنهي کي ڪنهن اڻ ڏٺي خوف ۽ دهشت ۾ رکيو هو. ائين پورو سنڌي سماج، تاريخ شاهد آهي ته، ڌارين قومن اڳيان اهڙي ڪنهن اڻ ڏٺي خوف ۽ دهشت جي سبب، گيدي ۽ غلام رهيو آهي.
جيڪڏهن سنڌي سماج پنهنجي اها بدترين قبائلي ورڇ وارو عمل ڇڏي گڏجي هڪ ٿي وڃي، ۽ پنهنجي قدرتي خون کي ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورهائڻ ڇڏي ڏي، ته، نه پيار تي پابنديون هجن ۽ نه گيدي پڻي وارو گنگهر گهارڻو پوي.“
جانو کي سندس ڪهاڻي مان پنهنجو حڪيم صاحب ياد اچي ويو. جيڪو اڪثر پنهنجي تڪيي ڪلام ۾ چوندو هو ”محبت جا مريض مون وٽ ڇاجي لاءِ ٿا اچن؟ انهن بيوقوفن کي پنهنجو مرض پاڻ سمجهه ۾ نٿو اچي، ته مان ڀلا کين ڪهڙيون ڦڪيون، ٻُڪيون ڏيان.“
جانو کي تڏهن به اهو خيال فڪر ۾ وجهي ڇڏيندو هو، ۽ هاڻ جڏهن ربو جو داستان ويٺي ٻڌائين تڏهن به پنهنجو من جهڙو اڌورو، اڌورو پي محسوس ڪيائين. جڏهن هڪجيڏن سان گڏ پڙهندو هو، تڏهن سندس ذهن قومي سياست ڏانهن مائل ٿيو هو. پر پوءِ سماجي اوچ، نيچ واري ڏڦيڙ سبب انهيءَ سطحي سياست ۾ کيس مزو نه آيو ۽ سياسي سرگرميون گهٽائي ختم ڪري ڇڏيائين. ۽ هاڻ ان مهل جيڪو ربو جي واتان ويٺي ٻُڌائين، سو سندس ذهن کي هڪ نواڻ ۽ فڪر ۾ گهرائي پيدا ڪري رهيو هو. هن خاموشي ۽ سڪون سان ويٺي ٻڌو، ۽ جانو جي ان خاموشيءَ ۾ ربو به پنهنجي محبت جي داستان ۾ پيار جا رنگ ڀريندي پنهنجي ڪيفيت عجيب طرح جي محسوس ڪري رهيو هو. ۽ پنهنجي ناحاصل پيار جي ڪَيف ۾ سنڌي سماج تي ڪاوڙ کائيندي چوڻ لڳو ”خبر ناهي سنڌي سماج کي پاڻ ۾ ورهائجي رهڻ واري پِٽ ڪٿان لڳي، الائي ڪٿان اها بيماري لڳيس، جنهن کي پنهنجي غلاميءَ تان غيرت گهٽ، ۽ پيار، محبت جهڙي معراجي معاملي تي وڌيڪ غيرت اچي ٿي!؟
جانو! هُوءَ پڙهي، لکي ذهين ۽ سٺي خاندان جي ڇوڪري هئي، اسان ٻنهي کي پنهنجي سماج جي خوني ريتن ۽ ڪروڌي رسمن جي ڄاڻ هئي، پر محبت ته، مذهبن ۽ ريتن رسمن تي سوچي نه ايندي آهي! دنيا ۾ صرف اهي ٻه شيون آهن جن جي ڪا به موسم ۽ وقت مهل مقرر ٿيل نه آهي. سي آهن هڪڙي ”محبت ۽ ٻيو موت“!
اهي ٻئي حالتن ۽ همدردين سان ڪوئي تعلق نٿا رکن، پر تڏهن اسان ٻنهي پنهنجي عمرين مطابق اڃا محبت ۽ موت جي فلسفي تي سوچيو به، نه هو، اسان تڏهن محبت جي نتيجن کان اڻ ڄاڻ ۽ موت جي انتظار کان آجا هئاسين!
هُوءَ مونکان وڌيڪ خوبصورت هئي. ۽ اڄ به جنهن عمر ۾ هُوءَ آهي. تڏهن به سمجهان ٿو ته، سندس خوبصورتي مونکان سرس هوندي. الائي ڇو منهنجي دل کي اهو يقين آهي ته، مان سندس ئي سونهن مان پنهنجون خوبصورتيون سکيو آهيان!
جان محمد- سچ پڇين ته، بابهين کانپوءِ. اهو پهريون ماڻهو تون آهين؛ جنهن سان اڄ مان پنهنجي دل جي دري کولي، پنهنجو هينئون ويٺو ٺاريان! اهو مون توکي پنهنجي لاءِ مناسب سمجهيو تڏهن، نه ته، هن کان اڳ مان پنهنجي سڄڻ جي سونهن کي سوغات سمجهي پنهنجي سيني ۾ ساهه سان سلهاڙي رکيو هو. پر اڄ سمجهان ٿو مان پنهنجون اهي ڪيفيتون مائِي سسُئي جيئان قبر ۾ کڻي وڃي سمهندس، تنهن کان بهتر ٿيو، سي مان توسان بيان ڪري پيو ڇڏيان، شايد توکي پنهنجي زندگي جي لاءِ به اهڙن تجربن جو علم ضروري هو، ۽ خدا توکي ڪنهن بهاني مون تائين آندو آهي.
تون جئيڻ ٿو چاهين، ماڻهو کي پنهنجي جيئاپي جا پيچرا پاڻ ڳولڻا پون ٿا. پر سو تڏهن جڏهن ڪو مون جيئان پنهنجي پيار کي پرستش ۽ پنهنجي دل کي خدا سمجهي پنهنجي وجو د کي ئي وساري ڇڏي... مونکي تو مان ڪجهه اهڙو ئي نظر اچي ٿو جانو. توڻي جو تون منهنجو رت، جگر ۽ سڳو پٽ نه آهين، پر توکي خبر هوندي ته، حضرت عيسيٰ نبي کي پنهنجو پيءُ ڪون هو. بيِ بيِ مريم کي پنهنجو مرد (مڙس) نه هو ۽ حضرت آدم کي پنهنجا ماءُ، پيءَ ٻئي ڪون هئا.
ياد رکجان، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽حضرت آدم سان پنهنجي خدا!
۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواهش!
... جانو! منهنجي محبت جي خبر جڏهن منهنجي والد کي پئي، تڏهن ان مونکي ٻني، ٻاري تي وڃڻ کان منع ڪري ڇڏي. منهنجي والد صاحب کي اهو خوف ٿي پيو هو ته، ٻروچ مونکي قتل ڪري ڇڏيندا. منهنجا والد صاحب مون سان انتهائي محبت ڪندا هئا ۽ منهنجي حالت اها هئي جو مان جيستائين پنهنجي محبت کي هڪ نظر ڏسندو نه هئس، تيستائين باقي سڄو جهان مونکي بدصورت ۽ اداس نظر ايندو هو. مونکي تڏهن اهو محسوس ٿيو ته، محبت تي بندش ماڻهو لاءِ دؤزخ جي عذاب کان وڌيڪ آهي.
هونئن به بيڪار ۽ بي مقصد پابندي ماڻهو جي ذهن کي موڳو ڪري سوچن کي زهر ڏئي، سندس صلاحيت کي ڪنهن اوڙاهه ۾ اڇلي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آهي.
پر پيار تي پابندي، پاپن کي جنم ڏئي ماڻهو کي پنهنجي هٿرادو دوزخ ۾ جلائي فنا ڪري ڇڏيندي آهي!
مان به پنهنجي والد صاحب جي ان لڳايل پابندي ۾ بي سُکو ۽ بيمارذهن بڻجڻ لڳس، مونکي گهر ۽ شهر کان ٻاهر ڪيڏانهن به وڃڻ جي اجازت نه هئي. مان پنهنجي پيءُ جي عزت ۽ وڏو احترام ڪندو هئس. سندس هر حڪم تي هاڪاري جملا ڳالهائيندو هئس. پر سندس منع ڪرڻ کان پوءِ هڪڙي پاسي مونکي پنهنجي پيءُ جو احترام عزت ۽ادب سامهون هو، ٻي پاسي کان وري قبيلن ۾ ورهايل پنهنجو سماج، جنهن ۾ پيار ۽ محبت کي ڏوهه ۽ غيرت جو نالو ڏئي ڪهاڙين سان ڪُٺو ويندو آهي. ۽ ٽئين پاسي منهنجي محبت ۽ ان سان ڪيل قول ۽ قرار.
انهن تي سوچي، سوچي منهنجن سوچن کي جهڙو ڪينسر جو مرض لڳي پيو هو. مان روئي، روئي پنهنجي والد صاحب کان صرف رڳو هڪ دفعو ملڻ جي اجازت ورتي، پر ان ۾ به اهو شرط لاڳو هو ته، منهنجي اها ملاقات ڏهن منٽن تائين هوندي. ۽ اها آخري به هوندي، ان کانپوءِ ان سان وري نه ملڻ جو به واعدو ۽ قسم ورتائين.
مون سوچيو ته، محبت وارن لاءِ هڪ منٽ جي ملاقات به معراج ڪرايو ڇڏي، ڏهن منٽن ۾ ته مان پنهنجي خدا کي به ڏسي وٺندس.
انهيءَ سوچ ۾ مان پنهنجي پريتم سان ملڻ لاءِ الائي ڪيتريون ڳالهيون ڳولي ٺاهي، سنڀالي کنيون ۽ اهو به فيصلو طئي ڪري ويس ته، آخر ۾ ائين ئي چوندوسانس ته... اي منهنجي محبوبا هاڻ تون مونکي وساري ڇڏ ۽ مان توکي وساري ڇڏيندس!
پر مونکي اڃا اها سمجهه نه هئي، ته محبوبن سان سندن سامهون هٿرادو ۽ نقلي ڳالهيون پنهنجو پاڻ فنا ٿيو وڃن.
پوءِ جڏهن وقت ۽ واعدي موجب ان سان مليس ته پنهنجا پچايل خيال ته الائي ڪيڏانهن ڪري ڇڏيم پر پنهنجي پيءُ سڳي سان ڪيل واعدو به وسري ويم! ۽ اسان ڏهن منٽن ۾ ته هڪٻئي جون ميارون به کُٽائي نه سگهياسين. هڪٻئي کي اهڙيون ميارون ڏيندي، وري به ڪي نوان واعدا ۽ نوان قول اقرار ڪري، اسان هڪٻئي کي، هڪٻئي سان قولن، اقرارن جي مُلهه ۾ وڪڻي ويٺاسين.
اسان ان ڏينهن شايد پورو ڪلاڪ هڪٻئي جي حال تي رناسين ۽ هاڻ هڪٻئي کان موڪلائڻ تي هئاسين، ته سندس ننڍو ڀاءُ جنهن جي عمر شايد ڏهه، يارنهن سال ٿئي ها؟ تنهن اسان کي پنهنجي ٻکن ۾ ان لڪل جڳهه تي ڏسي ورتو هو. جنهن کان پوءِ مٿس به سختيون مڙهيون ويون.
اسان جي پڌرائي سبب اسان جي اها آخري بس ملاقات رهي.
جان محمد! ماڻهو جڏهن پنهنجي نيت ۾ سچا اقرار ڪندو آهي، ته خدا تعاليٰ ڪنهن طرح اهي اقرار قائم ئي رکندو آهي.
مون جنهن وقت پنهنجي والد محترم سان اهو واعدو پي ڪيو ته، مان هُن سان وري بلڪل ڪون ملندس تڏهن خدا شايد منهنجي ان اقرار کي ان وقت ئي قائم ۽ قبول ڪري ورتو هو.
ان آخري ملاقات کانپوءِ. ٻئي، چوٿي ڏينهن تي، سندس خاندان مان ڪنهن سنجيده ماڻهو منهنجي ان عملي محبت جي منهنجي والد صاحب کي ڪا مياري دانهن ڏئي ويو. تنهن کانپوءِ، منهنجي والد صاحب کي منهنجي لاءِ پريشاني ايترو اچي ورايو. جو آخرڪار هالا مان لڏي هميشه لاءِ حيدرآباد اچي آباد ٿياسين.“
ايترو ٻڌائي ربو ائين خاموش ٿي ويو. جو هن ڄڻ پنهنجو قصو پورو ڪري ڇڏيو. ۽ پوءِ سندس ڊگهي خاموشي جو وجهه وٺندي جانو پڇس ”پر توهان هڪٻئي سان شادي ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو سو؟“
تڏهن ربو پنهنجي ڪمزرو ۽ جهڙو ڪنهن بيمار آواز ۾ چيو. ”ها اسان جيڪو هڪٻئي سان شادي وارو واعدو ڪيو هو ته شايد ان وقت اتي به خدا موجود هو، ۽ اسان جو اقرار ان ڏينهن کان اڃا تائين قائم رکيو اٿس!“
”ڇا پوءِ توهان جي شادي به ٿي هئي؟“ جانو پڇيس.
”نه!‘ جان محمد ان وقت اسان هڪٻئي سان اهو اقرار ڪري اٿيا هئاسين ته، نه مان ڪنهن ٻي عورت سان شدي ڪندس ۽ نه هو ڪنهن ٻئي مرد سان نڪاح ڪندي! ۽ اڄ به اڃا اسان ٻئي زنده آهيون ۽ پنهنجي اقرار تي قائم به... شايد ٻئي جنم ۾ اسان جو سماج ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورهايل نه هجي ۽ پوءِ اسان پيار جو پرڻو به شايد ڪري ڇڏيون!؟“
جانو ڌيان ڏئي سندس داستان ٻڌڻ سان، خود سان ٿيل تعدي به وساري ويٺو، سندس دل چاهيو پي ته، شل خدا ڪري اڃا به ڪجهه ٻڌائي، پر ربو شايد هاڻ پنهنجي روح ۾ ڪجهه رهايو پي. ليڪن پوءِ به جانو سندس پچر اڃا نه پي ڇڏي. ۽ سوچي، سوچي وري هڪ ٻيو سوال پڇيس ”چاچا توهان نالو به ته ان جو ڪون ٻڌايو؟“
تڏهن ربو ٿورو مسڪرائيندي چيو ”ٻڌائڻ لاءِ ته مان. توسان سڄي رات ويهي سگهان ٿو، پر يار باقي نالو! سو ته مان پنهنجي روح ۾ ئي رکڻ ٿو چاهيان. ۽ مان سمجهان ٿو ته، ان تان تون دل ۾ به ڪون ڪندين!!“
رات جو هڪ وڳي جو وقت ٿي چڪو هو، ربنواز ته گهڙيال تي وقت ڏسڻ کانسواءِ به دڪان ۾ ويٺل، سرءُ مند ۾ آيل جيتن جي آواز مان اندازو لڳائي چڪو هو پر جانو ٻهراڙي جي کليل ميدان واري ماحول ۾ چنڊ يا تارن ۾ ڏسي وقت جو اندازو لڳائيندڙ هو! تنهن کي شهر جي روشنين ۽ بند ڪمري ۾ وقت جي خبر ئي نه رهي، ان لاءِ ته دڪان جي ڪمري کان ٻاهر اڃا جهڙو ڏينهن هو! پاڻ تازو ڏکايل هو،تنهن ڪري اڃا به ڪجهه ٻڌڻ جي ڪيفيت ۾ هو. جنهن کي ربو به محسوس ڪيو پي، تنهن سندس سوچ کي گهڙيال جي طرف ڌيان ڏياريندي چيو ”جان محمد هو ڏس رات جو هڪ ٿي ويو آهي. تون به ٿڪل آهين بابا... صبح جو دُڪان ۽ گراهڪن کي به منهن ڏيئڻو آهي... سڀاڻي توکي پهريان، پهريان ڪپڙن تي نمبر هڻڻ، ڪم ڪار جي ترتيب ۽ ڪپڙن جي مصالحن بابت ڪجهه سمجهائڻو آهي... باقي ڪچهريون ته، جيسين آهيان جيئرو تيسين راتيون پنهنجون آهن. پيا مارڪا ڪنداسين.
ربو آهستي آهستي موضوع بدلائڻ لڳو ۽جانو جو ذهن به موضوع تان هٽائڻ خاطر چيائين ”جان محمد، جيڪڏهن تون ڳوٺ واپس وڃڻ چاهين ته، مان توسان گڏجي به هلندس، باقي ٻئي پاسي ڪيڏانهن به وڃڻ جي توکي مان اجازت نه ڏيندس... ‎ٺيڪ آهي؟“
”نه چاچا، مان ڳوٺ واپس نه ويندس، ڳوٺ سان ته هاڻ منهنجو رشتو باقي رهيو آهي موت وارو. سو موت جي اوڏانهن گهرايو ته ٻي ڳالهه آهي. باقي مان پنهنجي خوشيءَ سان ڪڏهن به هاڻ ڳوٺ ڪون ويندس. ...“
”ته بس ٺيڪ آهي... مان هي پنهنجي دڪان جو ڪاروبار تنهنجي ئي حوالي ڪندس، مونکان هاڻ هي ڪم سنڀاليو نٿو ٿئي، مزورن جا ماڻا، ۽ گراهڪن جي گَهه پِيهه مون کي ٿڪايو وجهي، سڄو ڏينهن هڻ هڻان هاڻ نٿي پڄي يار.“
۽ پوءِ بيڊ تي ويهاڻو سري کان ٺاهيندي چيائين ”چڱو هاڻ سُمهنداسين جان محمد... پر چڱن ويچارن چيو آهي ته، سُمهڻ مهل ڪوئي چڱو خيال سوچي پوءِ سُمجهي تو وٽ ڪو اهڙو خيال آهي، ٻڌائيندين؟“
جانو بنا سوچڻ جي چيو ”چاچا سٺو خيال... منهنجي خيال ۾ بس خدا کي ئي ياد ڪري سُمهجي!؟“
”ها، اها به سٺي ڳالهه آهي. پر خدا ته جدا ڪونهي نه، اهو ته ساهه سان گڏ آهي. پر منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته، ڪنهن نئين سوچ جو ڪو نئون خيال، جيڪو صبح جو اٿجي ته بلڪل چڱي طرح ياد هجي، جيئن ذهن تازو رهي . جيئن حضرت علي جو قول آهي ته ”ماڻهو جنهن ڳالهه کي نٿا ڄاڻن، تنهن جا دشمن ٿيندا آهن.“
ربو حضرت علي جو قول ٻڌائيندي، پنهنجي هنڌ تان اٿي بيهي پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي وري چيائين ”جان محمد! يار بابهين تمام پيارو ماڻهو هو. مان کيس حجت ۾ ڀاڙيو چئي ويندو هئس، پر يار هُو ڀلو ماڻهو هو.
خبر اٿئي هڪ ڀيري مونکي چيائين... ادا ربنواز ٻيلي ڏس ڏي مان پنهنجي دل ڪهڙي ڌوٻي کان ڌوئاريان!؟ تون ته مونکي دل ڌوئي نٿو ڏيئن، مان جو غريب آهيان، پيسو هجي ها ته ڪونه ڪو ضرور سڏي چوي ها ته... اچ هيڏانهن، تنهنجي دل تي ڏس ڪيترا داغ چڙهي ويا آهن، توکي پنهنجي دل تي ڪراهت نٿي اچي؟ اچ هيڏانهن ته تنهنجي دل ڌوئي صاف ڪري ڇڏيون!! ... او... هو... هاءِ هاءِ يار ڪهڙيون خبرون توکي ٻڌايان... تنهنجي پيءُ جون؟ سمهڻ مهل اڪثر تنهنجي بابي جو ڪو نه ڪو خيال مونکي ضرور ياد اچي ويندو آهي.
...چڱو هاڻ شب خير“
۽ پوءِ ٻئي سمهي پيا.

••••