قسط 5
ان ڏينهن به دڪان بند ڪري، رات واري نماز پڙهي، دعا، پِٽ مان واندو ٿي، گهر آيو، ته روز جي معمول جيئان، سڄو گهر آرامي هو، رڳو سندس زال سندس اوسيئڙي ۾ جاڳي رهي هئي.
گهر اچي ماني لولو کائي، واندو ٿي، اڃان ويٺو ئي مس ته زال چيس ”ادا ربنواز اڄ زليخا کي، جانو سان پرڻائي، ڪنهن ٻئي پاسي روانو ڪري ڇڏيو! ... اڄ پنهنجي زليخا گهر ۾ ڪانهي.“
اها ڳالهه ٻڌي ملي ويچاري جي وائي به بتال ٿي وئي. ڪيتري دير ته رڳو زليخا جي ماءُ جي منهن ۾ ڏسندو رهيو. ۽ پوءِ هلڪي، ۽ ڳري گڏيل آواز ۾ چوڻ لڳو ”ائين ڇو ڪيائين، مان پيءُ هيس، مونکي پنهنجي نياڻي جي مٿي تي، هٿ رکي، موڪلائڻ ته ڏي ها!؟“
۽ زال کيس پنهنجي ڪم عقلي جو احساس ڏياريندي چيس ”اهو سڀ رڳو تنهنجي اجائي ضد جي ڪري ٿيو... هاڻي جيڪو ٿيو سو پنهنجي ڌيءَ جو نصيب هو. وڌيڪ ادا ربنواز کي ڪجهه نه چئجان، هُو اڳيئي، زليخا لاءِ روئي، روئي بي حال ٿي هاڻ ستو آهي. وڌيڪ سندس حال اڳي به ڪونهي، چئي پيو ته، هاڻ مان دڪان ئي ڪون کوليندس.“
”پر زليخا جي ماءُ، زليخا ڇا سمجهندي، چوندي مان پنهنجي پيءُ هوندي، گهر مان يتيم ٿي نڪتس؟... مونکي ان ڳالهه جو، ارمان پيو ٿئي... ۽ سڀاڻي ماڻهن کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس... ماڻهو ڇا چوندا؟... هرڪو ائين چوندو ڪا ته ڳالهه هئي، جو ڇوڪري لِڪي لِڪي پرڻائي ڇڏيائون؟ اها کل ته مون تي ٿي نه؟... هيڏي عمر ۾ ادا ربنواز اهو چڱو ڪم ناهي ڪيو، مان سندس ننڍو ڀاءُ هئس ان رشتي جو خيال ڪري ها!؟ نه ته ڀلا پيءُ هئس، ان رشتي کي هن ڇو وساريو؟“
۽ وري ربو جي عيب جوئي ڪندي چوڻ لڳو ”بس هُن جو ڏوهه ڪونهي... شادي ڪري ها، نياڻيون ٿينس ها، ته ڪو ڪهڪو اچيس ها، پر پاڻ نانگو مسافر ٿي رهيو، ته زليخا کي به اهڙو سمجهي، روانو ڪيائين، بس!“
”ائين نه چئو، هو گهر جو وڏو آهي. هن سڄي عمر جيڪو ڪجهه ڪيو سو اوهان ٻنهي ڀائرن جي ڪم پيو اچي، ۽ اڄ به هُو چوي پيو ته، دڪان جان محمد پي هلايو، مونکان هاڻ هلاڪي، ڪان ٿيندي، ٻڌائي ڇڏجو ٻنهي ڀائرن کي، ٻنهي مان جنهن کي وڻي، وڃي دڪان سنڀالي!“
تڏهن مُلي مٿين دل سان چيو ”هُون... مونکي ڪون ٿو سندس دڪان کپي... تون سڀاڻي چئجانس ته، مونکي ڏاڍو ڏک آهي... مان هاڻ پنهنجي ڌيءَ جي منهن ڏسڻ لاءِ سڪي ويندس... اهو صدمو مونکي سڄي عمر ڪون وسرندو... منهنجي زليخا هن پرڻائي ڪانهي، پر منهنجي لاءِ هن ڄڻ هميشه ڪاڻ ماري ڇڏي!“
”بس جيڪو ٿيو سو ته ٿي ويو، هاڻ نماز پڙهي، پنهنجي زليخا کي دعا ڪجان... باقي اجائي وِلل سان ماڻهو کلندا.“
۽ پوءِ پنهنجي زال جي سمجهائڻ، مڃائڻ تان، آڌي رات تائين پي ڪروڌ ڪيائين ۽ ائين ڪجهه راتيون پوءِ به پنهنجي زال سان، ڪاوڙ، ڪروڌ ڪري، کيس ڏک ڏوراپا به ڏيندو رهيو، پر پنهنجي وڏي ڀاءُ ربنواز جي سامهون، ڪجهه چوڻ جي پوءِ به همٿ ساري نه سگهيو ۽ آهستي، آهستي واپار جي ڪِرت سندس ذهن بدلائي ڇڏيو.
جانو ۽ زليخا جڏهن دادو پهتا، ته اتي جانو پاڻ کي مهمان سڏائڻ جي بجاءِ، هن ڪجهه ڏينهن اتي وڌيڪ رهڻ جي خيال مان بيوقوفي ڪري اهو ٻڌايو ته، ”اسان ڪورٽ مان پيار جو پرڻو ڪري، توهان جي سام آيا آهيون؟“
زليخا سندس ان غلط بياني تي چيس ”جانو اسان اها غلطي ڪئي آهي... اسان کي سڀ ڪجهه سچ ٻڌائڻو هو... هي ماڻهو الائي ته ڪيئن سمجهن... اسان پاڻ کي هرو، ڀرو چور پيا چورايون؟“
پر جانو کيس مطمئن ڪندي چيس ”نه زليخا اهڙي ڳالهه ناهي. مون اهو ان لاءِ ڪيو ته، ڪجهه وقت هتي رهي، مان ڪوشش ڪري ڪا، نوڪري يا ڪوئي روزگار، وٺي وٺان... هونئن ته هتي گهڻو وقت رهي پيا لڄي ٿيون ها، مهمان جي حيثيت سان ته پاڻ وڌ کان وڌ هڪڙو هفتو رهي پئي سگهياسون، پوءِ ڪهڙي خبر ته قسمت جي ڪاهه ڪيڏانهن ٿئي ها، پر هاڻ ان بهاني، ڪا پريشاني ڪان ٿيندي، ۽ تيسين گذر، سفر جو به مان ڪوئي بِلو ڪري وٺندس.“
پر جانو جيئن سوچيو هو، قصو ان جي ابتڙ ٿي بيٺو، شروع ۾ ڇهن، مهينن تائين ته، جانو کي گهر کان ٻاهر به نڪرڻ ڪون پي ڏنائون، چون پيا ”بابا توهان اسان وٽ سام وتي آ... توهان کي ڪجهه ٿي پيو ته، اهو اسان تي عمر ڀر جو ٽڪو لڳي ويندو... ماڻهو چوندا ايڏا ڀاڙيِ، ها، جو آيل کي امان ڏئي نه سگهيا... نا، بابا، نا مهرباني ڪري ٻاهر ڪاڏي نه نڪرجانءِ... ايڏي ڪا مجبوري يا ضرورت ٿي پئي، ته اسان جو هرماهه به ساڻ هلندو، نه ته، ائين اڪيلو ڪاڏي متان نڪتو آهين، ڀائوءُ!“
۽ وري گهر ۾ پيل هٿيارن ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳس ”هيڏي ڏس، هي ڇاجي ڪاڻ رکيا هِن، هتي ڪوئي به خوف نه ڪجانءِ... هي دادو آ... هيڏي ته هروڀرون ڪوئي ماءُ جو لال تڪڙ ڪري ايندو به ڪونه... اَؤن جهڙي، تهڙي جي ته مجال ئي ناهي، جو رڳو تنهجي سکڻي ٻانهن ۾ هٿ وجهي!“
اهڙي طرح هاڻ هي جهڙا جيل ۾ بند ٿي ويا، ڇهن مهينن کانپوءِ به ڪڏهن،ڪڏهن جانو گهرکان ٻاهر نڪرندو هو ته، ميزبانن مان ڪونه ڪو گڏهوندو هئس. هن زليخا جي اعتراض مطابق، غلط ڳالهه ڪري، پنهنجو پاڻ کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو هو... ۽ هي ڪنهن بيوقوف وانگر، ڄڻ پنهنجي نڪ جي سڌائي تي ويندي کوهه ۾ ڪري پيو هو، ۽ اتي پنهنجي ئي اڳٺ ۾ وچڙي پيو هجي!
جانو صورتحال کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو به سندس ڪائي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هو... پورو سال مٿس اها سختي رهي ان وچ ۾ ربو کي وري ٻيو دل جو دورو پيو، جنهن جي هو سٽ نه سهي سگهيو ۽ وفات ڪري ويو، ۽جانو ان جو ڪانڌي به ڪون ٿي سگهيو!
هنن کي ڳولڻ لاءِ ربو جي ڀائرن وس ڪري ڇڏيا، پر هن کي پنهنجي ٻروچ مائٽن جهڙو پنهنجي ساهه ۾ لڪائي ڇڏيو هو. سو سندس ڪٿان به ڪو پتو کين ڪون پئجي سگهيو ۽ آخر، جيئرا، مئا سمجهي، دل ڏاڍي ڪري ويهي رهيا.
سال کانپوءِ وڃي جانو کي شهر گهمڻ يا پنهنجو ڪم ڪار ڪرڻ جي کُلي آزادي ملي. جنهن کانپوءِ به هن ڪنهن اٽڪل سان پنهنجي مُحسن ربنواز جي خبر ورتي، ته سندس وفات جو ٻڌي، دل جي صدمي کان بيمار ٿي پيو، ليڪن زليخا کان هن اها خبر لڪائي رکي هئي.
پنهنجي صحت جي سڌري وڃڻ کانپوءِ هن نوڪري لاءِ جاکوڙ ڪري پوليس کاتي ۾ ڪلارڪي حاصل ڪري ورتي.
نوڪري ملڻ کانپوءِ، جڏهن زليخا هن کي بار بار ستايو ته ”چاچا ربنواز جي ڪا خبر چار وٺ؟“
ته هن آخر لاچار ۽ مجبور ٿي زليخا کي ٻڌايو ته ”چاچا ربنواز وفات ڪري ويو!“
تڏهن زليخا ٽي، چار ڏينهن لاڳيتو پنهنجي محبوب چاچي لاءِ روئندي رهي ۽ پوءِ جانو کي چيائين ته هاڻ ته اوڏنهن هلڻ ئي پنهنجو اجايو ٿيندو... منهنجي بابا کي ته، مونکان وڌيڪ مسيت سان محبت هئي... ۽ امان کي خبر آهي، ته مائرون، ڌيءَ جو اولاد ٻين لاءِ ڄڻينديون آهن... بس هاڻ خدا ملايو ته ملنداسين، نه ته انهن جو اونو، دل مان ڪڍي ڇڏ جانو... بس منهنجا ته سڀئي رشتا هاڻ تنهنجي ساهه سان آهن.“
دادو ۾ نوڪري ڪندي جانو کي پنج سال ٿي ويا، هي پنهنجي هڪ مسواڙ واري گهر ۾ رهندا هئا. هنن کي اولاد ۾ هڪ پُٽ ۽ ٻه نياڻيون ڄايون، پُٽ وفات ڪري ويو، نياڻين مان هڪڙي جو نالو چاهت، ۽ ٻي جو نالو صديقا رکيائون. چاهت وڏي ۽ صديقا ننڍي هئي.
دادو جي گرمين زليخا کي هاڻ تنگ ڪري وڌو هو، تنهن ڪري جانو کي چوندي رهندي هئي ته” جانو! تون پنهنجي بدلي ڪرائي ته وري به هلي حيدرآباد ۾ رهون، هتي گرمي ته ننڍڙين کي به تنگ ٿي ڪري- جانو ڪوشش ڪري پنهنجي بدلي ته ڪرائي، پر سا حيدرآباد جي بجاءِ کيس سيوهڻ ۾ مقرر ڪيو ويو. سيوهڻ ۾ به زليخا جا ماماڻا ۽ماسيون رهنديون هيون، ۽ سندس ماءُ به اصل اتي جي هئي، ۽ هڪ دفعو وري به زليخا جهڙو پنهنجن سان اچي گڏي.
سيوهڻ ۾ سرڪاري ڪوارٽر جي سهولت نه هئڻ سبب، هي پنهنجو الڳ مسواڙ تي گهر وٺي ان ۾ رهڻ لڳا.
چاهت ۽ صديقا به، هاڻ اسڪو ل وڃڻ جيڏيون ٿي ويون هيون، انهن جي پڙهائي جو ماءُ، پيءُ ٻنهي کي تمام گهڻو خيال رهندو هو.
سيوهڻ ۾ اچي، جانو پنهنجي سجاول واري مائٽ علي احمد سان به اچڻ، وڃڻ وارو سلسلو قائم ڪري ورتو، ۽ علي احمد هون. به سندس گهڻي عزت ڪندو هو، پر جانو جو پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ، علي احمد ساڻس وڌيڪ ويجهڙائپ ٺاهي ورتي، علي احمد کي ايتري تعليم ڪون هئي، هو پنهنجي غربت جي ڪري ٻن درجن کان مٿي پڙهي ڪون سگهيو هو.
علي احمد کي اولاد ۾ ٽي ٻار هئا، جنهن۾ هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون، پٽ جو نالو ڪريمداد ۽ ڌيئرن مان هڪڙي جو نالو حليما ۽ ٻيءَ جو نالو شهربانو هو، شهرُو سڏيندا هئس.
سندس پٽ ڪريمداد، جان محمد جي ڌيئرن، چاهت ۽ صديقا جي وچ واري عمر جو هو.
سيوهڻ ۾ جانو، ڪلارڪ مان آفيسر ٿي ويو، آفيسر ٿيڻ کانپوءِ کيس بدلي ڪري حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو، پر حيدرآباد هاڻ اهو ساڳي حيدرآباد ڪون رهيو هو، جو جانو کي رات جو ٻه لڳي کانپوءِ ڪاهوٽل کليل نطر نه اچي، انهن ڏهن، ٻارَنهن سالن ۾ حيدرآباد جي دنيائي بدلجي ويئي هئي، شهر جي آبادي، ٽريفڪ، وڏيون وڏيون بلڊنگون، واپار، هوٽلون، سئنيما حال، وڏا وڏا شو روم...مطلب ته، جڏهن رات جي وقت حيدرآباد ۾ گهمندي، جانو کي ڪُتن جو ڊپ ٿيندو هو، پر هاڻ ڪُتن کي، ماڻهن جو ڊپ ٿيندو هو. تنهن ڪري جانو پنهنجي رهائش سيوهڻ ۾ ئي مناسب سمجهي، ۽ اتي ئي رهندو هو. پر حيدرآباد ۾ اچي هن پنهنجي مالي حالت به ٺيڪ ٺاڪ نموني ٺاهي ورتي ۽ پوءِ پنهنجا ٻارڙا وٺي حيدرآباد ۾ هڪ ننڍڙي مسواڙي بنگلي ۾ رهڻ لڳو؛ ۽ پنهنجن ننڍڙين کي به بهتر تعليم سان لڳائي ڇڏيائين ۽ زليخا به جهڙو پنهنجن باقي حال حيات مائٽن سان گڏجي پئي پر ڪجهه وقت کانپوءِ سندس ماءُ به وفات ڪري وئي، ته باقي سندس مائٽن کيس قرب ڏيئڻ ڇڏي ڏنو، ته هن به پنهنجي اچڻ، وڃڻ وارو واسطو به ڇڏي ڏنو. ۽ علي احمد سان هنن پنهنجا تعلقات وڌائي ڇڏيا.
هڪ ڀيري جانو پنهنجا ٻار ٻچا وٺي، علي احمد جي ڳوٺ ويو، تڏهن هن علي احمد تي زور ڀريو ته، ”اهو تو وارو پٽ ڪريمداد منهنجي حوالي ڪر ته، مان حيدرآباد ۾ ڪنهن چڱي اسڪول ۾ پڙهايانس؟“
پر علي احمد کي اولاد مان پٽ صرف اهو هڪڙو ڪريمداد هو، تنهن پنهنجو گڏيل، سڏيل خيال ڏيکاريندي چيو ”ادا! آهي منهنجو اهو هڪڙو... مان کڻي تنهنجي حوالي ڪيانس، پر ماڻس ڀاڳان کي پوءِ ڪير پيو سمجهائيندو، پرچائيندو!؟“
علي احمد جي گهر واري ٺپ اڻ پڙهيل هئي، ۽ عقل جي ڀورڙي هئي، سگريٽ ٻيڙيءَ جي به موالڻ هئي. علي احمد پاڻ پيئندو هو، ته هو به ساڻس ڀائيواري ڪندي، ڪندي موالڻ ٿي وئي هئي. سندس نالو سڄو، ڀاڳوند هو، پر سڏيندا ڀاڳان هئس.
سنڌي سماج ۾ ماڻهو کي اڪثر سندس اڻپوري يا اڌ نالي سان سڏيو ويندو آهي. جيئن انگريزي سماج ۾ نالي ۾ واڌارو ڪري، نالي جي پٺيان هڪ ٻيو وڌيڪ نالو ڏيندا آهن، تيئن سنڌي سماج ۾ وري نالي کي کُٽائي اڌ نالي سان سڏيندا آهن. ائين علي احمد جي زال ڀاڳوند مان ڀاڳان ۽ سندس ڌي شهربانو مان شهرُو ٿي پيون هيون. ائين ٿو لڳي، ڄڻ اسين ماڻهو ئي اڌورا آهيون!
جانو ڪريمداد جي لاءِ علي احمد کي چيو ”تون ڀاڄائي کي ڪيئن به ڪري راضي ڪر؟ هتي ڪريمداد رُلي رُلي اجايو خراب ٿي ويندو! هتي مان ڏسان پيو، ٻهراڙيءَ ۾ تعليم آهي ئي ڪان، مان کيس ڪنهن سٺي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيندس!“
جانو کي پنهنجي دل ۾ اهو احساس هو ته، جيئن مونکي منهنجي مُحسن چاچا ربنواز، پڙهائي، پرچائي هڪ مڪمل ماڻهو ڪيو، تيئن مان به، علي احمد جي پٽ ڪريمداد کي سٺي تعليم ڏياري، پنهنجو روحاني سڪون به حاصل ڪريان، ته زليخا کي به پٽ جي اولاد جي ڪمي محسوس ڪان ٿيندي!“
هن جڏهن زليخا سان اها صلاح ڪئي، ته زليخا خوشيءَ وچان چيو ”ائين جي ٿي پوي، ته مان مٺائي ورهايان.“
تڏهن جانو کي پنهنجو ماضي ياد اچي ويو، ۽ سوچڻ لڳو ته، چاچا ربنواز پنهنجي محبوبا سان ڪيل اقرار موجب شادي ڪان ڪئي، ۽ مونکي پنهنجي سڳي ڀاءُ گهر مان تڙي ڪڍي ڇڏيو هو، مان يتيم ۽ بيواهو ٿي چاچي ربنواز وٽ پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ پاڻ هلي ويو هئس، ۽ علي احمد کي مان پاڻ منٿون پيو ڪيان، ته جيئن سندس پٽ کي چڱي تعليم حاصل ٿئي، پر خدا جي قدرت هي چريو منهنجي ڳالهه ئي نٿو سمجهي!“ ... پر جانو کي پنهنجو پٽ نه هئڻ سبب شايد اهڙي حقيقت سمجهه ۾ نه پي آئي ته، سنڌي سماج ۾ پٽ جي اولاد کي ڌيءَ جي اولاد کان اهميت وڌيڪ مليل آهي ، اهڙي طرح علي احمد کي به پنهنجو جهڙو تهڙو پٽ پيارو هو.
جانو جي ڪافي سمجهائڻ ۽ ليلائڻ کانپوءِ به، علي احمدهٿ ٻڌي انڪار ڪيو، جانو کي فلحال جيئن، تيئن ڪري ان ڳالهه تان لاٿو. پر جانو جڏهن سندس مهماني کائي واپس پي ويو، ته هن علي احمد کي چڱي طرح سان حجت ۾ چيو ”علي احمد اهو ڪريمداد تون، مونکي ڏيئين نٿو، پر ياد رکجان، اهو آهي منهنجي پتيءَ جو؟“
ماڻهو پنهنجا سور پنهنجي خدا کان به ڄڻ گهري وٺندو آهي، اها اهڙي حجت نه جانو کي سمجهه ۾ هئي ۽ نه علي احمد به اها ڳالهه سمجهي، بس علي احمد ويچارو کلي ماٺ ڪري ويو.
۽ ويندي ويندي آخر ۾ وري زليخا علي احمد کي چيو ”ادا هاڻ تون جان محمد جي ان حجت واري ڊپ کان تون ڪريمداد کي پڙهائيندين ته ضرور، پر پڙهي، پڙهي ان پڙهائي مان کڻي ماستر ٿئي، پر اسان ته کيس ڪنهن وڏي عهدي تي رسائي ڇڏيونس ها!“
هاءِ ڙي انسان! تنهنجون اهي اڻ ڏٺي اونهي ۾ ٽٻيون هڻڻ، خدا جي قدرت کي ته نٿو سمجهي، پر خود پنهنجي قدرت کان به اڻڄاڻ!
وقت پنهنجي ڪروَٽ ڪيئن ٿو بدلائي؟ ان سان گڏ ته ڪڏهن ڪنهن ننڊ ئي نه ڪئي آهي: جي سُمهي ٿو پوي ته، وري ڄڻ قيامت ۾ اٿندو ۽ جي جاڳي ٿو پوي ته سندس وري سمهڻ جو ڪنهن کي ڪو گمان ئي نٿو رهي.
جان محمد ۽ زليخا به پنهنجي پيار جي محلي ۾ آباد ۽ عام ماڻهن کان الڳ، نرالي زندگي جي سفر ۾ پنهنجي پيار جي قدرت به سمجهي نه سگهيا هئا.
پريت ۽ ميِت جي حاصل، خوشيءَ ۾ هو وقت جي عظمت ۽ سندس ظُلمت به وساري چڪا هئا.
۽ وقت! سندن اڳيان، پويان پي ٺاهيون، ڦٽايون، تن جو کين احساس ئي ڪون هو. هنن ته بس رڳو، پنهنجي نينهن جي ننڊ ۾ پي خواب لڌا. ۽ وقت وري به ماڻهو جي خيال جيئان تڪڙو گذري ويو... جانو جون ٻئي ڌيئرون چاهت ۽ صديقا، انٽر پاس ڪري يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لڳيون، ۽ علي احمد جي پٽ ڪريمداد انٽر اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
پاڪستان ۾ وقت جو فوجي چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل ضياءُ الحق... ذوالفقار علي ڀٽو جي، چونڊيل سياسي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، ملڪ تي مارشل لا هڻي، ملڪ جو پاڻ والي ٿي ويهي رهيو، جنهن ۾ نوي ڏينهن ۾ چونڊن جو ڪوڙو اقرار ڪري يارنهن سال ملڪ تي حڪمراني ڪيائين. هن پنهنجي دؤر ۾، سنڌ جي تعليم کاتي ۾ مسجد اسڪول جو بنياد وجهي، پنهنجي تعليمي پاليسي موجب، پرائمري ماستري جون ڀرتيون شروع ڪري ڇڏيون جنهن ۾، مڊل پاس نوجوان ۽ رٽائر ماسترن کي به رشوت ذريعي پرائمري ماستر جا آرڊر پي مليا، ڪائي، سمجهه، سوچ جي سڃاڻپ ڪان هئي، انهيءَ دٻڙ دؤنس ۾ ڪريمداد کي به پرائمري ماستري جو آرڊر ملي ويو. ۽ هُو Father of nation بڻجي ويو، جنهن جي خوشيءَ ۾ سندس اڻ پڙهيو پيءُ ماپيو نه پيو ماپجي، اها هئي زليخا واري وائي، جنهن چيو هو ته ”ڪريمداد وڌ ۾ وڌ پرائمري ماستر ٿيندو.“ ۽ هاڻ انتظار هو، جان محمد جي انهن الفاظن جو جنهن چيو هو ته، ”ڪريمداد منهنجي پتيءَ جو آهي.“
ڪريمداد جي ان سرڪاري نوڪري کان علاوه علي احمد جي اباڻي ملڪيت مان ٻه ايڪڙ زرعي زمين به هئي. سندس گذارو چڱي نموني سان پي ٿيو... هاڻ علي احمد پنهنجي اڪيلي ان پٽ ڪريمداد کي پنهنجي ڳوٺ مان پي پرڻايو. سندس شاديءَ جا ڏينهن چٽا ڪري، جڏهن جان محمد کي پنهنجي پٽ جي شادي جي دعوت ڏيئڻ ويو، ته جان محمد پنهنجي دلي رنجش مان ڪاوڙ ڪندي چيس ”علي احمد تو ڪريمداد جي شادي لاءِ ايڏي تڪڙ ڇو ڪئي؟ ڇڏينس ها، ته هو اڃا ڪجهه پڙهي ها؟ پر هاڻ هن جو پڙهائي تان چاهه کڄي ويندو، اهو تون ظلم پيو ڪرين علي احمد؟“
جان محمد ته پنهنجي مالي خوشحالي موجب ته ٺيڪ پي چيو، پر علي احمد جي غربت ته علي احمد جي کيِسي ۾ هوندي هئي، تنهن جي جان محمد جي جهان کي خبر ئي ڪان هئي.
علي احمد ويچارو هڪ ته اڻ پڙهيو، ٻيو غريب، غربت ۽ بي علمي قدرت جي انسان سان ان کان وڏي بي رحمي ته ٻي ڪا چئي نٿي سگهجي!
علي احمد ته پنهنجي ان ٻه مُنهين مصيبت ۾ جڪڙيل هو، تنهن کي پنهنجي اڪيلي ۽ سڪيلڌي پٽ لاءِ، شادي ۽ سندس روزگار جي وڏي پريشاني رهندي هئي. جنهن کي هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي مڪمل ڪرڻ پي چاهيو، هن پنهنجي ان سوچ موجب چيو، ”ادا توهان صحيح پيا چئو جان محمد! پر پڙهڻ تان هو هٿ ئي کڻي ويو هو، ٺلهو پي رُليو، ليڪن هاڻ هن کي ماستري ملي آهي، ان مان پگهار مليس ٿو. باقي هو سندس شادي جو مسئلو، سو منڱائي ڇڏيوهومانس ۽ هاڻي بس پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو بار به لاهي ٿو ڇڏيان، باقي هاڻ اڳتي سندس مرضي؟“
۽ وري وڌيڪ جان محمد کي پنهنجي رشتي جو احساس ڏيئاريندي چيس ”ڏس هاڻ تون ۽ مان پنجاهه سالن کان ٽپي ويا آهيون، هي عمر اڌ صدي جو ڄڻ ڳڙڪائي وئي، ۽ منهنجي ته نظر به الاءِ ڇو گهٽبي وڃي، ڀلا انڌو ٿي ويهي رهندس، تنهن کان اڳ ۾، پٽ جي خوشي ته ڏسي ڇڏيان، ڪهڙي خبر نصيب ڪيستائين ساٿ ڏئي؟“
تڏهن جان محمد چيس ”ها خير، تنهنجو ٻچڙو آهي، مان انهيءَ ۾ ڪو ناراض ڪون آهيان... پر علي احمد توکي پنهنجن خوشين کان وڌيڪ هاڻ پنهنجي پٽ جي خوشين تي سوچڻ گهرجي ها! اسان پنهنجن خوشين جي خاطر پنهنجي اولاد جون عمريون ئي کٽائي تباهه ڪري ڇڏيندا آهيون! ... حالانڪ اسان کي پنهنجون خوشيون به هاڻ، پنهنجي اولاد کي ڏيئڻ گهرجن، اسان پنهنجي عمر جي حصي واريون خوشيون کائي چڪاسين، هاڻ اسان پنهنجي ذاتي خوشيءَ لاءِ جيڪا طلب رکنداسين سا سڀاڻي، اسان جي اولاد لاءِ خراب هوندي... تون ته تڪڙ ڪري، پنهنجي پٽ جي شادي واري خوشي ڏسڻ ٿو چاهين، پر منهنجون ته ٻه ٻه نياڻيون اڃا ويٺيون آهن، تڪڙ ڪيان ها ته، مان ڪيان ها!پر اهڙي تڪڙي خوشيءَ مان به ڪهڙو فائدو، جيڪا تڪڙي ڪُتيِءَ جيئان انڌا گلر ڄڻي... اهڙا تڪڙا فيصلائي ته، مائيٽن کي پنهنجي اولاد مان ڏک وٺي ڏيندا آهن!... ڪٿي ائين ته ڪونهي، جو مون توکي چيو هو ته، ڪريمداد منهنجي پتيءَ جو آهي، ۽ تون ان ڊپ وچان، تڪڙو پرڻائي پيو قابو ڪرينس!؟“
علي احمد ننڍي سمجهه وارو ماڻهو هو، جان محمد جون ڳجهارتون، هن ڪون پي سمجهيون ۽ انهن تي وڌيڪ سوچڻ جي بجاءِ، هن رڳو پنهنجن تعلقاتن جي سچائي پيش ڪندي چيس ”نه، نه پنهنجا ڪهڙا ويڇا آهن. جان محمد؟ هُو تنهنجي پتيءَ جو آهي، ته مونکي ان تي خوشي ٿي ٿئي... ڪريمداد ڪيترا ڀيرا اوهان ڏانهن آيو، ويو آهي، ته مون ڪڏهن به دل ڪوسي نه ڪئي آهي! ۽ مان ته هن کي اوهان جي لاءِ الاهي چوندو آهيان، هو توهان سان رڳو بي رُخو ٿي ڳالهائي، ته مان هڏ ڀڃي ڇڏيانس، ۽ هو اهڙو آهي به ڪون، هو توهان جو ئي ٻچو آهي، توهان جي ڪنهن خدمت ۾ ڪم اچي، ته مونکي خوشي ٿيندي، پر منهنجي خيال ۾ ته، هو توهان جو تمام گهڻو خيال رکندو آهي.“
”نه علي احمد! ادا تو منهنجي ڳالهه نه سمجهي، ائين هو سٺو ڇوڪرو آهي. عقلمند آهي، منهنجي توڙي سڄي گهر جي عزت ڪندو آهي، ۽ هو ايڏو بي سمجهه به ڪونهي، جو مان سندس شڪايت ڪيان... الله توکي بچائي ڏئي، ڀلي تون پنهنجي خوشي ڏس، پر علي احمد، توکي سندس خوشين جي به پارت هجي... ٺيڪ آهي، تون پنهنجي سمجهه ۾، اهو سڀ ڪجهه، سندس خوشين لاءِ پيو ڪرين، پر اصل ۾ اها به تنهنجن ذاتين خوشين مان، هڪ تنهنجي، پنهنجي خوشي آهي. مائٽ ۽ اولاد جو رشتو، عظيم آهي، پر ان عظمت جو خيال پهريان والدين کي وڌيڪ رکڻ گهرجي... پر جيڪڏهن ان ۾ ماءُ ۽ پيءُ رڳو پنهنجي خوشي ۽ پنهنجي مانَ، مرتبي جي اميد رکي، پنهنجي اولاد کي پنهنجي حڪم جي غلامي ڪرائيندو، ته پوءِ ان اولاد جي دل ۾ ان مقدس رشتي جي عظمت ۽ احترام قائم نٿا رهن، جنهن جو مائٽ به دل ۾ ته ڏکندو محسوس ڪندو آهي، پر ڪڏهن، ڪڏهن ته اهو معاملو ايترو بگڙيو وڃي، جو ان عظيم رشتي جي تند قائم ئي نٿي رهي! ۽ ٽٽڻ کانپوءِ جيڪي مصيبتون ۽ مشڪلاتون، ٻنهي جي وچ ۾ پيدا ٿين ٿيون، سي ته پوءِ دوزخ جي تري کان به هيٺ وڃيو نڪرن، نتيجي ۾ اهو پوءِ سڄي عمر جو سور ٿيو پوي!!“
”ها! تون سچ ٿو چوين جان محمد، پر اهي معاملا، مان سمجهان ٿو، ان خاندان ۾ پيدا ٿين ٿا، جنهن خاندان جون، وڏيون جاگيرون، ۽ مال ملڪيتون هجن، اسان مسڪين ماڻهو، مون وٽ ته ڪا ايڏي ڌن، دولت ڪانهي، جنهن جي لالچ ۾، اسان مٿس اجايون سختيون ۽ پابنديون مڙهيون، مون وٽ ته بس رڳو، ٻه ايڪڙ اباڻي ٻني آهي، سا به شادي کانپوءِ، سندس ئي حوالي ٿو ڪريان، پوءِ ته ٻن ويلن جو ماني ٽُڪر به اسان جو، سندس هٿ، وس هوندو، وڌيڪ الله ساڃاهه ڏيندس.“
۽ جانو سندس عقل تي عجب کائيندي چيس ”علي احمد، تون ته درويش ماڻهو آهين! چريا مائٽ ۽ اولاد جو رشتو، روح جي ڌاڳي سان سبيل هوندو آهي، جيڪو جيترو مضبوط آهي، اوترو اهو ان کان وڌيڪ ڪمزور آهي! ۽ جيترو اهو رشتو اسان کي کليل، خلاصو ۽ وڏو نظر اچي ٿو، اهو اوترو ئي مخفي، ڳجهو ۽ ضخيم آهي... جيڪڏهن گهڻي ڌن، دولت جي سبب اهو رشتو متاثر ٿئي ٿو ته هيڪاندي غربت ۽ مسڪيني به ماڻهو کان پنهنجي مَت کسيو وٺي... اڻ هوند، اهو فتنو آهي، جيڪو پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري ۾ اختلاف وجهي، رشتن جي نباهه ۾ ڏکيائون ۽ جدايون وجهندڙ آهي! ... هي رشتو ته، درمياني روين، آزاد سوچ ۽ شفيق برتاءُ سان پنهنجي عمر جي پڄاڻي تائين قائم رهي سگهي ٿو! ...صالح ۽ نيڪ اولاد ڪڏهن به ائين نه چاهيندو آهي ته، پنهنجي والدين کي رُسوا ڪريان ۽ نه ئي مائٽ به سوچي سمجهي ائين چاهيندو آهي ته، منهنجو اولاد، بدچلن، بي علم، بيڪار ۽ بي عمل بڻجي؟...پر اهو سڀ مائٽ جي پنهنجي حاڪماڻين روين، غلط فيصلن ۽ بي جا، سختين ۽ حد کان وڌيڪ اميدون وابستا رکڻ جي سبب، هن رشتي جون روحاني تندون ڪمزور ٿي، آخر ڳري، مري ٿيون پون ۽ مري ويل شيءَ کي وري جيئارڻ، اهو ته انسان جي وس ۾ ئي ڪونهي! ... تون ته عام ماڻهن وانگر، پنهنجي غريبي ڏسي، رڳو اميرن تي ٿو سوچين علي احمد!پر پيءُ جي حيثيت سان به سوچ؟ توکي ڪريمداد جي آئيندي لاءِ رڳو ٻه ايڪڙ ٻني پئي نظر اچي، پر علم، اخلاق، عقل، انسانيت، انسان دوستي، ۽ آزاد سوچ کي به ته اهميت ڏيئڻ گهرجي... ڪجهه شيون اهڙيون به دنيا ۾ آهن علي احمد! جيڪي امير به حاصل نٿا ڪري سگهن ۽ اهي شيون غريبن کي به حاصل آهن. ليڪن جيتري انهن جي اهميت آهي. اوترو انهن جو غريب وٽ قدر نه هوندو آهي... مثلن، سچائي، سادگي، ايمانداري، محبت ۽ اولاد وغيره، اهي ته دنيا جي ڪنهن به امير کان خريد نٿا ٿي سگهن، جيڪي غريبن کي مفت ۾ مليل آهن، پر انهن جو وٽن قدر ئي ڪونهي! ... ۽ سڄي دنيا ۾ ائين ڪونهي، علي احمد! اهو اسان وٽ، اسان جي سماج ۾، پنهنجي ذاتياتي ۽ خانداني اوچائي جي سبب، پنهنجي ئي سماج ۾ پاڻ کي قبيلن، ذاتين ۽ خاندان ۾ ورهائي رکڻ سان، اهڙيون ٻيون الائي ڪيتريون لاتعلقيون ۽ بي قدريون آهن، جنهن جي ڪري، پنهنجي هر رشتي جو ماتم، اسان پنهنجي مٿي پاڻ پٽيندا آهيون ۽ هڪٻئي لاءِ احساس ئي نه رکندا آهيون! ... خير ڇڏيون ٿا انهن ڳالهين کي، تون چوندين ته، آيس جان محمد کي دعوت ڏيئڻ ۽جان محمد مونکي بِلائتي جُٺ ڪري ڇڏي!!“
علي احمد کلي ڏنو ۽ کل، خوشي واري انداز ۾ ئي چيائين ”تون سچ پيو چوين ادا جان محمد. اها جُٺ ڪونهي، پر منهنجي غريباڻي حال جو قد به ننڍو، ته سوچ ۽ نطر جي ڊيگهه به اوتري آهي، هر هڪ پيءُ پنهنجي اولاد ۾ڌيءَ لاءِ سوچ الڳ رکندو آهي ته پٽ لاءِ الڳ، مون ڌيئرن جو بار لاهي ڇڏيو، باقي پٽ لاءِ سوچي، سوچي، منهنجي عقل شايد اتي ئي دنگ ڪيو، ته پٽ کي شادي ڪرائي ڇڏيان.“
۽ جان محمد خلوص وچان چيس ”بس پوءِ اچبو... تو ته ڏينهن چٽا ڪري دعوت به ورهائي ڇڏي آهي. مونکي دعوت نه ڏيئن ها، ته به اسان ته اچون ها... ادا وڏي خوشيءَ سان کائينداسين پر مان ته، هڪ رات کان وڌيڪ تو وٽ ڪون ٽڪي سگهندس ۽ نه وري مون تي ايڏو زور ڪجانءِ؟“
”ائين ڪيئن ٿيندو جان محمد، تون ڪريمداد جي شادي کائڻ اچين ۽ مون وٽ ٻه ڏينهن به نه رهين؟ واهڙي واهه ائين ڪو ٿيندو ڇا؟... ڳوٺ وارا ڇا چوندا؟ هونئن اچو ته پنهنجي مرضيءَ سان رهيا پيا آهيو ۽ شادي جي موقعي تي، رات رهي صبح مان واپسي ڪندا... اهو ته مون تان ماڻهو کلائيندا؟“
۽ جان محمد پنهنجي مجبوري ڏيکاريندي چيس”ادا علي احمد، هي نوڪري ڪونهي، سرڪاري گڏهه ٿيڻو ٿو پوي. سو به پوليس کاتي ۾، جنهن ۾ هڪڙي پاسي بالا آفيسرن جي روين سبب ماڻهن جي لعنت، ملامت ۽ گارگند ته ٻئي پاسي سرڪاري سلاميءَ لاءِ سڏ، ڪوئي منسٽرجو دورو آهي، ته به اسان جي پُڇ مهٽ ٿئي، ڪنهن جو ڍڳو چوري ٿي وڃي ته، به اسان تي گار جي سِيڙهه ۽ ڪوئي پيار جو پرڻو ڪري ته به ڪورٽ ۾ اسان ٽنگيا بيٺا آهيون؟... اسان سان پنهنجي سماج جي روين به اسان کي انسانيت مان ڪڍي ڇڏيو آهي... ڇا ڪريون؟ هتي هن رشوت جي راڄ ۾، پنهنجن جا ته ڪانڌي به ڪڏهن، ڪڏهن ڪون ٿا ٿيون... پنج ڏوڪڙ رشوت وٺون ٿا، ته آفيسر به سڏجون ٿا، ۽ جي نٿا وٺون، ته زال به گڏجي نٿي سُمهي! ڇا ڪريون؟ مان ته عزت ۽ ذلت جي وچ ۾ ويٺو آهيان... تون جي شادي جي تاريخ بابت مونکان صلاح ڪري وٺين ها، ته پوءِ ڪا اهڙي تاريخ وچان ڪڍون ها، جو مان ٻٽي ڏينهن تو وٽ رهي پوان ها! ۽ ٻارڙا به خوش ٿين ها. پر هاڻ ڪريمداد جي شادي وارين تاريخن ۾ مان ايترو مصروف آهيان، جو هڪڙي رات وچان ڪڍڻ به مشڪل ٿيندي... پر اچبو، نه ايندس، ته وري توکي پرچائڻ ڏکيو ٿي پوندو، پر جي مونکي تنگ ڪري رهائڻ جي ڪوشش ڪندين، ته پوءِ موراڳي پاڻ هڪٻئي کي به پرچائڻ ۾ ڏکيا ٿي پونداسون. تنهن ڪري مهرباني ڪري، شاديءَ ۾ گهڻن ماڻهن جي اڳيان مونکي ان معاملي ۾ مجبور نه ڪجان، باقي! شادي کان پوءِ ڪنهن فرصت جي وقت ڳوٺ اينداسين، ۽ تنهنجون سڀ سڪُون لاهينداسون.“
پر علي احمد جي روح کي ته، اها ڳالهه وڻي ڪون پي، هن ويچاري سوچيو هو ته، شادي واري ڏينهن جان محمد جي موجودگي، مهمانن ۽ آيلن اڳيان مون غريب جي مانَ ۾ واڌارو ٿيندو، ماڻهو منهنجا لاڳاپا ڏسندا ۽ ڪريمداد، منهنجي پٽ جي به عزت وڌندي“
سندس سوچ هئي ته، گڏيل خوشيءَ ۾ ماڻهو جو اندر الاهي هلڪو ٿيو پوي، ذهني سڪون ٿو ملي، ماڻهو پنهنجي ڪيفيت ۾ پنهنجو پاڻ کي به ڏاڍو ٿو وڻي، تڏهن ته دنيا به وڻي ٿي، نه ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي نٿو وڻي، ته پوءِ دنيا کي به نٿو وڻي!“
علي احمد ائين، اهڙي طرح پنهنجي پٽ جي ڪاڄ ۾ پاڻ وڻائڻ پي چاهيو جنهن لاءِ هن جانو کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش پي ڪئي، پر پڇاڙي جڏهن نااميد ٿيو، تڏهن وري سندس زال زليخا ۽ سندس ڌيئرن چاهت ۽ صديقا لاءِ مٿس زور ڀريندي چيائين ”ٺيڪ آهي. پوءِ تون ڀلي هليو اچجان، پر ٻارڙن کي ته اجازت ڏجان، اهي ته ٻه ڏينهن رهن؟... انهن کي ته اسان ڪون ڇڏينداسين ۽ واپسي انهن جي! منهنجو ذمو... ڪريمداد آهي، پاڻهي ٻارڙا تو وٽ پهچائي ويندو بس!“
ان تي جان محمد چيس ”ادا ٻارڙا توهان وٽ ڇڏي اچان، انهيءَ لاءِ مونکي ڪو به اعتراض ڪونهي، بلڪ اُهي ته ان ڳالهه تي وڌيڪ خوش ٿيندا، پر پوءِ هتي ڪير ڪندو؟... مان اڄ تائين نوڪر ناهي رکيو، گهر ۾ سڀ ڪجهه اسان پنهنجي هٿ سان پاڻ ڪندا آهيون، توکي ته خبر آهي، بچپن کان ئي مان پنهنجي محنت جو قائل آهيان... چاچو ربنواز مرحوم هو، تنهن به مونکي اهو ئي ماڻهپو ڏنو تنهن ڪري مان ڏاڍو پريشان ٿيندس، هتي آئي ويئي جي به ڪير ڪندو؟... علي احمد توکي هڪڙي نئين ڳالهه ٻڌايان ته، ڪريمداد جي شادي کانپوءِ، ٿي سگهي ٿو، جلد ئي منهنجي مقرري، ايڏهين اوهان ڏانهن ٺٽي ۾ ٿئي، پوءِ ته بس، ويجها ٿي پونداسون، ٺٽو ۽ اوهان جو ڳوٺ ايڏو ڪو وڏو مفاصلو منهنجي خيال ۾ ته ڪونهي ۽ پوءِ ته اوهان اسان مان بيزار ٿي پوندا؟“
”اها ڳالهه ڪيئن ٿو ڪرين جان محمد؟ اسان توهان مان بيزار ٿي پونداسين؟... الله اهو ڏينهن نه ڏيکاري، جيسين جيئرا آهيون. هڪٻئي کي ڪون ڇڏينداسين اهو تو تي ۽ مون تي ڇڏيل آهي، باقي پويان پوءِ، پوين جي مرضي!“
ته جان محمد ان ۾ واڌارو ڪندي چيس ”علي احمد! ادا پوين کي به پنهنجي مرضيءَ تي ڪون ڇڏبو، اسان انهن کي هڪٻئي لاءِ ڪيترو ويجهو ٿا رکون، اهو ته اسان تي ڇڏيل آهي نه... واسطا اچڻ ۽ وڃڻ سان زنده رهن ٿا، ماڻهو هڪٻئي جي منهن ڏسڻ لاءِ سڪي، ته سمجهه واسطن مان روح نڪري ويو، باقي يادون ۽ پچارون، سي ته پوءِ ٿيون، مڙئي مئن تي ميارون ڪرڻ... جيئن اسان ۽ چاچا ربنواز جو خاندان، هڪٻئي ڏانهن اچ، وڃ ختم ٿي ته، ڄڻ هڪٻئي لاءِ مري وياآهيون. بس!“
••••