ناول

رشتن جي آزادي

خوبصورت لفظن جي خالق ۽ پياري انسان سائين حيدر درياء جو هي ناول جڏهن ڪتاب جي صورت ۾ مليو هو ته مان ٻن ڏينهن ۾ ئي هي ناول پڙهي پورو ڪيو هو۔ سنڌ جي عجيب روايتن سان گڏ رشتن جي ٽوٽ ڦوٽ ۽ پيار جي اظهار تي سندس سٽون سچ ته خوبصورت آهن۔
سندس ناول ۾ اڻ ڳڻيا اهڙا مڪالما آهن جيڪي هتي پيش ڪري سگهجن ٿا پر انهن مان هڪ هيٺ ڏجي ٿو:
ياد رکجان، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽حضرت آدم سان پنهنجي خدا!
۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواهش!
Title Cover of book رشتن جي آزادي

اداري پاران

موسيٰ پبليڪيشن سنڌي ادب جي مختلف صنفن بابت مواد پيش ڪري رهيو آهي. هن کان اڳ مختلف موضوع جهڙوڪ، شاعري، سماجي علم، سياسيات ۽ عالمي انقلابن بابت مواد پيش ڪرڻ واري مختصر ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
ناول ادب جي هڪ نرالي صنف آهي، جنهن جي سنڌي ادب ۾ وڏي کوٽ پئي رهي آهي، ان ڳالهه جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، محترم حيدر دريا زئور جو لکيل هي ناول ”رشتن جي آزادي” شايع ڪري رهيا آهيون. اميد ته پڙهندڙ مواد ۾ رشتن جي آزاديءَ واري تصور مان گهربل لاڀ حاصل ڪري سگهندا.

حبدار علي گاڏهي