قسط 4
”جي چاچا سائين مان سڀاڻي نڪري ويندس ۽ ڪوشش ڪندس ته، مان ڏينهڪ ئي موٽي اچان!“
پر اتفاق اهو ٿيو جو، ان رات اوچتو ربو کي هڪ هلڪو دل جو دورو پئجي ويو، ۽ سڀن، سڄي گهر کي سندس اُلڪو ۽ پريشاني وٺي وئي، اهو سندس سڄي عمر ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو هو، نه ته، محبت جي مريض کي دل جو دورو نه ، دماغ جا دؤرا پوندا آهن، پر ربو کي اهو پهريون ڀيرو، قدرت به کيس حياتي بخشي ڏني هئي. ۽ صبح تائين بلڪل ٺيڪ، ٺاڪ ۽ ساڳي حالت ۾ اچي ويو. البت بدن ۾ هلڪو ٿڪ محسوس ڪيائين پي، پوءِ به هن پندرنهن مارچ ذهن ۾ رکي جان محمد کي پنهنجي منهن چيو ”بابا توکي ته اڄ دادو وڃڻو هو؟ هاڻ ته باقي ٽي ڏينهن وڃي بتا آهن. ڇا تون بغير اطلاع ۽ چوڻ، ٻڌائڻ جي، زليخا کي ساڻ وٺي، ايئن وٽن اوچتو وڃي نڪرندين؟“
”چاچا ڪهڙو فرق ٿو پوي، انهن کي ٻڌائڻ ۽ نه ٻڌائڻ مان؟... مان انهن وٽ مهمان جي حيثيت سان ويندس ۽ پوءِ انهن وٽ، ڏينهن، ٻه رهي، مان پنهنجي لاءِ اتي پاڻ ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺندس، باقي توهان کي هن حالت ۾ ڇڏي، ۽ مان ڪنهن ٻئي پاسي هليو وڃا، اهو ائين ته مان هرگز ڪون ڪندس“
”ڇو؟ ڇا ٿيو آهي مونکي!؟ مان ٺيڪ آهيان، مون گهر ۾ سڀني کي چئي ڇڏيو آهي ته، مون بابت اجايو سوچڻ ڇڏي ڏيو... اڙي بابا! ڪڏهين ڪنهن، حياتي جا کٽل ڏينهن به، ڪنهن کي ڳڻي پورا ڪري ڏنا آهن!؟ ... جان محمد، جيڪڏهن دنيا جي پيٽ ۾ گهڙي، ان جي چڱي طرح سان جانچ وٺندين، ته دنيا توکي کٽل نظر ايندي... دنيا اڃا اڌوري آهي... آهي ڪو اهڙو جيڪو دنيا جي حياتي جا ڏينهن ڳڻي پورا ڪري ڏيکاري؟... خير ڇڏ ان قصي کي، پاڻ وٺون پنهنجي حال کي...!“
ڪجهه دير خاموش رهي، هڪ دفعو وري به، جانو جو ڌيان ساڳي معاملي ڏانهن نيندي کيس چوڻ لڳو ”ته تون مونکي ڇڏي، فلحال ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ناهين؟... ٺيڪ آهي! تنهنجي مرضي، اها تنهنجي ذميواري آهي ۽ پنهنجي پريشانين کي تون پاڻ منهن ڏجان، مان توتي جبر نٿو ڪيان، اڄ جيڪڏهن ڪيڏانهن نٿو وڃين، ته پوءِ ٻي اها ڳالهه ذهن ۾ رکجان، ته تون پنهنجا ڪم ڪار لاهي، واندو ٿي ته، اڄ رات تنهنجن باقي گهربل ضرورتن تي سوچي، ويچاري انهن کي مڪمل ڪري ڇڏيون... پر اها ڳالهه وسارجانءَ نه؟ مان هاڻي آرام ٿو ڪيان ۽ تون پنهنجا ساجُهر ئي ڪم ڪار لاهي وٺ ٺيڪ...؟“
۽ پوءِ ربو ٽنگون ڊگهيون ڪري سمهي پيو، پر جانو ۽ زليخا بابت سوچڻ جي ڪري ڪيفيت بيچين هئس ۽ آرام ڪون پي آيس، گهڻي دير کان پوءِ مڙئي ڪا ٿوري ننڊ جي پنڪي کاڌائين. پر ان ٿوري ننڊ به، سندس ڪيفيت ۾ ڪافي هلڪائي آڻي ڇڏي.
سج لهي ويو، رات پئي، پر هو پنهنجي ڪمري ۾ ئي ليٽيو رهيو، گهروارن به سندس ٻه، چار چڪر سنڀال لڌي، پر زليخا جو پيءُ (مُلو) پنهنجي ان گهر ناٺي واري ضد جي سبب، شرم حضوريءَ کان سندس منهن ڪون پي چڙهيو.
ربو ته دل ۾ اهو سوچي رکيو هو ته ”زليخا جو پيءُ، منهنجي هن بيمار حال ۾، منهنجي منهن چڙهيو، ته شايد هاڻ مان کيس راضي ڪري وٺندس.“ پر هُو به اٽڪل باز ماڻهو هو، گهر وارن کان سندس بابت حال احوال ورتائين پي، پر سندس سامهون ڪون پي آيو.
جانو ڪم ڪار لاهي، واندو ٿيو ته، رات جا ڏهه ٿي چڪا هئا ۽ دڪان جا دروازا ورائي، ربو وٽ ڪمري ۾ آيو ۽ اچڻ شرط سندس دوائن جو پڇيائينس، ته ربو چيس ”تون بس ويهه، منهنجي مدد ڪرڻ وارا ٻيا به آهن، مان بس سڀ ڪجهه کائي پِي ويٺو آهيان، توکي ڪا ضرورت هجي، ته ان جو پورائو ڪري، پوءِ لاڳيتو واندو ٿي اچ ... ياد اٿئي،نه، ته اڄ رات اسان کي ڇا ڪرڻو آهي.؟“
”جي، ها بلڪل ياد اٿم.“ ائين چئي جانو ٻاهر هليو ويو. گهران ماني کائي، بازار مان ٿورو وڙڪي، ڦري ۽ جلد ئي واپس اچي وٽس ڪمري ۾ ويٺو، جانو اڃا ويٺو ئي مس هو ته ربو چيس ”بابا دروازي کي اندران ڪڙو ڏئي بند ڪري اچ؟“
”چاچا اندران ڪڙو وغيره ڏئي آيو آهيان.“
”ته پوءِ ٺيڪ آهي... هاڻ منهنجي ڳالهه ٻڌ؟ مان سڀاڻي توکي پنجاه هزار روپين جو چيڪ صحيح ڪري ڏيندس، اهي پيسا سڀاڻي بينڪ مان ڪڍرائي وٺجان. پر اها ڳالهه ڪنهن سان به ناهي ڪرڻي، ۽ اهي پنجاهه هزار مان زليخا جي مدد طور توکي ڏيئڻ ٿو چاهيان، بينڪ ۾ منهنجا هڪ لک روپيه پيل آهن. تون جي وڌيڪ ضرورت سمجهين، ته اهي سڀ پئسا مان توهان کي ڏئي ڇڏيان، پر جان محمد، حقيقت اها آهي ته، باقي پنجاهه هزار روپيا، مان پنهنجي ٻئي ڀاءَ جي نياڻي جي ڏاج لاءِ رکيا آهن، اڃا به جيئن تون چوين؟“
جانو پنهنجي ذهن کان پيسن جي کوٽ وارو بار هلڪو محسوس ڪندي چيس ”نه چاچا، مان ڀاڙي خرچ کان علاوه ٻيو ڪجهه توهان کان وڌيڪ ڪون گهران ها، پر توهان اهي پنجاهه هزار روپيه زليخا جي نالي، زليخا جي مدد ڪرڻ ٿا چاهيو، ته مان ان ۾ ڪو به اعتراض يا انڪار ڪرڻ وارو حق نٿو رکان، اها زليخا جي مرضي آهي، وٺي يا نه وٺي؟“
تڏهن ربو منع ڪندي چيس ”نه زليخا سان فلحال ان معاملي تي ڪجهه به ناهي ڳالهائڻو، هُن جي تياري مڪمل ٿي چڪي آهي. زليخا جي ماءُ مردن جي مَٽ آهي، تنهن پنهنجي حال مطابق پنهنجي ڌيءُ جون گهربل ضرورتون ٻه مهينا اڳ مڪمل ڪري رکيون آهن.“
جانو ڪجهه به ڪُڇي، پُڇي ڪون سگهيو، وٽس اهڙو ڪو دليل ئي ڪون رهيو هو، جو هاڻ انهن پنجاهه هزار روپين بابت ڪجهه ڳالهائي سگهي!
جانو کي اها به سوچ هئي ته، ڪجهه ڏينهن لاءِ پيسن جي ته ضرورت رهندي، تنهن ڪري پيسا وٺجن يا نه وٺجن؟ ٻئي پاسا کيس وزندار ۽ مشڪل به نظر آيا. ۽ هن لاچار ٿي ان مسئلي کي اتي ئي رهڻ ڏنو.
ربو کيس پنهنجي همٿ ۽ پنهنجي مڙسيءَ سان رهڻ ۽ زندگي سهڻي نموني گذارڻ جون هدايتون ڪري، سندس ايندڙ وقت لاءِ مشڪلن ۽ مسئلن جا تجزيا ڪندي ٻئي سمهي پيا.
ٻئي ڏينهن تي، جانو بينڪ مان پنجاهه هزار روپيا ڪڍرائي، کڻي اچي جڏهن سندس حوالي پي ڪيا ته ربو پيسن وٺڻ کان انڪار ڪندي چيس ”اهي تون پاڻ وٽ محفوظ ڪري رک جان محمد... ۽ اها ڳالهه ذهن ۾ رکجان ته، پيسو دنيا ۾ سڀ ڪجهه به ڪونهي، ته ڪڏهن، ڪڏهن سڀ ڪجهه پيسو ٿي پوندو آهي! تنهن ڪري، هن وقت تنهنجي لاءِ پيسو وڌيڪ اهميت رکي ٿو. پر زندگي ۾ پاڻ کان وڌيڪ پيسي کي اهميت نه ڏجو... بس عمر ائين گذري، جو نه ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻو پوي، ۽ نه ڪوئي ٻيو هٿ اوهان ڏانهن کڄڻ کپي!؟ ... سڀاڻي پندرنهن مارچ آهي. پنهنجي مڪمل تياري ڪري رک... ڪا دل ۾ ڳالهه هجئي ته چئي ڏي؟... منهنجي طرفان ڪائي تڪليف يا ڪو ڏک رسيو هجئي ته مونکي معاف ڪري ڇڏجان؟... يانصيب، وري پنهنجو ملڻ ٿئي يا نه ٿئي... زندگي ڪنهن سان به وفا نٿي ڪري... تنهنجي ۽ منهنجي، هڪٻئي لاءِ وفا به هاڻ پنهنجي پُڄاڻي کي پهتي... هاڻ تون پنهنجي پيار سان وفا ڪجان ۽ مان پنهنجي موت جي وفا جو انتظار ڪندس.“
جانو سندس اهي دل ڏکائيندڙ ڳالهيون ٻڌي، زارو قطار روئڻ لڳو، پر ربو ان ڏينهن کيس پرچائڻ يا دلداري ڏيڻ جي بجاءِ پنهنجي دل مضبوط ڪندي چيس ”روئي وٺ جيترو روئڻ چاهين؟ وري منهنجي اڳيان روئڻ جو موقعو توکي شايد نه ملي... منهنجي ته هتي هي سمهڻ واري جڳهه به موت ڏسي ويو آهي... ڪوشش ڪجان، جيڪڏهن منهنجو ڪانڌي ٿي سگهين ته؟ ضرور ٿجان؟ مئي پڄاڻا منهنجو روح به شايد تنهنجون راهُون ڏسي!؟“
هاڻ ته جانو وڌيڪ هانءُ ڦاڙي روئڻ لڳو، پر پوءِ به ربو سندس هيئين تي هٿ نه رکيو، توڙي جو هاڻ ربو پنهنجو به اندر جهلي نه پي سگهيو، پر هن پنهنجي سچي محبت کي، پنهنجي سڄي عمر ڏئي،پاڻ پلڻ وارا سبق سکي ورتا هئا، تنهن ڪري پنهنجي اندر جو ڳارو پنهنجي ئي من کي پياري ان کي اکين تائين اچڻ نه پي ڏنائين، ليڪن سندس اندر جو انسان جانو کان وڌيڪ وڏيون ڍڪون ڏئي پي رُنو.
جانو روئي، روئي جڏهن صفا ساڻو ٿيو ته ربو کي چوڻ لڳو ”چاچا مونکي ايترو ڇو ٿا رئاريو؟“ ۽ سُڏڪا ڀريندي چيائين ”توهان کي ياد هوندو ته، مون توهان کي چيو هو ته، مان جيئڻ ٿو چاهيان، ۽ هاڻ بار، بار پنهنجن کان ڇڄي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو مان پنهنجي جيئڻ واريو راهون نه گم ڪري ويهان؟... ها! باقي توهان تي منهنجو ايترو ڏک صرف آهي، ته توهان مونکي ايترو پيار ڇو ڏنو؟... مونکي پنهنجائپ جو مان مرتبو ڇو ڏنو؟ ۽ جي ڏنو! ته پوءِ مونکي هاڻ پنهنجي روئڻ جو پرچاءُ ڇو نٿا ڏيو!؟ ... ڇا مون يتيم جون غلطيون ۽ بيوقوفيون، مون کي معاف نٿا ڪري سگهو؟“
جانو جڏهن سڏڪا ڀري، ڀري آهستي، آهستي خاموش ٿي ويو ۽ جڏهن سندس من ۾ ماٺار آئي، ته ربو کيس پاڻ ڏانهن سڏي پنهنجي بلڪل ويجهو ويهاري ۽ پاڻکي پڪو ڪندي، ڪندي به آخر اکين مان لڙڪ ڳاڙي چوڻ لڳس ”اهو تنهنجي لاءِ ضروري هو جان محمد! ... کلڻ وقت سڄي دنيا گڏ کلندي آهي! پر روئڻ وقت تمام ڪي ٿورا ماڻهو آهن، جيڪي ڏک جي وقت نظر ايندا آهن! ... تون جيئڻ ٿو چاهين، ته پنهنجي روڳ کي پاڻ پرچائڻ سکي ڇڏ! ... ظاهري ڏک ۾ ته ماڻهو سچو، ڪوڙو ڏڍ ڏيندا آهن، پر اندر جي اجهاڳ روڳ سان ماڻهو اڪيلو رهي ٿو... تون ڇا ٿو سمجهين، مون کي تنهنجي لاءِ ڪو ارمان ڪونهي؟... اڙي تون آئين ته منهنجي حياتي وڌي هئي ۽ هاڻ وڃين ٿو ته، منهنجي حياتي کٽي ٿي... مونکي اهو ٻڌائي مان تنهنجي رشتي کي نانءُ ڪهڙو ڏيان!؟... بس وڌيڪ ڪجهه نٿو چوان، نه ته اندر جو روڳ دل ۽ اکين تان روانو ٿي پيو ته، تنهنجي شادي کان اڳ منهنجي موت سان شادي ٿي ويندي، بس جيڪو هيستائين هڪٻئي کي ڏنوسين، ورتوسين، اهو تنهنجي لاءِ ڪافي آهي.!“
اهڙي طرح جانو کي ٿڌيون ڳالهيون ٻڌائي، خود کي به ٿاڌاري خاموش ٿي ويو.
۽ پوءِ پندرنهن مارچ جو ڏينهن هو، جانو جو ان دڪان واري گهرنما ڪمري ۾، رهڻ آخري ڪجهه ڪلاڪ هئا، صبح جو ناشتي جي وقت هن پنهنجن ڪوتاهين غلطين ۽ دڪان جي ڪاروبار ۾ فائدن، نقصانن بابت پنهنجي محسن ربنواز سان ڪچهريون ڪندي پنهنجن معذرتن ۽معافين جو به اظهار ڪري ڇڏيو.
۽ پوءِ سندس محسن ربنواز جي مڪمل انتظام موجب، ڪورٽ ۾ نڪاح ٿيو ۽ هُو هميشه لاءِ هڪٻئي جا ٿي ويا، ۽ کين ٽيڪسي ڪار تي چاڙهي دادو روانو ڪيو ويو.
••••