قسط 7
ماڻهو زندگي جي سفر ۾ هميشه پنهنجي مقصد جو ئي مسافر آهي. پوءِ ڪڏهن اهو مقصد راهُن ۾ ئي رُليو وڃي، ته ڪڏهن ان حاصلات واري خوشيءَ ۾ ماڻهو پاڻ خود هڪ رنگين شام بڻجو پوي ۽ زندگي جو تماشو سندس طابع ٿيو وڃي.
ان اهڙي حاصلات جي سفر ۾ ماڻهو ڪڏهن عادل بڻجي انصاف جو ڳولائو آهي، ته ڪڏهن ڪريمداد بڻجي ڪروڌن جي ور ٿو چڙهي وڃي ۽ ڪڏهن ته وري جان محمد جهڙا جاکوڙي ۽ جانباز ڪردار، زندگي جي ڍنڍ ۾ روحاڪي پکي جيئان رُلندي، رُلندي بي رحم شڪارين جو شڪار ٿيو وڃن!
زندگي جو اهو سفر ائين ئي، انصاف ۽ ناانصافين جي وچ ۾ هيٺ، مٿي ۽ اڳتي، پوئتي ٿيندي، ٿيندي آخرپنهنجي اصل ٿاڪ تي وڃيو ٿَڪ ڀڃي! جنهن کانپوءِ نه ڪروڌن واري ڪراهت! نه انصاف جو انتظار ۽ نه راهُن جو رولڙو!
ائين عادل ۽ ڪريمداد! ٻنهي دوستن کي سچ ۽ ڪوڙ جو سودو هڪٻئي سان ڪندي سج لهي مُنهن اونداهو ٿي ويو. آسمان ۾ جُهڙالو هئڻ ڪري، وقت کان وڌيڪ اونداهو نظر پي آيو، ۽ ڪنهن، ڪنهن مهل هلڪيون ڦڙيون وسڻ جي ڪري، هوا ۾ ٿڌ وڌي وئي هئي.
ڪريمداد، عادل جي گهر مان ٻاهر نڪتو ته بدن ۾ هلڪِي ڏڪڻي محسوس ڪيائين، جنهن سندس ڪيفيتن کي به ٺاري ڇڏيو.
سندن گهر هڪٻئي کي سڏ، پنڌ کان به ويجها هئا، ڪريمداد پنهنجي گهر آيو ته، گهر ۾ مڪمل خاموشي هئي، ان مهل سندس سسُ به سندس اچڻ جو ٻڌي، ساڻس ملڻ آئي هئي، تنهن ڪريمداد سان ڪوئي بحث يا تڪرار ته ڪون پي ڪيو، پر سندس منهن اُٿليل هو، سو هن اهو ڪريمداد کي پنهنجي ڪروڌي ڪيفيت جو احساس ڏيارڻ پي چاهيو، ۽ ڪريمداد اهو محسوس ڪندي، پنهنجي پاليسي اها اختيار ڪئي ته ”ڀلي منهن سڄائي مونکي نفرت ۽ ڪراهت سان ڏس، پر رڳو اجايو هُل هنگامو ڪري، وات وڄائي، بدنامي جا ٺڪر نه ٺڙڪائج؟“
۽ ان مهل انهيءَ سيڪ ۽ ڪاوڙ ۾ ئي، ڪريمداد پنهنجي ٻن مهينن جي ڄاول ڌي سورٺ جو به منهن نه پي ڏسڻ چاهيو ۽ حقيقت ۾ ان پنهنجي ڌيءَ سان ايڏو چاه به ڪون هئس، توڻي جو سندس ان ڌيءَ جو نالو خود چاهت پاڻ رکيو هو، پر ويچاري معصوم سورٺ جو پيار محبت وارو حصو، پتي به سندس پيءَ کان چاهت وڏي خوبصورتيءَ سان کسي ورتو هو. ۽ سورٺ ويچاري کي هاڻ بس رڳو، سَکڻو پيءُ وارو حق مليل هو، جيڪو هن کان هاڻ خود خدا به کسي ڪون پي سگهيو. نه ته، چاهت ضد ۾ اچي، اهو ليڪو لتاڙڻ جي به ڪوشش ڪري پي سگهي!
ڪريمداد دلي طرح ته پنهنجي ان معصوم ڌيءَ سان به ڪا ويجهڙائپ رکڻ نه پي چاهي. جيڪو ان معصوم جو قدرتي حق هو! پر ويچاري ان معصوم سورٺ کي ڪهڙي خبر ته، مان پنهنجي ابي ۽ امان جي وچ ۾، رڳو سورن جو سامان بڻيل آهيان. سا ته پنهنجي پيءُ کي سڏ ڪري، پاڻ سان گڏ ويهاري، پنهنجي ماءُ جو درد ۽ غم گهٽائڻ واري اڃا عمر ۾ ئي ڪان هئي. پر سندس ماءُ بختاور جي من ۾ اها تانگهه هئي. ته سورٺ جو پيءُ، اسان سان پيار ڪري، خوش ٿئي، ۽ اسان جي وچ ۾ ويهي، اسان جا حال ٻڌي ۽ پنهنجي دل جون ڳالهيون ٻڌائي، ليڪن سندس لاءِ ڪريمداد ۾ اها دل ئي هاڻ نه رهي هئي، جيڪا سندس روح کي راحتون بخشي، ۽ من جي ڪروڌ کي ماٺار ڏئي، سندس اندر جي اميدن جو احوال وٺي کيس يقين ڏياري سگهي ها ته، ”بختاور! پاڻ پنهنجي سورٺ کي پڙهائينداسين، هن کي ڊاڪٽر يا وڪيل ڪنداسين، هڪ سٺي خاندان ۾ سندس شادي ڪرائينداسين،...هي ڏس! ڪيڏي نه سهڻي آهي!... هي نازڪ هٿ، ننڍڙيون آڱريون، سنهڙا چپ... هي ڏس نڪ ته، ڪيڏڙو ننڍڙو اٿس... ۽ هي سندس ناسي اکيون ڏس، قدرت انهن کي ڪيڏو نه خوبصورت جوڙيو آهي؟... ۽ سڀ کان وڌيڪ هن جو اسان سان رشتو! ڪيترو آزاد ۽ ڪيڏو نه مضبوط آهي، جيڪڏهن اسان پاڻ چاهيون، ته اسان خود به هاڻ هن رشتي کان الڳ نٿا ٿي سگهون!؟“
پر ڪريمداد ۾ اهڙيون سوچون اڌ مئل خيالن جي شڪل ۾ به باقي وڃي ڪجهه بتيون هيون، سندس صحتمند سوچن جا سڀئي خيال، بس رڳو چاهت تائين محدود هئا!
ڪريمداد سرٽيفڪيٽ ٺاهرائڻ واري ڪم سان جيترا ڏينهن به پنهنجي گهر هو، ته بختاور ويچاري پاڻ گهڻوئي ٺاهيو سينگاريو ايتري تائين جو، جيئن مرد کي پنهنجي جسماني سگهه ۽ مضبوط عضون جو جذبو، ڪنهن خوبصورت عورت جي چاهه ۾، ان عورت جي نظرن ۾، پنهنجي نماءُ لاءِ اهو جذبو اڀاريندو آهي، تيئن بختاور به، پنهنجي عورتاڻي سونهن ۽ جسماني، اڀريل عضون جو نماءُ به ڪريمداد لاءِ صبح، شام پي ڪيو، پر ڪريمداد لاءِ سندس ان سينگار جي اهميت، هڪ زنده لاش جي برابر ئي رهي!
ڪريمداد جي ان بي رُخي ۽ روٺ منهن تان، هڪ ڏينهن بختاور نيٺ چئي ڏنس، ”ڪريمداد مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ تون مون سان سولو ڳالهائين به نٿو؟... مان توکان ڪجهه گهران ته نٿي؟... ۽ هي ننڍڙي سورٺ، تنهن وٽ ويهڻ، ڏسڻ يا ان سان کلڻ ۽ کلائڻ ته ٺهيو، پر اڄ تائين ان جي باري ۾ تو مونکان ڪڏهن پڇيو ئي ناهي!...ايڏي بي مُروتي... ڇو... مون ڇا ڪيو آهي!؟“
۽ ڪريمداد، پنهنجي نقلي قرب جو، احساس ڏيئاريندي چيس ”بختاور! اهڙي ته، ڪا، ڳالهه ڪونهي، مان ته بس جهڙو آهيان تهڙو ئي آهيان، زماني جا ڪم ڪار آهن، مصروفيت آهي، وقت ڪون ٿو ملي بس... سورٺ لاءِ ته، جهڙو مان پيءُ آهيان، ساڳي تون به ماءُ آهينس! ... هيءَ تنهنجي هنجهه ۾ آهي، ته اهوئي ان جي امن جو گهر آهي ۽ ان جي صحت، صفائي لاءِ به تنهنجو ئي ڌيان وڌيڪ بهتر آهي! ... ها باقي! اها ڳالهه آهي ته، تنهنجي ماءُ اجايو ڪروڌ ڪري، گهر جو ماحول ٿورو خراب ڪيو آهي. پر ان لاءِ به تون ۽ مان آهيون نه! ... بس توکي رڳو امان ۽ بابا جو ٿورو خيال رکڻ گهرجي، هو پوڙها ٿي ويا آهن، هنن جو هاڻ ڪو حال ڪونهي، انهن سان رڳو ها ۾ جيءَ ملائينداسين، ته هو بس ان ۾ خوش هوندا! باقي تون اجايو نه سوچ، ڪجهه به ڪونهي، سورٺ جو گهڻو خيال رکندي ڪر؟ مون کي ڇڏي ڏي، اها اسان جي پرڻي، جي پهرين نشاني آهي!“
۽ سندس ذهن ۾ لفظ ”آخري نشاني“ به هئا پر ڪيئن چوي ته، سورٺ اسان جي پرڻي جي پهرين ۽ آخري نشاني آهي بختاور“
حالانڪ، سندس من ۾ اهڙو اڌو گابرو فيصلو طئي به ٿيل هو، ته ننڍڙي سورٺ اسان جي پرڻي جي آخري نشاني آهي، ليڪن بختاور جي ذهن ۾ اهڙو تصور اڃا نه اڀريو هو.
ها! باقي عام عورت جيئان، پنهنجي مڙس جي لاءِ سندس من ۾ اها، اهڙي بيماني ضرور جاڳندي هئي، ته هو پنهنجون جنسي ضرورتون مونکي ڇڏي، ڪنهن ٻئي هنڌان نه پوريون ڪري!؟
پر ڪريمداد جي جنسي نيچر ايڏي خراب ڪون هي، ٿورو شهوت پرست هو، پر ان ۾ اهي خوبيون به هيون ته، ڪوئي ان کي پنهنجي جنسي گناهه ۾ شريڪ نٿي ڪري سگهيو. ليڪن پوءِ به هن چاهت کي رڳو پنهنجي جنسي حوس جي ڪري چاهيو هو ۽ چاهت جي خوبصورتي ۾ اهي خوبيون واضح هيون، ته ڪوئي به ان کي جنسي خواهش واري خيال سان، جيءَ ڀري، ڏسي پي سگهيو. ۽ چاهت ان لحاظ کان بردبار ۽ مضبوط ذهن جي مالڪ هئي. ڪريمداد جيڪڏهن پنهنجي اهڙي خواهش ان سان ظاهر به ڪري ها، تڏهن به، هو ناراض ته ڪان ٿئي ها، پر ڪريمداد جي ان ذهنيت مان ڪريمداد کي پنهنجي شادي لاءِ جلد کان جلد آماده ڪري وڃي ها. ۽ ڪريمداد جي سسُ کي اهو، اهڙو تڪڙو ۽ تازو ڌڪ، اهڙو ته اثر ڪري ها، جو بس ڄمار پئي ياد ڪريس ها!
حالانڪ ڪريمداد جي سسُ لاءِ، چاهت جي من ۾ اهڙو ئي ارادو هو، پر ان لاءِ وچ ۾ صرف سندس پيءُ جان محمد آڏو هو، نه ته ڪر سندس من ۾ اُڀامي آيل اهو زهريلو ضد هن تڪڙو ئي پورو ڪرڻ پي چاهيو. جيڪو سندس پيءُ جي احترام سبب، ايڏو تڪڙو حاصل نه پي ٿيو، تنهن ڪري ٿڌي دماغ ۽ پنهنجي تيز حرفتبازي سان هن ڪريمداد کي بختاور کان کسي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو هو.
بختاور ته ان جي ڀيٽ ۾ سادو ذهن ۽ نج ٻهراڙي جي اٻوجهه ڇوڪري هئي. سندس ذهن ئي هڪ طرفو هو، تنهن پنهنجي نڪاح ٻڌل ڪريمداد کي رڳو ٿورو ڪجهه چيو پي، ته ان لاءِ به سندس اندر۾ هڪ اهڙو خوف ويٺل هو، جيڪو کيس پنهنجي مڙس سان سرعام کلڻ ۽ کلي چڱي طرح سان دل کولي ڳالهائڻ کان به، ڊيڄاريندو رهندو هو! جنهن کي سنڌي سماج ۾، هڪ هٺيلي مرد لاءِ سندس زال جو احترام ۽ ادب چيو ويندو آهي!
بختاور به شايد پنهنجي ان سماج جي اهڙي مرض جي مريضا هئي. جڏهن ڪريمداد چيس ”بختاور، هي ننڍڙي سورٺ اسان جي پرڻي جي پهرين نشاني آهي!“
تڏهن به ان کي ائين ڪون چئي سگهي ته ”پوءِ پنهنجي پيار جي نشاني ڪٿي آهي ڪريمداد؟“
هو ان جملي ۾ احترامن خاموش ٿي وئي هئي. بختاور اهو سوچيو ته ”ٺيڪ آهي، منهنجي بدلي رڳو ننڍڙي سورٺ جو خيال پيو رکي، تڏهن آهستي، آهستي کيس منهنجو خيال به هڪ ڏينهن ضرور ايندس!“
پر ڪريمداد جي سوچن جا سڀئي رُخ، بختاور جي اميدن کان ابتڙ هئا، ڪريمداد کي پنهنجي سنڌي سماج جي ان پهلوءَ وڌيڪ آساني پيدا ڪري پي ڏني ته، ”مرد پنهنجي موجوده زال جي اجازت جي بغير به، ٻيون ڪيتريون به شاديون ڪري سگهي ٿو!“
تنهن ڪري، ڪريمداد لاءِ چاهت سان شادي ڪرڻ وارو مسئلو ايڏو ڪو ڏکيو مسئلو ڪون هو، هو نه هو، ته رڳو سندس سسُ، جنهن راڄ، برادري ۾ پنهنجي دانهن پي ڊوڙائي، ته ان سان گڏ، سندس ماءُ پيءُ کي به سوڙهو ۽ سُڪ ڪيو ويٺي هئي.
جيستائين ڪريمداد گهر کان ٻاهر ڪنهن ٻئي پاسي يا چاهت وٽ هوندو هو، ته ٻئي، چوٿين ڏينهن تي، ڪريمداد جي گهر وارن سان، ڪنهن نه ڪنهن بهاني، پنهنجي دل جي باهه پئي هلڪي ڪندي هئي. ۽ سندس اُهي ڪارروايون، شهرُو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان چاهت ڏانهن پئي موڪليندي هئي.
ائين هڪ ڏينهن ڪريمداد جي منهن کي چُهٽي پئي، ڪريمداد پهريان کيس پنهنجي ماءُ جي نظر سان پي ڏٺو، پر جڏهن هُو خود پنهنجي سڃاڻپ ڇڏي چوڻ لڳي ”تون منهنجي ڌيءُ کي ڪجهه ڏيئين ۽ ڏسين به ڪون ٿو... رات بهاني به، کانئس پري ڪتن جيئان اڪيلو ستو پيو آهين... ۽ ڏينهن جو وڃيو، هوڏانهن پنهنجي سُريت، چاهت سان سُمهين... توکان پوءِ، سٺو هو ته، پنهنجي ڌيءُ کي ڪنهن چور سان پرڻائي ڇڏيان ها! ۽ پنهنجي ڌيءَ جي ڪا پهاج ته اکين سان ڪان ڏسان ها!“
ڪريمداد پنهنجي ئي گهر ۾، پنهنجي زال جي اڳيان اهڙا جملا ٻڌي طلاق ڏيئڻ لاءِ به تيار ٿي ويو، پر پڻس کيس ٿڌي دماغ سان سمجهائيندي چيس ”بابا ڪريمداد! مرد پنهنجا ننگ ناهن ڇڏيندا اهو ڪهڙو مرد، جيڪو پنهنجي زال کي پنهنجي جيئري ٻيو مرد ڏئي! ٻيلي جيسين آئون جيئرو آهيان، اهو داغ مون تي نه هڻ يار... نڀاهي سگهين ته نباهه، نه ته اسين پيا اٽو کارائينداسينس.“
ته ڪريمداد چيس ”پر بابا! ان روز روز جي کل کان ته هميشه جان ڇُٽي پوندي!“
”نه پٽ! اها کل هڪڙي ڏينهن جي ڪونهي... طلاق ڏيندين ته، اسان تي هميشه جي خواري ٿيندي... وري ڪنهن ٻئي مرد سان شادي ڪرائي، تنهنجي سامهون ان سان گڏ سُمهارينديس! ... جي تون طلاق ڏيئڻ ٿو چاهين، ته پهريان پنهنجي گهر جا ٽپڙ ٻڌ، ۽ ڪو ٻيو پڊ هلي آباد ڪر... هتي پنهنجي غيرت کي چرچو ڪون بڻائينداسين.“
ڪريمداد ته پنهنجي چاهت جي خاطر پنهنجو گهر ڊاهي، اتان لڏڻ لاءِ به تيار هو، پر هو پرائمري ماستر هو، ۽ ٻني جا صرف ٻه ايڪڙ هئا، سندس مالي حالت اهڙي هئي، جو هو فلحال نئين گهر اڏڻ جي سگهه ۾ ئي نه هو، هن پنهنجي اها ٻه ايڪڙ ٻني وڪڻڻ لاءِ پيءُ کي چيو ته، پيءُ چيس ”ڪريمداد، ٻني ۽ وني به ڪا وڪڻبي آهي ڇا؟ آهي اها ٻه ايڪڙ ٻني، اها به وڪڻون ته باقي ڇا بچندو، زناني زور ۾ اچي، ٻني وڪڻي پڇاڙي پننداسون ڪون؟ تون انهيءَ ڇتي رن جي چڪ، وات سان پنهنجو ذهن خراب نه ڪر. توکي ڪا ڏکي ٿي لڳي، ته ڀلي ٻٽي ڏينهن چاچهين جان محمد ڏانهن هليو وڃ، پنهنجو ذهن بدلائي اچ، ۽ ٻيو جيئن وڻئي تيئن ڪر، پر اها طلاق ۽ هتان لڏڻ واري حالت ۾ ڪون آهيون، هتان لڏي، ڪنهن اڪيلي هنڌ ويهڻ جو دؤر به ڪونهي!“
اهو ان مهل رات جو ڪو سومهڻي جو وقت هو، برساتون مڪمل ختم ٿي ويون هيون، آسمان ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ رول بادل چنڊجي روشني تي ڏسڻ ۾ پي آيو، سرءُ جي موسم شروع ٿي چُڪي هئي، مڇرن جي ڪري، مليريا عام جام هو، ۽ علاج اڻ لڀ! ڪجهه ڏينهن کان عادل کي به، مليريا جي بخار ، هڻي سُڪائي وڌو هو، ۽ گهر کان ٻاهر ڪيڏاهن ڪون پي نڪتو، پر ان کان اڳ ۾، چاهت ۽ صديقا جا برٿ سرٽيفڪيٽ يونين ڪائونسل جي آفيسن مان ٺاهرائي گهر پهتو هوته، کيس بخار ڪيرائي وڌو هئس، جنهن ڪري، ڪجهه ڏينهن کان ڪريمداد ۽ سندس، ملڻ ڪون پي ٿيو.
ان رات گهر ۾ ان جهيڙي کان پوءِ، ڪريمداد پنهنجي ذهني اُلجهاءُ سبب گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ عادل جي گهر وڃڻ جو خيال، ڪندي، ڪندي ڪُمهلو وقت سمجهي، ۽ پوءِ ٻاهر وڙڪي ڦري سُتي ماڻهن، پنهنجي گهر اچي سمهي پيو، ٻئي ڏينهن نيرن پاڻي ڪري، عادل جي گهر هليو ويو ۽ عادل بخارن جي ڪري، ڪمزور ٿي پيو هو، ڪريمداد عادل کي ڏسندي ئي، محسوس ڪري ويو ته، سندس طبيعت شايد ناچاڪ آهي، هن عادل کان پڇيو، ”ڇاڳالهه آهي؟ ڪافي ڪمزور ٿي ويو آهين؟“
”ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتو بخارن ۾ هئس ڪريمداد. تن بس ڪمزور ڪري ڇڏيو، پر ڪريمداد، هڪڙي ڳالهه تي ڏاڍي حيرت کائيندو آهيان، يار بخار ۾ وري شاعري مونکي گهڻو ستائيندي آهي! حالانڪ اهڙي ڳالهه ڪنهن سان ڪرڻ به چريائپ آهي ؟“
۽ ڪريمداد حيراني مان چيس ”اڇا! ته پوءِ ڪو نئون شعر ٻڌائي نه؟“
ڪريمداد جو لهجو خوشامد جهڙو هو، پر عادل سندس خوشامدي کي نظرانداز ڪندي چيس ”ڇڏ يار! وري بخار چڙهي ويندو... تون ٻڌائي ڪهڙا حال آهن... چانهه پيئندين؟“
۽ عادل گهروارن کي چانهه جو چئي ڇڏيو، ٿوري دير ۾ ئي عادل جي اها خوبصورت ڀيڻ ئي چانهه کڻي آئي، جيڪا خبر ناهي ته ڪهڙي خيال کان ڪريمداد جي منهن مان ته نظرون ڪڍندي ڪان هئي، چانهه جي وقت هن پنهنجي ڀاءُ عادل کي چيو ”ادا! ڀاءُ ڪريمداد توهان کي ڪون ٿو ٻڌائي... چاهت جي ڪري سندس گهر ۾ روز جو جهيڙو متل آهي!؟“
تڏهن ڪريمداد ششدر ٿي ويو، ۽ عادل کيس شڪ جي نگاهه سان ڏسندي، پنهنجي ڀيڻ کي چوڻ لڳو ”پنهنجو سماج ئي سڄو جهيڙاڪ لڳو پيو آهي! ڪريمداد ڪجهه نه ٻڌائيندو، ته ڪهڙو فرق ٿو پوي، اهو ته اسان ماڻهن جو روز جو معمول آهي، پر اسان نئين نسل کي اوڏانهن هاڻ گهڻوڌيان ڏيئڻ ئي نه گهرجي! اسان کي جيڪو ڪرڻو آهي، سو اسان کي پنهنجو اعتماد، پنهنجي اندر پنهنجو وثوق ۽ مضبوطي پيدا ڪرڻي آهي، انهن روز، روز جي جهيڙن ۽ ڪروڌن ته اسان جي سماجي ڪارپت کي ڪارو ڪيو آهي، تنهن ڪري، اوڏانهن ڌيان ڏيئڻ ۽ ان کي اهميت ڏيئڻ سان، ماڻهو ذهني طرح بيمار ٿيو پوي... منهنجي خيال ۾ ڪريمداد به ان کي ايڏي اهميت ڪون ٿو ڏئي... ڪريمداد ڪيئن، مان صحيح پيو چوان نه؟“
”ها توهان غلط ڪون پيا چئو“ هن عادل جي ڀيڻ ڏانهن نظرون کڻندي وري چيو ”پر ڀيڻ صبا به صحيح پئي چوي، منهنجي گهر ۾ ته، سسُ مون واري وڏو ٻائيتال مچائي رکيو آهي، ته اوڙي، پاڙي وارا اوڏانهن ڌيان ڏيئن ٿا، شايد ائين توهان جي گهر تائين به، ڪا ڳالهه آئي هوندي، تڏهن ته، ادي صبا به ڳالهه ڪري پئي.“
ڪريمداد پنهنجي ذاتي معاملي کان مڪمل لاتعلقي پي ڏيکاري، پر عادل جي ڀيڻ، صبا اها ڳالهه ڪري ٻنهي کي حيران ڪري ڇڏيو ته ”نه ادا، اسان ته ٻڌو آهي، تنهنجي سسُ پنهنجي ڌيءَ بختارو لاءِ طلاق پئي گهُري!؟“
تڏهن عادل ٿڌو ساهه کڻي، ڪريمداد کان حيراني مان پڇيو ”ڪريمداد، معاملو ايستائين وڃي پهتو آهي ڇا!؟“
”نه! مونکي ته اهڙي خبر اڃا ڪانهي، اها ڳالهه الائي ڪيئن اُٿي آهي!“
ڪريمداد ته، ڪوڙ هڻي پاڻ لڪائي ويو، پر صبا ڏٺو ته، اهڙي ڳالهه ڪري، مون غلطي شايد ڪئي آهي، ۽ معاملو سڄو، سڀاڻي الزام جي شڪل ۾ مون تي ايندو، تنهن پنهنجي بچاءُ ۾ چيو ”ادا ائين هجي نه هجي، پر ڀاءُ ڪريمداد جي سسُ تمام ڏنگي، ۽ منهن چڙهه مائي آهي، ان اها ڳالهه ڪئي هوندي ته، ڪري سگهي ٿي... اڃا ڪجهه ڏينهن اڳ، پنهنجي گهر آئي هئي، ته صديقا ۽ ادي چاهت وارن بابت پئي چوي ته، اهي هچائون الائي ڪٿان آيون، منهنجي بختاور جو ته، بخت ئي رولي ڇڏيائون... انهيءَ چاهت، ته، منهنجي ناٺي ڪريمداد کي الائي ڪهڙي قرب جا پاڻي پياريا آهن، جو ڪريمداد جو پنهنجي زال تان ارواح ئي کڄي ويو آهي! وڃي ٿو ته ڏينهن جا ڏينهن اتي، انهيءَ وٽ پيو آهي... تڏهن امان رڳو ايترو چيس ته، ادي ڇوڪريون ته اسان جي گهر به گهڻو اينديون آهن، هو ته سياڻيون سيبتيون ۽ بااخلاق آهن، ناحق ڪنهن جي نياڻيءَ کي بدنام ڪرڻ اها سٺي ڳالهه ڪانهي! ... بس پوءِ ته ڪاوڙجي پئي ۽ پِٽيندي، پاراتا ڏيندي هلي وئي ۽ هاڻ ته پنهنجي گهر اچي ئي ڪان ٿي.“
عادل سوچيو ته، هيءَ چري منهنجي ڀيڻ، ڳالهيون صفا سڌيون ڪري، ڪريمداد کي وڌيڪ پريشان پئي ڪري، سو پنهنجي ان ڀيڻ کي ڪنهن هڪڙي پاسي ٽارڻ جي خيال سان کيس چيائينس ” هاڻ پنهنجي گهر نٿي اچي ته ڇڏي ڏيوس... پر صبا، ڀيڻ هاڻ تون هينءَ ڪر، هي چانهه جا خالي مگها کڻي وڃ ۽ هو ٻاهر کٽ تي ڏس، مون دوائون پي، غلطي وچان اتي ئي ڇڏيون آهن، سي اتان کڻي، ٻارڙن کان ڪٿي هٿيڪيون ڪري رک؟“
صبا، جيئن ئي ڪمري مان نڪتي، ته عادل موضوع بدلائيندي چيو ”ڪريمداد، هو سرٽيفڪيٽن وارو ڪم ڪرائي آيو آهيان، ۽ پاڻ ٻه ٽي ڏينهن هڪٻئي سان گڏياسين ڪون پي... گهر پيا آهن، جيڏي مهل به وڃي ته کنيو وڃجان.“
آچر جو ڏينهن هو، موڪل جي ڪري ٻئي واندا هئا، تنهن ڪري ڪريمداد کي به ايڏي جلدي ڪان هئي، پر عادل موضوع بدلايو ته، هن به دلچسپي وٺندي چيس ”سرٽيفڪيٽ ڀلي تو وٽ ئي پيا هجن، تون وقت ڪڍي، ڪنهن مهل ٽائيم ڏي ته، چاچا جان محمد، ڏانهن گڏجي هلنداسين،... مان اڪيلو ويندس ته هو وري، تنهنجي پڇا ضرور ڪندو. مون ان سان واعدو ڪيو هو ته، اسان ٻئي گڏجي اينداسون ۽ تو به ته چيو هو هلنداسين؟“
اڙي يار! سائين جان محمد کي ته، هاڻ اها ڳالهه ئي ذهن تان لهي وئي هوندي... هڪ ته هو آفيسر ۽ ٻيو وري هو پوليس جو ماڻهو! اهڙيون ڳالهيون، اهي ماڻهو ائين ئي ڪري ڇڏيندا آهن!“
”غلط! ...عادل! ... چاچا جان محمد جي باري ۾ اهڙي ڳالهه ڪڏهن سوچجان به نه، ... اهو تون جڏهن، ان سان روبرو ملندين، تڏهن چئجان، اڳ ۾ اهو سڀ اجايو آهي!“
”نه خير... ائين ته هو واقعي ڀلو ماڻهوآ هي... خبر اٿئي ڪريمداد؟ تنهنجي شادي۾، هن هڪ سٺي ڳالهه ڪئي هئي ته، اسان پنهنجي سماج ۾، هي جيڪو وڏن، وڏن خرچن وارين، شادين جو رواج وڌو آهي، تنهن ۾ ته معاشي فائدو ۽ سماجي سڌاري جو ڪوئي عنصر ظاهر ۾ ته،نظرئي ڪون پيو اچي،... هي ايڏا وڏا ڪاڄ، جن ۾ ٻه، ٻه سؤ، ٽي، ٽي سؤ ديڳيون پچن ٿيون. جانور ڪسن ٿا، تنهن ۾ ته کائڻ وارو به قرضي ته کارائڻ وارو به قرضي، ڇو؟ اسان ماڻهن ان اجائي ٺٺ ۾ ڏٺو ڇاهي!؟“
ڪريمداد، ان مهل اتي ويٺلن مان، ڪنهن به کيس ڪو جواب ڪون ڏنو، مون بس ٿورو ايترو چيومانس...سائين اسان اهو پنهنجي ذاتي قد، ڪاٺ وڌائڻ جي خيال سان، ڪندا آهيون، پر توهان جو چوڻ درست آهي، ته اهو سڀ هاڻ اسان جي سماجي قدرن ۾ گڏجي، ڪنهن اهم روايت جي شڪل بڻجي ويو آهي.“
تڏهن چوڻ لڳو ”پر جيڪڏهن اهو ايترو بي ترتيب خرچو، اسان ساڳي پنهنجن انهن شادين وارين خوشين مهل، ترتيب سان، پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت تي خرچ ڪريون ته، ڇا ماڻهو اسان تان کلندا؟“
ڪريمداد ! اهو سوال سائين جان محمد اڃا پورو ئي نه ڪيو هو، ته کيس ماني لاءِ سڏ ٿيو، ۽ پوءِ وري اسان هڪٻئي سان ڪون گڏجي سگهياسين... تنهنجي ڳالهه صحيح آهي ڪريمداد ! هو بلڪل هڪ منفرد ماڻهو آهي، اصل ۾ اهڙا ماڻهو اسان ۾ ڪي تمام ٿورڙا آهن، جيڪي پنهنجي سنڌي سماج تي سوچن ٿا، ۽ ان جي ڳُڻن اوڻائين تي، ڌيان ڏئي، پوءِ موقعو مهل ڏسي، ان جي عام ۾ ڇنڊڇاڻ به ڪن ٿا... اهڙن ماڻهن سان ملڻ گهرجي ۽ سٺا بحث مباحثا ڪرڻ گهرجن، پرمونکي اڃا جهڙو تازو بخارن سٽيو آهي، ۽ ڪمزوري جي ڪري، ڪيفيتون ڪجهه اهڙيون چلوِليون ٿي پيون آهن، جو ڪيڏانهن نڪرڻ تي دل ئي نه پئي چوي.“
پر ڪريمداد کي پنهنجي دل جي بيچيني ۽ سندس گهرجي کِٽ، کِٽ ڳوٺ ۾ بيزار ڪري وڌو هو، تنهن ڪري پڻس جي وقتي صلاح مان فائدو وٺي، هن اتان ڀڄڻ پي چاهيو، هن عادل کان وقت جي گهر ڪندي چيو”خير ايڏي تڪڙ به ڪونهي... منهنجي صلاح آهي ته، اڄ آچار آهي ۽ وري ايندڙ آچار جي رات تي اتي هلي ڪچهري ڪبي، تيستائين منهنجي خيال ۾ تنهنجي طبيعت نارمل ٿي ويندي!؟“
”نه! طبيعت... هاڻي بخار ته ڪون ٿا اچن، بس ٿوري ڪمزوري رهي ٿي... پر ٺيڪ آهي، تو صحيح وقت رٿيو آهي، هلنداسين.“
عادل ايترو چئي ٿوري خاموشيءَ کان پوءِ وري چوڻ لڳو ”خير، اهو ته ٺيڪ ٿيو، ۽ طئي به ٿيو ته هلنداسين، پر ڪريمداد مونکي تنهنجي گهروارو معاملو، الائي ڇو، ٿورو ائين بس ڪجهه... غير متوازن پيو لڳي، ڇو؟ ائين ڇو پيو ٿئي يار!؟“
”عادل، اهو ائين آهي بس! جيئن تو سويل پي چيو ته، اهو هاڻ اسان لاءِ روز، روز جو معمول بڻيل آهي... سو سماجي حوالي کان الائي ڪيتريون اهڙيون ڪميون، پيشيون آهن، جيڪي ماڻهو جي ذهن ۽ زندگي جي معاملن ۾ ڪافي برا اثر ڇڏن ٿيون، پوءِ ان ۾ نه رڳو فرد پر خاندان به متاثر ٿين ٿا،... ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي صلاحيتن کي صحيح استعمال نٿو ڪري، ته ڪڏهن، ڪڏهن ڪو نقصان به واقعي ٿيو پوي. ٿي سگهي ٿو منهنجي لاءِ به، ڪا اهڙي صورتحال پيدا ٿي پئي هجي، جنهن جي مونکي اڃا پوري خبرنه هجي!“
ڪريمداد اهو پنهنجي دوست سان سراسر ڪوڙ پي ڳالهايو، ۽ ڪجهه سچ جيڪڏهن چيائين پي، ته اهو به ائين، اشارن، اشارن ۾، جهڙو پنهنجي دوست عادل کي اڳواٽ آگاه ڪندو هجي ته، ”ڪڏهن، ڪڏهن نقصان به ٿيو پوي.“
ڪريمداد خود کي ته پوري خبر هئي۽ ذهني طرح پاڻ تيار به هو، ته بختاور ۽ مان، هاڻ گهڻو وقت شايد هڪڙي ٿانءُ ۾ گڏجي کائي ڪون سگهنداسين“ پر سندس پيءُ جو چيل اهو جملو ته، ”مرد پنهنجي ننگ تان هٿ ڪون کڻندا آهن“ تنهن کيس وڌيڪ منجهائي به وڌو هو. ۽ وقتي طور ڪجهه دير لاءِ کيس اڳتي به ڌِڪي ڇڏيو هو.
عادل کي به، ڪجهه محسوس ٿيو ته، ڪريمداد ڪجهه لڪائي پيو، تنهن پنهنجي وڌيڪ خاطري ڪرڻ خاطر، وري وڌيڪ کليل لفظن ۾ پڇيس ”ڪريمداد، ڪٿي ائين ته ڪونهي، جو ڪجهه غلط ماڻهو وچ ۾ اچي ويا آهن، جن کي عام طور تي فتني باز چيو ويندو آهي، جن جو ڌنڌوئي، فتنيبازي، فساد ۽ نفرتون پيدا ڪرڻ آهي! يا ائين کڻي چئون ته، پرايا گهر ڦٽائيندي، کين خوشي ٿيندي آهي!؟“
تڏهن ڪريمداد، ڦڪي کل کلندي چيس ”جيڪڏهن ائين هوندو ته اهي ماڻهو به اسان مان ئي هوندا، ڇا ٿو ڪري سگهجي اهڙن ماڻهن لاءِ... گهر جو چور ته چُلهه جي چڻنگ هوندو آهي. بس جيڪي ٿيندو تنهن کي ان وقت ڏسبو.“
هن عادل جو ذهن جهڙو هاڻ ان موضوع تان، هٽائڻ پي چاهيو، پر عادل جنهن کوج ۾ هو، اها کيس اڃا حاصل ڪون پي ٿي. تنهن ڪري هن بلڪل سڌو نشانو تڪيندي پڇيس ”اڇا! ته پوءِ ان صورتحال جي خبر، چاهت، سندس ماءُ يا گهر جي ڪنهن فرد کي به پئي هوندي!؟“
”ٿي سگهي ٿو، پر يقين سان نٿو چئي سگهجي، باقي تو واري ڳالهه ته، اسان جا ماڻهو... ڪو چڱو ڪم چوين، ته واندائي ڪونهي، باقي ٻن کي ويڙهائڻ لاءِ ته، واندائي وانداآهن ،سو ٿي سگهي ٿو، اهڙيون ڳالهيون اتي پهتيون به هجن.“
”جيڪڏهن اهڙي ڪا غلط خبر اتي پهتي آهي، ته ڇا؟ تعلقاتن تي اثر ڪون پوندو!؟“
عادل جي ان سوال تي، ڪريمداد ڪجهه وائڙو ٿي ويو، کيس خبرهئي ته، منهنجي سسُ هتي جيڪي واڄا وڄايا آهن، انهن جا آلاپ ته، چاهت تائين روز پهچندا هوندا. جنهن جي عادل کي به اڳ يا پوءِ خبر ته ضرور پئجي ويندي.“
بس ٻُڏ تر ۾ اچي ويو، پهريان سوچيائين ته، ڪريمداد ڪر اڄ اعلان ته، منهنجي سسُ ۽ چاهت جي وچ ۾ جيڪا جنگ ڇڙيل آهي، تنهن ۾ چاهت جنگ کٽيو بيٺي آهي، ۽ مان هڪ هارايل سپاهي جيئان، پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري، سندس حُسن جي هٿڪڙين جو، باندي بڻيل آهيان، ۽ هاڻ جيڪا به سزا منهنجي لاءِ منتخب ٿي، ان لاءِ اوهان دوستن کي، منهنجي معافي جي اپيل جي لاءِ تياري ڪرڻي پوندي!“
۽ وري خيال آيس ته، اها اجائي تڪڙ ٿيندي ڪريمداد! ... پاڻي کان اڳي ڪپڙا لاهڻ يا وقت کان اڳي واڪو ڪرڻ بيوقوفي آهي... تڪڙ نه ڪر ڪٿي ائين نه ٿئي جو، مور جي هلڻي سکندي، ڪانگ واري وک به وڃائين! ... ائين ته پوءِ لوٽي کان ٻنڌڻو، ڳرو ٿي پوندو... ٿورو بُت جهل ڪريمداد، ۽ وقت جي تقاضا کي مرضي تي ڇڏي ڏي!!“
ڪريمداد پنهنجي اهڙي ٻڏتر واري سوچ ۾ هو، ته عادل سندس چهري واريون ريکائون پڙهندي، پنهنجي گُمان واري گرامر کي سمجهي ويو ته، اڄ يا سڀاڻي، پر ڪريمداد ڪم کان ويو!“
پوءِ به هن الائي ڇو، اهو بهتر نه سمجهيو ته، هڪ دوست جي ذاتي معاملي ۾، ائين بنا دعوت جي، دخل اندازي ڪري، سندس لاءِ بي وقتي الجهن کي سُلجهائجي!“
شايد ڪريمداد جي خود ڳالهين لڪائڻ جي ڪري، سندس دل ائين ڪرڻ لاءِ، اجازت نه پي ڏنس ۽ ڪريمداد کي سوچن ۾ ڏسي، ان کان پڇڻ لڳو ”ڇا ڳالهه آهي ڪريمداد؟ يڪو ٻڏي وئين، مون ڪا غلط ڳالهه ته ڪون ڪئي آهي نه!؟“
ته ڪريمداد ٻُڏل ڪُوئي جيئان، هڪدم منهن مٿي کڻندي چيو ”نه نه، عادل تون اهڙيون ڳالهيون هر هر ڇو ٿو ڪرين؟... ماڻهو جيڪي ڳالهيون اڳ ۾ ڪري چڪا هجن، انهن مان ڪا ڳالهه، جيڪڏهن اسان هڪٻئي سان ڪريون ٿا، ته اهو اسان انهن ڳالهين ۾ بس رڳو ڀاڱي ڀائيوار ٿا ٿيون، اهي ڳالهيون، غلط هجن يا صحيح، پر اهي اهڙيون ڳالهيون اسان جون ٺاهيل يا پيداڪيل ته ناهن! ۽ ها!انهن ڳالهين جي حمايت ۾ جيڪڏهن اسان وڃون ٿا، ته پوءِ انهن جي غلط، صحيح جو تعَين ڪرڻ ضروري آهي، سو به تڏهن، جڏهن انهن جو ڪو وجود به هجي، باقي منهنجي سسُ جهڙي هوائي عورت جي ڳالهين تي، مان به هوا ٿي وڃان، اهو ائين ته ٿي نٿو سگهي ۽ نه تون به ايترو سوچ عادل! ...ٺيڪ آهي، ڪڏهن، ڪڏهن حالتن جو ٽڪراءُ ٿيندو آهي، پر ان لاءِ بهتر دوست هوندا آهن، جن جو سهارو ڪم اچي ٿو، پر منهنجي لاءِ ته، پوءِ تون سڀن کان مونکي وڌيڪ ويجهو آهين، ان لحاظ کان ڪجهه ڳالهيون مان، کڻي توسان نه ڪيان، لڪايان، تڏهن به توکان اهي لڪي ته ڪون سگهنديون... سو بهرحال غلط يا صحيح! دوستن کي منهن تي چئي، ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي! نه ته، ٻي حالت ۾ انهن کي دوست ته ڪون چئبو آهي.“
هن پنهنجا اُڀتا، سڀتا ٺاهه، ٺاهي، وڌ کان وڌ عادل کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ عادل، سندس لڪل سوچ ۽ ويڙهيل نيت کي پوري طرح پرکي نه سگهيو، پر پوءِ به ڪنهن حد تائين، اهو هن سمجهي ورتو ته، ڪريمداد ڀلي ڇا به پيو چوي، پر ڪُنڍي ته ڪلين وچ ۾ لڳل اٿس، تنهن ڪري هاڻ اهو ضروري ڪونهي ته، هڪ سٺي دوست کي، هروڀرو، ابتا، سبتا دليل ڏئي، سندس دل جو راز کولي کيس ڪوڙو ثابت ڪجي، اهو چڱو نٿو لڳي! ۽ اجايو زور ڀري دوستن کي، سندن ئي ڳالهين ۾ ڪوڙو ثابت ڪرڻ، دوستي جهڙي عظيم رشتي جي لاڳاپي لاءِ به اها سٺي سوچ ڪان چئبي.“
اهو سوچي عادل، ڪريمداد کي هاڻ وڌيڪ ڇيڙڻ ڇڏي ڏنو، ۽... ڳالهين مان ڳالهيون ڪندي کين وقت جو احساس ڪون رهيو هو، ڏينهن جا ٻارنهن ٿي ويا هئا، موسم بنهه اڻ وڻندڙ، هر ماڻهو، پنهنجي، پنهنجي سوچ مان به خفا! ڪنهن کي زڪام، ڪنهن کي بدن ۽ مٿي ۾ سور، ۽ ڪريمداد کي ته هونئن به گهڻي سوچ جي ڪري، سڄو سرير سور ٿي پيو هئس!
ڀلا رڳو ڳالهيون ٺاهڻ سان ته، سور ئي حاصل ٿيندا آهن، ڪريمداد به انهن سورن ۾، عادل کان موڪلائي، اٿي ٻاهر اچي پنهنجي گهر ڏانهن ڏٺائين ته، ڪنهن اُجڙي ويل، ويران سپني جيئان محسوس ڪيائين، پنهنجي گهر وڃڻ لاءِ، روح ئي نه پيو چويس، پر پوءِ بي دليو ئي گهر هليو آيو، ۽ گهر ۾ هميشه جيان، سندس اچڻ سان فلحال ائين خاموشي ٿي ويندي هئي، جو ان گهر ۾ ڄڻ انسان جي آبادي محسوس ئي ڪون ٿيندي هئي، ۽ پوءِ ڪجهه دير سهي اهڙو هُل جاڳي پوندو هو، جو ائين لڳندو هو ته، خطرناڪ انسان ته رهندا ئي ان گهر ۾ آهن.
ان ڏينهن به ائين گهر ۾ مڪمل خاموشي ڏسي، هن ائين محسوس ڪيو ته، جهڙو ڪنهن پرائي گهر ۾ آيو هجي.
هن ورانڊي ۾ کٽ تي ويهي، هيڏانهن، هوڏانهن نظر ڊوڙائي ڏٺو ته، سندس ٻئي ڀيڻون، ماءُ سان گڏ ويٺيون آهن، ۽ سندس زال ۽ سندس سسُ انهن کان الڳ ويٺيون آهن، ۽ سندس پوڙهو پيءُ سامهون ٻي کٽ تي پٺيرو ليٽيل هو، ۽ پاڻ به وهاڻو سري کان ڏئي اڃا ليٽيو مس هو، ته سندس ڀيڻ شهرو، سندس سيرانديءَ کان اچي، آهستي، آهستي ڪن ۾ ڪجهه کيس چيائين ته، هڪدم اُڀو ٿي ويهي رهيو ۽ پنهنجي ماءُ کان پڇڻ لڳو ”امان! هي، ادي شهرو ڇا پئي چئي!؟“
۽ ماڻس ڄاڻي، ٻُجهي پنهنجي بي خبري ڏيکاريندي چيو ”ابا، الائي ڇا ٿي چوي؟“ ۽ منهن ۾ گهنج وجهي شهرو کي چوڻ لڳي ”ڇوري، ڇاپي چيئي ڀاءُ کي؟“
”امان مون ادا کي اهو پي ٻڌايو ته، اڄ ڀاڄائي بختاور کي، پنهنجي ماءُ وٺڻ آئي آهي، چئي، پئي ته، ڪريمداد اچي، ان کي ٻڌائي، پنهنجي بختاور کي وٺي ٿي وڃا... هتي ته مُئيءَ کي مينڍن ۾ مڻيان پئي ويا آهن، ٻه مهينا. ٿيا آهن، ته مٿو به ڪون ڌوتو اٿس!“ شهرو ٻڌايو.
”پوءِ مان ته آيو آهيان، ويٺو آهيان، مون سان نٿي ڳالهائي ڇو؟...وٺي ٿي وڃيس، ته پنهنجيءَ کي وٺي وڃي، هو بابا ستو پيو آ، چوينس ته ان سان ڳالهائي...بختاور کي ان، راضي، خوشي مون سان پرڻايو آهي، اهو موڪل ڏيس، ته ڀلي وٺي وڃينس، باقي مون سان اجايو مٿو نه هڻي!“
سندس سسُ اهو سڀ ڪجهه ٻڌو ويٺي، ۽ ڪاوڙ سهي نه سگهي، اٿي اچي ڪريمداد جي اڳيان بيهي چيائين ”مان مٿو ٿي هڻا نه، ... هُو منهنجي ڌيئڙي ائين تو ۾ اکيون وجهي، وجهي سڙي وئي آهي ۽ تو هن کي گڏهه سمجهيو آهي نه.؟“
”ڇا ڪيو آهي، مون هن کي؟“ ڪريمداد اکيون اکين ۾ وجهي چيس، ۽ هن آڪڙجي چيو ”تو ڇاڪيو آهي... اهو توکي مان ٻڌايان... هڪ مڙس پنهنجي زال کي ڇا ڪندو آهي؟... اهو مان پنهنجو، وات اگهاڙو ڪري ٻڌايان؟... ٽي مهينا ٿيا آهن، تون هن سان گڏجي سمهي به ڪون، چوين ٿو، مون ڇا ڪيو آهي!؟“
سندس ان بڙ، بڙ تان ڪريمداد جو پيءُ به اٿي ويٺو ۽ اتان کان ئي چوڻ لڳس ”او مائي ... ڪجهه ساڃاهه ڪر، ڇو اچي روز، روز اسان کي خوار ٿي ڪرين... هڪڙي پاسي هن منهنجي ڇوري اسانکي ڇتو ڪيو آهي، ته ٻئي پاسي تنهنجو اهو ڪاڪڙي تي زور! خبر ناهي ته، تون الائي ڪنهن جي سر جي پويان آهين، الائي ته اسان مان ڪنهن جو سر ٿو وڃي، يا الائي تون پنهنجي سر جي پويان آهين!“
بس پوءِ ته جهڙو ککر کي کڙو لڳي ويو، سڄو ڳوٺ کڻي مٿي تي کنيائين، ۽ وڏي سڏ چوڻ لڳي ”هاڻ اچي تنهنجي اها چاهت ته، ڄُنڊا پٽيانس، انهيءَ بي شرمي، هي ٻيو سڄو راڄ ڇڏي، توکي پنهنجو عاشق ڪيو ٿس... حيدرآباد وارا ڪون وڻيس ۽ هيڏانهن اچي ٿي عشق ڪري... مان چوانءِ ٿي ڪريمداد، منهنجي ڌيءَ کي پنهنجي زال ڪري سنڀال، نه ته منهنجي بختاور لاءِ، مرد مري ڪون ويا آهن! ... مان تنهنجي اڳيان ٻيو مڙس ڏيندي سانس، نه ته، جي غيرت هجئي، ته پنهنجيءَ کي ران سان گڏ رک... متان پوءِ پڻهين علي احمد جا به هٿ نه پونئي... مون گهڻو ئي سٺو آهي، منهنجي نڌڻڪي ڪونهي... تون هٿ ڪڍي ڏس ته، ڪيترا ٻيا گهرڻ وارا آهن ۽ توکي جي چاهت جي سنگت وڌيڪ آهي، ته وڃي منهن اڇو ڪرينس... منهنجي بختاور ڪا ڪُٺل ٻڪري ڪانهي، جنهن کي تو مُردار سمجهي ڦٽو ڪيو آهي... اڄ ته مان وڃا ٿي، پر هاڻ پنهنجي ڌيءَ مون ويڳاڻي ڏٺي آهي، ته مان پنهنجيءَ کي وٺي ويندس، پوءِ جيڪو بابهين کي ڪرڻو هجي، وڃي ڪري، جي نه، ته پنهنجي غيرت کي ڪجهه پاڻي ڏيار، هو تنهنجي لڄ آهي، بي لڄو نه ٿي!؟“
سندس ايڏي وِلل کان پوءِ، ڪريمداد جي پيءُ رڳو ايترو چيس ”ڪون ٿو مائي تنهنجي ڌيءُ سان ظلم ٿئي، وڃ، وڃي پنهنجي گهر، اهي دُهل وڄائي... مردن جي ڳالهه ٿي ڪري، پهريان پنهنجي مرد کي ته غيرت جو پاڻي ڏيئار، جنهن توکي ڇُوٽ، ڇوڙي ڇڏيو آهي، جنهن کي، تنهن کي وات وجهندي گهمين!“
ته هڪ دفعو وري ماحول گرم ٿي ويو، ۽ باهه جهڙو ڀڙڪو ڪري علي احمد کي چوڻ لڳي ”تون چپ ڪر پوڙها! توکي ته هاڻ قبر پئي سڏي! ... تون ته اڄ مرين يا سڀاڻي، تنهنجي ته نظر ئي بيهي وئي آهي! توکي ڪهڙي خبر ته، منهنجي ڌيئڙي سان ڪيڏو ويڌن آهي... پنهنجي جوئي کي سمجهائي، جوئي کي... جيڪا پنهنجو ميسڻو منهن ٺاهيو ويٺي پٽهين جا پير ڪڍي! سڀ ڪم تنهنجي انهيءَ کوٻلي خراب ڪيو آهي... انهيءَ ته اهڙا ڪي منڊ منڊيا آهن، جو منهنجي بختاور بيمار ڪري وڌي اٿس! ... ٻي اها تو واري شهربانو ڪٽڻ ڪُتي، اها ٿي ڪٽڻپاڪري، ڪريمداد جا،... انهن کي نٿو چوين، مون کي پيو چوين ته، مان ڇُوٽ ڇُڙي وتان! ... پنهنجو گهر سنڀال پوڙها، متان سڀاڻي اهي ڪفن به، نه ڏيئنئي!“
پاڙي وارن مان ان مهل، جن ماڻهن اهو سڀ ڪجهه ٻڌو پي، تن ائين پي چيو، ”اڄ ته مائي مت ڇڏي وئي... ڪيڏي ٻيگهيِ مچائي اٿس!“
ته ڪنهن چيو پي ”اها اڳيئي اکين پور آهي... مائي ڪير ته چوندو انهيءَ ڇتيءَ کي!“
ته ڪنهن وري ائين به چيو ”آهي ته مائي به حق تي... پنهنجي زال هوندي، جيڪو پرائي سان پيار ڪندو، اهو ائين پاڻ به بڇڙو ٿيندو، ته ٻين جي عزتن تي به اڇلون ٿينديون، ٻيو ڇا ٿيندو“
ته هڪ لکيي پڙهيي ماڻهو وري هيئن پي چيو ”ان مائي، علي احمد جي پٽ ماستر کي صحيح سڃاتو آهي، اهو لکيو، پڙهيو ۽ ماستر ماڻهو، اجايو سماجي گند ڪري، ڳوٺ جو ماحول پيو خراب ڪري!“
ان مهل ڪريمداد جي ماماڻن مان ڪنهن ڪريمداد کي ائين چيو ته ”ڪريمداد اٿ، نڪر گهر مان، ڇڏ مائي جو منهن، جيسين تون ويٺو هوندين، تيسين ماٺ ڪون ڪندي! ... اجايا ماڻهو پيا کلن، تون وڃ، ڪجهه دير ٻني ٻاري تان چڪر هڻي اچ... تون ويندين تڏهن ڪا ماٺار ايندي، نه ته اتيئي سسُ تو واري کي لهي، اڀري ويندو!“
ڪريمداد، ماٺ مِيٺ ۾ گهر ڇڏي ٻاهرهليو ويو، ان کانپوءِ به ڪجهه دير سندس گهر ۾ٻڙڌول هو، پر پوءِ آهستي، آهستي جيڪو جتي هو، اهو اتي ٺري ٺپ ٿي ويو. پر ان هُل هلاڪي ۾ نه چُلهه ٻري نه ماني ۽ مانجهاندو ٿيو!
سج لهي ميرانجهڙو ٿيو، ته ڪريمداد به لنگهڻ ئي لنگهڻ سوچي، سوچي وري لنگهي پنهنجي گهر آيو، پڻس به سندس ئي پويان، جيئن گهران نڪتو هو، تئين وڃي، ڳوٺ واري مسجد ۾ ستو هو، سو به سانجهي نماز پڙهي پوءِ گهر موٽيو هو، پر ڪريمداد جي ماءُ خوش هئي، ان ڪريمداد جي سسُ کي سڄي ڳوٺ جي اڳيان، پنهنجي اجائي هُل، حشر ۾ بڇڙو ٿيندي ڏسي سندس هانءُ ٺري پيو هو!
ڪريمداد جي سسُ اهو صحيح پي چيو ته، هن پنهنجي پٽ جا پير پاڻ پي ڪڍيا! پر عقل ۾ ڪمزور هئي، کيس اها خبر نه هئي، ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟
ماڻهن ته ان معاملي تي ٻئي ڏينهن به تبصرا پي ڪيا، ۽ اها چُڻ ڀڻُ سڄو هفتو هلي، پر سا رڳو ڳوٺ تائين ڪان هئي، اهي مقالون ماڻهن چاهت تائين به پهچائي ڇڏيون ۽ اها هاڻ رڳو ڪريمداد جي اوسيئڙي ۾ هئي، ان کي اهو وڏو انتظار هو ته، ايڏي کل، خواري کانپوءِ، جنهن ۾ منهنجو ۽ ڪريمداد جو نالو، ٻئي گڏ، گڏ پيا ڳوٺ ۾ ڳائجن، ته ڪريمداد به ضرور ان تي سوچيو هوندو! ضرور ڪي پهه پچايا هوندائين، مونکي به بار بار ياد ڪيو هوندائين.“
چاهت، بس اهڙي انتظار ۾ هئي ته، اهڙو ڪم ٿئي، جنهن سان ڪريمداد پنهنجو گهر ڇڏي، هتي هميشه لاءِ، منهنجو ٿي مون وٽ رهي پوي!“
ائين ته هرڪو ئي پريمي چاهيندو آهي، ته خدا ڪو اهڙو سبب ٺاهي، جو بناڪنهن دير، ۽ انتظار ۽ پريشانيءَ جي منهنجو ميِت مونکي ملي پوي!
پر پنهنجو پيار پائڻ لاءِ ايترا ته پاپرا پٽڻا پون ٿا، جو ماڻهو کي جيئري مري وري جيئرو ٿيئڻو پوي ٿو.
چاهت کي ڪريمداد جي سڪ ته هئي، پر سڪ ۾ سرجندڙ انهن سورن جي ساڃاهه نه هئي، جن سورن ۾ سڪ سانڍيندڙ سنوان، سيبتا ماڻهو به، دنيا ديوانا ڪريو ڇڏي!
پيار جي پانڌيئڙن لاءِ، سڪ واري ڇڪ جو پنڌ هميشه اڻپورو رهيو آهي. عمر کٽيو وڃي، پر پنڌ نٿو کٽي!
انهيءَ پنڌ ته ڪيترا خان کٽائي ڇڏيا، پرنه کٽو، ته پريتم جو پنڌ ڪنهن کان به نه کٽو!
محبت جي ته مسافري آهي اهڙي، جنهن جي سفر جو سامان ته بس رڳو مسافر جو ساه هوندو آهي، ۽ ساهه جي سوديبازي هر ڪوئي ته ڄاڻي به ڪون! ۽ محبت جي معاملي ۾ ماڻهو، پنهنجي خدا کي به خوشي سان گڏائي نٿو سگهي.
هر پيار ڪندڙ پريمي پنهنجي پهرئين پيار جي پيڙاءُ واري سمجهه کان غافل هوندو آهي، پر سڪ جو اولاد ئي سور آهن! جيڪي هاڻ ڪريمداد جي اڳيان، پويان پي ٿيا، ۽ چاهت کي به سڏ پنڌ تي اچي ڇڏيو هئائون ٻئي پريم جي پنڌ ۾ ڪاهي پيا هئا.
عشق اڳيان اٽڪل، هن ابن آدم، ويچاري جي ڇا هلندي، جنهن عزازيل جهڙي عاشق کان سجدي جهڙو ثواب ئي کسي ورتو. تنهن چاهت کي به ٻن واٽن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. جنهن جي پهرين سوچ اها هئي ته، ڪهڙي به حالت ۾ڪريمداد کي پنهنجو ڪريان، ۽ ٻيو ڪريمداد واري سسُ جي طرفان ٿيل سندس کل خواري ۽ بدنامي جو بدلو وٺڻ هو!
چاهت جي من ۾ پيار واري پيڙا به هئي ته بدلي واري باهه به هئي. اهي ٻئي طاقتون ڪنهن انسان ۾ گڏجي هڪ ٿي وينديون آهن، ته هڪ اهڙو طوفان اٿارينديون آهن، جنهن جي سامهون دنيا جا عظيم کان عظيم رشتا به پنهنجا روحاني جوڙ جهلي نه سگهندا آهن.
چاهت جي من اندر جي موسم به، اهڙيون ئي طوفاني لهرون اٿارڻ شروع ڪري ڏنيون هيون.
هن هاڻ پنهنجي ماءُ زليخا کي کلم، کلو چئي ڏنو ته ”ڇا به ٿي پوي... ڪيئن به آهي، ڪهڙو به آهي پر مان شادي ڪريمداد سان ڪنديس... تون بابا کي ٻڌائين، ته ڀل ٻڌائي ڇڏ!“
سندس ماءُ ته اهڙي طوفان جا ڌڪا اڳيئي کايو ويٺي هئي، سا پنهنجي جان محمد سان جِيءَ گڏي، جڏهن کان گهر ڇڏي نڪتي هئي، ته وري ان ساڳي گهر جو پاڻي به ڪون پيتو هئائين، ماءُ، پيءُ، ڀيڻون، ڪجهه به ڪون رهيو هئس، سڀئي پنهنجي جان محمد جي سرتان صدقو ڪيو ويٺي هئي.
هاڻ سندس باقي ڪجهه هو، ته اهو جان محمد ۽ سندس صديقا ۽ چاهت! ... سندس شهر به اهي، ماءُ پيءُ به اهي ته گهر ۽ دنيا جهان به اُهي!
سڀ ڪجهه سندس اهي ئي هئا، کيس کلائڻ وارا به اهي، رئارڻ وارا به اهي ته ڪفن ڏيئڻ وارا به اهي ئي هئا!
هن ويچاري پنهنجي زندگي جا سڀئي صدما، صندل جو شربت سمجهي پيِ ڇڏيا هئا. ۽ ڪڏهن ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍيائين، ۽ هاڻ پنهنجي ماضي جا مري ويل اهي سور، وري سندس ڌي چاهت جي صورت ۾ سامهون ڏسي رهي هئي، پر هاڻ ته سورن کي منهن ڏئي، پنهنجو پاڻ سنڀالڻ وارو سبق ته هن کي ايندل هو، تنهن چاهت جي اسرار کي سمجهي ورتو هو ۽ ان کي ائين ئي، جهڙي جو تهڙو پنهنجي من جي محل ۾ سمهاري ڇڏيائين، رڳو چاهت کي بس ايترو چيائين ”پنهنجو خيال رک، زندگي جا فيصلا ايڏا تڪڙا نه ڪندي ڪر“
۽ پوءِ مڪمل خاموش ٿي وئي! پر سندس چيل جملي کي چاهت ڪا اهميت ڪان ڏني!
چاهت، ته ضدي ۽ چيڙاڪ طبيعت به هئي، جيئن وڻي تيئن ڪري، سندس فيصلن کي رد ڏئي ڪون سگهندا هئا، سڄي گهر جو حساب، ڪتاب، ڏيئڻ، وٺڻ تائين چاهت جي حوالي هو.
جان محمد کي پٽ جو اولاد نه هئڻ ڪري، کيس چوندو هو ”تون منهنجي ڌيءُ ٿورئي آهين، تون ته منهنجو پٽ آهين!“
ذاتي حوالي کان به، اُها آزادي ۽ اهي سڀ اختياريون حاصل هئس، جيڪي هڪ خوشنصيب ماڻهو کي حاصل هونديون آهن! پر انهن اختيارين جو استعمال ۽ آزاديءَ جي سنڀال، سندس سمجهه کان مٿي هيون، هن انهن ٻنهي نعمتن کي، رڳو ڪريمداد جي حاصل ڪرڻ ۽ ان جي سسُ کي بدنام ڪرڻ لاءِ پي استعمال ڪيو!
پر اهي ٻئي نعمتون، جيڪڏهن ڪنهن ساڃاهه ۽ سمجهه سان استعمال ڪجن، ته ڪا شخصي يا قومي آزادي ته ڇا، پر ماڻهو شيطان کان به پنهنجو خدا کسي سگهي ٿو!
پرچاهت، رڳو ڪريمداد کي پي چاهيو، جنهن ۾ جهڙو سندس خدا رهندو هو، پر جڏهن ته، ڪريمداد خود سندس چاهيندڙ هو. پر وقت! جيڪو هر قوت ۽ ڪرامت کي جنم ڏيندڙ آهي. سو جي انتظار نه ڪرائي، ته خود به پنهنجي احساس سميت فناٿي وڃي!
وقت! چاهت کي به پنهنجي گهڙيِ، گهڙيءَ جي انتظار ۾ روڪي رکيوهو، ۽ چاهت ان اصل وقت کي پي ڳوليو، جنهن ۾ هڪ گهڙيءَ جو به انتظار ڪون ڪبو آهي! جي سندس وس ۾ هجي ها، ته وقت کي ويڙهي گهڙين وارا کيل ئي ختم ڪري ڇڏي ها! پر افسوس وقت کي اجرڪ جيئان ويڙهي، قابو ۾ ڪرڻ ته ڇا؟ پر ڪڏهن ڪنهن، نه سندس احساسن ۽ ارادن کي سمجهيو آهي ۽ نه ڪڏهن ڪو سندس پاسي کان به لنگهيو آهي!هرڪو سندس حڪم جو حامي آهي، ڪو به سندس احڪامن کان انڪار نٿو ڪري!
وقت کي پٺڀرو ويندڙ، واپس ايندي، وري ڪنهن به ڪون ڏٺو، الائي ڪهڙي اوڙاهه ۾ وقت کيس وڃائي، فنا ڪريو ڇڏي!
۽ وقت جي رفاقت جا راهگير، لُڏندي، لُڙهندي غوطا کائيندي ته ڏٺاسين، پر ڪڏهن ڪرندي ۽ ٻڏندي ڪون ٻڌاسين. ۽ جن وقت سان وفا جي بدلي اٽڪل ڪئي، تن کي وقت هيمشه اونڌي راهه جي اوجهڙ ۾ راهي ڇڏيو!
چاهت جو به، وقت سان صلح شايد اميدن جي حاصلات جا اهڃاڻ هئا، ليڪن چاهت، وقت کي ڪون سڃاتو هو، پر وقت چاهت کي ڄاتو پي، اها وقت جي مٿس مهرباني هئي، جنهن کيس تڪڙ جي بدلي، صبر۽ انتظار ڏنو هو، نه ته چاهت پنهنجن اٽڪلن سبب، انهن ٻنهي مان خفا هئي. انتظار ۽ صبر ٻنهي کيس پنهنجي عقل ۾ منجهائي وڌو هو، هن هر گهڙيءَ هڪ نئون فيصلو پي ڪيو، جنهن ۾ هن وقت کي کُٽائڻ پي چاهيو، پر ڪريمداد به وقت جي وات ۾ هو، ان کي اتان ڇڏائڻ لاءِ چاهت جون سوچون ايئن کٽي پي پيون، جيئن وقت کي کٽائيندڙ پاڻ کُٽي پوندا آهن!
سج اڀرندو هو، ته ڪريمداد جو انتظار ڪندي هئي ۽ سج لهي ويندو هو، ته وري سج اڀرڻ جو انتظار ڪندي هئي، ائين وقت پنهنجي طرفان انتظار، جهڙو سندس رت پت سان گڏي ڇڏيو.
جنهن ڏينهن کان، سندس پيءُ، ڪريمداد کي، ڄَمُ سرٽيفڪيٽن لاءِ چيو هو، تنهن ڏينهن کان، هن پنهنجو پاڻ کي به وساري، رڳو ڏينهن ويٺي ڳڻيا! کيس يقين هو ته، ڪريمداد دنيا جا ٻيا سڀ ڪم ڇڏي، رات ڏينهن سرٽيفڪيٽن واري ڪم جي پٺيان هوندو، ۽ اجهوڪي اجهو اڄ يا سڀاڻي ضرور ايندو!
سندس ڊوميسائيل ٺهڻ کانپوءِ، کين پنهنجي پيءُ نوڪريون وٺي ڏيارڻ وارو يقيني واعدو ساڻن ڪري ڇڏيو هو.
۽ چاهت ان واعدي مطابق ئي، ڪريمداد سان شادي رچائڻ جي مڪمل رٿابندي جوڙي ڇڏي هئي.
هن سوچيو هو ته، باباجي رٽائرمينٽ جا پيسا، منهنجي ۽ ڀيڻ صديقا جي پگهار مان ڪجهه پيسن جي بچت ڪري، هڪ سٺو، بنگلي نما گهر ٺهرائينديس، پوءِ ڪريمداد سان شادي ڪنديس ۽ بختاور کي طلاق ڏيئاري، ڏهاڳڻ ڪري، ڪريمداد جي سسُ کي، اهو اهڙو زهر پياريندس، جو سڄي عمر پئي ڦٿڪندي!“
ڪريمداد ۽ عادل کي پنهنجا پروگرام گهٽ وڌ ڪندي، پورا ٽي مهينا لڳي ويا، موسم به سنڌ جي جذباتي نوجوانن جي سوچن جيئان، بدلجي چڪي هئي.
ڊسمبرجو مهينو هو، اُتر واءُ سياري کي سنڌ ۾ پلٽائي وڌو هو، سنڌ جي ساحليءَ پٽيءَ تي، سيِءَ پنهنجون اوطاقون اڏي ڇڏيندو آهي. ٺٽي ۾ به سِيءَ سيسڙاٽ ڪڍائي پي ڇڏيا.
عادل، قد، بت جو سگهو ڀلو، صحتمند جسم، بت ۾ ڀريل ۽سانولي رنگ وارو نوجوان هو. جڏهن ته ڪريمداد، ڪمزور بدن، سنگل باڊي، سنهڙو بدن، قد ۾ عادل کان ڊگهو نظر پيو ايندو هو. چورس منهن ۽ گول نڪ، کلندو هو ته، ڳلن ۾ هڪ ننڍڙي کڏ پئجي ويندي هئس، جنهن کي ”غب غب“ چئبو آهي. ڪنهن شاعر به چيو آهي ته:
”اسان غرق ٿيا سي در غب غب
لاشڪ آهيون لا مذهب!“
ڪريمداد جي ڳلن ۾ اها ننڍڙي کڏ، چاهت کي تمام وڻندي هئي. عادل ۽ ڪريمداد، هڪڙي ڏينهن ائين بس ويٺي، ويٺي، پروگرام ٺاهيو ۽ اوچتو ئي، اوچتو ٺڪ وڃي چاهت جي گهر ڪيائين.
چاهت جي پيءُ جان محمد تي شگر مڪمل ڪنٽرول ڪري وئي هئي ۽ تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو هو، تنهن ڪري گهر کان گهڻو ٻاهر نڪرڻ ته ڇا، پر پنهنجي ڊيوٽي به، باقاعدگي سان ڏيئڻ ڇڏي ڏني هئي.
ٻين کي فرض شناسي جا ليڪچر ڏيندي، ڏيندي، هاڻ خود کان به ڄڻ فرض رُسي ويو هئس! بس بي سَتو ٿيو گهر پيو هوندو هو. ٿورو گهڻو هلڻ، ڦرڻ يا چهل قدمي به گهر جو گهر ۾ ڪندو هو.
گهر ۾ مڪمل رهڻ سان، واندڪائي ۾ سوچي، سوچي، هن کي چاهت ۽ صديقا جي نوڪرين ۽ شادين، ڳڻتين ۾ ڳاري پريشان ڪري وڌو هو، پر سندس همٿ سلامن جي لائق هئي! بنهه بردبار ۽ قوتِ مدافعت به انتها جي هئس، زندگي ۾ ڪيتريون، وسنديون، ڦٽنديون ڏسيو ويٺو هو.
ان ڏينهن عادل ۽ ڪريمداد کي پنهنجي گهر گڏ اچڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو هو. هڪدم چيائين ”اهي اڄ منهنجا مهمان آهن، انهن کي هيڏانهن منهنجي ڪمري ۾ موڪليو.“
هن ڳالهه وساري ڪون هئي، عادل کي پاڻ سان گڏ وٺي اچڻ جو، ڪريمداد کي چيل، کيس چڱي طرح ياد هو، هن ٻنهي کي پاڻ ڏانهن پنهنجي ڪمري ۾ گهرايو، پر چاهت ڪريمداد کي پاڻ وٽ روڪي ڇڏيو، ۽ عادل کيس اڪيلو وڃي مليو، ته هن پنهنجي زال زليخا کي چيو ”ڪريمداد ڪٿي آهي؟“
زليخا چيس ”اچي ٿو، ان کي چاهت ڪجهه دير لاءِ روڪيو آهي.“
پر هن اسرار ۽ اُڪير مان چيو ”اڙي چوينس ته، گهڻا ڏينهن پئجي ويا آهن، مونکي ته منهن ڏيکاري، چاهت سان پوءِ پيو ملي؟“
عادل سندس ان شروعاتي ادا کان ڏاڍو متاثر ٿيو، سندس ان خوش سلوڪي مان ئي هن اندازو لڳائي ورتو ته، واقعي، هي ته ملنسار ۽ ملڻ جلڻ جي اهل شخصيت آهي. مون خوامخواه دير لڳائي! هي ايترو ڪمزور ٿي ويو آهي، جي وفات ڪري وڃي ها ته، ساڻس ملڻ واري حسرت شايد رهجي وڃي ها!“
جان محمد، زليخا کي ويهڻ ئي نه ڏنو، بيٺي پير واپس کيس ڪريمداد کي وٺي اچڻ لاءِ چيائين ۽ پوءِ عادل جي منهن ۾ ڏسندي چيائين ”عادل...آزاد... تنهنجو ته نالو ئي دل گهريو وٺي... ڪريمداد تنهنجي دوستيءَ جون نيڪيون ڪندو آهي ... چيومانس ته، پوءِ وٺي اچينس ڪيڏي مهل، پنهنجي گهر... پر وڏي ديرلڳائي آيا... خير، سٺو... حياتيءَ ۾ وري به ملياسين ته سهي... ڪهڙا حال آهن؟... ڇا پياڪريو اڄ ڪلهه؟... توهان جي شاعري ڪيئن پئي هلي!؟“
لاڳيتو هڪٻئي پٺيان، سوال پڇي ورتائين، ائين پي لڳو، ڄڻ هن پنهنجي حياتيءَ جا، باقي ڪي ٿورڙا ڏينهن پي تصور ڪيا.
عادل، منجهي پيو ته، پهريان کيس ڪهڙي سوال جو جواب ڏجي! انهيءَ سوچ ۾ هو ته، ڪريمداد به اچي سلام ڪيو، ۽ جان محمد کي جُهڪي پيرن تي هٿ رکي مليو ته، جان محمد ڪمزور هوندي به، ڪريمداد کي ائين ته ڀاڪر ۾ ڀري، پنهنجي ڇاتيءَ سان گڏائي ڇڏيو، جو جهڙو سندس سڳو پٽ هجي. ان ڀاڪر ۾ ئي کيس، پنهنجي محسن ربنواز ڌوٻيءَ جون يادون سندس ذهن تي تري آيون ۽ ڀاڪر ڪڍي ڪريمداد جي ٻنهي ڪلهن تي هٿ رکي چوڻ لڳو ”ڪريمداد! هڪ ڏينهن مونکي به ائين منهنجي محسن مرحوم چاچا ربنواز، اهڙو ڀاڪر وجهي، هميشه لاءِ مونکي پنهنجو ڪري ڇڏيو هو ۽ ائين اهڙي طرح سان منهنجي ڪلهن تي هٿ رکي مونکي چيو هئائين... جانو هي موسمون به اچن وڃن ٿيون، ڏک ۽ سک به اچن وڃن ٿا، دنيا ۾ ڪا اهڙي شيءَ ناهي، جيڪا اچي ٿي ۽ پوءِ وڃي نٿي، پنهنجا به اچن ٿا۽ پوءِ اڪيلو ڪري هليا به وڃن ٿا. تنهن ڪري تون سارين جي سنگ جيئان، پنهجن کان ڇڄي، حوصلو ڪڏهن به نه هارجان!“
ائين چوندي جان محمد جي اکين ۾، لڙڪ اچي ويا، ۽ پنهنجي زال زليخا ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ”هُو ڏس... اها ان جو ڏنل انعام اٿئي، جنهن پنهنجا سڀ وساري، رڳو مون هڪڙي جا ويٺي سور سبي... ڏاڍو ڏکيو آهي يار... زندگيءَ ۾ اڪيلائيءَ جو بار!“
۽ پنهنجي رومال سان اکيون اُگهندي چيائين ”ويهه ڪريمداد ويهه... اسانکي وساريندو نه وڃ يار... ڪهڙي خبر؟ وڏي سڏ جو وقت ڪهڙو آهي!؟“
جان محمد جي ان ويچارگي، زليخا جي هينئن ۾ اهڙو چڪ پاتو جو هانءُ هاريندي چيائين ”ائين روز، روز ڇو ٿو چوين... نه چوندو ڪر ائين، تون جي ويندين ته پوءِ اسان جو هت ڪير آهي!؟“
”هي ڇا ويٺا آهن، ڪريمداد ۽ عادل آزاد... اهي آهن نه ... پنهنجا... ڪريمداد ڪيئن، سمجهائي نه، پنهنجي جيِجيءَ کي؟“
ڪريمداد ڇاچوي، تنهن جي ته ساهه به، مڪمل سندس ٿيڻ لاءِ سَٽون پي کاڌيون، پر ايتري منجهس جرئت ڪان هئي، جو سڌو، سڌو کيس چئي ڏئي ته، ”چاچا مان ته سڄو اوهان جو آهيان، بس ٿوري وچ ۾ ڪا وٿي آهي، اها به تنهنجي احترام جي ڪري وچ ۾ سنَڌو وجهي پيل آهي“
بس پوءِ مڙئي ڳالهين ۾ ڀائيواري ڪندي، چوڻ لڳو ”جِي جيِ به ته صحيح ٿي چوي، اسان ته اوهان جا آهيون، پر اوهان به ته اسان جا پنهنجا آهيو، ائين اهڙيون ڳالهيون ڪري، اسان جون دليون ته نه ڏکايو نه.“
تڏهن جان محمد چوڻ لڳو ”اڙي يار... اسان کي جن جيئري جدا ڪيو، سي به ته پنهنجا هئا، پر جيئون پيا نه، ڪنهن کي ڪنهن جي لاءِ حياتيءَ جي بخشش ته ڪون ٿي ملي نه، مان چوان نه چوان ڪهڙو فرق ٿو پوي، پر اها واٽ جيڪا سڀن لاءِ جُڙي آهي، تنهن تي ڪوئي خوشيءَ سان جيڪڏهن نه ويندو، تڏهن به وٺڻ وارا ته وٺي ويندس، ان کان بهتر آهي ته، ماڻهو اهڙي حقيقت نه وساري، ۽ اڳواٽ پنهنجي دليري سان، تياري ۾ رهي! ڀلا اوچتو اچي موت سڏ ڪري، ته اهڙو اوچتو سڏ ماڻهو کي ڀاڙيو ڪريو وجهي، تنهن ڪري پيا مڙئي هڪٻئي کي ياد ڏياريون!“
۽ پنهنجي ... زليخا ڏانهن نظر کڻندي چيائين ”نه ته ڀلا هنن هيهڙن باوفا ماڻهن کي ڇڏڻ تي، روح ته راضي ڪون هوندو نه!“
جان محمد ائين چئي، ڪجهه دير سڀن کي ڄڻ لاجواب ڪري ڇڏيو ۽ ان تي وڌيڪ ڳالهائڻ، ڪنهن کي مناسب ڪون پي لڳو
شام جا شايد ست ٿيا هئا، ڪمري جو دروازو کليل هو، سرديءَ جي ڪري، ٻاهر ڪافي ٿڌ هئي، ڪنهن، ڪنهن مهل ڪمري ۾ به ٿڌي لهر ڊوڙي پي آئي، جيڪا کين کليل دروازي جي ياد ڏيئاريندي ڄڻ چوندي هجي ”ڪمري جو دروازو بند نه ڪندا ته مان ائين هر هر اچي اوهان جون ڳالهيون ٻڌي، اهي ڳالهيون وري ٻاهرين کي وڃي ٻڌائينديس“
پر سندس ان هلڪي سياٽي ڏانهن ڪنهن به ڌيان ڪون پي ڏنو، عادل کي ٿوري ٿڌ محسوس ٿي، پر سو جان محمد جي قياسي خيالن کي ڌيان ڏئي ٻڌي رهيو هو، تنهن ڪري ان هلڪي ٿپڪي واري ٿڌ، سندس توجه کي بدلائي نه سگهي، ۽ عادل چاهيو پي ته، سندس انهن اداس ۽ نراس ڪندڙ ڳالهين ۾ ساڻس ڪا ڀاڱي ڀائيواري ڪريان، پر کيس وچ ۾ ڳالهائڻ لاءِ جان محمد وجهه ئي ڪون پي ڏنس، بلڪ عادل کي پاڻ ڏانهن متوجه ڏسي، وري به شروعاتي سوال دهرائيندي عادل کي چوڻ لڳو ”ها! عادل آزاد، توکان مان لاڳيتا ٻه، ٽي سوال پڇي ويٺس، پر وچ ۾ وري ڪريمداد آيو، تنهن ڪري ذهن وري ٻي پاسي هليو ويو، سو... ڪيئن ڀلا، شاعري وغيره ته اڃا هلي پئي نه“
ته عادل مزاح واري انداز ۾ چيس ”ها سائين، بس ڪنهن مهل مونکي پئي هلائي، ته ڪنهن مهل مان پيو هلايانس، پر گاڏو مڙئي هلي پيو!“
”ها گاڏو هلندو رهي ته سٺي ڳالهه آهي پر... هي جيڪا ڪيڏي مهل توکي پئي هلائي، اها صورتحال توکي سمجهه ۾ اچي ٿي؟ يا مون کي اهڙي خيال جو وزن ڳرو پيو لڳي...؟“
ايترو اڃا مس چيائين ته، صديقا ۽ چاهت ڪمري ۾ داخل ٿيون ۽ عادل پنهنجو جواب ڏيئڻ کان اڳ ۾ ڪجهه دير چاهت ڏانهن ڌيان ڏئي ۽ پوءِ جواب ۾ چيائين ”توهان جي سوال کي وزن آهي بلڪل، پر مان توهان جي ان خيال کي مڪمل شايد سمجهي نه سگهيو آهيان؟“
تڏهن صديقا پنهنجي پيءُ ڏانهن ڌيان ڏنو، هن عادل واري جواب جي ذريعي، ان سوال کي نئين سري سان ٻڌڻ پي چاهيو، پر جان محمد پنهنجي چيل جملي جي وضاحت ڪندي چيو ”شاعري کي شاعر پنهنجي سمجهه، فڪر ۽ فهم مطابق، پنهنجي ذهن جي طابع رکي ٺاهي، بڻائي ٿو ته ٺيڪ آهي، اهو سائنسي علمي ۽ عقلي عمل آهي، پر شاعري جيڪڏهن، پنهنجي اثر، اهميت ۽ پنهنجي ضياافروزي جي سبب شاعر کي پنهنجي پويان هلائي ٿي، ته اها غير سائنسي، غير شعوري، يا ائين کڻي چئون ته، اهو سمجهه کان مٿانهون يا ڪجهه عجيب ڪون ٿو لڳي؟“
۽ انهيءَ سوال ڪريمداد کي، پريشان پي ڪيو، جواب ته عادل کي ڏيئڻو هو، پر ڪريمداد انڪري پريشان پي ٿيو، جو ان کي سنڌي ادب جي ڪائي ڄاڻ ڪان هئي، توڙي جو پاڻ پرائمري ماستر هو، ۽ سنڌ جو پرائمري ماستر سنڌي ادب جو مطالعو ئي نٿو ڪري، تنهن ڪري سنڌي ادب جي اهميت ۽ ان جي تاريخي حيثيت کان سنڌ جو استاد گهڻي ڀاڱي بلڪل بي علم ۽ اڻ ڄاڻ رهيو آهي! تنهن ڪري جيئن ئي شاعري جو موضوع ڇڙيو هو، ته ڪريمداد ڪجهه سوڙهو، سوڙهو ٿيڻ لڳو، هن لهرايو پي ته، ڪٿي اهڙو سوال مون تي نه اچي ڪڙڪي“ پر جان محمد سياڻو ماڻهو هو، ۽ ٻيو ته ڪريمداد جو بچپنو به جهڙو سندس نظرن اڳيان گذريو هو، ڪريمداد جي صلاحيتن جي کيس پوري خبر هئي، ته، ڪريمداد جو ذهن، ٻئي هر حوالي کان قابل آهي، پر ادبي ۽ سياسي لحاظ کان ٺهلو ٺڪر! تنهن ڪري ساڻس ادب تي ڳالهائي کيس لڄي نه پي ڪرڻ چاهيو. البت صديقا سنڌي ۾ ايم اي ڪريو ويٺي هئي، تنهن ان موضوع ۾ دلچسپي ورتي پي، ۽ جان محمد جي به شايد اها مرضي هئي ته، عادل کي صديقا جي صلاحيتن کان ڪجهه متعارف ڪرائجي“ شايد ان خيال سان ئي هن انهيءَ سوال جي آخر ۾ صديقا کان ئي پڇيو ”صديقا! تون ڪيئن ٿي سمجهين، مان غلط سوال ته نه پيو ڪريان!؟“
صديقاپاڻ کي ڪرسي تي ٿورو ٺاهيندي جواب ڏنو ”بابا توهان جو سوال، توهان جي پنهنجي سوچ مطابق درست آهي، پر فڪري حوالي کان، فڪر به هڪ حقيقت آهي، ڪنهن شاعر کي جيڪڏهن پنهنجي شاعري، پنهنجو پاڻ نه وڻائيندي ته هو پنهنجي تخيل ۽ فڪري گهرائي ۾ اڳتي وڌي نه سگهندو، تنهن ڪري، اهو به درست ٿيندو ته، ڪڏهن، ڪڏهن شاعري اڳيان ۽ شاعر ان جي پويان رهي ٿو، ۽ ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن.“
جان محمد، صديقا جي واکاڻ ۾ عادل کي چوڻ لڳو ”عادل! صديقا جو، جواب ٻڌئي؟ ٻيلي اوهان نوجوان اسان کان اڳتي پيا وڃو- بس اسان کي هاڻ پنهنجي عمر راهي ڇڏيو، اها ڳالهه مڃبي ته، اسان رڪجي، رهجي وياسين ۽ اوهان سٺو... اڳتي نڪرو پيا، ...اها سٺي ڳالهه آهي ۽ اوهان کي اڳتي اچڻ گهرجي، سياسي، سماجي، علمي، ادبي هر حوالي کان... ۽ اسان جتي ڇڏيون پيا، اوهان اتان کان اڳتي نڪرو پيا، اهو اسان جي بقا جو هڪ سٺو اهڃاڻ آهي.“
ايتري ۾ صديقا ڪمري مان ٻاهر هلي وئي، ۽ عادل سندس صلاحيتن کان اهو پهريون دفعو، چڱي طرح واقف ٿيو هو، اڳ ۾ ته بس رڳو عام ۽رواجي طرح سان سندن ملڻ پيو ٿيندو هو، پر ان ڏينهن سندس گفتگو جي ادا ۽ ذهني وسعت کان واقف ٿيندي سندس دل لوڏو کاڌو ته ”عادل ايڏي دير ڪري، پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪري ڇڏيئي، ڪريمداد جيئان ويجهو رهين ها، ته اڄ تنهنجي ۽ صديقا جي جوڙي ڪيڏي نه سُندر ۽ دلين کي وڻندڙ هجي ها! پر هاڻ ته تون پنهنجي سؤٽ کي دل ڏئي ان سان شادي جو به عهد ڪري چڪو آهين... ۽ عادل! هاڻ تون به ڪريمداد نه ٿي يار!“
عادل پنهنجي ان حال جي افسوس ۾ هو ته، زليخا، جان محمد کي چيو ”ڀلا هاڻ، ڪجهه کائڻ پيئڻ به انهن کي ڏيندين يا رڳو ڳالهين سان سندن پيٽ ڀريندين؟ ماني ٿڌي پئي ٿئي، نه کائيندا ته، صديقا بک هڙتال ڪندي دير ئي ڪان ڪندي. بس! هاڻ اٿو هي ڪرسيون هڪڙي پاسي ڪريو... ماني کائي وٺون، پوءِ اوهان جي مرضي؟“
ڪمرو وڏو ۽ خلاصو هو، جيئن ۽ جڏهن کان ان گهر ۾ سندن رهائش ٿي هئي، ته هنن گهر بدلايو نه هو، ۽ اهو ڪمرو جان محمد جي رهڻ، ڪرڻ ۽ لکڻ، پڙهڻ جي حوالي هو، پاڻ ٻئي زال مڙس، انهيءَ ڪمري ۾ ئي سمهندا هئا، سڄو ڪمرو، تمام خوبصورتيءَ سان سجايل هو، پر سڄي ڪمري ۾ ٻه شيون ته اڃا به اهڙيون هيون، جيڪي هر ڏسندڙ کي متاثر ڪري پي سگهيون، انهن ۾ هڪڙو هوڪتابن جو ڪٻٽ، جيڪو لاتعداد ڪتابن سان سٿيل هو ۽ ٻيو ڪمري جي اُترين ديوار تي لڳل ٽي خوبصورت تصويرون، جنهن ۾ هڪڙي تصوير سندس،محسن ربنواز ڌوٻيءَ جي، ٻي تصوير وچ ۾ سندس ۽ ٽيون نمبر تصوير، سندس والد عبدالفتاح جي هئي، جيڪا کيس پنهنجي محسن ربنواز ان ڏينهن ڏني هئي، جنهن ڏينهن هن زليخا سان ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو هو.
ٺٽي ۾ جان محمد جي ٻه ڀيرا بدلي به ٿي، پر پنهنجي ڌيءَ چاهت جي اسرار تي، اهي ٻئي ڀيرا پنهنجون بدليون هن روڪرائي ڇڏيون هيون.
جنهن مهل ماني جي انتظار لاءِ، ڪمري ۾ ڪرسيون وغيره هڪڙي پاسي ڪرڻ لڳا، تنهن مهل، ڪريمداد، زليخا کي چوڻ لڳو ”جي جيِ! ماني ٻاهر ورانڊي ۾، جنهن وڏي ٽيبل تي،اڳ ۾ گڏجي کائيندا آهيون، ان تي ئي کائڻ گهرجي ها! هن ڪمري جي هي سڄي ترتيب، هيٺ مٿي ڪري، اڳيان پويان ڪري ڇڏينداسين... اهو ائين ڇو ڪجي؟“
ته زليخا جي بدلي جان محمد چيس ”ڪريمداد اها ٽيبل وڪڻي ڇڏيم،... اها ٽيبل وئي ڪرسين سميت... ٽي،وي ۽ ٻيو هو تو ڏٺو هو هن، ٽائليٽ واري سائيڊ تي هڪ وڏو لوهه ۽ ڪاٺ جو ٺهيل پڃرو رکيل هوندو هو، جنهن ۾ ڪنهن مهل ڪبوتر، ڪنهن مهل ٻاٽير، ته ڪنهن مهل ٽرڪيون يا تتر ويٺل هوندا هئا، اهو صديقا جو شوق هو، سو به ويو! ... پر ڪريمداد مونکي ڏک رڳو بندوق جو آهي يار، اها مونکي نه وڪڻڻ کپندي هئي، اڄ ان جي ڏاڍي ضرورت محسوس ڪندو آهيان... پر ڇا ڪجي، ضرورت هئي ڏئي ڇڏيم!“
ڪريمداد، عجب کائيندي پڇيس ”پر چاچا اهو سڀ اوچتو... ائين سڀ شيون...!؟“
”ڇو وڪڻي ڇڏيون“اهي آخري لفظ، ڪريمداد روڪي ڇڏيا. ”اڙي بابا، پنهنجون هيون... وقت تي ڪم ڏئي ويون... هاڻي هي چاهت ۽ صديقا آهن نه، نوڪريون ملندن ته،... پاڻهي وري وٺي پيون گڏ ڪنديون!“
جان محمد گهر مان نه رڳو اهي ڪجهه فرنيچر وغيره جون شيون وڪيون هيون، پر گهر جي زيورن مان به ڪجهه ڪون رهيو هو، هن اهي سڀ شيون وڪڻي، انهن مان وڏوخرچ هن پنهنجي بيماري تي ڪري ڇڏيو ته، به صحت ياب نه ٿيو، ۽ ان کان علاوه صديقا ۽ چاهت جي پڙهائي، گهرجي مسواڙ، بجلي، واٽرسپلاءِ، ۽ تنهن کانپوءِ روزمره جي ضرورتن جو وڌي وڃڻ وارو خرچ، انهن سڀني خرچن کي رڳو سندس هڪڙو سُڪو پگهار، پورو پئي نه سگهيو ۽ مجبورن اهو سامان هن وڪڻي ڇڏيو.
پر ان مهل ڪريمداد جڏهن، انهن شين وڪڻڻ واري سبب پڇڻ تي پنهنجو وڌيڪ اظهار ڪرڻ لڳو، ته جان محمد پنهنجي بيماري جو سبب ڏيندي چيس ”ڪريمداد، يار هن شگر منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. ڇاڪيان، پر پوءِ به اڃا جان نٿي ڇڏي!“ ۽ پنهنجي گهر ڀاتين ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ”مان ڏسان پيو، منهنجي اڃا هنن کي گهڻي ضرورت آهي، نه ته هن نڀاڳي، شگرتي خرچ ڪرڻ جي ضرورت ڪون هئي... پر ڇا ڪجي؟ اڃا ڪنهن کي منهنجي جيئاپي جي ضرورت آهي يار، تنهن ڪري اڃا پيا جيئون، پوءِ جيستائين جيئارينَ!“
عادل جون ته اهي شيون ڏٺل ڪون هيون، ڪريمداد جون اهي سڀ شيون ڏٺل هيون، ۽ انهن جي اهميت کان به واقف هو، تنهن ڪري ان افسوس کان، هن انهن تي وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب ئي نه سمجهيو، پر ارمان ۾ سندس ڇاتي ساهه سان ڀرجي وئي هئي! ان کي به هن اتي ئي ڄڻ ڳڙڪائي ڇڏيو.
۽ وري جنهن مهل، دسترخوان تي ماني لڳي، ۽ سڀ گڏجي ماني کائڻ لڳا، تنهن مهل به، ڪريمداد ڏٺو ته، اڳ ۾ چار، چار، پنج پنج نمونا، کاڌي ۾ هوندا هئا، ۽ اڄ هي رڳو دال ۽ ڪريلا آهن. هن جڏهن انهيءَ تجسس مان، پليٽن وغيره ڏانهن پنهنجون نظرون پي گهمايون، تنهن مهل به جان محمد کيس تاڙي ورتو هو، ته ڪريمداد کاڌي بابت پيو سوچي! تنهن ڪري هن کاڌي جي معاملي ۾ به پنهنجي غربت کي لڪائيندي چيو ”ڪريمداد، هي تو واري جِيِ جيِءَ زليخا نه، جيڪا آهي سا گهر ۾ ته، هاڻ دال ڀاڄي کانسواءِ ٻيو ڪجهه پچائڻ ئي نٿي ڏئي! چئي ٿي توکي شگر آهي جان محمد؛ تون ڪِري ڪريئن ڪون ٿو، جيڪا شيءَ ٿو ڏسين، سا چوين ٿو مونکي ڏيو، بس انهيءَ ڪري، هاڻ گهر ۾ ڪو مهمان وغيره اچي ته، دال ۽ ڪريلا روز رکيا آهن. اڄ اوهان کي به، منهنجي ڪري دال سان دوستي ڪرڻي پئي يار، چانهه ۾ به منهنجو گذارو هاڻ Green Tea تي آهي... يار سچ ٿا ماڻهو چون ته، گهر ۾ ڪو هڪڙو مستقل مريض آهي، ته سڄو گهر بيمار!“
ته ڪريمداد جي بدلي عادل جواب ڏنو ”سائين اسان ته خير سان جيڪو نصيب، سو وڏي عزت ۽ محبت سان ويٺا کائون، پر سنڌ جي معاشي حالت اها آهي، جو اسان کي يقين هئڻ گهرجي ته، هن مهل ڪو اهڙو گهر به هوندو، جنهن ۾ رڳو رُکيِ ماني به ڪون پچائي هوندن! ڪوئي بک ۾ سمهندو، ته ڪنهن وٽ هيڏي سِيءَ ۾ به سمهڻ لاءِ اوڇڻ ڪون هوندو! ڪن جا ٻچا بکيا هوندا، ته ڪن جا لڱ اگهاڙا... ان لحاظ کان اسان هي اميراڻو کاڌو ويٺا کائون!!“
جان محمد جيڪي ڳالهيون، پنهنجي غربت جي مجبوري کان پي لڪايون، تن کيس اهو احساس ڏياريو ته، ”مان پنهنجي حق ۾ هاڻ، اجايو ڪوڙ پيو ڳالهايان.“ تنهن ڪري ترديد ڪندي چيائين ”سچ ٿو چوين عادل، خدا خاص ۽ دنيا خسيس آهي! انسان هن خسيس دنيا جي مختلف خواهشن ۾ رڳو بس، پنهنجي لاءِ ٿو سوچي، پنهنجو حال، پنهنجو بچاءُ، پنهنجو مال ۽ پنهنجي ذات، ماڻهو خود کان اڳتي پنهنجي نظر کي وڃڻ ئي نٿو ڏئي... جيڪي مون چيو... شايد مونکي چوڻ نه کپندو هو، پر Sorry چئي وياسين يار!“ ۽ کلندي چيائين ”آئينده، عادل جي هوندي، سوچي ڳالهائبو!“
صديقا سندس سڄي ڳالهه سمجهي وئي هئي ته، بابا اهو سڀ پنهنجي غربت تي پردا پي چاڙهيا، پر عادل کيس اڌ ۾ ئي روڪي ڇڏيو.“ تنهن ڪري صديقا جي دل تي عادل جي صلاحيت وڌيڪ اثرڪيو، پر پنهنجي ماٺيڻي طبيعت هئڻ ڪري، ڪجهه ڳالهائڻ ته ڇا، پر ڪنهن جي ڪاڻ ئي ڪون پي ڪڍيائين، سا رڳو، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ تائين محدود هئي، ڪوئي وڻي نه وڻي يا ڪنهن کي وڻا ۽ نٿي وڻا، ان پاسي تي سندس لاڙو، ليکو هوندو ئي ڪون هو، بس پنهنجي مستي، پنهنجي هستي، ڪنهن کي ڪو انت ئي ڪان ڏيندي هئي، ڪير ڀائي ٿو ته ڀلائِي ان جي، نٿو ڀائي ته خدا ڪري خوش هجي! نه ڪنهن سان گهَرو ٿيئبو، نه ڪنهن جي ڪبي گلا، پنهنجي ڪر، پنهنجي ڀر!“
اهو سندس سوچن جو محور هوندوهو، پر ماڻهو جي سڃاڻپ ته سندس ڳالهائڻ سان ئي آهي، نه چوندو نه پڇندو، ته خدا به ڇا ڏيندس ها باقي! ڪڇڻ، پڇڻ بند، ته پوءِ اها قلندري سوچ آهي ۽ اسان جي سماج ۾، ان صديقا جيئان پنهنجي سڃاڻپ ئي وڃايو ڇڏي، توڙي جو اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهو، پنهنجي سماج کان الاءِ ڪيترو گهڻو مضبوط هوندو آهي! جڏهن پنهنجي سڃاڻپ گهٽجندي محسوس ڪندو آهي، تڏهن پنهنجن گمنام سوچن جي احساسن ۾، هڪ ڏينهن اهڙو به اچي ويندو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي به پرواهه نه ڪندو آهي!
صديقا به پنهنجي اهڙي صلاحيت واري نوجوان ڇوڪريءَ هئي، هو ته مرداني عقل کان به اڳتي سوچي ويندي هئي، پر ماٺ کيس وڌيڪ مٺي لڳندي هئي. ۽ پنهنجن خاموش خيالن ۾ ئي خوش!
ان رات ماني دؤران به، هن ڏٺو ۽ ٻڌو سمجهيو سڀ ڪجهه ويٺي عادل، ڪريمداد، چاهت، پنهنجا ماءُ، پيءُ، سڀني کي پنهنجي ذهن ۾ ضبط ڪريو ويٺي هئي، ائين پي لڳو ته، ان مهل سندس تعلق رڳو ماني سان هو، باقي ٻين کاڌي دؤران ڳالهاءِ جهڙو کاڌو پي کُٽايو!
خلقڻهار انسان کي سندس سوچن ذريعي، سندس نظرن سميت، ائين ٿو لڪائي ڇڏي، جو پوءِ پنهنجو پاڻ کي ڳوليندي، ڳوليندي، پنهنجي خدا کي به ڳولي ٿو وٺي، ۽ پوءِ وڌيڪ کيس ڪجهه ڳولڻ جي ضرورت ئي نٿي رهي!
صديقا جون نظرون به ائين، ٻين جون ڳالهيون ڳولڻ جي بجاءِ جيڪو ڪجهه کيس نظر ايندو هو، پنهنجن سوچن ۾، وڏي بيپرواهي سان لڪائي ڇڏيندي هئي! بس ڪنهن جي ناماچاري، ۽ وڏ ماڻهپائي جي پويان هلڻ، هن کي پسند نه هو، سندس ڪيتريون اهڙيون سٺيون يا خراب عادتون، چاهت کي ته هرگز پسند نه هيون!
هي هيون ته، ٻئي هڪڙي ئي ماءُ، پيءُ جو اولاد، پر مهانڊن، طبيعتن ۽ خيالن، خواهشن تائين، منجهن وڏو فرق هو!
سڀ ماني کائي فارغ ٿي، ٿوري گهڻي چهل قدمي وغيره ڪري، ٻيا سڀ اچي ساڳي ڪمري ۾ ويٺا، پر صديقا، عادل سان پنهنجي منهن ڪجهه ڳالهائي، پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وئي. شايد هن کي آرام جي ڪجهه ضرورت هئي. هو صحت ۾ چاهت کان ڪمزور هئي، سردي جي ڪري، ان رات ٿڌ معمول کان وڌيڪ هئي، تنهن ڪري هن پنهنجي صحت جي سنڀال ۾ وڃي پنهنجو بسترو وسايو هو. باقي سڀ پنهنجن نئين مهمان، عادل آزاد جي خوش آمديد ۾ محفل مچائي ويهي رهيا.
گفتگو جي شروعات وري به جان محمد ڪئي، هن پنهنجي محسن ربنواز ڌوٻيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ”عادل! منهنجو محسن ربنواز چوندو هو، ته اسان سنڌي خود کي ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورهائي، هڪ اهڙي راهه اختيار پيا ڪريون، جنهن ۾ پنهنجي قومي تعلق کي اهميت نه ڏئي، پنهنجي قومي وحدت کان محروم ٿيڻ لڳا آهيون! تڏهن مونکي سندس اهو خيال پوري طرح سمجهه ۾ نه پي آيو ته پاڻ وضاحت سان چوڻ لڳو، ته سنڌ ۾ مذهبي حوالي کان اڪثريت سان رهندڙ ماڻهو ٻن ڌرمن جا رهن ٿا، هڪڙا مسلم ۽ ٻيا هندو.
پرلساني حوالي کان سندن قومي سڃاڻپ ۽ قومي تشخص بلڪل هڪڙو ۽ ساڳي سنڌي آهي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو گمان ۽ شڪ به ڪونهي. ۽ مذهبي حوالي کان، تاريخ شاهد آهي ته، سنڌي قوم ۾، مذهبي تضاد، نفرتون ۽ ڪنهن به قسم جو ڪوئي جهيڙو جنگ ڪڏهن به ناهن ٿيا! ۽ ٻولي ۾ به، ڪنهن به قسم جو اختلافي پهلو ڪونهي، سماجي نفاق به ڪونهي ۽ ڪٿي به ڪا ڪاڻ ۽ ڪينو نظر ڪون ٿو اچي، پوءِ به ٻئي مذهبي ڌريون الائي ڇو، خانداني ۽ ذاتيات واري انا جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهيون آهن! ۽ خود کي قبيلن ۾ ورهائي، ذاتين ۾ ونڊي، ورڇي ڇڏيو آهي! ۽ پنهنجي مڪمل ايڪي واري قوت ڪمزور پي ڪئي آهي! مثلن: سنڌ ۾ قسمت سان ڪو اهڙو ڳوٺ هجي، جنهن ۾ ميمڻ، ملاح، رند، جتوئي، پالاري، پنهنور وغيره وغيره هڪڙي ئي ڳوٺ ۽ ويڙهي ۾ پنهنجن رشتن ۾ گڏيل، سڏيل آباد ويٺل هجن!
اهڙ و ڪو ڳوٺ ورلي نظرايندو، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪي ٻه چار، ذاتيون پنهنجي ذات ۽ نسل سان گڏيل هڪڙي ڳوٺ ۾ آباد هجن! ٺيڪ آهي. پنهنجو ڳوٺ، ۽ پنهنجي ذات پنهنجي نالي سان قائم رکڻ سٺي ڳالهه آهي ۽ هڪ سڃاڻپ آهي، پر پنهنجي ذات ۽ پنهنجو قبيلو ، قومي نسل، قومي رشتن ۽ قومي ايڪي کان ڌار رکڻ اهو ڪهڙو مهذب پڻو چئبو؟ائين ته بس رڳو وقتي همدرديون هڪٻئي جي ڪم اچي سگهن ٿيون، پر مستقبل ۾ ايندڙ وقت لاءِ ان ۾ ڪنهن وجود جي ڪا بقا ته نظر ڪون ٿي اچي ۽ نه وري ڪنهن ڌاري يلغار جي ڪنهن قتل عام ۽ غارت گيري جي وقت ڪا قومي غيرت يا رت جي رشتي واري قدرتي تانگهه تڙپ ۽ روحاني حميت جو احساس ۽ ڇڪ به ٿيندي. جنهن جي ذريعي ماڻهو جي اندر ۾ قرباني وارو جذبو جنم وٺندو آهي.
سنڌ ۾ جڏهن به اسان جي قومي بقا تي حملا ٿيا آهن، تڏهن به سماجي حوالي سان، هر قبيلي پنهنجي، پنهنجي بقا ۽ بچاءُ لاءِ هڪ ذاتي عداوتي واري رنگ ۽ جذبي ۾ جنگ وڙهي آهي. پر مڪمل طور تي سنڌ جا ٻنهي مذهبن وارا سنڌي مڪمل طور تي پنهنجي هڪ قومي شڪل اختيار ڪري، پنهنجي قومي بقا واري جنگ اڃا نه وڙهيا آهن. وڌ ۾ وڌ ڪي چند نالي چڙهيا قبيلا هڪٻئي سان گڏجي ڌارين سان مهاڏو اٽڪايو آهي، تن به نقصان کاڌو آهي. انهن نقصانن واري تجربي کانپوءِ به پنهنجي نسلي رشتن ۾ ناهن گڏيا ۽ اهڙي بيگانگي ته تمام خطرناڪ حد تائين فنا ڪندڙ عمل آهي، خدا تعاليٰ به ته، انسان کي پنهنجي بقا جي، جنگ لاءِ پاڻ ۾ پنهنجي صف بندي کي مضبوطي سان سلامت رکڻ ۽ هڪٻئي لاءِ قرباني جو جذبو رکڻ تان خوش ٿئي ٿو. پر انسان پنهنجي ڪم عقلي جي ڪري پنهنجي قسمت جي لاءِ به قدرت کي ڏوهه ٿو ڏئي.“
سڀئي جان محمد جي ان حواليا بيان کي، غور سان ٻڌي رهيا هئا. جڏهن ان وچ ۾، جان محمد ٿورو وقفو ڏنو، ته عادل چيس ”سائين مان توهان جي ان محترم محسن جي سوچ سان بلڪل متفق آهيان. ۽ حقيقت ۾ انهيءَ بي غرض ۽ اجنبي سوچ واري عمل جي سبب ئي، اسان جا اڻ ڳڻيا بانڪا به ڪٺا آهن، ته بُبا به ڪپيا آهن. دنيا ۾ محڪوم قومن کي فنا ڪرڻ يا غلام رکڻ وارا رويا به، ائين، اهڙي طرح سامراجي قوتن پنهنجا رويا بدلائي ڇڏيا آهن!“
۽ ڪريمداد، هڪدم عادل جي ڳالهه سان ڳالهه ملائيندي چيو ”عادل، منهنجي ڏاڏي مرحوم هڪ ڀيري ڳالهه ڪئي هئي ته، هڪ وڏو سيٺيون قسم جو واڻيو، منهنجو دوست هو، ورهاڱي وارين بغاوتن ۾، جڏهن سنڌ مان لڏپلاڻ شروع ٿي هئي، تڏهن ان منهنجي ديوان دوست مونکي چيو هو، ٻروچ هڪڙي ڳالهه توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان، ڏس اسان واڻيا امن پسند رهيا آهيون. ۽ هاڻ پنهنجي سر بچائڻ خاطر اسان پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي ڀڳا وڃون پيا. پر ياد رکجانءِ ته، اسان کڻي اوهان مسلمانن کي ٻُڪن ۾ پي پاڻي پياريو، پر هاڻ هتي ايندڙ اوهان جا نوان مسلمان ڀائر، اوهان کي جوُتن ۾ پاڻي پياريندا. ۽ پوءِ، سنڌ جي زميندار قبيلن ۽ جاگيردار خاندانن کي خبر پوندي ته، اسين سنڌي ڪيترا اڻڄاڻ، ڀليل ۽ پاڻ ۾ ڇڙوڇڙ هئاسين!“
۽ زليخا، جيڪا هڪ ملي جي ڌيءَ هئي، مذهبي ماحول ۾ پڙهي پلي هئي. تنهن چيو ”اها ڳالهه ان واڻيي جي ٿي سگهي سچي به هجي. پر تڏهن ته واڻيا به ڪٽر مذهبي هئا. مسلمانن کي ڳئون جو ٻچو به ڪهڻ ڪون ڏيندا هئا!“
”اها الڳ ڳالهه آهي زليخا، جان محمد سندس اصلاح ڪندي چيو. ڪون ڪُهڻ ڏيندا هئا، ته به مسلمان ته ڳائو ڍور ڪُهندا هئا نه- پر ڀلا ماڻهو جو ڪوس ته تڏهن ڪون هو. ۽ نه ئي پنهنجو پاڻ کي ڪُهندا هئا. پر هاڻ اسان کي پنهنجو پاڻ ڪُهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نظر اچي ٿو؟ گهڻا نوجوان روز خودڪشيون ڪندا آهن. ۽ گهڻا روز پيار جي ڏوهه ۾ ڪسندا آهن. ۽ اهو اسان تي ڪنهن آيل جو احسان آهي. جڏهن اسان جو خدا هڪ آهي، لسانيات هڪ آهي. ٻولي هڪ آهي، ته پوءِ پاڻ ۾ هٿرادو ورهاست، ان جو ڇا؟ ڪهڙو مقصد آهي. ايتري ساري ويجهڙائي ۽ هڪجهڙائي هوندي به، پوءِ باقي ڪهڙيون بلائون اسان جي وچ ۾ اچي ويون آهن. جيڪي اسان جي رت ۽ نسل ۾ نفرتون ڀري، اسان کي هڪٻئي کان الڳ ۽ پري پيون رکن!؟“
تڏهن صديقا، جنهن ڪجهه دير اڳ ۾ اٿي وڃي پنهنجو بسترو وسايو هو، سا پنهنجي بستري مان ٿوري گرمائش حاصل ڪري، وري به اچي ويٺي هئي. تنهن تبصرو ڪندي چيو ”بابا! ڳالهه رڳو هڪٻئي کان الڳ رهڻ ۽ هڪٻئي کي نه سمجهڻ جي ڪونهي. پر پنهنجائپ کان محروم، رت جي رشتن کان الڳ الڳ سماجي اڻبرابري، خانداني ۽ قبائلي دنگل، انهن سڀن گڏجي، اتحاد، ڀائيچاري، سياسي، سماجي، معاشي، ۽ پيار، محبت جهڙين حالتن تي به تمام بُرا ۽ خطرناڪ اثر ڇڏيا آهن. مثلن: پيار محبت ڪرڻ ڏوهه- پاڻي جي وارن تان ويڙهه- اليڪشني سياست ۾ نفرتون، هڪڙي قبيلي جو ٻئي قبيلي کان سنڱ جو رشتو گهرڻ کي غلط چوڻ، ۽ سمجهڻ، اها سڄي صورتحال انهيءَ بيگانگي ۽ ذات پرستي جي ڪري پيدا ٿي آهي. جنهن کي اسان پنهنجي سماج جي بنيادي ورهاست چئي سگهون ٿا.“ ۽ وري تاريخي حوالو ڏيندي چيائين ”جيڪڏهن مذهبي حوالي کان ڏسجي ته، مديني ۾ اوس ۽ خزرج قبيلي وارا مسلمان پڻ ائين قبيلن ۾ ورهايل هئا.پر حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جڏهن مڪي مان هجرت ڪري مديني آيا، تڏهن انهن قبيلن کي هڪٻئي سان گڏائي سندن قبائلي سنڌو ختم ڪري ڇڏيو.جيڪي اسلامي تاريخ ۾ انصار ٿا سڏجن. پر هتي سنڌ ۾ عربن قتل ۽ غارت گيري ۽ لٽ ماري ڪري. رڳو هڪڙي محمد بن قاسم ارڙنهن هزار مڻ سون حجاج بن يوسف کي موڪلي ڏنو. ان کان علاوه سنڌ کي سڻڀو ملڪ ڏسي جيڪي عرب جنگجو، سنڌ ۾ ئي رهي پيا. انهن به پاڻ وٽ چڱي خاصي مايا ميڙي رکي هئي. سنڌ۾ مستقل رهائش کانپوءِ انهن بعد ۾ پاڻ کي سيد سڏائي سنڌ ۾ ڪمزور ۽ بي علم قبيلن کان پاڻ کي مٿانهون سڏائي، وڏي، ننڍي ۽ ڏاڍي، هيڻي جو تصور ڏئي انهن قبيلن کي ڇڙوڇڙ ڪري وڌيڪ هڪٻئي کان پري ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ نه رڳو نسل پرستي ۽ بنيادپرستي جنم ورتو، پر ائين سنڌ ۾ الائي ڪيتريون سماجي برايون اُڀري مٿي آيون. انهن مان خاص ڪري، پدري نظام کي هٿي وٺرائي، عورت جا بنيادي حق مسخ ڪري، کيس غلام سمجهي، کانئس رڳو نسل ورتو ويو. پر هاڻ به اڃا سچائي مئي ناهي- ۽ سنڌ ۾ آباد اڄ جو سيد جيڪڏهن چاهي ته سنڌ ۾ هندو،توڙي مسلم قبيلا جيڪي هڪٻئي جي رشتن کان پري ۽قومي اڪائي کان الڳ آهن. انهن جا پاڻ ۾ رشتا ڪرائي. سنڌ جي قومي وحدت کي بقا بخشي سگهن ٿا. پر شايد اهو سوال باقي پوءِ به رهي ٿو ته سنڌ ۾ ساداتن جي به ساڳي حالت آهي. مطلب سڄي سنڌ جي اها حالت آهي جو هڪ ذات وارو ٻي ذات واري کان سنڱ ٿو گهري ته ان کي غلط عمل يا ڄڻ چرچو ۽ ٺٺول سمجهيو وڃي ٿو.“
صديقا ته پنهنجي عمر جي حساب سان، سنڌ جي سماجي اڻبرابري جو بيان پنهنجي جذبات ۽ حالتن کي گڏائي ڪيو. جنهن کي سندس ماءُ غور سان ٻُڌي ۽ پنهنجو رايو ڏيندي چيس ”اهو ان ڪري صديقا، جو اسان وٽ هڪڙي ذات وارا ٻي ذات واري کان، رشتي جي گهُر ڪن ٿا ته ان رشتيداري جي گهُرجا به آداب، تميز، اصول ۽ اهميت ڏسڻي پوندي آهي. ماڻهو ته پنهنجي اهليت به نه ڏسندا آهن ۽ رشتي جي گهُر ڪري ڇڏيندا آهن. ائين باقي سڀني اصولن کي بلڪل وساريو ويندو آهي!“
”نه امان، ائين ڪونهي، صديقا چيو. اهو توهان وارو سوال ته وري به ان حقيقت جو ورجاءُ آهي. جنهن کي اوچ نيچ وارو سبب چيو وڃي ٿو. اصل ۾ ڇاهي جو اسان ماڻهن وٽ سماجي سطح تي، اهڙو اڳواٽ ڪو قومي دستور جڙيل ئي ناهي. جنهن ۾ امير، غريب يا ننڍي، وڏي يا هيڻي، ڏاڍي جو هڪٻئي لاءِ احساس يا پنهنجائپ واري ڪا واضع شڪل ٺهندي هجي ۽ جنهن جي ذريعي ذاتيون ۽ قبيلا هڪٻئي کي برداشت ڪري سگهن. مثلن: توهان ۽ بابا جي شادي- اهو هڪ زنده مثال آهي، توهان هڪڙي خاندان مان ۽ بابا سائين ٻئي خاندان مان هو. توهان کي توهان جي چاچي ربنواز هڪٻئي سان پرڻائي ته ڇڏيو، پر توهان پنهنجي،پنهنجي خاندان کان ڪٽجي اڪيلا ٿي ويا، توڻي جو توهان ۾ پنهنجي خاندان سان گڏجي رهڻ وارا سڀ اخلاق ۽ اصولي وصفون به هيون. پر روايتن خانداني ۽ ذاتياتي ورهاست اوهان کي انهن کان الڳ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جنهن کي توهان جو چاچو ربنواز به شايد سمجهي ۽ سنڀالي نه سگهيو ۽ اوهان هڪ سماجي سطح جي سادي، سرد جنگ وڙهي هڪٻئي کي حاصل ڪيو. ته ڇا اڄ جو نوجوان به پهريان پاڻ کي پنهنجي چاهيندڙ جي خاندان ۾ خود کي ضم ڪري ۽ اڌ عمر جو ان خاندان جي نوڪري ڪري ۽ پوءِ وڃي پنهنجو پيار حاصل ڪري، ائين ته پوءِ، تيستائين دلين مان اهو دم ئي نڪري ويندو!“
صديقا جي انهن لفظن کي چاهت پنهنجي اهڙي ڌيان ۽ انداز سان ٻڌو جو دل ۾ چوڻ لڳي ”مونکي به پنهنجي پيار لاءِ، پنهنجي سماج جي ڪٽر روايتن کي الوداع چوڻو پيو، ته ڄڻ مان پنهنجي خانداني روايت کي نئون روح بخشي، پنهنجو پيار حاصل ڪيو، ۽ پوءِ مونکي ڪنهن کي ڪجهه چوڻ جو اختيار ئي ڪون رهندو!؟“
۽ صديقا جي ان بيان ڪريمداد کي به، ڄڻ اها دعوت پي ڏني ته، ”اٿئي ڪا چاهت لاءِ اندر ۾ اُڃ، ته لهي اچ ميدان تي، ۽ ڪر اڄ پنهنجي محبت جو اعلان.“
انهيءَ سوچ ۾ ڪريمداد ڪجهه چوي پيو، پر ان کان اڳ ۾ عادل، صديقاجي حمايت ۾ چيو ”ماڻهو کي پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ، ويڙهه ته ڪرڻي پوي ٿي، پوءِ اهو حق! زر، زمين جي شڪل ۾ هجي، ڪنهن جائداد، ۽ مڏي ملڪيت جي شڪل ۾ هجي يا پيار محبت ۽ آزادي جي صورت ۾ هجي!؟“
عادل جو بيان اڃا اڻپورو هو، ته ڪريمداد اُٻهرائي مان چوڻ لڳو، ”عادل ان ۾ ان ويڙهه جي نوعيت کي به نظر ۾ رکڻو پوندو نه، جنهن ۾ رشتن ۽ تعلقاتن جو احترام، پنهنجي جان جي حفاظت، ماحول جي نزاڪت، پنهنجي معاشي سگهه، خانداني وقار ۽ ان جي اهميت، پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻپ ۽ ان سان گڏ ماڻهو کي پنهنجي زندگي جي مستقبل بابت به ويچار ڪرڻو پوندو...!؟“
سندس خيال کي جان محمدرد ڏيندي چيس ”ڪريمداد! جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي عقل، سمجهه ۽ پوري انصاف سان اهو طئي ٿو ڪري، ته مان پنهنجي حقيقي حق لاءِ ٿو وڙهان، ته پوءِ اها تو واري سوچ ته ماڻهو لاءِ ان ويڙهه ۾، ڪو ڪار آمد هٿيار ڪون چئبو، اها اهڙي سوچ ته ماڻهو کي ان ويڙه ۾ ڪمزور ڪندي، ۽ اجايو وقت وٺي، کيس ٿڪائي به وجهندي، ۽ هڪ دفعو ماڻهو ٿڪي ٿو پوي، ته پوءِ اها اُر ان جي همٿ کي ٽوڙي، ڀڃي ڀُڪ ڪري، سسُت ۽ بزدل بڻائي گيدي ڪري ٿي ڇڏي! ... معاف ڪجان؟ ناراض نه ٿجان ڪريمداد؟... جيڪڏهن اهڙي سوچ واري ماڻهو کي اسان ڪا سڃاڻپ يا نالو ڏيون ته ان کي بي عمل، بي ترتيب يا بزدل ماڻهو به چئي سگهجي ٿو!“ ۽ وري چاهت، جيڪا ڪافي دير کان لاڳيتو خاموش ويٺي هئي، تنهن کان پڇڻ لڳو ”چاهت! تون ڪيئن ٿي سمجهين، صديقا ۽ ڪريمداد جي خيالن ۾، ڪو فرق يا تضاد توکي ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟“
”ها بابا! فرق ته توهان به واضع ڪري ڇڏيو آهي، باقي تضاد ڪجهه اهو ئي آهي ته، مثلن: صديقا چوي پئي ته، پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجي پوري اڌ عمر وڃائڻ نه گهرجي، ۽ جيئن به، جهڙي به صورتحال پيش اچي، ته وقت وڃائڻ جي بجاءِ، ان سان مهاڏو اٽڪائڻ گهرجي. ۽ ڪريمداد جو خيال آهي ته، ان معاملي ۾ سوچي ويچاري، ڏسي وائسي، هر لحاظ کان شين جي تميز، لحاظ ۽ ادب احترام کانپوءِ پنهنجو قدم کڻڻ گهرجي!“
”۽ جنگ ۾ ته سڀ جائز آهي، ڪيئن عادل صحيح پيو چوان نه،؟“ جان محمد عادل کان پڇيو، ۽ عادل سندس بيان کي ٿورو اڳتي وڌائيندي چيس ”ها سائين! پر اسان جڏهن، پنهنجي حق واري جنگ جي ڳالهه ٿا ڪريون، ته انهيءَ ۾ پنهنجو سر ڏيئڻ به ثواب آهي.“
عادل جي ان بيان کانپوءِ، ڪريمداد ڏٺو ته، مان چاهت اڳيان، هار کائي پيو وڃان، تڏهن پنهنجي خيال جي وضاحت ۾ چوڻ لڳو ”عادل اصل ۾ مون انهيءَ خيال سان پي چيو ته، اسان هڪ ذاتي حق واري ويڙهه جي ڳالهه پيا ڪريون، ته ان ذاتي حق واري ويڙهه ۾ حڪمرانن يا سرڪاري ادارن سان ٽڪراءُ نه هوندو آهي، بلڪ سڌو سنئون، ماڻهو پنهنجي سماجي ٽڪراءُ ۾ هوندو آهي... اُن... مون اُن سماجي ٽڪراءُ ۽ ويڙهه جي حوالي سان پي چيو!“
تڏهن چاهت چيس ”پر جيڪڏهن اهو سماج خود، غلط روايتن ۽ هڪ بي ترتيب معاشري جي شڪل ۾ آهي، ته پوءِ توهان کي ان سماج جي ادب ۽ احترام کان وڌيڪ وقت کي اهميت ڏيئڻ گهرجي نه!“
ائين چئي، چاهت جهڙو ڪريمداد کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو، ۽ ڄڻ خبردار ڪندي چوندي هجيس ته ”پيار جي ميدان ۾ جنگ جون عقلي رٿابنديون ڪارگر ئي ناهن هونديون، اچين ته، سر تريءَ تي کڻي اچ، اهي گوهيون ۽ گهُتون ڇڏي ڏي!! ڪرين ٿو پيار ۽ پڇائين پيو پاتڻي!!“
جنهن مهل چاهت چيو ته، وقت کي وڌيڪ اهميت ڏيئڻ گهرجي، تنهن مهل جان محمد پنهنجي زليخا کي چيو ”زليخا ٻڌين پئي نوجوانن جون خبرون، تنهنجي ۽ منهنجي جنگي محبت جو به ڪو وقت هو، هاڻ، پنهنجو پيار ئي پوڙهو ٿي ويو آهي، ۽ هي دؤر هنن دوستن جو آهي، ڀلا توکي به پاڻ وارو دؤر ياد هوندو؟ اڄ توکي ڪو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟“
”مونکي ته ڪو فرق ڏسڻ ۾ ڪون پيو اچي، اڳي اهڙي پسند کي گناهه چيو ويندو هو، پوءِ وڌ ۾ وڌ اهو رشتو ڏيئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا هئا، پر هاڻ ته، اهڙي پسند جو اظهار ڪرڻ واري کي قتل ڪيو وڃي ٿو... اڳ ۾ نوجوانن جي خواهش کي هيسائي هيٺ ڪيو ويندو هو، ۽ هاڻ ان هيسائڻ جي نتيجي ۾ نوجوان خودڪشيون ڪريو ڇڏن ۽ زندگي جي رشتي لاءِ ڪا آزادي يا اختيار مليل ئي ناهي! ۽ نه وري هاڻ اڃا تائين به، نوجوانن ۾ اهڙي همٿ به نظر اچي ٿي، جو پنهنجي بي ترتيب معاشري جي غلط روايتن ۾ ڪو سڌارو آڻي، پنهنجي سماج ۾ ڪو نئون اتساهه جاڳائين يا ڪا نواڻ ڪا نئين تبديلي آڻي رڳو پنهنجي دل واري بهتر خواهش لاءِ آزادي حاصل ڪري سگهن! تون ٻڌائي ڪهڙو فرق پيو آهي؟... اڄ به ائين ئي آهي، جو ماڻهو پنهنجون نياڻيون ويهاري، ويهاري، پوڙهيون ڪري ڇڏيندا آهن، ويچارين جو اڇو مٿو ٿيو وڃي! ... پر پوءِ به ڪنهن ٻي ذات واري کي سندن رشتو نٿا ڏيئن! ۽ پنهنجي به حالت اها آهي، جو راڄ برادري کان ڪٽيل! ... ڪالهه به اڪيلا هئاسين، ته اڄ به اڪيلا آهيون!؟“
”اڙي چري، ڏاڍا سولا آهيون، سماج جي بدنام بندشن کان جيڪو آجو آهي، سو خوشنصيب آهي، اسان پنهنجي سماج کي، پنهنجي حالت مطابق ڪجهه ڏيون نٿا ته ڏکايون به ڪون ٿا. پٽ جو اولاد پنهنجو نه هوندي به، پنهنجن ڌيئرن سان ڪيڏا خوش ۽ خودمختيار آهيون! ڪو به سماجي ڪروڌ اسان جي اڳيان پويان ڪونهي، ٻئي ويٺيون آهن، چاهت ۽ صديقا، ٻنهي کان پڇ؟ اسان مان خوش آهن يا اسان مٿن پابنديون مڙهيون آهن!؟“ لکيون پڙهيون آهن، سڀ ڪجهه سمجهن ٿيون!“
عادل ته سمجهي ويو، ته سائين جان محمد پنهنجي اعتماد جي حد کي شايد پرکي نه سگهيو آهي! جان محمد ته پنهنجن ڌيئرن جي اعتماد ۾ اهو سڀ ڪجهه بي ريا ٿي چئي ڇڏيو، پر سندس پويان، ڪريمداد جي سسُ وارو جيڪو ڪروڌ اٿيو هو، جنهن کين سڄي ڳوٺ ۾ بدنام ڪري ڇڏيو هو، تنهن جي جان محمد کي اڃا ڪا ڪل ئي ڪون هئي، هو نه هاڻ ڪريمداد جي ڳوٺ ويندو هو، ۽ نه ڪريمداد جي سس کان به اهو پهتو، جو جان محمد تائين پنهنجي ڪا دانهن ڪوڪ رسائي ها! اهڙو عقل شايد پڇاڙي تائين کيس نه آيو.
۽ جان محمد به، پنهنجون خوبصورت ڌيئرون ڄڻي، انهن کي پالي پڙهاءِ جوان ڪري، پوءِ به پنهنجي ڪروڌي سماج جي ڪيني، حسد ۽ ساڙ کان خود کي آجو سمجهي، پنهنجي بي خبري سان، وڏي ڪنهن قرار ۾ هو.
پر زليخا کي خبر هئي، ته چاهت، ڪريمداد لاءِ جو ڪجهه ڪري پئي سا نه رڳو سماج سان پر جان محمد جي جيءَ سان به هڪ اهڙو جهيڙو آهي، تنهن جي خبر جڏهن کيس پوندي، تڏهن کيس اهو فرق ضرور محسوس ٿيندو ته، شخصي آزادي ۽ سماجي آزادي ۾ ڪهڙي تميز ۽ ڪهڙو فرق آهي، هن وقت ته ٻين کي پيو ليڪچر ڏئي، پر سڀاڻي اسان جو ڇا ٿيندو، ڪٿي مان ته غلطي نه پئي ڪيان، اهو سوچيندي هن ان سوچ مطابق ڪجهه چوڻ پي چاهيو پر چوڻ وقت رڳو پنهنجي خدا جو سهارو وٺندي چيائين ”ڪير ڪيترو ۽ ڪهڙي طرح به جيئي، پر پنهنجي خلقڻهار جا احسان وسارڻ نه گهرجن، هر ڪنهن کي پنهنجي حڪمت سان جيئاريندڙ آهي... منهنجي والد صاحب، توکي رڳو پنهنجو گهر ناٺي بڻائڻ پي چاهيو، پر چاچي ربنواز کي اها ڳالهه پسند نه هئي، ۽ شايد خدا کي به اهو فيصلو پسند نه هو، خدا ته انصاف سان فيصلا ڪندڙ آهي، ۽ هاڻ به الله مان اها ئي اميد آهي، ته باقي جيسين جيئاري ته بس رڳو پنهنجي محتاجي سان ماري؟“
”خير خدا پنهنجا احسان ڪنهن کان پڇي يا ٻڌائي ڪون ڪندو آهي زليخا. پر ماڻهو جڏهن پنهنجو پاڻ سان ناانصافي ڪندو آهي، تڏهن خدا به ان سان انصاف نه ڪندو آهي!“
اهو هن زليخا لاءِ ڄڻ سندس دل جي ڳالهه ڪئي هئي، زليخا کيس پنهنجي وهميل نظر سان به ڏٺو، پر جان محمد پنهنجي گفتگو جو رخ موڙيندي چيو ”اوهان ڪيئن ٿا سمجهو، اسان جو سماج پنهنجو پاڻ سان پيو ناانصافي ڪري يا صلاحيتن جو فقدان آهي!؟“
گهڙي کن ته سڀئي خاموش ٿي ويا... ڪريمداد! جيڪو چاهت جي پيش ايندڙ، پنهنجي گهرو ماحول ۽ مسئلن جي معاملي ۾ پريشان ۽ ذهني طرح منتشر پي رهيو، ۽ پنهنجي معاشري جي سماجَت ۾ رهندي به ٻي شادي ڪرڻ واري معاملي ۾ ڪجهه ڏکيائي محسوس ڪري رهيو هو، ۽ صبح شام انهيءَ سوچ ۾رهندو هو ته، ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح، منهنجي سسُ جي واويلا بند ڪجي؟“... سندس خيال ۾ ته، هو اڻ پڙهي آهي،ضدي آهي، حاسد آهي، بيوقوف آهي، ۽ الائي ڪهڙو ڪهڙو ڪِن سندس ذهن ۾ ڀرجي ويندو هو، ۽ ان مهل جان محمد واري سوال جي جواب ۾ انهيءَ ڪيفيت ۾ ئي چيائين ”منهنجي خيال ۾... مان سمجهان ٿو، اسان جي سماج ۾، بُري ڀلي جي سڃاڻپ ۽ صحيح غلط فيصلن واري پرک جي صلاحيت جو فقدان آهي.“
”نه نه“ عادل چيو ”هاڻ ائين ناهي... هاڻ سمجهه ۽ صلاحيتن ۾ ڪافي واڌارو آيو آهي، پر اسان ان کي پنهنجي سچائي سان استعمال نه پيا ڪريون، اڳ ۾ فيصلا بهتر نه هوندا هئا، ۽ هاڻ بهتر ماڻهو ملڻ جو فقدان آهي! ... مثلن اهو ماڻهو، جيڪو ڪنهن دٻاءُ، لالچ، ريا، حمايت، ۽ اٽڪل بازيون ڇڏي، پنهنجي اندر جو عدل قائم رکي سگهي... هاڻ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته، انصاف جي وقت، انصاف ڪندڙ صلاحيتن وارا فرد، اول ته وقت ئي نٿا ڏيئن، پر ڪنهن بهاني سان اسان اهو ڪم انهن کان وٺڻ چاهيون، ته پوءِ ڪنهن دٻاءُ يا لالچ وغيره ۾ اچي، معاملي نبيرڻ لاءِ سُنوايون ڏئي ڍر ڪري... معاملي کي اينگهائي، اينگهائي، جڏهن ڏسندا ته، ڌرين ۾ ماٺار اچي وئي آهي، ۽ ڌريون ٿڪي پيون آهن، تڏهن اٽڪل بازي ڪري، معاملي کي اڌوري شڪل ۾ ئي هڪڙي پاسي ڪري ڇڏيندا، نتيجي ۾ معاملي جا بنيادي سبب، پوري صفائي سان ڪنهن کي معلوم ئي نٿا ٿين، ته پوءِ ڪنهن کي ڪيئن اهڙو يقين پورو بيهندو، ته هي چور ۽ هو شاهه ٿيو، اهڙي طرح ماڻهو هڪڙي پاسي سرڪاري انصاف لاءِ پيا سڙن ته ٻي پاسي اسان پنهنجن ئي انهن اٽڪلن ۾ ٽنگيا پيا آهيون.“
”ته پوءِ معنيٰ، ائين اهڙي اٽڪلبازيءَ ۾ ته، خدا به اسان سان انصاف ڪون ڪندو نه“ جان محمد چيو.
”ظاهر آهي، جيڪو خود تي رحم نٿو کائي، ان تي خدا به رحم ڪون ڪندو ۽ ائين پوءِ اسان ماڻهو بس اڌورا ۽ اڻ پورا ئي رهنداسين. جيئن منهنجو هي شعر آهي ته:
اڌورا، اڌورا اسين ماڻهو سمورا،
خواب، سوچون، خيال سپنا، سوال اڌورا،
اسين ماڻهو سمورا، اڌورا، اڌورا!
عادل جو اهو شعر ٻڌي، جان محمد ڪيتري دير تائين، رڳو سندس منهن ۾ ويٺي ڏٺو، شعر ته سڀني کي پسند آيو، جنهن جي ساراهه جو سڀني اظهار ڪيو، پر ڪريمداد خاموش ئي خاموش، شايد ان کي پنهنجي حالت موجب ڪنهن رحم جي گهرج گهڻي هئي.
محبت ۾ ماڻهو سان بي رحمي ٿئي ٿي ته هو سوچي، سوچي ديوانگي تائين پهچي وڃي ٿو. اتان بچي ٿو ته، پوءِ انتهائي بي رحم ۽ ڪٺور دل بڻجي، سماجي اصولن جي لتاڙ ڪري، به، پنهنجي دل جي ضرورت پوري ڪري ٿو. ڪريمداد به عام رواجي طرح سماجي اصولن جي لتاڙ ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر ديوانگي هن کي هرگز قبول ڪان هئي، ۽ چاهت انهن ٻنهي حالتن کان الڳ پنهنجي ارادي تي مضبوطي سان قائم هئي. هو پنهنجو فيصلو مڪمل ڪري چڪي هئي، ۽ وقت کي پنهنجي مرضي واري رفتار تي ڇڏي ڏنو هو.
••••