ناول

رشتن جي آزادي

خوبصورت لفظن جي خالق ۽ پياري انسان سائين حيدر درياء جو هي ناول جڏهن ڪتاب جي صورت ۾ مليو هو ته مان ٻن ڏينهن ۾ ئي هي ناول پڙهي پورو ڪيو هو۔ سنڌ جي عجيب روايتن سان گڏ رشتن جي ٽوٽ ڦوٽ ۽ پيار جي اظهار تي سندس سٽون سچ ته خوبصورت آهن۔
سندس ناول ۾ اڻ ڳڻيا اهڙا مڪالما آهن جيڪي هتي پيش ڪري سگهجن ٿا پر انهن مان هڪ هيٺ ڏجي ٿو:
ياد رکجان، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽حضرت آدم سان پنهنجي خدا!
۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواهش!
Title Cover of book رشتن جي آزادي

قسط 9

ٻئي ڏينهن ڳوٺ وڃڻ وقت، زليخا عادل کي اهو چئي سندس دل خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، مان ڪنهن طرح سان ڪريمداد کي ڳوٺ موڪلينديس، پر اها خبر جيئن چاهت کي نه پوي، تون ڪريمداد کي ڏينهڪ واپس موٽائجان؟“
پر اها خبر زليخا ۽ عادل ٻنهي کي نه هئي، ته چاهت ڪريمداد جي ڀيڻ شهرو جي معرفت، ڳوٺ ۾ ٿئي، ٿيندي جي، پوري خبر پئي رکندي هئي.
ڳوٺ جي ماڻهن مان ٻيو ڪير به سندن گهر ايندو هو ته، چاهت، سندن ايتري خاطرداري ڪندي هئي، جو واپس ڳوٺ وڃي، چاهت جي ساراهه ۾ سندن وات ڪون گڏبو هو، پر ڪريمداد جي گهر جو ڪو فرد يا سندس ساهرن جي ڌُر جو ڪو عزيز وٽن ايندو هو، ته چاهت انهن کي بي عزتو ڪري، ڪُتن سان گڏ کارائي کين روانو ڪندي هئي! تنهن ڪري ڳوٺ ۾ سندس هر طرح جي پچار رهندي هئي، جيڪي کائي پيِ ڀاڙو خرچ وٺي خوش ٿي موٽندا هئا، سي ڳوٺ واپس اچي مٿس ڪلما پيا پڙهندا هئا، ۽ جيڪي بي عزت، بدنام ۽ بڇڙا ٿي موٽندا هئا، سي سندس بدنامي، ۽ بُرائي پيا ڪندا هئا.
نيڪي ڪرڻ وارا ته، ٻه ڏينهن سندس ماني جي نيڪي ڪري، ۽ پوءِ سندس ماني وارو ذائقو به وساري ڇڏيندا هئا، پر بُرائي ڪرڻ وارن جو وات بند ئي ڪون ٿيندو هو. جڏهن، تڏهن پيا سندس پچر ڪندا هئا.
عادل جيستائين ڳوٺ نه پهتو هو، تيستائين علي احمد جو ساهه اندر ٻاهر پي ٿيو، ڏينهن جو ته هر هر وڃو عادل جي پڇا ڪري، پر سج لٿو رات پئي ته، نظر جي ڪمزوري سبب، ٻاهر نه نڪرڻ جي ڪري، بيچيني ۾ سڄي رات ڪريمداد جو آسرو، ڪندي ڪندي، سج اڀري ويس.
جڏهن عادل سچو، ڪوڙو دلاسو، کڻي ڳوٺ آيو، ته علي احمد کي اڳيئي پنهنجي گهر ويٺل ڏٺائين، ان کي ڏسڻ سان ئي، پنهنجي دل کي ايترو ڳرو محسوس ڪيائين، جو ڀانءِ ته فلحال ڪريمداد بابت هڪ حرف به نه ڳالهايان، ليڪن عادل کڻي ڪجهه نه ٻڌائي ها، پر هو ته ڪريمداد جي زير زبر تائين خبر وٺڻ آيو هو. سو ته عادل خود به سمجهيو پي، پر ڪيئن دل جهلي کيس چوي ته، ”ڪاڪا علي احمد! هاڻ پنهنجي پٽ جي بدلي، رڳو پنهنجو ڪفن پيو ياد ڪر، شايد ڪريمداد جي اچڻ کان اڳ تو وٽ پنهنجي خدا جو سڏ جلدي پڄي وڃي“
عادل کيس ويجهو ٿي جڏهن پنهنجي روح جي نظر سان ڏٺس، ته ان مهل جهڙو کيس سچ، پچ مرندي نظر آيو!
هن ٿڌي دل سان الاءِ ڪيتريون کيس آٿتون ڏنس، سچ، ڪوڙ سڀ گڏائي، کيس خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڄڻ پنهنجي پٽ ڪريمداد تان، پنهنجي پٽ هجڻ جو ويساهه ئي کڄي ويو هئس. عادل جي گهڻي دلجوئي کان پوءِ هن پنهنجي مئل آواز ۾ ائين ڳالهايو، جهڙو عادل کيس، ڪريمداد لاءِ خيري خبر ڪون ٻڌائي هئي، پر ڪريمداد جو ڄڻ، کيس ڄاڻ ڏنو هو.
سڀئي آسرا لاهي، اٿي پنهنجي گهر وڃڻ جي ڪيائين ته، ان مهل عادل جي دل ائين پي سندس لاءِ سَٽون کاڌيون، جو ڀانءِ ته سندس ساهه سان گڏجي پوان ۽ کيس سندس ڪريمداد پٽ جا وڍ سڀ وسري وڃن، پر ائين ته خدا جي خدائي ۾ ٿيو ئي ناهي، جو هڪ همدرد ماڻهو پرائي هڏ جا سور، پنهنجي هڏ ۾ هڻي ڇڏي! ائين جي هجي ها، ته دنيا ۾ ماڻهو پنهنجون برايون سڀ، ٻين جي پٺن تي اڇلي ڇڏن ها! پوءِ ٻيا ته الائي ڪيئن، پر عادل جهڙا همدرد ۽ حساس ماڻهو پراون گناهن ۾ ئي گَسي وڃن ها! ۽ پٿر پرائو، سور پنهنجا اهو به عظيم ڪوڙ پڌرو ٿي پوي ها!
علي احمد، ڏڪندو، سهڪندو، پنهنجي دل کي پنهنجو هڏ چٽائيندو، خبر ناهي ته ڪنهن کي پنهنجي روح جي پڪار ڏيندي، عادل کان اٿي پنهنجي گهر آيو ته، ويچاري ماءُ کي به اندر ۾ اوسيئڙو، ته منهنجي ڪريمداد جي ڪا خير جي خبر ٻڌان! سابه رڙهي اچي پنهنجي مڙس علي احمد جو مٿو کائڻ لڳي- ٻڌو اٿم عادل آيو آهي، پنهنجو ڪريمداد ڪڏهن ايندو؟ اهو عادل کان پڇيو هُيئي- پڇينس ها ته پنهنجي چاهت کي به پاڻ سان وٺي ايندو يا؟“
۽ علي احمد اوڏي مهل، جيڪوپنهنجي جيءُ مان بيزار هو، سو سندس منهن ۾ منهن وجهي خاموش ٿي ويو، تڏهن زال چيس ”ائين منهنجي منهن ۾ ڇا ٿو ڏسين؟ ڪريمداد ڪڏهن ايندو؟ اهو عادل کان پڇيو هئي؟؟ پڇينس ها ته، چاهت کي پاڻ سان گڏ وٺي ايندو؟؟ يا اڪيلو ايندو؟؟ ڀلي اچي ته، پوءِ هروڀرو ان کي، هتي رهڻ لاءِ گهڻو تنگ نه ڪجان! هتي ماڻهو پنهنجي خدا جي عبادت به، پنهنجي مرضي سان ماڻهو کي نٿا ڪرڻ ڏيئن. چوڏهين صدي کانپوءِ، هاڻ پيا چون ته، اوهان کي پنهنجي نبي صه جي به ڪا سڃاڻپ ڪونهي! اسان کي ته پنهنجي مرضي وارو خدا به پنهنجي دل ۾ رکڻ نٿا ڏيئن، ته پوءِ ڪريمداد هتي رهي ڇا ڪندو؟ ماڻهو وجهندس ڪنهن ڏچي ۾، بس ٻچڙو اچي منهن ڏسئونس پوءِ ڀلي اوڏانهن هليو وڃي!“
علي احمد حيرت جي نظر سان ڏسندي چيس ”زندگي ۾ پهريون ڀيرو ماڻهن بابت ڪا صحيح ڳالهه ڪئي اٿئي- اهو ايترو عقل توکي پهريان اچي ها، ته ايڏي لوڙهه ۾ ڪون پئون ها! هاڻي ته جيترا ڏينهن به جيئڻو آهي، ماڻهن جون لعنتون سهي به، ماڻهن جي مرضي سان ئي جيئڻو آهي! ڪريمداد جي هيڏانهن اچڻ جو مون آسرو ئي لاهي ڇڏيو.“
”ائين نه چئو، دعا ڪرينس، ڇو ڪون ايندو. هتي ڪنهن جو خون ڪون ڪري ويو آهي؟ نه ڪنهن جي ٻانهن کڻي ويو آهي؟؟“
”ڪهڙي دعا ڪريانس- خون ته پاڻ ڪون ڪري ويو آهي، پر ماڻهن سندس نالي سان اسان جون دليون ڪُٺيون آهن. مان بد دعا ته ڪون ٿو ڏيانس، پر ڊڄان پيو ته، خدا کيس پنهنجي مرضي سان شل معاف ڪريس- خدا جا فيصلا پنهنجا هوندا آهن- خدا پنهنجي فيصلي جي لاءِ، اسان جو انتظار ته ڪون ڪندو، نڪي اسان کان پڇي، پنهنجي مرضي هلائيندو؟“
”اسان کان پڇي نه پڇي، پر اسان ته پنهنجي ٻچڙي جي پارت ڪري ٻڌائي ڇڏيونس!“
”پارت به ان کي ڪبي آهي ڀاڳان- جيڪو ٻيي جي ٻڌي به سهي نه، هو ته اسان جا حال ڏسي پيو، روئي، روئي انڌا ٿي ويا آهيون. اٽو به کٽيو وڃي پر ڪريمداد جي من ۾ ايتري به نٿو وجهي، جو هتي اچي رڳو اسان جا سور ڳڻي وڃي! هوڏانهن ادا جان محمد آهي، تنهن جا ادي زليخا ته لڙڪ اگهي، اگهي پنهنجا ڪپڙا پسائي ڇڏيا آهن! خبر ناهي ته اسان جي اولاد جي عقل کي الائي ڪٿان اهڙي اڏوهي لڳي آهي- جو پنهنجن جي ته سڃاڻپ ئي ڇڏيندا وڃن- تون ته چوين ٿي، ڪريمداد هتي رهي ڇا ڪندو- پر ائين نٿي چوين ته اهڙي ساڃاهه ۾ هتي اچي ڇا ڪندو- بس ڀلي وڃي پاڻ کي وڻائي، جڏهن اسان وانگر پنهنجي عمر ۾ ٿڪندو، تڏهن پنهنجي سونهن ۽ ساڃاهه جي خبر پوندس، اسين ته هينئر ڪون ٿا وڻونس نه؟“
”ڇو ڪون ٿا وڻونس، اها اجائي ڳالهه نه ڪر، اسان ڄڻيو آهي، اسان جو پنهنجو ٻچڙو آهي. ضرور زمانو آهي، نوجوان آهن، زماني سان ته هلڻو ٿو پوي؟“
ڀاڳان منهنجو وات چوري، هروڀرو منهنجي ڦٽن تي لوڻ نه وجهه- مان اڳيئن ڀيري وٽن ويو هئس ته، پنهنجي اُن نُنهن، سندس ئي سامهون، منهنجي دل ڄڻ منهنجي سيني مان ڪڍي پي ڪُٺي، پر ڪريمداد الف جو بي به ڪون چيس، تڏهن سمجهان ٿو، اسان کان جهڙي هاڻ هو نفرت ٿا ڪن!“
”تنهنجي سمجهه اُڀتي آهي، اولاد ڪو مائٽ سان نفرت به ڪندو آهي! اهو ايترو نه سوچيندو ڪر، چريو ٿي ويندين، ماٺ سڀ کان مِٺي آهي. ماڻهن جي کل تي ناهي کلبو، نڪي ماڻهو پنهنجي کِل تان ٻيا ماڻهو کلائيندو، تون اجايا ماڻهو نه کلائي، پاڻ تان!؟“
”ماڻهو ڪو رهيو به آهي ڇا- جيڪو اسان تان هاڻ کلندو، ماڻهو هاڻ کلي، کلي ٿڪي پيا آهن، هاڻ ته مونکي بيواهو فقير سمجهي- خيرات ڏيئڻ جي نيت سان ٿا ڏسن، ڇا ٻڌايان توکي- ته عذابن ڪهڙا، ڪهڙا منهنجا عضوا وڍيا آهن- تڏهان ته ڊڄان پيو- ته شل خدا اسان کان پڇي ڪو فيصلو نه ڪري- هي دل ڪنهن جي هٿ وس ڪانهي- اها جنهن مهل دانهين ٿي، ته ڌڻي جو دم به ڪڍيو ڇڏي- روح جي رڙ خدا کانسواءِ، ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ ڪان ايندي آهي! بس ڇڏ کڻي ان ڳالهه جي پچر!!“
علي احمد پاڻ ته ماٺ ڪري ويو، پر ڀاڳان، سندس ڦٽ، ڦلوري، ڦلوري نيٺ کيس رئاري وڌائين ۽ جنهن مهل روئي پوندو هو، ته ائين لڳندو هو، ڄڻ قيامت سندس روح ۾ قيد آهي!
ٻه مهينا کن گذريا، ته عادل وٽ ڪريمداد جي عيوض، صديقا اچي نڪتي. عادل کي اها صورتحال سمجهه ۾ نه آئي، هو ٻه طرفي سوچ ۾ ڦاسي پيو، ڇاڪاڻ ته، ڳوٺ ۾ اڃا جان محمد جي خاندان لاءِ ماحول فضيلت ڀريو نه هو. عادل کي انهيءَ پريشاني پي ورتو ته ڳوٺ جي ڪا عورت صديقا سان گهٽ وڌ ڳالهائي، سندس بي عزتي يا کيس بي آبرو نه ڪري، باقي صديقا پاڻ بولڊ ڇوڪري هئي، هن کي اها تميز هئي ته، ڪنهن سان ڪيئن ڳالهائجي، البت ٿوري سادي زبان ۽ هاڻ ڪنهن نه ڪنهن الجهن ۾ ورتل معلوم پئي ٿيندي هئي! هروڀرو ڪنهن سان گهڻي ڪون لڳندي هئس.
گهر ۾ پنهنجي ڀيڻ چاهت سان اختلافن کانپوءِ، هاڻ ڪجهه عجيب، عجيب پئي لڳندي هئي. مثلن گهر ۾ چاهت يا ان جي واسطي، تعلق وارا ماڻهو اچن ته، انهن سان ملڻ، ڳالهائڻ ته ڇا، پر انهن کي هاڻ هٿ به ڪون ڏيندي هئي- گهر ۾ پنهنجي ڪمري ۾، چاهت جي دخل اندازي ته ڇا، پر ان جي بدن جو ڪپڙو به ان ڪمري ۾ برداشت ڪون ڪندي هئي. پگهار مان به هاڻ چاهت کي هڪ روپيو به ڪون ڏيندي هئي، پگهار کڻي، پنهنجي ماءُ جي اڳيان رکندي هئي، ان مان جيترو ڪجهه ملندو هئس سو پنهنجين ساهيڙين تي خرچ ڪري ڇڏيندي هئي. جنهن تان چاهت ۽ سندس وچ ۾ تلخيون وڌنديون رهيون، پر ماءُ وچ ۾ اچي کين ٿاڌاريندي رهندي هئي.
هڪڙي ڏينهن ته سندن وچ ۾ ايڏي گرما گرمي وڌي وئي جو چاهت کيس چئي ڏنو... ايڏي جي دادلي آهين، ته پنهنجو الڳ گهر وٺي وڃي ويهه، پوءِ اتي ويٺي پنهنجون مهمانڻيون کارائي- مان انهن کي هاڻ هن گهر ۾ برداشت ڪان ڪنديس.“
جنهن تان صديقا روئي پنهنجي ماءُ کي دانهن ڏني، ”امان هتي چاهت هاڻ روز، ٻي ڏينهن تي، منهنجي بي عزتي ٿي ڪري، آخر، مان ڀلا، ڇو روز روز جي بي عزتي سهان، مان عادل جي ڳوٺ وڃي ٿي رهان!“
ماءُ کيس پرچاءُ، سرچاءُ ڏئي، فلحال ته ان ضد تان لاهي ڇڏيس ليڪن دلي طرح اهو يقين ٿي ويو هئس ته، چاهت هاڻ ڪنهن به حالت ۾ مونکي برداشت ڪان ڪندي.“ تنهن ڪري هن ان پريشاني جو حل، ان گهر کي ڇڏڻ سمجهيو ۽ ان خيال سان ئي اوچتو عادل جي ڳوٺ وڃي نڪتي، پر پنهنجي ماءُ، پيءُ کي ٻڌائي آئي هئي. اهي سياري واري ويڪيشن جاڏينهن هئا. عادل گهر ۾ سڀن کي چئي ڇڏيو ته سندس چڱي طرح جي سنڀال پيا رکجو“ صديقا ٻه ڏينهن ته، عادل سان ڪنهن به قسم جو ڪو ذڪر ڪون ڪيو ۽ پوءِ عادل جي ڀيڻ ۽ سندس ساهيڙي صبا سان صلاح ڪري هن عادل کي چيو ”مان توهان وٽ- هتي رهڻ ٿي چاهيان؟“
عادل وائڙو ٿي ويو، هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته، قدرت هن خاندان ۾ الائي ڇو اهڙو وچڙ وڌو آهي، نوجوان ڪنواري، ڳوٺاڻو ماحول ۽ تنهن کان علاوه سندس اٿڻ، ويهڻ به عام عورتن کان مختلف ۽ نرالو، عادل سندس سڀني ذميوارين کان لهرائيندي چيس ”تون هتي رهين ٿي ته ڀلي رهه- هي تنهنجو پنهنجو ئي گهرآهي. پر اهو ته مناسب ڪون ٿيندو، جو پنهنجي پوڙهي پيءُ کي بيماري جي حالت ۾، اُتي ڇڏي هتي رهين. اها ته خود سائين جان محمد لاءِ به تڪليف واري ڳالهه ٿيندي، ۽ ٻيو اهڙي حالت ۾ ماڻهو به الائي ڪهڙا، ڪهڙا تبصرا ڪندا، توهان ته الائي ڪيئن ۽ ڪهڙي لحاظ سان اهو فيصلو ڪيو آهي!؟“
صديقا پنهنجي خاموش طبيعت ۽ کليل ذهن واري سوچ جي سبب زندگيءَ سان اٽڪل بازي ڪري، ڳالهيون ٺاهڻ، بنائڻ جي عادت ئي ڪون سانڍي هئي. هن عادل کي به ان وقت قصو کولي ٻڌايو ته،- ادي چاهت، اتي روز، روز منهنجي بي عزتي ٿي ڪري، مان اتي تنگ ٿي پئي آهيان، اڃا ته بابا ۽ امان آهن، پر پوءِ ته مونکي هڪڙي ڏينهن لاءِ به برداشت نه ڪندي. تنهنڪري مون بس ائين ئي سوچيو آهي ته، مونکي پنهنجي لاءِ اڳواٽ ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو ۽ اوچتو مونکي ڌڪا ڏئي گهر مان ڪڍي ڇڏيائين ته پوءِ مان ڪيڏانهن وينديس!؟
عادل کي سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي، ته هيڏي سنجيدا، بردبار ۽ باهمٿ ڇوڪري، هي الائي ڇا پئي ڪري، کيس پنهنجي بيمار ۽ لاچارپيءُ جو به خيال نٿو اچي- عادل جي دل ۾ چاهت لاءِ به ان جي اهميت گهٽجڻ لڳي ته، چاهت شايد پنهنجي ارڏائي ۾- هن جي همٿ ٽوڙي ڇڏي- ۽ هن جو ذهن يا ته بيهه ويو آهي، يا اُلٽو سوچڻ لڳو آهي، ۽ وري ڪريمداد تي به، چڙ اچڻ لڳس، هونئن ته، پيار محبت جو مجبوريون ڏيکاري ڪريمداد عادل کي مطمئن ڪري ويندوهو، پر جڏهن چاهت پنهنجو گهر به ڦٽائڻ لڳي، تڏهن ڪريمداد جي خاموشي، اختيار ڪرڻ- اها عادل کي تمام غلط ۽ ڏکي ڳالهه پي لڳي. هن صديقا کي تمام سهڻي سلوڪ سان سمجهايو- صديقا ڀيڻ! ڏس گهر ۾ ننڍيون، وڏيون ڳالهيون ٿين ٿيون، گهر جا ٺڪر ته هڪٻئي سان لڳندا رهن ٿا، جنهن تان ڪڏهن، ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو ماڻهو کي پنهنجو منهن به نٿو وڻي- پر گهر جي ڪٽنب ۾، گهر ڀاتين جو پاڻ ۾ گڏيل هڪ اهڙو رشتو هوندوآهي. جنهن جي وچ ۾ ليڪو ڪڍي خود کي الڳ ڪرڻ، پهرين ته اهو فطرت جي خلاف آهي- ماڻهو پنهنجي اخلاقي قدرن کان محروم ٿيو وڃي- سماجي اهميت به گهٽجو وڃي- صديقا ڀيڻ- قدرت جي ڳنڍيل ڪنهن به جوڙ کي جڏهن ٽوڙي، مروڙي الڳ ڪجي ٿو- ته اهو تمام خطرناڪ ۽ ايذائيندڙ عمل آهي- پر جيڪڏهن اسان رشتن کان ٽٽي الڳ ٿا ٿيون، ته ان ۾ ماڻهو جا دل جهڙا عضوا به ٽٽن ٿا- صلاحيتون به ٽٽن ٿيون- اخلاقي معيار به ٽٽي ٿو ۽ سماجي طور تي، الائي ٻيا ڪيترا اخلاقي تعلقات به ٽٽن ٿا- بلڪ ايستائين جو ماڻهو پنهنجي مڪمل انسانيت کي به ڇيهو رسائي ٿو! سو منهنجي ڀيڻ، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو- توکي پنهنجي ماءُ- پيءُ جي ڪري اهو فلحال برداشت ڪرڻو پوندو. ۽ ان کانپوءِ جيڪڏهن ڪجهه ٿئي ٿو، ته تون گهٻرائي نه، هي گهر ته پوءِ به تنهنجو پنهنجو آهي. پر انکان اڳ ۾ ٿي سگهي ٿو، خدا توکي پنهنجي ڀيڻ چاهت جي گهر کان وڌيڪ سٺو گهر عطا ڪري ڇڏي!“
صديقا عادل کي غور سان پي ٻڌو ۽ هڪ حاضر ذهن ماڻهو جيئان پنهنجي بردبار حيثيت ۾ چوڻ لڳي ”نه مان بس- شادي وغيره جي جنجهٽ ۾ پوڻ نٿي چاهيان- شايد منهنجي قسمت ۾ ئي ڪونهي- ۽ انهن ڏچن کان الڳ آجي زندگي گذارڻ ٿي چاهيان- ماڻهو پنهنجي من جي منشا جي پويان سڄي عمر پيو سڙندو آهي، شايد خدا منهنجو من ساڙي- ان مان منهنجي تڪڙي جان ڇڏائي ڇڏي- ڪڏهن، ڪڏهن ته پنهنجي دل جي ڳالهه ڪندي به، ماڻهو کي پنهنجو پاڻ تي ڪراهت ٿيڻ لڳندي آهي! منهنجي حالت به اڄ ڪلهه اهڙي آهي!؟ رڳو ڀيڻ چاهت جي شادي به، ڪيڏي خانداني بدنامي ٿي آهي- مان ته ڊڄان ٿي. ڪٿي منهنجي شادي ڪرڻ سان- وري نه بدنامي ٿي پوي! چاهت جي شادي تان به، جيڪڏهن بابا اگهو نه هجي ها، ته انهيءَ رنج ۾ شايد ڪنهن ٻئي پاسي هليا وڃون ها- هن وقت به جنهن تڪليف ۾ بابا آهي. تنهن ۾ کيس بيماري کان وڌيڪ چاهت جي روين ڏک ڏنا اٿس- مان ته اهو سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏسي سهي نٿي سگهان، بابا ۽ امان جي انهن ڏکين حالتن کي ڏسي مان پنهنجي زندگي کي مڃائي محدود ڪري ڇڏيو آهي. مان ته پاڻ کي پاڻ جيئارڻ وارا سبق پئي سيکاريان- سو هاڻ زندگيءَ جي مڙني موسمن جو خير هجي- ٿي سگهي ٿو- ”مان جنهن کي چاهيان...!خدا ان کي چاهيندو هجي!!“
مان جنهن کي چاهيان- خدا ان کي چاهيندو هجي؟ انهيءَ جملي مطابق هن عادل کي ڄڻ پنهنجي زندگي بابت مڪمل ٻڌائي ڇڏيو- پر عادل اوڏانهن ڪون سوچيو- عادل کي بس رڳو ان جي ان نئين ۽ نرالي فيصلي حيران ڪري ڇڏيو- ۽ صديقا کان ان معاملي جو هن اصلي حقيقي ۽ واضح سبب پڇيو ئي ڪون، جيڪو صديقا شايد ائين چئي لڪائي ڇڏيو ته، مان پنهنجي زندگي کي مڃائي، محدود ڪري ڇڏيو آهي“ پر ڇو- اهو عادل هن کان پڇيو ئي ڪون. عادل ان معاملي کي ڇيڙڻ جي بجاءِ صرف ايترو رڳو چيس ”صديقا ڀيڻ زندگي جا فيصلا ماڻهو تبديل ڪندو رهي ٿو- اهو زندگي جو دستوري عمل رهيو آهي- تنهن ڪري زندگي جي اصولي فيصلن ۾ ڪجهه نرمي ۽ ڪجهه گنجائش ضروري هوندي آهي- تبديلي کي قبول نه ڪرڻ يا ان کان انڪار ڪرڻ- ڪنهن به حوالي کان ماڻهو پنهنجي شخصي بقا کي سلامت نٿو رکي سگهي!“
صديقا هڪڙو هفتو سڄو عادل جي گهر رهي، ان وچ ۾ هڪ دفعو بختاور جي ماءُ سان سندس ڏيٺ ٿي، سا بس کيس ڏسڻ ساڻ شروع ٿي وئي- هڪڙي ته اڳ ۾ پنهنجي پيار جو پرڻو ڪري، ان کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو ۽ هاڻ وري تون- الائي ڪنهن جي گهر تي ٽانڊو رکڻ آئي آهين... هي جو هيڏي اُرهه سان سڄي ڳوٺ ۾ مٿي اگهاڙي پئي گهمين- ڪنهن جي نه ڪنهن جي گهر جو گهڙو ته تون به سُڪائڻ آئي آهين؟ آئون ته چوان ٿي اوهان ماڻهن کي خدا جو به حيا ڪونهي- بختاور منهنجي جو- اوهان گهر ڦٽايو، هن مڙهي علي احمدکي رئاري، اوهان انڌو ڪري ڇڏيو...ائِي! خدا ڪندو ته، اوهان جون اکيون اونڌيون ٿينديون. ۽ اوهان هڪٻئي کي به سڃاڻي ڪون سگهنديون- اوهان منهنجي بختاور جو گهر اُجاڙيو ، ۽ خدا ڪندو اوهان جا عضوا اُجڙندا! آئون ته هاڻ رات، ڏينهن ويٺي رب کي ستايان، نيٺ ته منهنجي دانهن رسندي، ۽ رسول ڪندو ته اوهان جا روح رُلندا!؟“
صديقا کي سندس بددعائن تڪليف ته ڏني، پر جواب ۾ هن هڪ حرف به ڪون ڳالهايو ۽ نه ئي وري، اها ڳالهه هن عادل يا عادل جي ڀيڻ، سندس ساهيڙي صبا سان به ڪئي! توڻي جو عادل جي ڀيڻ صبا سان سندس تمام گهڻي گهرائپ هئي. پوءِ به هن پنهنجي ان اذيت کي بس دل ۾ ئي دفن ڪري ڇڏيو. هو ڳوٺان گهمي ڦري جڏهن پنهنجي گهر پهتي ته، چاهت جو خيال پهريان هو ته ڳوٺ وارن بابت ڪجهه پڇانس- پر صديقا جو سڄو هفتو اتي رهي پوڻ به کيس ناگوارا گذريو. تنهن ڪري ٻه ڏينهن ته هن پنهنجي پر ۾ کيس ليکيو ئي ڪون پي ته- مونکي تنهنجو ڪو لاچار به آهي ڇا- ڪنهن مهل ڪو منهن ڏنائينس ٿي، ته تنهن ۾ به ڌڪار جهڙو تاثر شامل هو- جنهن صديقا جي دل کي وڌيڪ تڪليف پي ڏني!
وقت پنهنجي بي پرواهيءَ سان، ڪنهن جو به خيال نه ڪندي گذري ويندو آهي. وقت دنيا جي عظيم يتيم حضرت آدم جو به گذري ويو، ته وقت عيسيٰ نبي جو، رومين جي اڏيل صليب تي به گذري ويو! يونس نبي جو مڇي جي پيٽ ۾ گذريو ۽ ابراهيم جو آڙاهه ۾ گذري ويو، وقت! يوسف جي نيلامي جو به گذري ويو، ته منصور کي سوليءَ تي به گذري ويو، انهيءَ وقت پنهنجي ساڳي رفتار سان- ڪربلا ۾ به ڪنهن جو انتظار نه ڪيو!
وقت سڄي جهان ۾ ورهايل آهي- ماڻهو کي به پنهنجي سمجهه جيئان ٿورو، گهڻو يا ڏکيو، سکيو، پر سڀ ڪنهن کي مليل آهي.
چاهت کي نائين مهيني ڌيءُ ڄائي، ۽ ان جو نالو به، هن حسد مان سورٺ رکيو، گهر ۾ تڪرار مچي ويو ته، سورٺ نالو ڪريمداد جي ڌيءَ جو اڳ ۾ آهي- وري ٻي ڌيءُ جو به ساڳيو نالو، اهو ڪهڙو مذاق آهي، تنهن ڪري، پنهنجي ڌيءَ جو نالو ڀلي چاهت پاڻ ئي رکي، پر ڪو ٻيو نالو هئڻ گهرجي.“
پر چاهت پنهنجي ئي هوڏ تي قائم- منهنجي ڌيءَ جو نالو سورٺ ئي هوندو- ڪنهن کي ڳالهه ڏکي ٿي لڳي يا نالو نٿو وڻي ته نه وڻي. مان پنهنجي ڌيءَ تي ٻيو ڪوبه، نالو رکڻ نه ڏينديس!“
”تون اسان سڀن کي کڻي کڏ ۾ اُڇل، ماءُ چيس- پر پنهنجي بيمار پيءُ جو خيال ڪر، ان جي خواهش کي ڇو ٿي رُلائين- پنهنجي پيءُ جو رايو توکي رکڻو پوندو؟“
”بابا جون ته خواهشون کٽن ئي ڪون ٿيون- چاهت وڏي آواز چئي ڄڻ پنهنجي پيءُ کي ٻڌائيندي هجي- مون سوُر کائي پنهنجي ڌيءُ ڄڻي آهي- تنهن ۾ به بابا جي خواهش اٽڪي پئي آهي، آخر اسين به ته انسان آهيو، اسان جون به ڪي خواهشون آهن- ان جو ڪنهن کي به خيال ڪونهي.“
اهي لفظ جان محمد کي، ڪنهن خودڪش بمبار جيئان ٿي لڳا ۽ زليخا سندس احساسن کي ٺارڻ لاءِ، تڪڙي سندس ڪمري ۾ گهڙي، ته هو پٺن کان وهاڻن جو ٽيڪ ڏئي ويٺل هو. سندس اکيون پوريل هيون، پر اکين مان پاڻي نيسارا ڪري پي وهيو.
اهو نماشام جو وقت هو، سج جو رنگ ڪاسائي جي اڏيِ جهڙو پي نظر آيو، چون ٿا اهو دعائن جي ناقبولي جو وقت هوندو آهي. مڪروهه وقت- شايد انهيءَ وقت تي نفرتون ۽ سزائون جنم وٺن ٿيون- ڪنهن چيو هو ته، قيامت واري ڏينهن جو به اهڙوئي نظارو هوندو ۽ پلڪ گهڙيءَ ۾ سزائن ۽ جزائن جو حساب ٿي ويندو ۽ پوءِ وري دنيا جو ڪائون جنم هوندو- تنهن بابت رڳو چيل هو ته-
”وري اوهان جي مرڻ کانپوءِ، اوهان کي جيئرو ڪيوسون، ته مانَ اوهين شڪرانو ڪريو“ (سورة بقرة)
جنهن مهل، زليخا پنهنجي مٿي جي ڪپڙي سان، جان محمد جو لڙڪن ۾ پُسي ويل منهن اگهڻ لڳي، تنهن مهل اکيون کولي، زليخا جي منهن ۾ ڏسي- پاڻ زباني اظهار ڪرڻ پي چاهيائين ”او زليخا... اڄ ته چاهت منهنجي ساهه جون به سڀ نسون وڍي ڇڏيون- پوءِ به الاءِ ڇو هن نڙيءَ مان ساهه نڪري ئي نٿو- اڄ ته چاچا ربنواز جا چيل اهي لفظ به منهنجي زبان تان نٿا اٿلن ته، سارين جي سنگ جيئان پنهنجن کان ڇڄي حوصلو ڪڏهن نه هارجان- مان ڇاڪيان زليخا- حوصلو سنڀالڻ ته ڏاڍو ڏکيو آهي- حالتن ته هوش به کسي ورتو آهي.“
اهو سڀ ڪجهه، جان محمد پنهنجي زبان سان، زليخا کي چوڻ جي ڪوشش پي ڪئي، پر سندس زبان مڪمل جواب ڏئي ڇڏيو- هڪڙو لفظ به سندس زبان ڳالهائي نه سگهي، ائين لڳو ته، ڄڻ اوچتو ئي اوچتو سندس آواز کي، ڪنهن گهٽا ڏئي، اندر ئي اندر ماري ڇڏيو ۽ خدا سندس زبان کان پنهنجي آواز واري سگهه کسي ورتي. ۽ سندس آواز هميشه لاءِ سرڪاري، بينڪ جي ڪنهن لاڪر جيئان بند ٿي ويو.
زليخا وڏي ڪوشش ڪئي ته، ڪجهه ڳالهائي وجهي، پر لاچار ۽ بيوس ٿي، روئي، روئي پنهنجون اکيون سڄائي، پنهنجي جاني جي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي چوڻ لڳس ”او جانو... ائين نه ڪر، مون سان تنهنجي ڪاوڙ ڪون ٿي ٺهي، مون سڄي عمر توکي پنهنجي خدا جيئان سمجهيو آهي، مون کان غلطيون ٿيون هجن ته مونکي معاف ڪر، نه ته جا وڻئي سا سزا ڏي، پر مون سان ڳالهائي- ڳالهائيندين نه، ته مونکي ڪيئن خبر پوندي، ته منهنجو جاني، مون سان ڪهڙي ڳالهه تان رنج ٿيو آهي؟“
زليخا جو اهو روڄ راڙو، جان محمد جي جيءَ کان برداشت نه پي ٿيو، ۽ پنهنجي کاٻي هٿ سان زليخا کي پنهنجي ڇاتيءَ تان هٽائي، کيس کاڏي هيٺيان هٿ ڏئي، وري پنهنجي چپن تي هٿ رکي ڄڻ چوندو هجي ته- بس نه رُو زليخا- منهنجي ته زبان کان آواز ڇڄي ويو آهي- مان ڳالهائي هاڻ نٿو سگهان- مان توکان ناهيان رُٺو زليخا- پر منهنجي قسمت جو خدا، اڄ مونکان رُسي ويو- چاهت کي چئو ته، اڄ منهنجون خواهشون به سڀ ختم ٿيون، مونکي منهنجي زبان به کُٽائي ڇڏيو. مان هاڻ ڪنهن کي به پنهنجي تمنا لاءِ تنگ نه ڪندس!“
دل جو دل ۾ ايترو چئي، پنهنجي ان هڪڙي ٻانهن جو، زليخا کي ڀاڪر پائي، ان کي پنهنجي ڇاتيءَ تي ليٽائي، پنهنجو منهن، زليخا جي ڪلهن واري پٺئين حصي تي رکي، ڪجهه دير ائين ئي هڪٻئي ۾ منهن هڻي پيل هئا، ته صديقا اچي، سندن ان المياتي صورتحال کي ڏسي، گهڻي دير کانپوءِ، کين سامت ۾ آندو.
پر چاهت کي ٽن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته- اسان جي پيءُ جو ڳالهائڻ بند ٿي ويو آهي.
تازي مئل ماڻهو تي ته هر ڪوئي روئي ٿو وجهي، پر ٽيِجهو، ڏهو ۽ چاليهي کانپوءِ ته سڳو پيءُ به ڪون ٿو روئي! چاهت کي به اهڙي ڪيفيت وارو ئي ڏک ٿيو هو ۽ ان ڳالهه جو کيس احساس ئي ڪون ٿيو ته، منهنجي روين جي سبب اهو سڀ ٿيو يا ٿئي پيو“ ۽ هن پنهنجي پيءَ جي رڳو ويجهو بيهه، ايترو به ڪون چيس ته- بابا الله وڏو آهي، همٿ نه هارجو، مونکي معاف ڪجو، مونکي ته خبرئي اڄ پئي آهي“، ان جي بدلي ۾ هن ڪريمداد جي بي عزتي ڪندي چيو ”تون به مونکي ڪون ٿو ٻڌائين ته بابا جو آواز بند ٿي ويو ته ڪو ڊاڪٽر وٺي، سندس طبيعت ڏيکارجي ها! ڪيڏو ڪِنو ٿيندو وڃي ڪريمداد- مان ڇا – گهر ۾ توکي ٻين جهڙي نظر نٿي اچان؟“
ڪريمداد به ان مهل ڪو رک رکاءُ ڪون ڪيس- ڇو؟... تنهنجي نظر گهر ۾ ڪون ٿي پوي ڇا؟ مونکي پئي چوين... هي صديقا روز ڊاڪٽر وٺي ٿي اچي- اهو ڪون پي ڏٺئي ڇا؟ پنهنجي غلطين کي منهنجي ڳچيءَ ۾ نه ويڙهه! ٻيو به ڪو چوندو ته، گهر جي ماڻهن جو وڏو خيال ٿي رکي- مونکي ته جيئن وڻئي تيئن ذليل ۽ بڇڙو ڪر، پر چاچا جان محمد جي معاملي ۾ مونکان هاڻ سَٺو ڪون ٿيندو، تو منهنجي بابي کي بي عزتو ڪيو، ادا عادل کي بي مانو ڪيو، صديقا سان روز حالتون ٿي ڇڏائين، ته به مان ڪون ڪڇيس، پر چاچا جان محمد مونکي پنهنجي پيءُ کان به وڌيڪ آهي. تنهنجو ته پوءِ به سڳو پيءُ آهي- تون ته ان کي ايترو به ياد نٿي ڪرين جيترو ماڻهو، گهر ۾ نوڪر کي ياد ڪندو آهي.“
”اڇا...؟ ته اڄ تو به پنهنجي نيت جو ميٽر چالو ڪري ڇڏيو، مون ڇا پنهنجي هي زندگي ان لاءِ توکي ڏني- ته گهر ۾ سڀن جي اڳيان مونکي بي عزتو پيو ڪر- مان بابا کي نوڪر واري حيثيت به نٿي ڏيان- اهو تون الائي ڪهڙي نيت سان پيو ڳالهائين- ٺيڪ آهي! مان بيڪار آهيان، ته پوءِ تون سنڀال نه گهر کي- اهڙو جي هجين ها، ته پهريان پنهنجي پيءُ، جي ته سنڀال لهين ها! باقي هتي وڏي آواز ۾ مونکي بڇڙو ڪري پنهنجي لاءِ بابا جي اڳيان پنهنجا نمبر پيو ٺاهين؟ مونکي پيو چوين؟ تو وري ڪهڙا مائٽن کي موڙ ٻڌايا آهن!؟“
ڪريمداد ويچاري، ڪا بي وقتي ٻانگ ته ڏني، پر هاڻ چاهت پنهنجي زبان جا سڀئي دروازا کولي ڇڏيا- جيڪي پابنديون پاڻ مڙهيائين، يا جيڪي به هن هوڏ ۽ هٺ ڌرمي ڪري غلط فيصلا پي ڪيا، سي سڀ هن ڪريمداد جي ڪنڌ ۾ ويڙهي لٽڪائي ڇڏيا! سڄو ڏينهن دڙي، دڙي سج لاهي ڇڏيائين، پر ڪنهن به وچ ۾ ڪون ڳالهايس!
جان محمد جو ته، هونئن به آواز بند ٿي ويو هو، جنهن ڏينهن کان سندس ڳالهاءُ بند ٿيو هو، ان ڏينهن کان زليخا ۽ سندس ڌيءُ صديقا هڪٻئي لاءِ وڌيڪ ويجهيون ٿي ويون ۽ چاهت سان گهڻو وچڙڻ ئي ڇڏي ڏنائون- باقي ڪريمداد! تنهن جي پيار به هاڻ رڳو ساڻس جنسي خواهش وارا خواب پي ڏٺا- پر پوءِ به سندس حُسن ۾ الائي ڪهڙي حڪمت خدا خلقي ڇڏي هئي، جو ڪريمداد مڪمل سندس ضابطي هيٺ هو، ۽ سندس حُسن جي خوبصورتين ۾ قيد ٿيل هو. سندس اڳيان ڪا مجال ڪون هلندي هئس:- ڪڏهن ڪو اتفاق سان، سندس فڪر ۾ فطرت ڊوڙندي هئي، ته ساڻس ڪجهه گرم رڳو ٿي ويندو هو ته، پوءِ ٽن ڏينهن تائين رڳو سندس حسن جا وصف واکاڻي پيو پرچائيندو هئس! ياشايد چاهت ۾ ان پنهنجن حسين خوبصورتين کان علاوه، ڪا ٻي اهڙي قدرتي ڪشش به هئي، جنهن ڪريمداد جا پنجئي حواس پنهنجي قابو ۾ رکياهئا، ۽ ڪريمداد پنهنجا ٻني، ٻارا گهر گام، ماءُ، پيءُ، زال بختاور ۽ پنهنجي ڌي سورٺ سميت، سڀن تان هٿ کڻي، سندس جهول ۾ پي جهُليو.
••••