ناول

رشتن جي آزادي

خوبصورت لفظن جي خالق ۽ پياري انسان سائين حيدر درياء جو هي ناول جڏهن ڪتاب جي صورت ۾ مليو هو ته مان ٻن ڏينهن ۾ ئي هي ناول پڙهي پورو ڪيو هو۔ سنڌ جي عجيب روايتن سان گڏ رشتن جي ٽوٽ ڦوٽ ۽ پيار جي اظهار تي سندس سٽون سچ ته خوبصورت آهن۔
سندس ناول ۾ اڻ ڳڻيا اهڙا مڪالما آهن جيڪي هتي پيش ڪري سگهجن ٿا پر انهن مان هڪ هيٺ ڏجي ٿو:
ياد رکجان، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽حضرت آدم سان پنهنجي خدا!
۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواهش!
Title Cover of book رشتن جي آزادي

قسط 6

ان ملاقات ۽ ڪريمداد جي شادي کانپوءِ، هنن پنهنجن تعلقاتن کي وڌيڪ ويجهو ڪري پنهنجي گهرائپ وڌائي ڇڏي هئي، شادي وارن ڏينهن چاهت ۽ صديقا، پورو هفتو وٽن رهيون ۽ شادي کان مهينو کن پوءِ، جانو وري به پنهنجا ٻارڙا وٺي اچي وٽن ڳپل ڏينهن رهيو، تڏهن هنن ۾ پنهنجون ڪي باقي پراڻيون وڇوٽيون به پوريون ٿي ويون، انهن ڏينهن ئي ڪريمداد جي دوست عادل آزاد جو به چاهت ۽ صديقاسان ميل، ملاقات جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، پر سندس پيءَ جان محمد سان سندس اڃا پوري سڃاڻپ ئي ڪون ٿي هئي، باقي علي احمد ۽ جان محمد جي قربت اوڙي پاڙي جي ماڻهن ۽ راڄن ۾ سندن پراڻن رشتن تي وڌيڪ نوان رنگ چڙهندا ڏٺا. هي هڪٻئي لاءِ ايترا قربائتا ۽ ويجها ٿي پيا جو هر ڪو ائين سمجهڻ لڳو ته، هي ڪي پنهنجي ابن، ڏاڏن کان وٺي گڏ هئا.
ڪريمداد جي شادي کانپوءِ، ڪجهه مهينن ۾ ئي تڪڙو جان محمد حيدرآباد کان ٺٽو، بدلي ٿي آيو.
ٺٽي ۾ هن کي پنهنجي پيسن سان به، پنهنجي پسند جو گهر ملي نه سگهيو، ۽ مجبورن مسواڙي گهر ۾ رهڻ لڳا، پر گهر وڏو، ڪشادو ۽ چڱي نموني سان سجايل هو، گهر ۾ چار ڪمرا، اٽيچڊ باٿ، صاف سٿرو ڪچن هو ۽ اهو هڪ وڏو ويڪرو، هوادار ۽ روشن گهر هو.
هاڻ علي احمد جي خاندان ۽ جان محمد جي خاندان جي وچ ۾ هڪٻئي لاءِ اچڻ، وڃڻ وارو فاصلو، مڙئي ڪو پنجٽيهه چاليهه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي هو.
جان محمد جون، ڌيئرون چاهت ۽ صديقا ماسٽرس جي ڊگري کانپوءِ پڙهائي وارو سلسلو ختم ڪري ويهي رهيون... گهر ۾ واندڪائي جي ڪري، هنن جو علي احمد جي ڳوٺ ڪريمداد ۽ عادل وٽ اچڻ، وڃڻ وڌي ويو هو، ڳوٺ ڪريمداد وٽ وينديون هيون ته، مهينن جا مهينا پنهنجي سڳي چاچي جو گهر سمجهي رهيون پيون هونديون هيون، ۽ جان محمد هنن کي، بچپن کان ئي، آزاد خيال ڇڏي ڏنو هو، هنن کي ڪو به روڪڻ، ٽوڪڻ ۽ جهل پل وارو ڪون هو، ڳوٺ ۾ اوڙي پاڙي جي لحاظ کان هنن جو ٻيو واسطو عادل آزاد جي گهر سان به چڱي نموني سان جُڙي ويو هو، عادل کي جان محمد سان ملڻ جو تجسس هوندو هو، پر ان سان رڳو هڪ ڀيرو ڪريمداد جي شادي ۾ مڙئي ڪا ملاقات ٿي هئس.
علي احمد پنهنجي پٽ ڪريمداد کي چئي ڇڏيو هو ته ”ڪريمداد، بابا هي نوجوان لکيون پڙهيون ڇوڪريون آهن، متان مونکي وڏو سمجهي، ڪنهن احترام ۽ حجاب کان ڪجهه چئي گهري نه سگهن، ۽ تون نوجوان آهين، تون هنن کي وڌيڪ سمجهندين ۽ توسان حجاب ڪون ڪنديون، تنهن ڪري اهي تنهنجي بِلي آهن، ۽ تون انهن جو گهڻو خيال پيو رکجان، بس مونکي چاچهين جان محمد ان معاملي ۾ ڪا شڪايت نه ڪري!؟“
ڪريمداد ته هونئن به رات ڏينهن سندن ئي خاطرداري ۾ ساڻن گڏ ئي گڏ رهڻ لڳو هو، وري جو وڌيڪ پنهنجي پيءُ به چيس، ته هن کي انهن سان اٿڻ، ويهڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ آزادي ملي وئي، ۽ پنهنجي ماستري واري ڊيوٽي وغيره سڀ وساري هڪ نوڪر جي حيثيت سان انهن جي ڀائڻ، چتائڻ کي لڳي ويو... پر اها ڳالهه ڪريمداد جي زال بختاور کي، جنهن جي هٿن مان اڃا ميندي جي خوشبوءَ پئي ايندي هئي، تنهن کي نه پئي وڻي!
بختاور اڻ پڙهيل ۽ ان ساڳي ڳوٺ جي ڇوڪري هئي... سنڌ ۾ سٺ سيڪڙو اڃا شايد ائين آهي ته، پرائمري ماستر جي زال گهڻي ڀاڱي اڻ پڙهيل ئي آهي.
ڪريمداد به پرائمري ماستر هو ۽ سندس زال بختاور الف به پڙهيل ڪان هئي، تنهن ڪري پنهنجي مڙس کي چاهت ۽ صديقا سان گهڻو گهرو ٿيندو ڏسي، کيس طرح طرح جا گمان ٿيڻ لڳا. انهن وهمن جي ڪري، هن پنهنجي ماءُ، جيڪا تمام جهيڙالوُ قسم جي عورت هئي، تنهن جي من ۾ به وهم ڀري ڇڏيا.
بختاور پنهنجي زناني حسد ۾ اچي چاهت ۽ صديقا کي اٽڪلن سان ڪريمداد کان پري، ۽ ڇٽو رکڻ جي ڪوشش پي ڪئي، ۽ اهو سندس فرض ۽ حق به هو، ته هو پنهنجي مڙس جو بچاءُ ۽ حفاظت ڪري.
پر سندس اهڙين حرڪتن کي جڏهن چاهت، محسوس ڪري ورتو ته ان پنهنجن تعلقاتن ۾ بختاور کي هاڻ ليکيو ئي ڪون پي، ۽ صديقا جو ان حساس معاملي ڏانهن ڌيان ئي ڪون هو... هُو پنهنجي ڀيڻ چاهت کان تمام گهڻو مختلف هئي، ماڻهن جي حرڪتن ۽ نيتن کي ڏسڻ، پرکڻ جي کيس عادت ئي ڪون هئي... پر چاهت! ماڻهو جي اندر ٻاهر واري تور، تڪ جي ماهر هئي.
ڪريمداد کي شادي واري سال ۾ ئي ڌي ڄائي، ته هن چاهت کان پڇيو ”چاهت! ننڍڙي جو نالو ڪهڙو رکجي؟“
انهن ڏينهن ٻئي ڀيڻون ڪريمداد جي ڳوٺ رهيل هيون، چاهت ڪريمداد جي گهر ترسيل هئي ۽ صديقا عادل آزاد جي گهر، پر نالي رکڻ واري تجويز مهل صديقا ان مهل اڃا هاڻ اچي بيٺي هئي، جڏهن ڪريمداد چيو ”چاهت! ننڍڙي جو نالو ڪهڙو رکجي؟“ ته چاهت پهريان چيو ته ”سندس ماءُ کان پڇ، مون کان ڇاجي ڪاڻ ٿو پڇين، منهنجو تجويز ڪيل نالو هن کي پسند اچي الائي نه اچي، مُراڳو اوهان کي پاڻ ۾ ويڙهائي وجهان، تنهن مان ڪهڙو فائدو؟“
تڏهن ڪريمداد کلي چيس ”هُو چري اڻ پڙهيل آهي، تنهن کي نالن جي ڪهڙي خبر! هن کي ته خيري، مُوري کانسواءِ ٻيا نالا ئي ڪون ايندا، تنهنجو نالو ڏس ڪهڙو سٺو آهي! مونکي بس اهڙو ئي ڪو نالو تجويز ڪري ڏي نه؟“
ته وچ ۾ صديقا چيس ”ادا ڪريمداد، ڀيڻ چاهت صحيح پئي چوي، توهان پهريان ڀاڄائي بختاور کان پڇو، ٿي سگهي ٿو، پاڻ کي ڪو سٺو نالو ٻڌائي به؟“
ته ڪريمداد کيس اڻ ٻڌو ڪندي چيس ”توهان کي ڪير ٿو چئي، مان چاهت کي پيو چوان!“ ۽ چاهت کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ”چاهت! نالو توکي ئي رکڻو آهي... نه ته مان چاچا جان محمد کي شڪايت ڪندس ته، چاهت اسان تان هاڻ خيال کڻي وئي آهي. ۽ اسان کي پنهنجو نٿي سمجهي... جي تون نالو نٿي رکين، ته مان پنهنجي ننڍڙي کي نالي بنا سڏيندس!“
۽ چاهت به رک رکاءُ ڪون ڪيس، سڌو سنئون جواب ڏيندي چوڻ لڳس ”ها ڀلي چئجانس! ائين ته پوءِ اسان مان تنهنجي جان ته ڇُٽي پوندي، ۽توکي بهانو ٺاهي مڙئي اسان مان جان ڇڏائڻي آهي، ته پوءِ تون اهو سڌو ڇو نٿو چوين ته، اسان هاڻ اوهان مان ٿڪجي پيا آهيون.“
ڪريمداد ڏٺو ته معاملو ٺهڻ جي بجاءِ شايد بگڙي ٿو، تنهن هڪدم چيس ”توهان نه ايندا ته ڇا ٿي پيو، مان اوهان ڏي ايندس پيو، مونکي ته ڪير به ڪون روڪيندو... تون اهي اٽڪلون نه ڪر، نالو توکي رکڻو آهي“
ايتري ۾ ڪريمداد جي ماءُ ڀاڳان، کين بحث ڪندو ٻڌي وٽن اچي ويجهي ٿي، چوڻ لڳي ”ڪريمداد ڇو؟ ڇاهي؟ مونکي ته ڪجهه ٻڌايو؟“
”امان ڪجهه ڪونهي، ڇڏ اسان پاڻ ۾ آهيون.“ ڪريمداد ڇڙٻيندي چيس، ۽ چاهت چيس ”نه ماسي نه، مان ٿي توکي ٻڌايان!“
اهو ٻڌي ڪريمداد پيار ۽ حجت وچان اشارن، اشارن ۾ چاهت تي اکيون ڪڍڻ لڳو، پر چاهت سندس هڪڙي به نه ٻڌي، ۽ ڪريمداد جي ماءُ کي چوڻ لڳي ”ماسي ڪريمداد پيو چوي ته، امان ڀاڳان کي چئو ته، منهنجي ڌيءُ تي نالو رکي، اڄ ٽيون ڏينهن آهي، نالو ته اڄ رکڻو آهي.“
اهو ٻڌي ڪريمداد جي ماءُ کل مان ٻڏي وئي، سندس کل جي ڪري سڄي گهر جو ڌيان هنن ڏانهن ڇڪجي ويو، ۽ ۽ سڀئي ڇوڪريون، مايون مِڙي اچي هنن وٽ گڏ ٿيون، ۽ ڪريمداد جي ماءُ کان پڇڻ لڳيون ”ڇا هي ماسي، ڇو پئي ايتري کلين، اسان کي به ٻڌايو نه؟“
سڀئي مکين جيئان مڙي ويس ۽ ان کل ۾ ئي چوڻ لڳي ”مونکي پيا چون ته، ننڍڙي جو نالو تون رک، هاڻي مان نالو رکنديس، بيگي، يا ڀانا، ته وري پاڻ ڪاوڙجي پوندا، ڀلا مون اڻ پڙهي بلا کي، نالن جي ڪهڙي خبر!“
ته سڀئي ڪريمداد جي ماءُ ۾ ڏسي کلڻ لڳيون، پر ڪريمداد جي ڀيڻ شهرُو، جيڪاٽي درجا پڙهيل هئي، ۽ چالاڪ ذهن هئي، تنهن چاهت جي پاسي ۾ بيهي چاهت کي هرين، هرين چيو ”چاهت تون سمجهائي نه ادا ڪريمداد کي، امان ڪهڙو نالو رکندي، هو ته پنهنجي نالي تان ئي کلندي آهي، سا ٿي ننڍڙيءَ جو نالو رکي.“
ڪريمداد ويجهوبيٺل هو، تنهن اهو ٻڌي ورتو، سو پنهنجي ڀيڻ شهرُو کي چوڻ لڳو”مون ته چيو ئي چاهت کي آهي، امان جي نالي مون چيو ئي ڪونهي. اهو چاهت ڪوڙ هنيو آهي.“
اهاڳالهه سڀني ٻڌي ۽ سڀئي چاهت کي چوڻ لڳيون ”ڪريمداد صحيح پيو چوي، چاهت نالو تون رک ڇو؟ ڪريمداد جي دل پئي چوي ته پوءِ نالي رکڻ ۾ ڇاهي؟“
”ڪريمداد جي دل پئي چوي“ اهي لفظ ٻڌي، چاهت جڏهن ڪريمداد جي منهن ۾ ڏٺو، ته ڄڻ سندن دلين جون ڌڙڪنون گڏجي ويون، ۽ نظرون دلين جي دڙڪنن مان گذري پار ٿي ويون، سندن چپ اهڙا خشڪ ٿي ويا، جو ٻئي ڄڻ صدين کان هڪٻئي لاءِ پياسا هئا، سندن اها ڪيفيت ڪريمداد جي ڀيڻ شهرُو پرکي ورتي ۽ چاهت کي چوڻ لڳي ”چاهت! ڪريمداد جي پاران اسين سڀ ٿيون توکي منٿ ڪريون، ته ننڍڙي جو نالو تون ئي کڻي رک... ٻين کي وڻي نه وڻي پر ڪريمداد کي ته وڻندو نه... ڏس هُو ڪريمداد ڪيئن پيو تو ۾ ڏسي... بس منهنجي ڀائيڙي جي دل نه ٽوڙ، جهڙو، تهڙو به کڻي نالو رک؟“
۽ پوءِ چاهت پنهنجن خشڪ چپن سان ڪريمداد ڏانهن ڏسندي چيو ”پو مان نالو رکانس ٿي...سورٺ“
تڏهن شهرُو تڪڙيِ، تڪڙي پنهنجي ڀاڄائي بختاور ڏانهن گهر جي ڪمري ڏانهن وئي، جتي ٻن ڏينهن کان بختاور ويم جي سبب گهر ۾ اندر پنهنجي ڄايل ڌيءُ سان گڏ پنهنجي ماءُ سميت ويٺل هئي، تنهن کي شهرُو وڃي ٻڌايو ته، ”چاهت، تنهنجي ڌي جو نالو سورٺ رکيو آهي.“
ته بختاور کي جهڙو ڪو هينئين ۾ چڪ پئجي ويو، چوڻ لڳي ”ڇو پاڻ ڪريمداد اڻ پڙهيو هو ڇا؟... پنهنجي ڌيءُ تي نالو رکڻ به ڪون پي آيس؟... چاهت کي ڪهڙو حق هو، منهنجي ڌيءَ تي نالي رکڻ جو، آئي ٽانڊو کڻڻ ۽ ٿي ويٺي بورچاڻي.“
شهرُو سندس منهن خراب ٿيندو ڏسي چيس ”ائين نه چئو ڀاڄائي؟ هُو اسان جا مائٽ آهن، هُن کي تنهنجي ڌيءَ تي نالي رکڻ جو شوق ڪون هو، پر اسان سڀن ان تي زور ڀريو تڏهن نالو رکيائين.“
ته بختاور چڙ وچان چيس ”ها! مون کي خبر آهي... آئون ڪيترن ڏينهن کان پئي ڏسان، اوهان انهن کي پنهنجي مٿي تي چاڙهي کنيو آهي، ۽ تريءَ تي مکڻ رکي پيون کارايو، نه!“
”اهي توکي اجايا وهم پيا جاڳن.“ شهرُو چيس.
تڏهن ڪريمداد جي سسُ جيڪا اتي پنهنجي ڌيءَ بختاور جي آڍَ مک جي خيال سان آئي هئي، تنهن شهرو کي جهٽ ڏيندي چيو ”ها، ها اهي وهم آهن... توکي ته شرم ئي ڪون ٿو ٿئي، اڄ ٽيون ڏينهن آهي، منهنجي ڌيئڙي جيئن ويم ڪري هتي هن ڪنڊ ۾ پئي آهي، تيئن رڳو، پنج روپين واري گوري وٺي ڏني اٿن؟... اهو ته ٺهيو، پر ڪريمداد کان پڇ، پنهنجي ڌيءَ جو رڳو منهن چڱي طرح ڏٺو اٿس؟... رات ڏينهن رڳو انهيءَ چاهت جي سنڀال ۾ آهي... تون انڌي آهين، نه، تون ئي ڪريمداد ۽ چاهت جي وچ ۾ ڪُٽڻپو پئي ڪريئين ۽ بختاور کي ٿي چوين ته، توکي وهم ٿي پيا آهن... مان چوانءِ ٿي شهروُ، اهو وچ وارو ڪُٽڻپو ڇڏي ڏي؟“
شهروُ کي پنهنجي منهن سامهون اهڙي سچ ٻڌڻ سان جهڙو ڪتي چڪ پائي وڌو هو، ۽ انهيءَ سور وچان ائين چوندي اتان اٿي ته ”اوهان جي مرضي اها آهي، ته خدا ڪندو ائين ٿيندو!“
۽ ڪاوڙ وچان ان ڪوٺيءَ مان ٻاهر نڪتي ته، سندس منهن ڳاڙهو لڳو پيو هو، جيئن ئي اندر گهڙي هئي، ته چاهت جون نظرون سندس انتظار ۾ هيون، ٻاهر آئي ته چاهت ڏٺو ته سندس منهن ٽامو لڳو پيو آهي. هُو ته سڀ ڪجهه سمجهي وئي، پوءِ به شهرو کي خفا ڪندي چيائين ”نيٺ نه رهيئن، وڃي بختاور کي ٻڌايئي ته، نالو چاهت رکيو آهي... ڏاڍي خوش ٿي هوندي نه؟“
شهرو جي من ۾ ٻرندڙ باهه تي، جهڙو ڪنهن گاسليٽ هاري وڌو هو، ۽ ڪاوڙ مان ڳالهين ۾ وڌاءُ ڪندي چوڻ لڳي ”اسان ته ڪريمداد جي ان شادي ۾ راضي ڪون هئاسين، پر بابا ۽ امان ته اسان جي ڳالهه ئي ڪان ٻڌي! اسان جو ڀاءُ پوڙهو ٿي ويو هو، ان لاءِ سنڱ مليو ڪون پي، سو اها ڇِتي اسان جي ڀاءُ جي ڇاتيءَ ۾ کڻي هنيائون.“
۽ آخر۾ شيطاني دؤنس ۾ اچي، بيوقوفي ڪندي، سڀن جي سامهون، اهو به چئي ڏنائين ته ”بابا اسان جي ڳالهه ٻڌي ها! ۽ تڪڙ نه ڪن ها، ته اڄ چاهت کي، اسان پنهنجي سهڻي ڀاءُ سان ڪون پرڻايون ها!“
ان مهل ڪريمداد ۽ چاهت، هڪٻئي ڏانهن چور نظرن سان ڏسڻ لڳا، ۽ شهرو جي ان طوفاني بيان، چاهت ۽ ڪريمداد جي دلين کي هڪٻئي سان گڏجڻ جي جهڙي کلم کلا دعوت ڏئي ڇڏي، ۽ سندن ڀاونائن ۾ هڪ نئون روپ رنگ ڀرجي ويو. ٻنهي هڪٻئي جي اکين ۾ ائين ڏٺو، ڄڻ سندن دليون چونديون هجن ته ”اها ڳالهه به سچي آهي.“
۽ زمانو کڻي، ڀلي چوي ته، اهو ڪم شهرو پي ڪيو، پر نه، دلين جي دلالي ته عشق پاڻ ڪندو آهي، ماڻهو ته ويچارو پنهنجي ڀاڳ جو رڳو بس ڀاڳيو آهي. ان کي ڪاهڻ، هڪلڻ، ۽ وارڻ وڪڻڻ وارو ته ازل کان ئي عشق رهيو آهي، ۽ پوءِ ان ڏينهن جهڙو ڪنهن عشق کي سڏ ڪندي چيو ته ”او دلين جادلال... هيڏانهن اچ... هنن دلين جو ته سودو ڪرائي ڇڏ!؟“
۽ پوءِ ڪنهن کي ڪا خبر ئي ڪان رهي، ۽ سندن دلين جو سودو ڪنُ، تي ڪُن ٿي ويو.
تنهن کانپوءِ جلد ئي، ٻئي ڏينهن تي يا ٽئين ڏينهن تي چاهت انهيءَ بهاني سان ڪريمداد کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي ته ”اسان کي ٺٽي، پنهنجي گهر ڇڏي اچ؟“
۽ پوءِ اتي هن ڪريمداد کي پاڻ وٽ مهينو سڄو روڪي ڇڏيو. ڪريمداد پنهنجي مٿينءَ دل سان مڙئي بس، پنهنجي ڊيوٽي ۽ پنهنجي ڄاول ڌيءَ جا بهانا ٺاهيا، پر سندس هڪ به نه هلي. سندس ڪپڙا لٽا ڌوئڻ، استري ڪرڻ، وهنجڻ لاءِ پاڻي گرم ڪرڻ، ۽ سندس کائڻ، پيئڻ تائين، سڀ ڪجهه چاهت سندس لاءِ پنهنجن هٿن سان ڪرڻ لڳي.
ڪريمداد جي ڀيڻ شهروُ، چاهت کي، بختاور ۽ سندس ماءُ جي خلاف اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون ٺاهي، ٻڌائي سندس مغز اجاين ڳالهين سان ڀري چاهت کي ضد ۾ آڻي ڇڏيو هو. تنهن ڪري ڪريمداد کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ، سندس زناني طبيعت ۾ هڪ هٺيلو ضد به اڀري پيو هو. جنهن بابت سندس ڀيڻ صديقا پنهنجي ماءُزليخا کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو جيڪو هن ڪريمداد جي گهر ۽ ڳوٺ وارن جي واتان، ٻڌو ۽ ڏٺو هو.
زليخا کي پنهنجي لائق نياڻين جو اُلڪو اڳيئي هو، تنهن صديقا کي منع ڪندي چيو ”اها ڳالهه بابهين سان نه ڪجان صديقا، توکي ته خبر آهي، چاهت ضد تي ٿي چڙهي ته پوءِ ڪنهن جي به ڪان ٿي ٻڌي!
۽ صديقا کي پنهنجي دل جو انت ڏيندي چوڻ لڳي ”مان به چوان ته، چاهت سڄو ڏينهن ڪريمداد جي ڪپڙن کي چهٽي پئي آهي! ته اها ڳالهه آهي... صديقا ڏس تون ٻنهي جي وچ ۾ نه اچجانءِ، ڳالهه وڌي ته، تنهنجي ۽ چاهت جي وچ ۾ به، مونکي خوف پيو نظر اچي ۽ ان کانسواءِ بابهين ۽ ڪريمداد جي پيءُ، ٻنهي جي وچ ۾ به، ڪجهه ٿي سگهي ٿو، مان پاڻهي ان معاملي کي ڏسان ٿي، توکي تنهنجي ڀيڻ جو لاچار وڌيڪ هئڻ گهرجي؟“
صديقا پنهنجي ماءُ کي چيو ”پر امان ڪريمداد جي شادي ٿيل آهي، هو هڪڙي ڌيءُ جو پيءُ به ٿي ويو، اهو هاڻ ڪيئن ٿيندو!؟“
ته ماءُ چيس ”ڪيئن به ٿئي، پر توکي پنهنجي ڀيڻ وڌيڪ آهي يا هن جي ڌيءَ... اسان کي پنهجو گهر وڌيڪ آهي، اسان کي اوڏانهن ڌيان ڏيئڻ گهرجي، تڪڙ ڪري چاهت کي سندس ضد تان لاهڻ سان، پنهنجي گهر جي باهه ۾ مرچ دُکائڻ جي برابر ٿيندو... توکي اها ڳالهه ايتري تڪڙي سمجهه ۾ ڪون ايندي، بابهين جي ڪن تي اها ڳالهه ايندي، ته سندس طبيعت وڌيڪ بگڙندي، هن کي شگر جو اثر ٿي ويو آهي، پريشاني سندس لاءِ وڌيڪ خراب آهي، اوهان جي معاملي ۾ هن کي اڳيئي ٿوري ڪجهه پريشاني ٿيڻ لڳي آهي... ڪيترن ڏينهن کان اوهان جا ڊوميسائيل ٺاهرائڻ جي چڪر ۾ آهي، ته ڊوميسائيل اڃا نه پيا ٺهن... چوي پيو ته، جيئي سنڌ جا ڪجهه نوجوان ضلعي هيڊ ڪوارٽر تي آيا هئا، ۽ ڌمڪيون ڏئي ويا آهن ته، سنڌ جي ٻين ضلعن کان آيل ماڻهن کي ڊوميسائيل ڏيندا ته، اسان احتجاج ڪري، بک هڙتال تي ويهنداسون... ۽ بابهين جو خيال هو ته، توهان لاءِ هن ضلعي جو ڊوميسائيل ٺاهرائي توهان جي نوڪرين جو انتظام ڪجي. ۽ اڃان رات پي چيائين ته، ڪريمداد کي چوان ته، سندس ڳوٺ واري يونين ڪائونسل مان چاهت ۽ صديقالاءِ سندن برٿ سرٽيفڪيٽ وٺرائي ڏئي، ته پوءِ هن ضلعي جا ڊوميسائيل ٺهي ويندا... پر هاڻ هي نئون معاملو سندس ڪن تي پيو ته، سڀئي ڪم سور ٿي پوندا، تنهن ڪري، اسان جو ڀلو ان ۾ آهي ته، ماٺ، محبت۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ان جي فلحال چُر پچار نه ڪجي. ۽ اڳتي جيڪو ٿيندو تنهن کي تڏهن ڏسبو. هن وقت بس تون ڪنهن کي به ڪجهه نه چئجان؟“
صديقا کي پنهنجي ماءُ جي هيڏي ساري قصي بياني مان سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه سندس ذهن ۾ ويٺي، سا هئي سندن نوڪرين بابت، تنهن ڪري سندس سموريون سوچون سندس ان ذاتي مقصد تي بيهي ويون، ۽ پنهنجي ماءُ سان پنهنجي هم خيالي ڏيکاريندي چيائين ”امان ادا ڪريمداد ته اندر ٽي،وي تي ويٺو آهي، پوءِ توهان ئي چئوس نه، ته اسان جا برٿ سرٽيفڪيٽ وڃي ٺاهرائي اچي؟“
صديقا جو ذهن تبديل ٿيل ڏسي، زليخا پنهنجي مامتاجو هانءُ ڪجهه هلڪو محسوس ڪيو، ۽ دل ئي دل ۾ پنهنجي پيار وارو پرڻو به ياد اچي ويس! ۽ دل جي انهيءَ هلڪائي سان صديقاکي چيائين ”ها مان ته چوانس ٿي، پر ڪريمداد کي بابهين جي ڳالهه وڌيڪ سمجهه ۾ ايندي ۽ ڪجهه اثر به ڪندي.“
پر صديقا جلدبازي ڪندي، انهيءَ مهل ئي، وڃي ڪريمداد کي چيو ”ادا توهان کي بابا، ياد پيو ڪري، شايد ڪوئي ڪم اٿس“
ان مهل جان محمد ڪنهن سرڪاري لک پڙهه سان پنهنجي ڪمري ۾ مصروف هو، ۽ ڪريمداد جيئن ئي سندس ڪمري ۾ داخل ٿيو، ته کيس ڏسندي ئي جان محمد چيس ”ڪريمداد ڪٿي گم آهين بابا، مون رات کان توکي ياد پي ڪيو!“
”مان اتي ئي گهر آهيان چاچا، ڳوٺ وڃڻ جي ڪيان ٿو ته، گهر وارا اجازت ئي نه ٿا ڏيئن!“
هن چاهت جو نالو کڻڻ جي بدلي گهر جو نالو کڻي چاهت کي دل ۾ لڪائي ڇڏيو.
”ڇو؟... ڇا ڳالهه آهي؟... بابا تون پنهنجي ڊيوٽي جو خيال رک نه! ... تون هڪ پرائمري استاد آهين، ۽ پنهنجي فرض ۾ غفلت ڪرڻ نه گهرجي، مون سمجهيو پي ته، تون ڊيوٽي ٽائيم کان پوءِ ٿو هتي اچين!؟“
۽ صديقا جيڪا تڪڙو ئي، سندس پويان ڪمري ۾ داخل ٿي هئي، تنهن ڄڻ ڪريمداد جي جان ڇڏائيندي چيو ”بابا ڪريمداد کي اسان هتي روڪيو آهي!“
”ڇو بابا، ڇا جي ڪري“
جان محمد ان جو اصل سبب وٺڻ پي چاهيو، پر صديقا حيقيت کي گول، مول ڪندي ٻڌايس ”بابا اسان سندس ڳوٺ وڃون ٿا ته، ٻه ٻه مهينا اسانکي نٿا ڇڏن، تنهن ڪري ادي چاهت چيو ته، تعلقاتن ۾ رڳو هڪ طرفو بار مناسب نٿو رهي. ان جو بيلنس ضروري آهي، نه، ته ماڻهو هڪٻئي مان ٿڪجي ٿو پوي!“
جان محمد کي سندس سوچ ته پسند آئي، پر کيس اها خبر نه هئي ته اهڙي بهترين سوچ ڪنهن لفاظي ڪوڙ جي لباس ۾ ويڙهيل آهي! هو هڪ فرض شناس آفيسر هو، تنهن انهن سڀني ڳالهين کي هڪڙي پاسي ڇڏي، فرض جي اهميت جو احساس ڏيئاريندي چيو ”بابا هي ته هڪ پرائمري استاد آهي، هن تي وڏي ذميواري عائد ٿيل آهي...خبر اَٿو استاد وقت جو پيغمبر ۽ قوم جو ابو هوندوآهي، جيڪڏهن پنهنجي پيغمبري کي ڪوئي پٺيرو ٿو ٿئي، ته ان جي حالت زڪريا نبي جي حالت جهڙي ٿيو وڃي، جنهن کي پنهنجي قوم ڪرٽ واهي چيريو هو... اسان جي سماج ۾ هونئن به پرائمري ماستر کي ته بس رڳو ٻارڙن جو ڌرار تصور ڪيو ويندو آهي! پر جيڪڏهن ماستر به انهن معصوم شاگردن کي جانور سمجهي پڙهائڻ ڇڏي ڏي، يا غفلت ڪري ته پوءِ پاڻ وري ڪهڙي جهان جو انسان سڏائيندو...؟ بابا اسان اڄ ڪلهه پنهنجي هن خونريز سماج ۾ پيا رهون، تنهن جي لاءِ بهتر تعليم ضروري آهي... ڏسو وقت اچي ويو آهي، دنيا سڄي هڪڙي ٻوليءَ ۾ پئي گڏ ٿئي، ۽ اسان آهيون، سي پنهنجي سماج ۾ هڪڙيئي رت ۽ راڄ ۾گڏجي هڪ ٿي نه سگهيا آهيون... اسان اڃا تائين اُهي اٻوجهه، بي علم ۽ سادا سخي پيا سڏجون، جيڪي پنهنجي وات جو گِرههُ پنهنجي ڪنهن بُکيي دشمن کي به ڏئي ڇڏيندا آهيون، پر جڏهن پنهنجي پيٽ لاءِ ڪو گرِههُ ٿا گهرون ته گولي ٿي ملي... اوهان نوجوان الائي ڇو، اها ڳالهه اڃا سمجهي نه سگهيا آهيو! هي دنيا هڪڙي بٽڻ تي اچي بيٺي آهي! ۽ اسان اڃان بک تي بيٺا آهيون! ... اڙي بابا اسان لاءِ، ڪنهن نبِي جي گهران ڪجهه به اچڻو ناهي، هي وقت جو استاد ئي ته، وقت جي راهه جو رسول هوندو آهي! ... بابا ڪريمداد هتي رهي ٿو پوي ته، ڀلي رهيو پيو هجي، سندس ئي گهر آهي، پر هن کي پنهنجي ڊيوٽي کان روڪيندا نه ڪيو!!“
ايڏي شفيق ۽ نيڪ هدايت کانپوءِ به، ڪريمداد ڪنهن عام ماستر واري روايتي عادت موجب ڪوڙ ٺاهيندي چيو ”چاچا مان باقاعده ڊيوٽي ڪندڙ آهيان، پر ڪڏهن، ڪڏهن جي موڪل ته اسان جو حق ٿئي ٿو نه؟ مونکي ڪا ضرورت پوندي آهي ته پنهنجي موڪل منظور ڪرائي پوءِ ڪيڏانهن نڪرندو آهيان، پر ائين گسائيندو ناهيان.“
”ڪريمداد بابا گوسڙو استاد جي عزت به ڪهڙي آهي، سندس پگهار ته آفيسر کائي ٿا وڃن ۽ پاڻ وري به ساڳي بک جي لعنت ۾ پريشان. تون اهو سٺو ٿو ڪرين، پنهنجي آفيسر جي اجازت سان ٿو سڀ ڪجهه ڪرين... اسان جي قومي وجود جي سلامتي ۽ ٻولي جي بقا ته آهي تعليم سان... استاد ۽ قومي نسل جو رشتو هڪ اهڙو اٽل آزاد ۽ مقدس رشتو آهي، جنهن کي اسان خدا ۽ بندي واري رشتي جو درجو ڏيون ته شايد وڌاءُ ڪون ٿيندو ان رشتي کي پنهنجو پورو علم، عقل، ۽ رت، ست ڏئي ان سان نباهڻ جا سڀئي فرض پهريان، پهريان استاد کي ادا ڪرڻ گهرجن، پر اسان جي ويجهي تاريخ ۾ اهڙو ڪو مثال مشڪل سان ملندو... اسان جي سماج ۾ ته، اسان جو ماستر پنهنجي پيءُ سان به ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ۽ پيءُ وري پنهنجو پاڻ سان ڪوڙو... مطلب ته ڪوڙ، چوري، ٺڳي، بي ايماني وغيره انهن براين جو اسان پنهنجي سماج ۾ هڪ مڪمل سلسلو باقائده جوڙي ڇڏيو آهي. ۽ هاڻ ان کي سچ جي صندوق ۾ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش پيا ڪريون، پر مسئلو رڳو هاڻ اهو آهي، ته اهڙي صندوق اسان کي هٿ نٿي چڙهي... ۽ اها سچ جي صندوق آهي، وقت جو استاد... هاڻي تون ٻڌائي ڪريمداد، ته اسان ڇا پيا ڪريون!؟“
جان محمد اهو سڀ ڪجهه، ڪريمداد کي پنهنجي فرض شناسي واري احساس کي جاڳائڻ ۽ ان کي بيدار رکڻ لاءِ پي چيو، پر ڪريمداد جڏهن کان چاهت کي ويجهو ٿيو هو، ۽ محبت جي منڊلي ۾ گهڙيو هو ته سندس ساهه، پساهه سڀ چاهت جي صورت ۾ اٽڪيل هئس ۽ باقي ٻين سڀن فرضن ۽ ذميوارين سان سندس رڳو فرضي تعلق وارو رشتو جڙيل هو.
ماڻهو پنهنجي پيار، محبت واري شروعاتي مرحلي ۾ ته، سچ ۽ ڪوڙ جي به صحيح سڃاڻپ نٿو رکي، ته باقي ذميواريون ۽ فرض ادائيگيون، نئين عشق جي اڳيان، ڪجهه وقت جي لاءِ، شايد فوت ٿيو وڃن.
ڪريمداد به ائين پنهنجي راههِ محبت جي مسافري واري سفر ۾ سچ ۽ ڪوڙ، فرض ۽ ڪوتاهي جي قائدن ۽ خسارن کان به آجو ۽ علحدا ٿيڻ لڳو هو. هن جي ته سوچن به چاهت کانسواءِ ڪنهن ٻئي پاسي، سفر ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو هو ان ڏينهن به چاهت جي پيءُ، جان محمد کيس پنهنجي فرض ادائگين جو احساس ته ڏياريو پي، پر هن سندس اهي هدايتون، ڄڻ ڪنهن غير حاضر ذهن، ماڻهو جيئان ٻڌيون، ۽ کيس جان محمد کان اهو پڇڻ به وسري ويو ته، ”چاچا جان محمد! توهان مونکي ڪهڙي خيال يا ڪهڙي ڪم لاءِ پي ياد ڪيو؟“
سندس اها مسلسل خاموش حالت ڏسي، آخر، نيٺ صديقا ان ڳالهه کي ورجايو ته، ”بابا توهان، ادا ڪريمداد کي ڪو، ضروري ڪم پي چيو؟“
تڏهن جان محمد به پنهنجو ذهن موٽائيندي چيو ”ها! صديقا چڱو ٿيو ياد ڏيارئي، منهنجو به هاڻ اهو حال ٿيندو وڃي“ ۽ پنهنجو کٻو هٿ، پنهنجي منهن تان گهمائيندي، ڪريمداد کي چوڻ لڳو ”ڪريمداد! منهنجو خيال هو ته، مان صديقا ۽ چاهت کي، ڪوشش ڪري نوڪرين سان لڳائي ڇڏيان، هنن کي M.A ڪندي سال ٿي ويا آهن، پر مسئلو اهو آهي ته، هن ضلعي ۾ سندن ڊوميسائيل نه پيا ٺهي ملن، هي پنهنجا قومپرست نوجوان ته، اسان حيدرآباد وارن کي به پنجابي ٿا سمجهن الاءِ ڇا؟... بس بابا ڇا ڪريون، هن اسان جي سماج ۾ ته نيت جو به ڪو وجود آهي الائي نه، پر نظر، جا اها ايتري اٿس! ... سڀاڻي ته مُلا به چوندا ته، اوهان حيدرآبادي اسان جي ضلعي جي مسجدن ۾ نماز به، نه پڙهو،!... خير اسان جي مسلماني ته، خبر ناهي ته محمد بن قاسم سان گڏ ٻوري ۾ ٻڌجي واپس وئي يا الائي ته اتي ئي رشوتن جي راڄ ۾ پئي رُلي، تنهن تي ته ميار ئي ناهي... سو اصل مسئلو اهو آهي ڪريمداد، ته هنن لاءِ هن ضلعي جا ڊوميسائيل ٺاهرائڻا آهن. ان لاءِ تون ڪوشش ڪري اوهان جنهن يونين ڪائونسل ۾ رهو ٿا، ان مان مونکي، چاهت ۽ صديقا جا برٿ سرٽيفڪيٽ وٺرائي ڏي، پر ايپليڪيشن ۾ اسان جي رهائش تون پنهنجي ڳوٺ جي ڄاڻائجان، نه، ته وري به گڙٻڙ ٿي ويندي، بس رڳو سرٽيفڪيٽ وٺرائي ڏي، باقي شين کي مان پاڻهي منهن ڏيندس، ڀلا اهو ڪم توکان ٿي سگهندو نه؟“
”ڇو نه چاچا، اهو ته منهنجو ذاتي ڪم ٿيو، بلڪل ڪرائي وٺبو.“
”ها پر ڏسجان، ٻه ڏوڪڙ رشوت جا خرچ ٿين ته، ڪنداسين ... ۽ اهو ڪم ڪرائڻو آهي؟؟“
جان محمد ان ڪم جي لاءِ ڪريمداد کي سختيءَ سان پابند پي ڪيو، ته ڪريمداد چيس ”چاچا رشوت ڏيئڻ جي نوبت ئي ڪان ايندي، اتي يونين ڪائونسل جو سيڪريٽري، عادل آزاد جو پنهنجو ويجهو مائٽ آهي، بس اهو مان عادل کي ٿو چوان ۽ اهو ايڏو وڏو مسئلو ڪونهي، بس ڪم ٿي ويندو.“
عادل آزاد جو نالو ٻڌي، جان محمد پنهنجي ذهن تي زور ڏيندي چيو ”عادل...آزاد...ها! ...هاها ان سان تنهنجي شادي ۾ منهنجي ملاقات ٿي هئي ڪريمداد! پر سا مڙئي ڪجهه ٿوري دير لاءِ شايد اسان جي پاڻ ۾گفتگو ٿي هئي، منهنجي خيال ۾، سٺي ذهن وارو نوجوان آهي؟“
”جي.ها“ ۽ پنهنجي دوست جي وڌيڪ ساراهه ڪندي ڪريمداد چوڻ لڳو ”چاچا هو هڪ سٺو شاعر ۽ ليکڪ به آهي، ۽ شايد هن وقت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ڪنهن شاخ جو سيڪريٽري به آهي.“
ڪريمداد اڃا ماٺ مس ڪئي، ته عادل بابت صديقا چوڻ لڳي ”بابا توهان عادل کي ڪون سڃاڻو ڇا؟ اسان ادا ڪريمداد جي ڳوٺ وينديون آهيون ته، مان اڪثر اتي رهندي عادل آزاد جي گهر آهيان، هن جي ڀيڻ منهنجي بهترين دوست آهي، نه رڳو عادل، پر سندس سڄي گهر جا ماڻهو قربائتا آهن.“
”اڇا! ائين آهي ته پوءِ واهه... ڪريمداد دنيا جو ڪهڙو به ڪم. ڪنهن فضيلت ڀريي يا ڪنهن مخلص ماڻهو جي هٿان ٿيندو آهي، ته يار، مون کي ڏاڍو سڪون محسوس ٿيندو آهي. پر اهڙا ماڻهو ته ملندا قسمت سان آهن... بابا وٺي اچ نه ڪيڏي مهل... عادل آزاد کي، مون سان ملائينس يار... هتي... هتي پنهنجي گهر وٺي اچينس، ڪنهن مهل... اڇا هاڻي ڪم جي يادگيري...؟ پر جيترو جلدي ٿي سگهي... هان؟“
”چاچا يادگيري سان بلڪل... اهو ڪم ڪرائي مان ۽ عادل، گڏجي اينداسين.“
ڪريمداد اهڙا ڪم ته ڳوليا پي، جن جي ذريعي هن چاهت جي پيءُ کي ويجهو ٿي، سندس دل ۾ رهڻ جي ڪوش پي ڪئي.
ڪريمداد ته هاڻ، سڄي گهر کي، پاڻ وڻائڻ وارا وجهه پي ڳوليا، هن ڪوشش پي ڪئي ته، ڳولي، ڳولي سندن اهي ڪم ڪريان، جن جي ذريعي سندن گهر ۾ پنهنجي هڪ منفرد سڃاڻپ ٺاهي وٺان!
هن ته چاهيو پي، جيڪڏهن گهرجي صفائي، ٻوهارو ۽ رڌ پچاءُ ڪرڻ ڏيئن ته، اهو به ڪندس! ائين هن هاڻ جو ڪجهه به ڪيو پي، تنهن ۾ هن هاڻ پنهنجي عقل جو چوڻ گهٽ، ۽ دل جي چئي کي وڌيڪ اهميت پي ڏني.
۽ پيار محبت جي رشتي ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، ماڻهو پنهنجي عقل کان آجو ٿيو وڃي، عقل ويچارو دل جو نوڪر ٿي ويندو آهي، ۽ ماڻهو پنهنجي دانائي جا سڀئي دستور دل جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ عقل اڪيلو رهجي ويندو آهي، جيڪو پوءِ هر وقت هٿ جوڙ واري غلامي ڀريندو آهي. ۽ ماڻهو ۾، ان حالت کي، زماني ڪڏهن به بخش ناهي ڪيو. ڪريمداد! جڏهن کان چاهت ۽ صديقا کي پنهنجي ڳوٺان واپس وٺي سندن گهر آيو هو ته تڏهن کان سندن گهر ٺٽي ۾ ئي سڄو مهينو لاڳيتو رهيو پيو هو. ۽ تڏهن کان ئي، سندس ڳوٺ جي عورتن، سندن محبتي معاملي ۾ گهٽ وڌ، ڳالهيون ڪري، معاملو وڌائي جهڙو وڻن تي چاڙهي ڇڏيو هو.
سندس سسُ ته، نه رڳو اوڙي، پاڙي وارن سان گنديون ۽ ڪِنيون ڳالهيون ڪيون، پر سندن باري ۾، ڪريمداد جي گهر ۾ سندس ماءُ پيءُ سان ايڏو ته حشر ڇڏايو، جو سندس پيءُ علي احمد ويچاري، آخر ڪريمداد جي دوست، عادل آزاد کي روئي وڃي دانهن ڏني ته ”عادل! ڪريمداد جا ڪم ڏسين پيو، پيريءَ ۾ پيو رنن هٿان منهنجي ڏاڙهي پٽائي! ابامون پوڙهي جي پٽڪي جي ته پارت ڪرينس، ڀلا مون شادي ڪرائي گهر وارو ڪيومانس، ته اهو ڪو ڏوهه ته ڪون ڪيم... سندس اهي ارادا هئا ته کڻي ٻڌائي ها! هاڻي هو پرائي ننڍي، نيٽي ڇوڪري گهر ۾ پئي آهي، آئون مڙهو ماڻهو... سندس سسُ ته، مونکي هاڻ پنهنجي گهر ۾به ويهڻ نٿي ڏئي... اباعادل ٻيلي ڏس همراهه کي، هتي ماڻهن طرح طرح جون ڳالهيون ڪري، منهنجي ته مت منجهائي ڇڏي آهي!“
عادل! حساس ذهن، فلسفياڻي سوچ، سنجيده طبيعت ۽ رحماني دل وارو نوجوان هو. هن کي ڪريمداد جي پيءُ علي احمد جي روئڻهارڪي حالت تي، خود روئڻ اچي ويو. ۽ دلداري ڏيندي چيائينس ”ڪاڪا اهڙي ڳالهه ڪونهي... اهي اڻ پڙهيون، بي سمجهه اسان جي ڳوٺ جون عورتون، انهن اجائي کڻي ووءِ، ووءِ ڪئي آهي. انهن جي رڙ ته، راڄ ويڙهايو ڇڏي، ان ڪروڌ ڏانهن تون ڌيان ئي نه ڏي. ان زناني ضد ۽ اجائي هاءِ گهوڙا سان ماڻهو پنهنجا مائٽاڻا واسطا ۽ رشتا، ڇڏي ته ڪون ڏيندو؟“
عادل جي دلداري ۽ ان جي سمجهائڻ کانپوءِ به، علي احمد جي دل تان ڄڻ آزار لٿوئي ڪون. ۽ عادل کي کليل لفظن ۾ چوڻ لڳو ”مان ائين نٿو چوان ته، اوڏانهن انهن وٽ، اچڻ، وڃڻ ڇڏي ڏي،... رڳو پنهنجي زال سنڀالي بس... گهر جو ڪروڌ ته، گهر جي گهڙي جو به پاڻي سُڪايو ڇڏي. منهنجي ته رنن رت سُڪائي ڇڏي آهي. سندس سسُ ته، ايڏي وات اگهاڙي آهي، جو ماڻهن کي پئي چئي ته... علي احمد جي پٽ ڪريمداد کي، جان محمد جي ڌيءَ چاهت، ڀڄائي کڻي وئي آهي!“
اها نرالي ڳالهه ٻڌي، عادل آزاد کان ذري گهٽ کل نڪري وئي، ۽ ان کلڻي لهجي ۾ ئي چيائينس ”ها! پر ڪاڪا علي احمد، اسان جي سماج ۾ اڳي ڪڏهن ائين ٿيو ڪونهي، پر هاڻ منهنجي خيال ۾ ته، ائين به ٿيڻ گهرجي، ان ڪم ۾ الائي ڇو، اسان جا ماڻهو دير پيا ڪن؟... ڪاڪا ڪيئن، ائين ٿيڻ گهرجي نه!؟“
عادل سندس رُٺل ڪيفيت کي کلائڻ جي خيال سان پي چيس، پر هن جي ڪيفيت ۾ ڪا خاص تبديلي کيس نظر نه آئي، ته وري ڳالهه ٺاهيندي چوڻ لڳس ”ڪاڪا مونکي به، منهنجا دوست ائين پيا چون ته ، توکي پنهنجو پيءُ شادي نٿو ڪرائي، ته تون به پنهنجي سنگتياڻي کي چئو ته، توکي ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن ڀڄائي کڻي وڃي!؟“
هاڻ ان ڳالهه کي، هن حقيقت نه پر هڪ سنجيده مذاق ئي سمجهيو، جي هو اها حقيقت ئي سمجهي ها، ته هو وڌيڪ روئي پوي ها. انڪري جو ڪريمداد، سندس اڪيلو پٽ هو. ۽ ان سان سندس پيار به تمام گهڻو هو. ايترو جو، ڪريمداد ۾ جهڙو سندس ساهه پيل هو، ڪريمداد ڇا به ڪري، ڪجهه به ڪري، ڪيڏو به نقصان ڪري وجهي، يا گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇو نه ڇڏي، پر پنهنجي پٽ کي، منهن تي چوندو ڪجهه ڪون هو، بس رڳو، سندس يارن دوستن کي، دانهن ڏيندو هو ۽ پوءِ ماٺ ڪري ويندو هو. تنهن ڪري ڪريمداد کي سندس ڪو به کٽڪو، خوف نه رهندو هو ۽ ڪڏهن، ڪڏهن ته پنهنجي پيءُ جي ان اَٿاهه پيار مان ناجائز فائدو به وٺندو هو.
هاڻ ان معاملي ۾ به ائين پي ٿيو، ماڻهن کيس ڪريمداد لاءِ طرح طرح جا طعنا ۽ مهڻا ڏئي، ڪريمداد لاءِ کيس رئاري وڌو هو، پر پوءِ به، پنهنجي پٽ لاءِ سندس دل ۾ ڪا ڪاوڙ، ڌڪار يا رنج رسامو ڪون هو، دل جي گهڻي چاهه سبب، بس اهو رڳو ڏکندو کيس هو، ته ماڻهن کي گلا، غيبت جو موقعو ملڻ نه کپندو هو!
گلا، شڪوا ڪرائڻ جو ته ڪريمداد کي به ڪو شوق ڪون هو، ۽ نه وري عشق ۽ محبت جي پيءُ ۽ پٽ جي رشتي سان ڪا دشمني هئي.
ها البت! پيار، بي پرواهه، هر تعلق کان لاتعلق، خودمختيار، شاهن جو شاهه آهي، ان کي ڪنهن جي دل ۾ يا ڪنهن جي گهر۾ گهڙڻ واري اجازت جي ضرورت نه هوندي آهي! ۽ جنهن وٽ جيترو به وقت رهي. اهو ان جي پنهنجي مرضي ۽ منشا تي هوندو آهي.
پيار نه پيءُ آهي نه پٽ، نه پيار ڪنهن کي ڄڻيو آهي، ۽ نه پيار کي ڪنهن ڄڻيو آهي!
ماءُ جي مامتا ۽ پيءُ جي ارواح، انهن ٻنهي کان پيار ته آجو ۽ آزاد آهي.
جي پيار کي شڪل ۽ صورت هجي ها، ته انسان کي شڪل ۽ صورت ۾ پيدا ٿيڻ جي ضرورت ئي نه هئي.
پيار ته اک جي نظر ۽ زبان جو ذائقو آهي!
پيار جو گهر، دل جي هڪ ڌڙڪن کان ٻي ڌڙڪن جي وچ ۾ آهي، پيار ته گل جي خوشبوءَ آهي، ماکي جي مٺاڻ آهي ۽ پيار سمنڊ جو وجود آهي!
۽ پيار ته ڪربلا جي اڃ آهي.
تنهن جي ڪريمداد جي پيءُ، علي احمد ويچاري کي ڪهڙي خبر، ان ويچاري ته، نه پيار ڪيو، ۽ نه پيار وارن جو وطن به وڙڪيو هو!
هي ويچارو ته ان سماج جو فرد هو، جنهن ۾ پيار تي جهالت وارو اُماس رنگ چڙهيل هو.
علي احمد ويچارو، سادو، سودو فقير منش ماڻهو، هن ته عشق جي اڱڻ جو پاڻي به ڪون پيتو هو، تنهن کي ڪهڙي خبر ته، عشق ماڻهو کي اتي ٿو ڇڏي، جتي عقل جا قبرستان هوندا آهن، ۽ ماڻهو جي ساڃاهه سُڃي ٿي ويندي آهي، انسان، انسان جي سڃاڻپ ڪندي پنهنجي ئي وجود ۾ وڃائجي ويندوآهي.
هاءِ! ڇا حالت هوندي شاهه لطيف ڀٽائي جي، جنهن جي سمنڊ سڄو هڪ سُرڪيءَ جيتري به اڃ اُجهائي نه سگهيو!
ڪريمداد جو خيال، اڃا ڳوٺ اچڻ جو ڪون هو، پر برٿ سرٽيفڪيٽن واري ڪم، ۽ پڻس جي هاءِ گهوڙا، کيس واپس ڳوٺ آندو ته، سندس گهر دوزخ بڻيل هو، گهر اچي اڃا ويٺو ئي مس، ته سندس ماءُ پاسو وٺي اچي ويٺي، هن پنهنجي ماءُ جي منهن ۾ ڏٺو ته صحرا جي ڪنهن ٿڪل مسافر جيئان، سندس ماءُ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيل هو، هن کيس پنهنجي اڻ ڄاڻ، بي رحم حالت ۾ سندس دل تي هڪ وڌيڪ زخم جو واڌارو ڪندي چيس ”ڇو امان، مان ڪو جيل مان پيو اچان ڇا، تنهنجون اکيون ڀرجي آيون آهن!؟“
”جيل ۾ ته اسين آهيون پٽ، خدا توکي جيلن کان بچائي!“
ماڻس سندس، بيپرواهي تي ٿورو هچڪي وئي، ۽ ڪريمداد هڪ دفعو وري به، کيس مهڻائتو ڪندي چيس ”پوءِ ميسڻو منهن ڪري، روئڻهارڪي ٿي ويٺي آهين، ائين به ڪو ڪبو آهي ڇا، هاڻي مان وڏو ٿي ويو آهيان، شادي ڪيم، اولاد وارو ٿيس، ۽ تون اڃا تائين مونکي ننڍڙو ٻار سمجهي منهنجي لاءِ پريشان ٿي ٿيئين؟“
ڪريمداد کي ڪهڙي خبر ته، پيار جي بادشاهي ۾ هر ڪوئي معصوم ئي هوندو آهي. اها ته صرف ماءُ جي مامتا کي ئي خبر هوندي، جنهن جو سڄو وجود، خدا سندس اولاد جي رت ۽ گوشت سان گڏي ڇڏيندو آهي پر ڪريمداد کي پنهنجي وجود ۾ پنهنجي ماءُ ته محسوس ئي ڪون پي ٿي، جنهن پنهنجي پوتيءَ جي پلئهُ سان پنهنجي اکين جا لڙڪ ۽ نڪ جو پاڻي اگهندي چيس ”پريشان، تنهنجي ڪيڏانهن وڃڻ سان ڪون ٿي ٿيان پٽ، پر تنهنجي پويان گهر ۾ جيڪو دونهون دکيو آهي، تنهن جي توکي خبر ڪونهي، ان ته، منهنجي اندر جون اڳڙيون ساڙي ڇڏيون آهن!“
اهو شام جو پوياڙي وارو وقت هو، آگسٽ جو مهينو هو، برساتن سنڌ ۾ ڌوڙيا مچائي ڏنا هئا، کنوڻين جي تجلين ۽ گوڙين جي گهُوگهاٽ ماڻهن جون دليون پي دَهڪايون.
سندس پيءُ علي احمد پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيل سارين جي سار، سنڀال لهي گهر آيو ته، ڪريمداد کي ماءُ سان گڏ ويٺل ڏسي دل ۾ خيال ڊوڙيس ته، ”ماڻس، ڇوري کي گهٽ، وڌ ڳالهيون ٻڌائي، ان چرِي ته، سندس مٿو ڪڍي ڇڏيو هوندو!“
سو تڪڙو، تڪڙو اچي، زال کي چيائين ”ڀاڳان، پاڻي جو ڪونرو ته ڀري ڏي، سڄو گپ ٿي ويو آهيان!“
ان بهاني سان کيس اتان اٿاري، پاڻ اچي ڪريمداد کي ويجهو ٿيو، هڪٻئي سان ملي حال احوال ڪندي، پڻس چيو ”ڪريمداد! تنهنجي عادل، ٻه، چار گهمرا پڇا ڪري ويو آهي. ٻه ٽي ڏينهن ٿيا آهن، تنهنجي پڇا پيو ڪري، ڪم ته ڀانيان ٿو ڪو اٿس...مون پڇيومانس پر مونکي نه پيو ٻڌائي!“
علي احمد کي کٽڪو هو ته، ماڻس کيس ابتيون، سبتيون ڳالهيون ٻڌائي سندس دل تي، وڌيڪ اثر وجهندي ۽ سندس ذهن خراب ٿيندو، تنهن ڪري جيترو جلد عادل سان ملندو، اوترو سندس لاءِ سٺو ۽ گهرجي ڀلائي لاءِ به بهتر ٿيندو.
ڪريمداد کي هونئن به عادل جي گهرج گهڻي هئي، برٿ سرٽيفڪيٽن واري ڪم جو اونو هئس، ويتر جو پڻس نياپو ڏنو، ته گهر جو پاڻي به ڪون پيتائين ۽ عادل جي گهرڏانهن روانو ٿيو.
برساتن جي ڪري، ڳوٺ ۾ گپ گارو گهڻو هو، تنهن ڪري اڪثرماڻهو پنهنجي گهرن ۾ ويٺل هئا، ڪريمداد ۽ عادل هڪٻئي جي گهر، بنا ڪنهن سڏ سلوڪ ۽ اطلاع جي هڪٻئي ڏانهن ايندا ويندا هئا.
عادل ڪريمداد کي پنهنجي گهر ايندو ڏسي، قربائتن لفظن ۾ وڏي آواز چوڻ لڳو ”امان! ڪو ٺلهو ٺڪر گهر ۾ هجي ته، ڀڃي وجهو اڄ ڪريمداد مس، مس ڪو قسمت سان آيو آهي!“
ڪريمداد به حجائتو ٿيندي جواب ۾ چيو ”ڪو ٿڌو گهڙو نه ڀڃجو، ٿڌا گهڙا اڄ ڪلهه ملن ئي ڪون ٿا!؟“
سندس جواب ٻڌي عادل خوش ته ٿيو، پر ويجها ٿي جڏهن هڪٻئي سان مليا، ته ڪريمداد جو منهن کيس هاريل ۽ اُٻاڻڪو لڳو، ائين محسوس ڪيائين ته، جهڙوڪر ڪريمداد پنهنجي ڪا قيمتي شيءَ ڪنهن ٻئي کي ڏئي، پاڻ ڄڻ مُلول ۽ اَٻالو ٿي ويو هجي!
ڪريمداد سان سڄي گهر جا ماڻهو مليا، پر هر ڪنهن کيس عجب جي نظر سان پي ڏٺو، پر عادل جي ڀيڻ جيڪا تمام حسين ۽ خوبصورت هئي تنهن ته منجهائس اکيون ڪڍيون ئي ڪون پي.
سڀن شايد اهو پي سوچيو، ته چاهت جي محبت ۾، ويچارو بدنام ٿيو! ... پر هاڻ سندس گهر جو حال، الائي ته ڪهڙو ٿيندو!؟“
عادل سندس لٿل منهن ڏسي چيس ”ڪريمداد هيڏانهن... پاڻ هيڏانهن اندر ڪمري ۾... پنهنجي منهن اڪيلا ٿا ويهون... ڇڏ مائين جي منهن کي، اهي تنهنجو مٿو کپائي ڇڏينديون!“
ڪمري ۾ ويهڻ کانپوءِ، عادل هن کان تڪڙيون تڪڙيون خبرون وٺندي پڇيو ”پهريان اهو ٻڌائي ڪريمداد، تون گپ، گاري ۾ آيو آهين، ته ضرور ڪو ڪم هوندو؟“
ڪريمداد پنهنجي پيءُ واري نياپي کي اتي ئي ڇڏيندي، هن کي جيڪو برٿ سرٽيفڪيٽن وارو ڪِل مٿي ۾ لڳل هو، تنهن جو هن عادل کي سڄو ذڪر ڪري ٻڌايو.
عادل جواب ۾ چيس ”خير اهو ڪو مسئلو ڪونهي، اهو ڪم ته ڪرائي وٺنداسين پر اهو ڪم تو پنهنجي ذمي ڪيئن کنيو؟ سائين جان محمد پاڻ به ته هڪ آفيسر ماڻهو آهي، اهو ڪم ته هو، ڪهڙي به طرح، ڪنهن به ٽائون ڪاميٽي مان ڪرائي سگهي ٿو!؟“
”تنهنجو چوڻ به درست آهي عادل پر هو چاهي پيو ته، سندن رهائش هتي جي... هن پنهنجي ڳوٺ جي هجي!“
”اڇا... تنهن جي معنيٰ ته، سندن ارادو اڃا ڪو ٻيو، وڏو آهي؟“
”خبر ناهي، هن ته الائي ڇا، وڌيڪ سوچيو آهي... پر ڊوميسائيل کانسواءِ، هن ضلعي ۾ سندن لاءِ نوڪرين جي ڪوشش ته اجائي آهي نه؟“
”ڪريمداد توکي ڪجهه سمجهه ۾ ڪون پيو اچي!؟“
۽ ڪريمداد عادل جي سوچ کي نه سمجهندي، پنهنجي عقل جي ڳالهه ڪندي چوڻ لڳو ”ڇا سمجهجي؟... هُو ڪي بهارِي يا بنگالي ته ڪونهي، جو هميشه لاءِ هتي جا ٿي ويندا! ۽ اسين اقليت ۾ اچي وينداسين!؟“
”نه ڪريمداد، منهنجو اهو مقصد ڪونهي،... سنڌ ڌرتي جو ڄائو، ياڪو پاڻ کي سنڌي سڏائي، هتي سنڌي ٿي رهي ٿو، ته اهو ڪهڙي به ضلعي مان ڊوميسائيل وٺڻ چاهي ٿو ته، اهو ان جو حق هئڻ گهرجي، پر ڊوميسائيل ڪنهن به هڪڙي ضلعي جو حاصل هئڻ گهرجيس، وڌيڪ نه... منهنجي چوڻ جو مقصد اهو هو ته، اسان سنڌ واسي ته اڳيئي پاڻ کي، ذاتين، قبيلن، وڏيرن، سردارن، اتر ۽ لاڙ جي نالن ۾ ورهائي، خود کي هڪٻئي کان گهڻو پري نڪرندا وڃون... اڄ اسان هڪٻئي کان ضلعن جو حق کسيون، سڀاڻي تعلقن جا، پوءِ ڳوٺن جا ۽ آخر اسان هڪٻئي جا ذاتي حق به هڪٻئي کان کسڻ لاءِ لهي اينداسين! ...
جڏهن ته اسان اڳ ۾ ئي، سرداري (Culture) ذريعي، قبيلن کي هڪٻئي لاءِ هيڻو ۽ ڏاڍو رکي، انهن کي هڪٻئي کان الڳ، الڳ رکي، کين هڪٻئي جي انساني حقن کان به محروم ڪري ڇڏيو آهي. ۽ هاڻ ائين اسان فردن، فردن ورهائجي پنهنجي قومي اڪائي واري حق کان به محروم ٿي وينداسين! ... ڪريمداد منهنجو مقصد اهو ڪونهي، ته انهن کي ڊوميسائيل ملڻ نه گهرجن، منهنجو مقصد هو ته، تنهنجو سائين جان محمد وارن سان گهُرو تعلقاتن ۾ ايترو ويجهو ٿيڻ ۽ سندن ضروري ڪم پنهنجي مٿي پاڻ ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه توکي پاڻ پنهنجي لاءِ سمجهه ۾ اچي ٿو... مونکي ان تي ڪو اعتراض ڪونهي، پر منهنجي خيال ۾، تنهنجي پنهنجي گهر تي اثر ضرور پوندو؟“
ڪريمداد کي ڪجهه ته ڳالهه سمجهه ۾ آئي به پي، پر پوءِ به هن عادل کان پڇيو”ڇو... ڇا اهڙي ڪا ڳالهه ٿي آهي ڇا؟“
۽ عادل ڄاڻي، واڻي ڳالهه لڪائيندي چيس ”خير، مونکي ته پوري خبر ڪونهي... پر منهنجي خيال ۾ ڪجهه ٿئي ضرور پيو... تون هينئر پنهنجي گهران آيو هوندين، تو ڪجهه محسوس ڪون ڪيو؟“
عادل جي ان سوال تي سوچڻ سان، سندس ماءُ جا چيل اهي لفظ ذهن تي تري آيس ته ”ڪريمداد تنهنجي پويان، گهر ۾ جيڪو دونهون دُکيو آهي، تنهن ته منهنجي اندر جون اڳڙيون ساڙي ڇڏيون آهن.“
ڪريمداد اهي ساڳي لفظ جڏهن عادل جي انهن لفظن سان ملايا ته ”ڪجهه ٿئي ضرور پيو“ تنهنکانپوءِ هن کي ڳالهه ڪجهه سمجهه ۾ آئي ۽ پوءِ پنهنجي دل سان ڳالهائيندي چيائين
”اي دل چئجان پنهنجي خدا کي، ته محبت منهنجي لڪائي!
پر جي، لِڪي سگهي نه، ته پوءِ مونکي، نه ڪجهه ٻڌائي!“
ائين ڪريمداد پنهنجي دل سان ڳالهيون ڪري، ان سڄي معاملي ۾ پاڻ کي ٻين کان لڪائڻ پي چاهيو.
شايد سڄي دنيا ائين ئي ڪندي آهي ته، پنهنجي پيار جون ڳالهيون، پنهنجي دل سان بي ڌڙڪ ٿي اوريندي آهي، پر پنهنجي محبت جو سچو اظهار عام سان نه ڪندي آهي!
شايد اهوئي محبت جو پهريون اخلاق آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي خاموش فڪر سان وڙهي، وڙهي. آخر پنهنجي اندر مان پنهنجي اصليت ڳولهي لهي ٿو
ڪريمداد جي به اڃا شروعات هئي، هن پيار جي پرائمري درجي ۾ اڃا ته هڪ باب به پورو نه ڪيو هو، تنهن جي لاءِ محبت جو اظهار بدنامي ۽ خلق جي خواري کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هو! تنهن ڪري هن، دوستن ۽ مائٽن سڀن سان ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي ڄڻ جان ڇڏائڻ پي چاهي.
پر دوستن کان به، اصليت کي لڪائي، خود کي اڪيلو ڪري، سڀن کي ڄڻ الجهاءُ ۾ پي وڌو ۽ اهو هن پنهنجي لاءِ به چڱو نه پي ڪيو.
ان مهل به هن منهن جي پڪائي ڪندي عادل کي جواب ۾ چيو ”عادل“ چاچا جان محمد جي فيملي سان، اسان جو ڪو نئون يا اڄ جو تعلق ڪونهي، مان اڃا پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هئس... مونکي ياد آهي تڏهان کان چاچا جان محمد ۽ منهنجو والد هڪٻئي سان تمام ويجها ۽ گهرا هئا. اڄ جيڪڏهن مون انهن تعلقاتن کي وڌيڪ عزت احترام ۽ مانَ ڏنو آهي، ته ڇا اهو غلط ٿيو آهي؟... باقي جيستائين منهنجي پنهنجي گهر جو معاملو آهي، ته ان کي تون ۽ مان سمجهون ٿا... هي اسان جو حاسد سماج جنهن ۾ اسان جي عورت جو به اهم ڪردار رهيو آهي، سا ته زال ۽ مڙس جي رشتي کي رڳو ايستائين ٿي سمجهي ته، جيڪڏهن ڪو مرد پنهنجي زال سان هڪڙيئي بستري تي گڏجي نٿو سمهي يا پنهنجي زال سان هم بستري واري عمل ۾ هڪ ڊگهو وقفو وجهي ٿو وڃي، ته ان مڙس کي، نه مڪمل مرد تصور ٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي ان کي پنهنجي زال ۽ گهر هلائڻ جي اهل سمجهيو ٿو وڃي!“
عادل سندس جواب سان مطمئن نه ٿيندي چيس ”خير، تنهنجو اهو خيال پنهنجي جڳهه تي درست به کڻي هجي، پر زال ۽ مڙس جو هڪ الڳ ۽ عظيم رشتو آهي ۽ بلڪل آزاد به، پر ان ۾ سسُ، سُهرو ۽ ساليِ، ڀاڄائي وغيره مداخلت ڪري، ڪوئي ڪروڌ مچايو آهي، ته ان رشتي کي طلاق جهڙي موت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه مليو آهي! تنهن ڪري لکئي، پڙهيي گهر جي فرد جو، اهو فرض آهي ته، پنهنجي اڻ پڙهيل گهر کي پنهنجو وقت ڏئي ۽ ان کي پاڻ سنڀالي؟“
”يار عادل! ڏهن ڇڙواڳ چرين جي وچ ۾، تون هڪڙو سياڻو ماڻهو ڇڏيندين، ته ڇا هو پاڳل ڪون ٿي ويندو؟ آئون ته سمجهان ٿو، ان کي جيئڻ ئي ڪون ڏيندا!؟“
”ڪريمداد، چرين ۾ سياڻو يا سياڻن ۾ چريو، اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن، ماڻهو ۾ پنهنجن صلاحيتن جو اعتماد آهي، ته ڏهن چرين ته ڇا؟ پر هو پنهنجي ڏهن جاني دشمنن، جي وچ ۾ پنهنجي زندگي جو وقار بحال رکي ٿو! زندگي ته احمقن جي اڳيان، پويان گذري ٿي، پر پوءِ به زندگي سان لاڳاپيل اهم رشتا، جنهن ۾ ماءُ، پيءُ، زال، ڀيڻ، ڀاءُ وغيره، انهن سان ته، ڪنهن نه ڪنهن طرح سچائي سان نباهڻ لازم هوندو آهي.“
بس پوءِ ڪريمداد، مڙئي پاڻ ڇڏائڻ جي خيال سان چيو ”ها، ان حوالي سان ته مان، پنهنجي ماءُ، پيءُ سان بلڪل ادب ۽ احترام سان پيش ايندو آهيان، باقي منهنجي گهرواري آهي! سا ته ظاهر آهي، پنهنجو اباڻو گهر ڇڏي، نئين گهر ۾ آئي آهي، ته ان کي پنهنجي خودمختياري جا احساس ڪجهه مئل تصور ضرور ٿيندا.“
۽ عادل هاڻ ان بحث کي وڌائڻ جي بجاءِ کٽائڻ جي نيت سان چيس ”ڪريمداد! مان هڪڙي ڳالهه چوان؟ جيڪڏهن اها تون پاڻ تائين رکين ۽ دل ۾ به نه ڪرينءَ ته؟“
”ها چئو، تنهنجي ڳالهه مان دل ۾ ڪندس يار“ !
عادل، خوش اخلاق، سچ ڳالهائو ۽ دوستي جو سچو ۽ خلوص وارو ماڻهو هو، ۽ ڪريمداد! نيتن اٽڪل باز، ڪم ڪڍائُو ۽ ضرورت جي وقت، ڪوڙ کان به ڪم وٺي ويندو هو. پر عادل ڪڏهن به، بي اعتمادي مٿس ڪان ڪئي، ان ڏينهن به عادل مٿس اعتماد ڪندي چيس ”ڪريمداد تنهنجي گهر ۾، ڪو وڏو ڪروڌ پيو هلي، جنهن کان تنگ ٿي، ڪاڪا علي احمد مون کي تنهنجي دانُهن ڏني ته، رنن منهنجو رت سُڪائي ڇڏيو آهي، گهر ۾ ته ماني به کائڻ نٿيون ڏيئن، ڪريمداد کي چئو ته، پنهنجي گهر ڏانهن ڌيان ڏئي، ڪا گهٽ، وڌائي ٿي وئي، ته مان ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق نه رهندس!“
عادل جي ان دانهن پُڄائڻ تي، ڪريمداد کيس پنهنجي دوستيءَ جي فرض ادائگي جو احساس ڏياريندي چيس ”يار تون بابا کي سمجهائين هانه، ته هو زالن جي اجائي هُل ڏانهن ايترو ڌيان ئي نه ڏي!؟“
”تون ڇا ٿو سمجهين ڪريمداد؟ مون ان سان تنهنجي شڪايت ڪئي هوندي! مون هن کي اهو سڀ ڪجهه سمجهايو، پر ڪريمداد يار، گهر تنهنجو آهي، گهر جو معاملو باقي دنيا جي معاملن کان الڳ، حساس ۽ پرده پوش به هوندو آهي. اسان جي سماج ۾ ته سڀ کان وڌيڪ ڏکيو، ڏکائيندڙ ۽ نهايت نازڪ معاملو آهي، ته اهو گهر جو معاملو آهي، جنهن ۾ تعليم جي کوٽ، ڪمزور صلاحيتن، خلوص جي ڪمي ۽ سماجي اڻ برابري جي سببن، اسان گهرو معاملن ۾ ذهني طرح دٻجي انهن جي اجاين ضرورتن ۽ رسمن، رواجن جا غلام بڻيل آهيون.
گهرجي ڪنهن پراڻي يا نئين معاملي جي بگڙڻ سان، اڪثر گهر جي ڪنهن فرد کي ايتري آزادي ۽ اختياريون مليل ئي نه هونديون آهن، جيئن هو پنهنجي خود مختيار حيثيت سان، ان جو ڪوئي حل ڳولي ڪڍي، يا ان لاءِ ڪوئي پنهنجو مڪمل فيصلو ڏئي سگهي! ان مهل بس گهر جا ننڍا، وڏا فرد اجائي وات خوري، ۽ اجايو هُل حشر مچائي، هڪٻئي لاءِ به رنج رسامو ۽ دل آزاري ٿا پيدا ڪري وجهون! ... مان توکي انهيءَ حوالي سان پيو چوان ڪريمداد. وڌيڪ تنهنجي مرضي... پوءِ تون، ان معاملي ۾، دوستن سان واضح رهين يا الڳ، ڪو فرق ڪون ٿو پوي، ڇو ته، اهو تنهنجو ذاتي معاملو آهي، ڪوئي دوست ان ۾ دخل اندازي ڪري، ته اهو ان جي لاءِ به مناسب ڪون چئبو!“
ڪريمداد ته، هو به ان ڳالهه ۾ راضي ته، هرڪو پنهنجي منهن ماٺ۾ رهي، ته جيئن هو پنهنجي پيار، محبت وارو سفر، پنهنجي آزاد سوچ سان. بنا ڪنهن روڪ، ٽوڪ جي طئي ڪري سگهي! ۽ سندس دل جي خواهش واري حاصلات جي، ڪنهن کي ڪا خبرئي نه رهي، پر چاهت جي سوچ ان جي ابتڙ هئي، ان ته ڪريمداد واري سسُ جي ضد ۾ اچي سرعام پنهنجي ڏاڍائي سان، سندس ڌيءَ بختاور کان سندس مڙس ڪريمداد کسڻ پي چاهيو.
چاهت طبيعتن سخت مزاج، ارڏي، اڙانگي ۽ بلڪل بااختيار ڇوڪري هئي، هو پنهنجي معاملي ۾ ڪنهن کي به ڪجهه ٻڌڻ، ڪرڻ برداشت ئي نه ڪندي هئي. ۽ ڪريمداد ته ان جي اڳيان، ويچارو بس ڳوڀ خدا جو هو! سو ٻين دوستن، مائٽن کي ته اٽڪل ۽ نموني سان منهن ڏئي ويندو هو، پر چاهت جي اڳيان، ائين هوندو هو، جيئن هر ماڻهو پنهنجي محبوب اڳيان بي زبان بڻيل هوندو آهي!
عادل کان به اٽڪل سان جان ڇڏائيندي، سندس خيالن کي زباني اهميت ڏيندي چوڻ لڳو ”بس يار عادل، هن دُڌ چريي، ۽ اڻ پڙهيي راڄ ۾ به هر حال، جيئڻو ته آهي نه، جٿي راضي ته ڪو روئڻ ۾ به ڪونهي، ته کلڻ ۾ به ڪونهي!“
ته عادل ان تي تبصرو ڪندي چيس ”ڪريمداد، تو واري ڳالهه تان مونکي ذهن ۾ ياد آيو... ۽ مون ڪافي سوچيو ۽ ڏٺو به آهي ته، اسان جي سماج رڳو روئڻ سٺو سکيو آهي. جيڪا هڪ غلاميءَ جي نشاني آهي... پرائي پٿر تي روئڻ، پنهنجي حال تي روئڻ، پاڻي جو نه هئڻ ۽ فصل سُڪي سڙي تباهه ٿي وڃڻ تي روئڻ، بيگناهه جيل ۾ پوڻ تي روئڻ، سرڪاري نوڪري نه ملڻ تان روئڻ، مينهن جو مري پوڻ يا ٻڪري وغيره جو چورائجي وڃڻ تي به اڳيان، پويان ڍڪو ڍِڪ! ... انهيءَ روڄ راڙي جا ته، اسين عادي ٿي ويا آهيون، ڪڏهن، ڪڏهن ته، ائين لڳندو آهي، ته جهڙو اسان جي سماج ۾ اهو ناٽڪ بڻجي ويو آهي ۽ اسان ڄڻ ناٽڪي بڻجي پيا آهيون، ۽ خوف ٿو ٿئي ته، ڪٿي ائين نه ٿئي، جو دنيا اسان جي ان روڄ راڙي کي اهميت ڏيئڻ ئي ڇڏي ڏئي... روئجي به ايترو جو اڳلي کي احساس به ٿئي، يا ايترو جو ماڻهو ۾ پنهنجي ارمان وارو احساس ئي مري پوي ۽ اڳلي کي نفرت ٿي پوي! ... ڪيترين ئي آسائشن، سهولتن ۽ آسودگين هوندي به، اسان روئڻ جا ڄڻ شوقين ٿي ويا آهيون... مطلب ته جا شيءَ اسان جي پنهنجي آهي... نٿي ملي، ته به پيا روئنداسين... جا شيءَ اسان کي نٿي کپي ۽ ان مان اسان جي جان نٿي ڇُٽي، ته ان تي به اسين روئڻهارڪا... ۽ جيڪا شيءَ وڙهي وٺجي! سا به اسان روئي ٿا گهرون! خبرناهي ته، اسان ڪهڙي حالت ۾ آهيون!؟“
عادل پنهنجو اهو بيان وچ ۾ روڪيندي، ڪريمداد کي معذرت واري انداز ۾ چوڻ لڳو ”معاف ڪجان ڪريمداد! مون اهو تنهنجي والد تي سوچي ڪون پي چيو. متان سمجهين ته، بابا، عادل کي منهنجي، روئي دانهن ڏني ۽ عادل ان کي ناٽڪ بڻائي ويهي رهيو... سچ پڇين ته، ڪاڪا علي احمد جنهن مهل روئي، مونکي تنهنجي دانهن ڏني ته خدا جو قسم، ان مهل منهنجي دل به روئي ڏنو... يار اسان ڏاڍا هيڻا ماڻهو آهيون ڪريمداد، ٿوري ٿوري ڳالهه تان، هينئون ڦارون، ڦارون ٿيو پوي، پر سو رڳو پنهنجن ڪمزور حالتن وقت، باقي هوند ۽ ڍؤ جي وقت، پنهنجي، پنهنجي مفادن ۾ اسان هڪٻئي کان الڳ، ورهايل ۽ وڇڙيل آهيون، تڏهن غلامي گهر ۾ ڪاهي پئي آهي! ... مثلن: هڪڙي قبيلي سان، ڪو ٻيو قبيلو پنهنجي مفاد جي سبب ظلم پيو ڪندو، ته ٽيون قبيلو وري تاڙيون وڄائي کڳيون پيو هڻندو آهي... يا ڪنهن قبيلي جي عزت ۽ غيرت سان ڪوئي ڌاريو کيڏندو پيو، ته ٻيا ان خواري کي پنهنجي خواري سمجهڻ جي بجاءِ، وڌيڪ ان کي پٻيون ڏئي رونشو، وڌايو ڇڏن! ... الائي ڇاهي... خبر ناهي ته، اسين ماڻهو الائي ڪهڙي ذوق ۽ ضمير جا آهيون!؟ بهرحال تون دل ۾ نه ڪجان يار، مونکي بس ائين ئي ذهن ۾ اچي ويو.“
”ڪمال آهي عادل! تون ائين ڇو ٿو سمجهين يار، ڀلا جيڪي حالتون اسان پنهنجون عادتون ڪري ڇڏيون هجن، انهن کان ته انڪار نٿو ڪري سگهجي نه، مان هجان، تون هجين يا اسان جي والدين مان ڪوئي هجي، اسان رهون ته، هڪڙي ساڳي سماج ۾ ٿا نه، اها ڳالهه مڃڻي ٿي پوي ته، اسان پنهنجي مفاد، ذاتي انائن ۽ پنهنجي خانداني اهميتن جي الڳ، الڳ وثوق ۾ هڪٻئي لاءِ احساس نٿا رکون.“
ڪريمداد، چاهت جي پيءُ جان محمد جي واکاڻ ڪندي عادل کي ٻڌائڻ لڳو ته ”چاچا جان محمد به ائين چوندو آهي ته، اسان پنهنجي قومي سگهه، ۽ سماجي قوت کي الڳ، الڳ قبيلن ۾ ورهائي، صدين کان پنهنجي قومي وحدت کي پنهنجي مڪمل آجپي کان محروم ڪندا اچون، نتيجي ۾ اسان ڌارين جي هلانئن ۾ قتل ۽ غارت گيريءَ جو شڪار رهيا آهيون، مثلن: پير صبغت الله راشدي، ڌارين سان وڙهيو ته، سنڌ جي سڀني قبيلن ساٿ نه ڏنو، هوشو شيدي وڙهيو، ته به ائين ٿيو، ۽ صوفي شاهه عنايت وڙهيو، ته سنڌ جي سڀني قبيلن سندس ساٿ ته ڪون ڏنو، پر ڪجهه قبيلن ته، اختلاف رکي مخالفت به ڪئي! ... سو اهو ان ڪري نه، ته اهي سڀ قبيلا بزدل هئا، موت کان ڊنا يا اهي جگنجوُ ڪون هئا، پر اصل ۾ اهي اڄ جيئان ان وقت به، هڪٻئي کان رت ۽ نسل ۾ الڳ، الڳ هئا... چون ٿا ته رت پنهنجن جي ڪوس تي ڪڙهندو آهي... هو ان وقت به اڄ جيئان هڪڙي قوم جي شڪل ۽ حالت ۾ ته هئا، پر پنهنجي قبيلائي ۽ جگري جدائين جي ڪري، هڪڙن جو رت تريو پي، ته ٻين رڳو ٻڌو ۽ ڏٺو ويٺي ۽ هڪٻئي لاءِ ڪوبه ڪهڪو کين ڪون پي آيو!“
ڪريمداد، جان محمد جي باري ۾ اڃا به گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ پي چاهيو، پر عادل وچ ۾ موضوع بدلائيندي چيس ”يار سائين جان محمد تمام ڪو ڏاهو ۽ سمجهو ماڻهو آهي نه؟“
”ها عادل، ان ماڻهو جي هڪ عجيب اسٽوري آهي، ڪو ربنواز ڌوٻي هو، تنهن کيس پاليو پڙهايو ۽ کيس پنهنجي خاندان مان ئي سندس پسند مطابق شادي به ڪرائي ڇڏيائينس، چاچو جان محمد پاڻ ٻروچ خاندان مان آهي، پر شادي عباسين مان ڪئي اٿس، اهي به سندس عزيز ٿيا، ۽ اسان جو ته، ڏاڏاڻڪو هڪ آهي، ته پوءِ هڪڙو ئي خاندان سڏبو، يا جيئن اوهين ملاح ۽ منهنجا ماماڻا ٻروچ، اوهان هڪٻئي جا عزيز ۽ رشتيدار آهيو، ته اوهان جو هڪٻئي لاءِ رت به تانگهيندو، ايئن سڄي سنڌ هجي نه، هڪٻئي لاءِ وچ ۾ رت جا سڌا نه هجن، پوءِ ٿي سنڌي قوم پنهنجي وحدت ۾ مڪمل ۽ سگهاري، پوءِ ته ڪنهن ڌاري يلغار جي ڪاهه ته ڇا، پر هن قوم جي سامهون، سَولو ساهه به کڻي نٿي سگهي، ۽ نه وري اسان هڪٻئي لاءِ رونشو يا روڄ راڙي جهڙو مذاق بڻباسين“
”ها بس اها هڪڙي سوچ آهي ڪريمداد! ... انکي مڪمل ڪرڻ جو وقت شايد ويو هليو، يا آهي به ڪون، يا ٿي سگهي ٿو ته، اهو وقت هاڻ اچي ۽ اهو سڀ ڪجهه اسان کي ئي ڪرڻو پوي!! پر مون سائين جان محمد جي ڳالهه پي ڪئي... يار نرالو ماڻهو آهي نه... ڪيڏي مهل ڪا ڪچهري ڪجيس؟“
”ها بلڪل... پر هو ته، توکي پيو ياد ڪري عادل... منهنجي شادي ۾ ڪا اوهان جي ملاقات ٿي هئي، تنهنجي الائي ڪهڙي خوبي کان متاثر ٿيو هو، چئي پيو ته، عادل آزاد کي ڪيڏي مهل پنهنجي گهر وٺي اچ ته ڪو ڪچهرو، ڪلام ڪريون. سو مون توکان پڇڻ بنا، ئي هن کي ٽائيم ڏنو ته، برٿ سرٽيفڪيٽ ٺاهرائي، مان ۽ عادل ٻئي گڏجي اينداسون. بس هاڻ اهو سرٽيفڪيٽن وارو ڪم ٿئي، ته هلنداسين ۽ هڪڙي رات رهي، سٺي نموني سان ڪچهري ڪري، ٻئي ڏينهن موٽي اينداسين.“
۽ آخر ۾ ڪريمداد وري به جان محمد جي واکاڻ ڪندي ٻڌايس ته، ”عادل ان ماڻهو لاءِ بس ڇا چئجي، وڏي دل، وڏي همٿ وارو تمام Sober ۽ اصل رڄ راڻو مڙس آهي. ڪمال جو ذهن اٿس، جيتري قدرمون کيس ٻڌو آهي ته، زندگيءَ جا انيڪ تجربا اٿس، سندس چيل هڪ اهم ۽ وزنائتي ڳالهه توکي ٻڌايان، جيڪا هن سنڌ جي آزادي بابت ٻڌائي اُها هن ٿي سگهي ٿو هڪ آفيسر جي حيثيت سان چئي، ٻڌائي هجي... هو چوي پيو ته، هي سنڌ جا قومپرست نوجوان آزادي کي ته، مذاق ٿا سمجهن... آزادي ڪا وتائي فقير جو لطيفو آهي ڇا؟... ڀتا خوري، بليڪ ميلنگ، ڪلهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌڻ، يا روڊن تي من چلا رڙيون ڪندي، نعرا هڻڻ سان آزادي ملندي آهي ڇا؟... پهريان سوال اهو ته، آزادي گهرن ڪنهن کان ٿا، پوءِ اهو سوال ٿو اچي ته، آزادي وٺجي ڪيئن؟...ته ان لاءِ پهريان پنهنجي قوم ۾ غلامي پسند ذهن واري بيماري جو کين علاج ڳولي ڪڍڻو پوندو، جيڪڏهن اهڙي بيمار ذهن جي اُپاءُ لاءِ ٻيو ڪو به شفا بخش نسخو هٿ نٿو چڙهي ته پوءِ ان غلام ذهن بيمار لاءِ پهريون ۽ آخري قدم اهو آهي ته... جيڪڏهن توهان جو پيءُ غلام ذهن آهي ته سندس رشتو پنهنجي روح ۾ قتل ڪري ڇڏيو... جيڪڏهن توهان جي ماءُ غلام ذهن آهي، ته ان کي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو... جيڪڏهن توهان جي زال، غلام ذهن آهي، ته ان کي طلاق ڏئي ڇڏيو...۽ جيڪڏهن توهان جو سڄو خاندان ئي غلام ذهن آهي، ته پوءِ ٻين کي ٻليدان تي چاڙهڻ بجاءِ خود کي قرباني جو ٻڪرو سمجهي قتل ڪري ڇڏيو... جيڪو پنهنجي خانداني غلامي مان آجپو حاصل نٿو ڪري سگهي، سو آزادي گهري ڪنهن کان ٿو... ڇا رياست جي حڪمران! ان غلام گڏهه کان، ٿو آزادي گهري... جيڪو جنهن مهل هينگ ٿو ڏئي، ته چوي ٿو اهو سامراج کي پيو دٻايان ۽ جنهن مهل پويان گئس ٿو ڇڏي، ته چوي ٿو ڪجهه ڊڄان به ٿو، بس مڙئي مذاق پي ڪيم!... هي قوم پرست نوجوان پنهنجي اهڙي غلام حاڪم، گڏهه ۾ آزادي جي اميد ڪيئن ٿا رکن، تڏهن چوان ٿو ته، انهن آزادي کي، وتائي فقير جو لطيفو سمجهي رکيو آهي! “
••••