ٻه اکر ليکڪ طرفان
منهنجي هن ستاسي (87) سالن جي زندگي ۾ ڪيترن قابل استادن سان، شاگردن سان ۽ ساٿي وڪيلن ۽ موڪلن سان، سياسي گرائونڊ ليول جي سياسي ورڪرن، حڪومت جي سخت عتاب ڀوڳيندڙ ڪميونسٽ ۽ قومپرست ڪارڪنن سان، ذاتي طرح لاڳاپو رهيو آهي. مون انهي ۾ Theory يعني (نظرين) کي، اسان جي عملي جوڙ جڪ ۾، سياست ۾، علم مطابق، بي معنيٰ ٿيندي ڏٺو آهي، اسان جي قومي قوت، همت ۽ بهادري کي پڻ بي اثر ٿيندي محسوس ڪيو آهي. اسان لاءِ انهيءَ دور ۾ ڪيترا سڌا ۽ ضروري رستا، چٽا ظاهر نظر پئي آيا آهن، پر اسان انهن کي ذاتي، توڻي اجتماعي طور، نظر انداز ڪندا آيا آهيون ۽ تاريخ جي سفر ۾ سحر ۽ خوابن ۾ سپنن ۾ جادو ۾ اکيون پوري اوجهڙ ۾ داخل ٿيندا رهيا آهيون.
پر ڇا هاڻ اسان لاءِ رستا بند ٿي ويا آهن؟ ۽ ڇا اسين بند گهٽي ۾ ڦاسي پيا آهيون؟ ۽ ڇا اسان لاءِ صرف مزاحمت ۽ احتجاج جي سنهري نثر ۾،۽ خوبصورت اکرن جي جوڙجڪ ۾ اٽڪي هلڻ ئي باقي بچيو آهي؟ جهڙوڪ اکين سان ڪجهه ڏسون نٿا، ڪنن سان ڪجهه ٻڌون نٿا ۽ ذهن ۾ ڪجهه محسوس ڪريون نٿا. پر ان جي برعڪس حقيقت اها آهي، ته اسان کي اکيون به آهن، ڪن به اٿئون ۽ ذهنن ۾ محسوس به ڪريون ٿا.
هي حياتي ڪيڏي نه خوبصورت آهي، سنڌ جي جاگرافي ۾ سنڌي مارو، ڪهڙا نه اٻوجهه ۽ مٺڙيون لوليون ٻڌڻ ٿا چاهين. ساري سنڌ اسان لاءِ مارئي جو ملير آهي، سنڌ جا رهاڪو اسان جا ماروئڙا آهن ۽ اسان کي عمر ڪوٽ مان آزاد ٿيڻو آهي. نظر ڪيو سنڌ جي سونهن تي، اسان جي پيٽ اگهاڙن هارين، مزدورن، ڪاريگرن ۽ ڪارندن تي، ته اسان انهن لاءِ به ڪو بندوبست ڪيو اٿون؟ يا اسان رڳو ايئن هوائي ڳالهين ۾ اهو وساري ويٺا آهيون، ته سنڌي حياتي ڪيتري نه بي معنيٰ۽ بي اثر بڻجي، اجتمائيت کي درگذر ڪندي، صرف پنهنجي ذات ۾ ئي محو رهندي آئي آهي.
ٽي منهنجا محبوب آهن، هڪ نظرياتي ڪميونسٽ ورڪر امداد قاضي، ٻيو سنڌي ٽيڪنوڪريٽ بئنڪر ۽ ڪامورو فضل سليمان قاضي، ٽيون قوم پرست سياسي اڳواڻ سيد جلال محمود،اهڙن ٽن شخصن جن کي آئون دوست، ساٿي ۽ مخلص سمجهندو آهيان. اهي ڄڻڪ مون وٽ ويٺا آهن ۽ آئون انهن سان سياسي خيال ونڊيان ٿو ۽ ملڪ جي، قوم جي سماج جي گراوٽ کي ڏسي، اڳتي وڌڻ جا رستا ڳولڻ نڪتو آهيان.پنهنجا خيال انهن ڏانهن خطن جي صورت ۾ لکي موڪليا اٿم. اهڙن خطن جي مجموئي کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي نظرياتي شعبي پاران ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو خيال ڏيکاريو ويو ۽ ان طرح ڄڻڪه اهي خط ساري سنڌ جي مطالعي لاءِ پهچائجن ٿا.
آئون ٿورائتو آهيان، سيد جلال محمود جو، جنهن جي گڏيل صلاح سان، مون هن هن ڪتاب جا عنوان چونڊيا ۽ پڻ سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۽ اسان جي قوت ۽ همٿ جو جائزو ورتو. احسان وساري نٿو سگهان ڊاڪٽر حميد سبزوئي جا جنهن مواد کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ايڊيٽنگ ڪئي ۽ ان جي ترتيب ٺاهي ۽ ان جو تنقيدي جائزو ورتو ۽ پڻ سوچ جي وهڪري ۽ فڪر جي رفتار جو اندازو لڳايو. آخر ۾ اسد ڀُٽي جو وڏو قرض چڙهي ويو، جنهن هن ڪتاب جي مواد کي ٽائيپ ڪيو ۽ ڪتاب کي تحقيق، اڀياس ۽ درستين بعد لڳ ڀڳ چار ڀيرا وري نئين سر ٽائيپ ڪيو. محترم نور احمد ميمڻ ”سنڌيڪا“ اڪيڊمي واري جو به جنهن ذاتي دلچسپي وٺي، هن ڪتاب کي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ اوهان جي هٿن ۾ آندو آهي.
روچي رام