جديد نيشنلزم ۽ پاڪستان
18 نومبر 2014.
ڪراچي.
جديد نيشنلزم ۽ پاڪستان
پيارا جلال محمود،
مون توهانکي اڳ ۾ لکيل خطن ۾ نيشنلزم يعني قومپرستي مان واسطو رکندڙ سياسي خيالن ۽ ان سان لاڳاپيل نظرين جو ذڪر ڪيو آهي، پر لڳيم ٿو ته ان ۾ صرف خاص ۽ خالص قومپرستي ۽ حب الوطني سان لاڳاپيل جديد اجاگر ٿيل نيشنلزم بابت تفصيل ڪين ڏنو هوم. توهانجي طالب اهو تفصيل سان لکڻ لاءِ مناسب طلب آهي، انهي ڪري هن خط ۾ جديد دور ۾ پڌري ٿيل عمل ۾ ايندڙ نيشنلزم بابت لکندس. هن دور ۾ جيڪي رياستون آهن، خودمختيار اسٽيٽس آهن، يا فيڊريشن يا ڪانفيڊريشن جون اڪايون يا شامل ٿيل جيئريون جاڳنديون قومون آهن، تن جي قانوني حيثيت Sovereign Power آهي ۽ اهي پنهنجي رياست اندر خود اختيار آهن ۽ مڪمل طور ڪنهن به پاور جي طابع يا زيردست ڪين آهن. دنيا حقيقت ۾ اصل ۾ هنن جو ميونسپل (ملڪي) قانون يا بين الاقوامي قانون واري هنن جي حيثيت کي مڃي وڃي ٿي، قبول ڪئي وڃي ٿي. ڪنهن فرد، اداري يا ملڪ کي قانوني جواز يا اختيار ناهي ته قوم ۽ انجي رياست جي جاگرافي يا خودمختياري خلاف ڪو قدم کڻن، دست اندازي ڪن، ڪا هير ڦير ڪن يا حملو ڪن، يا قبضو ڪن. هنن جي اقوام متحده ۾ شموليت به هڪ نيشن طور آهي، انهي ڪريتاريخي طور وجود ۾ آيل قوم جي حيثيت مقدم آهي، ان کي رنگ، نسل، مذهب يا فرقيپرستي نالي سان داغدار يا قصوروار نٿو چئي سگهجي. اينسيڪلوپيڊيا برٽينيڪا(EncyclopaediaBritannica) ۾ نيشنلزم جي وصف (Definition) ۽ وجود کي هن ريت لکيو آهي.
Nationalism may be defined as a state of mind in which the individual feels that every ows his supreme secular loyalty to the nation – state. Nationalism is a modern movement throughout history men have been attached to their native soil, to the traditions of their parents and to established territorial authority.
[b]قوم ڪيئن ٺهي ٿي.
[/b]جيئن اسانجو گهر آهي، ڪٽنب آهي، خاندان آهي، حسب نسب آهي، ماءَ پيءَ، ڀائر ڀينرون، آباواجداد آهن، ماءَ کان مليل مٺڙي پياري ٻولي آهي، وطن جي مٽي جسم جي ذري ذري ۾ مليل ۽ سمايل آهي، هوائون، وڻ ٽڻ، ساوڪ، ڦول، اناج، پن، ڪنڊا سمورا جسم ۾ جڙيل ۽ سمايل آهن. هي هوائن جا ساز، بکين جولوليون، جانورن جون هوڪارون، جن سان ئي اسانجي ٻُولي جا لفظ جڙيا آهن، جيڪي راڳ ۽ ساز اسانجي روح ۾ سمائجي ويا. جن هم وطنين سان گڏ گهاريوسون، کٽا سور ۽ مٺا پل گهارياسون، ڏيڻ وٺڻ ڪيوسون، عيدون ۽ خوشيون ملهائيوسون، قبيلي کان وڌندا قوم بڻياسون، حڪومتون جوڙيوسون، ٻاهر کان آيل مهمانن جي آجيان ڪئي سون، انهن جي توازع ڪئي سون، ڪچهريون، قصا ڏور، گجهارتون ونڊيوسين، ٻاهران آيلن کي پناھ ڏيئي برابر گهر ۾، دل ۾، ذهن ۾ جاءِ ڏني سون. انهي قومي جوڙجڪ کي جاگرافي جي حدن ۾ رياست قائم ڪئي سون، ان لاءِ حب الوطني جي جذبي تحت جانيون قربان ڪيوسين.
انهي نموني قوم ٿي جڙياسون، ائين هزارين سال گذريا، ڪي آيا، ملي هڪ ٿي ويا، ڪن ڦريو لٽيو پر اسانجو ڪلچر سلامت رهيو. ٻي ڪا به ٻولي کي سنڌ ۾ خيما ڪين کوڙي سگهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن ۾ به بادشاھ ڀٽائي جي سنڌي انجي استعمال جي انجي خوبصورتي ۽ جوڙجڪ جهڙي قوت ڪين هئي. ڪنهن جي ٻولي ۾ سنڌي جهڙي خوبصورتي روپ رنگ جماليات، جلاليات، اخلاق شعور، عقل سليم سونهن سينگار ڪين آهي. اردو ڪهڙي ۽ ڪيتري نه اهم ۽ شاهوڪار ٻولي آهي، هتي سنڌ ۾ آئي پر اها اڃا سنڌ جي سونهن، سنڌ جي هٻڪار، سنڌ جي نظم ۽ نثر، سنڌ جو مزاج، درياءُ جي دهشت، دل جي دلربائي کي پاڻ ۾ سمائي ڪين سگهي آهي، نڪي سنڌ جي ڪلچر جي خوشبو ان ۾ ظاهر ٿي آهي. جيڪي سنڌ ۾ آيا، تن کي سنڌ سڌي زبان ۾ ئي سمجهڻ ۾ ايندي، جيتوڻيڪ سندن ٻولي خود سندن اصلي آبائي وطنن جي هٻڪار سان ڀريل آهي.
[b]نيشنلزم جو قديم دور.
[/b]نيشنلزم يا قومپرستي جي جديد دور کان اڳ سياسي وابستگي يا وفاداري قوميت جي جديد اصولن پٽاندڙ ڪين هوندي هئي. انهي ڪري انسان جي تمدن، مذهب يا ذاتي فوجي يا ڏاڍن مڙسن جي اثر هيٺ سياست وڌندي هئي، ۽ سندس اوسر ٿيندي هئي ۽ حڪومتون جڙنديون ۽ ڊهنديون رهنديون هيون، جا سياست گهڻو ڪري مذهبي عقيدن جي به تابع هوندي هئي، مذهبي پيشوا ڪنهن سيڪيولر اڳواڻ معرفت حڪومت هلائيندا هئا. ائين روم جي چرچ يا مسلمان فاتحن جو رياستن تي قبضو هوندو هو ۽ پڻ پنهنجي مذهب جي تبليغ به ڪندا هئا، ۽ زبان يا ٻولي جو ڪلچر لئف ۽ عربي يا (فارسي) هئا. ائين هندوستان ۾ سنسڪرت هئي، يورپ ۾ پوءِ سڀني قومن جي پڙهيل ماڻهن فرانسي (French) زبان کي تمدن ۽ تهذيب جو ذريعو ڪري تسليم ڪيو هو. اهو 18 صدي جي آخر ۾ مهذب دنيا نيشنلزم کي انسان جي سياسي ۽ تهذيبي ۽ قانوني طور تسليم ڪري سياست کي انجي تابع ڪيو ۽ نيشنلزم جو بنياد ڪري کنيو ۽ انهي ذريعي حڪومتي نظام ۽ سماجي جوڙجڪ گهڙيا ويا ۽ انهن جو اوائلي واهڻ ماڻهن جي مادري ٻولي ڪري کنيو ويو، جو انهي نموني ئي نيشنلزم کي اڳتي وڌائي سگهيا. فاتحن جون زبانون مفتوح قومن تي مڙهڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر اهي انهن جي دور بعد ختم ٿي ويون ۽ مادري زبان اڳتي نڪري استعمال ٿيندي رهي. سنسڪرت جي جڳهه تي هندوستان جون قومي علائقن جون ٻوليون رائج ٿيون. هندوستان ۾ مسلمان حاڪم يا شهنشاھ ۽ پوءِ مسلمان عوام عربي پوءِ فارسي کان ٿيندا دهلي ۽ يوپي جي مقامي زبان کي اردو سڏي استعمال ڪندا آيا آهن. ٻولي جو مٿان زوري نافذ ڪرڻ به هڪ قسم جي ملڪ گيري يا سامراجيت جو قسم آهي، 18 صدي جي آخر ۾ قومپرستي ئي آزادي ۽ خودمختياري جي بقا جو ذريعو بڻي ۽ سياسي وفاداري قائم ٿي. قومي ٻولي ترقي ڪندي، ادبي، علمي، فني ۽ ڪاروباري زبان جي درجي تي رسي ۽ انهي ذريعي ئي قومون پنهنجي ماضي جي ڪارنامن ۽ انهن جي تسلسل کي ظاهر ڪري اجاگر ڪرڻ ۾ لڳيون ۽ انسان جي آزادي ۽ وقار جو جديد دور شروع ٿيو. فاتحن جي ڌارين ٻولي مقامي قوم جي تاريخي واقعن فن، آرٽ ۽ زندگي جي اصولن کي تربيت ڏيڻ ۽ اڀارڻ بدران انکي ناس ڪرڻ ۾ لڳندا آهن ۽ پنهنجو ڪلچر، فن، ۽ ٻولي نافذ ڪندا آهن، جو مفتوح قومن کي جهڪائن ۽ تابع ڪرڻ بدران انهن ۾ بغاوت پيدا ڪندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيتريون قومون نا اهلي ڪري غلامي قبول ڪري فنا ٿي وينديون آهن، پوءِ به اهو ارتقائي اصول آهي ته رک مان ڦليهار مان به چڻنگ نڪري اٿي ڀنڀٽ ٿي پوندي آهي.
سڌريل قومون پنهنجي آزادي برقرار رکڻ لاءِ اندروني ڪمزورين يا غلامي پسند ڪندڙن خلاف برسر پيڪار رهنديون آهن. فرانس، انگلينڊ، روس ۽ چين وارن پنهنجي اندروني ڪمزوري بشمول فيوڊلزم زميندار هيٺ هاري مخلوق کي غلام ڪندڙ وغيره کي ختم ڪري نوان معاشي ۽ سياسي طريقا استعمال ڪري آسوده ۽ مهذب قومون بڻجي ويل آهن. ائين قومپرستي ئي آزادي حاصل ڪرڻ آزاد ٿي جيئرا رهڻ پنهنجي شاندار ماضي جي پوئيواري ڪندي نوان خيال ۽ طريقا استعمال ڪري آزاد شخص ڀليرا ۽ مٿيرا انسان دوست ٿي وجود قائم رکي ويٺا آهن.
جتي وطن دوستي ناهي وطنيت ناهي، قوم پرستي ناهي، آزاد ٿي آزادي ماڻڻ جي لياقت ناهي بچي، انهن جو وسيلو نيشنلزم رستي وري نئين سر اجاگر ڪري سگهجي ٿو، جنهن لاءِ ماهرانا ڪاريگري سان جذبن کي تقويت پهچائي سگهجي ٿي. ڪي قومون اهڙيون ڀاري غلطيون ڪنديون آهن، جن ذريعي وري اٿڻ اڀرڻ جا رستا بند ٿي ويندا آهن.
[b]سياسي آزادي ۽ قومپرستي.
[/b]پکي پنڃري ۾ بند آهي، مال ميوا ملنس ٿا، ٻاهرين خطرن کان حفاظت ۾ آهي، هن مٿي آسمانن ڏانهن نظر ڪري ٿو. آزادي جي اڏام ڪهڙي نه دل پسند ٿئي ٿي پر آزادي ۾ خطرا به آهن، پکي کي آسمانن ۾ وڏا پکي پڪڙيندا آهن، کائيندا آهن، شڪاري تير تفنگ ۽ بندوق کنيو بيٺا آهن، آزادي قائم رکڻ ڪيترو نه ڏکيو ڪم آهي. غلامي ۾ ڪهڙو نه سک ۽ سلامتي آهي.
سائين جلال شاهه، اوهان کي ڪي مثال ٿو پيش ڪيان.
اسڪاٽلينڊ انگلينڊ سان گڏ آهي، گڏيل ملڪ کي گريٽ برٽن سڏين ٿا، يونائيٽڊ ڪنگڊم (UK) به سڏين ٿا. اسڪاٽلينڊ ننڍو ملڪ آهي، پيداوار جا ذريعا گهٽ اٿس، جابلو ۽ برفيلو ملڪ آهي. انگلينڊ ان کان وڌيڪ سکيو ۽ مال ملڪيت وارو ملڪ آهي. انهن سان گڏ هجڻ ڪري اسڪاٽلينڊ وڌيڪ خوشحال آهي. اتي اڳئين مهيني ريفرنڊم (Referendum) ٿيو ته انگلينڊ کان آزاد ٿيڻ چاهي ٿو يا گڏ رهڻ چاهي ٿو. اسڪاٽلينڊ جي نيشنل پارٽي انهي عوام جي راءِ تي ووٽن ۾ هارايو ۽ اسڪاٽلينڊ آزاد ٿيڻ بدران هاڻي انگلينڊ سان گڏ رهندو. اسڪاٽ لينڊ جي آزادي جو اڳواڻ اليڪسس سالمنڊ (Alex Salmond) آهي. هو آزاد جو متوالو آهي. انهي ريفرنڊم ۾ هارائڻ بعد هن کان پڇيائون ته “هاڻي تنهنجو ڪهرو خيال آهي؟” جواب ڏنائين “ اڪثريت آزادي بدران مال ملڪيت ۽ خوشحالي جي فائدي ۾ ٿي آزادي خلاف ووٽ ڏنو آهي. سو به تمام محدود اڪثريت سان (55 سيڪرو برخلاف 45 سيڪڙو) حق ووٽ ڏنو آهي پر منهنجو خيال آهي ته مال ملڪيت، ٺاٺ باٺ ۽ شاهوڪاري کان اعليٰ شيءِ اعليٰ حس آزادي آهي. آسمانن جا سفر ۽ ذهني مزو آزادي ۾ آهي.
[b]انگريز جي قومپرستي.
[/b] آزادي لاءِ اسڪاٽ لينڊ جي مشهور شاعر والٽر اسڪاٽ (Walter Scott ) جو شعر آهي.
Breathes there the man, who never to himself hath said,
This Is My Own, my native land.
”ڇا ڪو اهڙو ماڻهو ساهه کڻندڙ ماڻهو آهي،
جنهن ڪڏهين پنهنجو پاڻکي نه چيو آهي،
هي منهنجو پنهنجو وطن آهي، منهنجي موروثي ڌرتي آهي؟“
وطن دوستي يا قوم پرستي جو نالو نيشنلزم آهي، جنهن جي آڌار تي باقي سياسي معاشي ۽ تهذيبي عمارتون حڪومتون ادارا ٺهي ۽ هلي سگهن ٿا. قومپرستي ئي انساني عظمت جو نشان آهي. مال ميوا ملڪيت ته پکي وانگرپڃري ۾ بند کي به جام ملن ٿا.
انگريز جي نيشنلزم ۽ قومي اهنڪار سبب ٻاهريان اچي سولائي سان انگريز ٿي ڪين سگهندا آهن. ڇاڪاڻ ته هنن انگريز جي کاڌي ۽ ڪلچر جي مرڪز (Roasted Beef) جو مزو نه ڪي ورتو آهي، نه ڪي وٺي سگهندا آهن. مشهور راڳ آهي. (The Roast Beef of England ) اهو بيت مشهور آهي. انگريز جي مزاج کي سمجهڻ لاءِ جنهن جا جملي 17 بند آهن اهي ڪنهن جذبي سان ڳاتا وڃن ٿا. انگريز هڪ وڏي ۽ مضبوط نيشن آهي، قوم آهي. انگلينڊ وارا چوندا رهندا آهن. اسين وڌيڪ انگلينڊ وارا آهيون. برٽن ۽ (يوڪي) وارا گهٽ آهيون. هنن کي فخر پنهنجي انگلينڊ جي قوميت تي آهي. جڏهن ٻي عالمي جنگ (WWII) لڳي هئي ۽ چرچل وزيراعظم ٿيو هو ۽ جرمن جهازن لنڊن ۽ ساري برٽن تي زبردست بمباري ڪئي هئي ۽ انگلينڊ ختم ٿيڻ تي هو تڏهين چرچل پنهنجي وطن بچائڻ لاءِ چوندو رهندو ته اسين پنهنجي انگريز قوم جي بچاءَ لاءِ آخرتائين لڙندا رهنداسون. اسين پسينو ۽ خون قربان ڪنداسي، گهٽين، رستن، جبلن ۽ سمنڊن هر محاذ تي پنهنجي مادر وطن لاءِ لڙندا رهنداسون. وطن لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ لکين زالون والنٽيئر هيون، مرد محاذ تي هئا ۽ زالون پويان سارو ڪاروبار هلائينديون هيون. فرانس انگلينڊ کان به وڌيڪ نيشنلسٽ آهي. مثال طور هنن فرانس جي نيشن جي بچاءُ لاءِ 1940ع کان 1945ع تائين زير زمين جنگ لڙندا رهيا. فرانس ۽ نيپولين ڪوڊ نافذ آهن. جنهن موجب سڀني فرانس شهرين گورن ڪارن ايشيائين سڀني لاءِ هڪ جهڙو قانون ۽ سماجي نظام ۽ فئملي لا آهي. اهي پنهنجي قومي حيثيت کي برقرار رکندا اچن. اهوئي سبب آهي جو هو 15 لک مسلمان عورتن کي علحده حيثيت طرف راغب ٿيڻ طرف نٿا وڃڻ ڏين. ايجيپٽ جي سيئز جي 1954ع جي جنگ ۾ انگريز ۽ فرانس مصر تي حملو ڪيو هو. جڏهن ايجيپٽ سيئز ڪئنالل قومي تحويل ۾ ورتو هو پر روس جي مدد سان حملي آور انگريز ۽ فرينچ هٽي ويا. ناصر پوءِ ماسڪو ويو هو. روس جو ٿورو مڃڻ اتي هن کي روس جي وزيراعظم خرشيچوف چيو ته اسان جي ٻن ڪروڙ روسين شهادت جو جام پيتو اسان جي ڪميونسٽ نظام جي بچاءَ لاءِ. ان تي ناصر چيو هو ته ”اوهان جي سپاهين ۽ عوام ڪميونسٽ قدم لاءِ نه پر وطن لاءِ جان ڏني. اسٽالن هٽلر جي حملي وقت قومپرست روسين ۽ پادرين کي درخواست ڪئي هئي ته وطن کي روس جي قوم (نيشن) کي بچايو ۽ انهي نعري تحت هنن قربانيون ڏنيون. قومپرستي جنگ کٽي هئي.“
جڏهين آمريڪي اتحادي فوجون ائٽلانٽڪ مها ساگر مان فرانس جي سرزمين تي لٿيون ۽ جرمن فوجن کي هٽايائون ۽ پئرس پهتيون ته فرانسيسي عورتون حسين ۽ ڪنواريون سڀ آمريڪي سولجرن کي چنبڙي پيون هنن کي ڀاڪرن ۽ چمين سان سٿي ڇڏيائون. هنن کي وطن ۽ قوم پياري هئي ان کي آزاد ڪرائڻ ۽ فتح ڪرڻ تي اهي پاگل ٿي پيون هيون. اهو احوال تفصيل سان ڪتاب پئرس از برننگ ۾ لکيل آهي. ثابت ٿئي ٿو ته رياست سان محبت کان قوميت جو جذبو وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿو.
نورجهان 1965ع جي جنگ ۾ جو مشهور گيت (گانو) ڳاتو هو ان ۾ هن مذهب جي تحفظ بدران مذهبي جوش بدران مسلمانن بدران وطن جي سجيلي جوانن کي اپيل ڪئي هئي ته منهنجا گيت توهان لاءِ آهن، سمورو راڳ قومي جذبي سان ٽمٽار آهي. هي سمورا قصا وطن جي محبت ۽ قوم جي حب جا آهن.
نيشن جي بچاءُ لاءِ ان سان محبت ڀريل دل ۾ بهادري ۽ وطن دوستي جا جذبا هن کي ڪنهن به قرباني ڪرڻ، قرباني ڏيڻ کان نه ٿا هٻڪن.
قومي جذبو ئي وطن جو دفاع ڪري سگهي ٿو.
اسان وٽ قومي جذبو وطن کي بچائي سگهندو، مذهبي جذبو ٻاهر حملي لاءِ ڇڪيندو پر گهر جو دفاع ڪين ڪري سگهندو. ان وقت وطن دوستي اٻڙڪي اٿندي آهي.
چرچل پنهنجي ڪتاب ٻي عالمي جنگ جي تاريخ لکندي (Vo13) ۾ صفحي نمبر 403 تي لکيو آهي. پهرين آڪٽوبر 1939ع تي ٻن وڏن ملڪن روس ۽ جرمني پولينڊ تي حملو ڪري والاريو، ائين هو هيل تائين 150 سالن تائين هن تي حملا ڪندا آياآهن ۽ غلام رکندا آيا آهن. پرهنن مان قومي آزادي جو جذبو ۽ مزاحمت ختم ڪري ڪين سگهيا آهن. انهن کي پولينڊ جي قوميت جي جذبي، حوصلي ۽ احساس کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪاميابي ڪين ملي آهي. اڄ به هو آزاد آهن.
مون 2002ع ۾ واشنگٽن ۾ اوڀر ايشيا جي ملڪ ايسٽ تيمور آزاد ٿيڻ تي ان جي ليڊر جي اعزاز ۾ ٿيل جلسو جو سينيٽ جي ڪاميٽي روم ۾ ٿيو هو شرڪت ڪئي هئي. ان جلسي م پولينڊ جي آزادي جو هيرو وليشيا به شرڪت ڪئي هئي. وليشيا ڪيتريون تڪليفون جيل ڀوڳيا هئا. ڏاڍ برداشت ڪيو هو. هن جي ٽريڊ يونين روس کي ٿڪائي مجبور ڪري آزادي ورتي. اهو قومي جذبو آهي، جيڪو قومي رياست قائم ڪري سگهجي ٿو. مون کي ان وقت اڳ ته پولينڊ جي آزادي جي ڀڳل ٽٽل جسم ۾ عجيب طاقت جذبو ۽ سرهاڻ هئي. ڪروڙين انسانن جي آزادي جذبي جو ڄڻڪ گنج وار سان کان ڪهي اڳيان آيل هو. هن جي ٻولي کي اسان سمجهي نه ٿي سگهياسون پر ان سان هٿ ملائي ان ۾ آزادي جي ٿيندڙ ۽ ترپندڙ رڳن جي گرمائش محسوس ڪئي سون.
شاهه صاحب توهان ڪڏهن جي ايم سيد جي سرڪار طرفان گهر ۾ نظربند کي سندس شاگرد قومي ورڪرن کي پٽ تي دسترخوان وڇائي ماني کارائيندي ڏٺو هو. ڪيئن سنڌ جي جوانن ۾ اميد هلچل جي ڪاميابي لاءِ سندس اکين ۾ جرڪندي هئي. هن ۾ نااميدي بدران اميد ڀاسندي هئي. توهان ۽ توهان جي پارٽي جي ورثي ۾ اها چمڪ آئي آهي، پر اها اڃا چمڪي ناهي.
روچي رام