سوويت يونين جي زوال کانپوءِ ڪميونزم جا چئلينجز
ڪراچي
[b]سوويت يونين جي زوال کانپوءِ ڪميونزم جا چئلينجز
[/b]
[b]پيارا امداد قاضي صاحب،
[/b]مون توهان کي ڪميونزم ۽ ان فلسفي ۽ طريقي تي ٻڌل سوويت روس جي انقلاب، انجي اثر ۽ اسٽالن جي وفات کانپوءِ واري سوويت روس جي ڪارڪردگي بابت ٻه خط لکيا آهن، اڄ خيال آيو اٿم ته جيئن ته اِهي ماضي جا قصا آهن، اڄ جي دنيا، اڄ جي چئلينجز، اڄ جي انسان، اڄ جي سائنس ۽ اڄ جي حالتن تي ڪجهه لکان. هن وقت مواصلات جي ترقي، اچ وڃ جي سهولتن، ملڻ جلڻ جي موقعن، دنيا جي مخلوق کي هڪٻئي جي بنهه ويجهو آڻي ڇڏيو آهي ۽ پڻ هڪ ملڪ، ٻئي ملڪ، هڪ سماجي حلقو ٻئي سماجي حلقي، ۽ هڪ تعليمي ادارو ٻين تعليمي ادارن، هڪٻئي جي مدد، ڏي وٺ، ڏيتي ليتي آساني سان ڪري سگهن ٿا.
اڄ جي دور ۾ امير ۽ غريب ۾ مقابلا به گهڻا وڌي ويا آهن. شاهوڪار ۽ صنعتي ملڪن ۾ فرد جي آمدني 3000 ڊالر آهي ۽ غير ترقي ڪيل ملڪن ۾ 400 ڊالرن کان به گهٽ آهي. ناڻي جي ورڇ، سرمائي جي موجودگي، پئسي جي ڏيتي ليتي، انسان جي سماج، معاش ۽ نفسيات تي تمام گهڻو اثر ڪن ٿا. جن وٽ ڪجهه ناهي تن جي طبيعت ۾ ڪاوڙ، بغاوت ۽ جنگجوئانا رخ وڌي رهيا آهن. جيترو بکيو باغي آهي، اوترو تونگر بغاوت خلاف انکي ڪچلڻ لاءِ تيار آهي. ڪارل مارڪس جڏهن لنڊن ۾ رهي، برٽش لئبرري ۾ پنهنجي جڳ مشهور تصنيف ”داس ڪئپيٽل“ وقت تحقيق ڪئي هئي، اها صنعتي انقلاب جي شروعات هئي. ان دور جي صنعت صنعتڪار جي اثر ۽ طاقت ۽ مزدور جو حال، انجي جهالت ۽ بي وسي هن وقت کان گهڻو مختلف هيون. ائين لڳندو آهي، هاڻي نئين ڪارل مارڪس، نئين تحقيق، نئين لينن، نئين مائو ۽ نئين ڪميونسٽ پارٽي جي ضرورت آهي. دنيا جو رخ Welfare state فلاحي رياست ڏانهن وڌيڪ آهي ۽ هن وقت دنيا ۾ جهجا خطرناڪ هٿيار پڻ موجود آهن، جي سهولتون آهن ته ڏکيائون به آهن. اسان جي ملڪن وٽ ته جيئڻ لاءِ، ترقي ڪرڻ لاءِ، تعليم ۽ دوا درمل ڪرڻ لاءِ ته سرمايو به، هٿ ۾ نه آهي. اڳ ۾ هڪ بادشاھ يا فوجي ”فري بوٽر“، ٻئي ملڪ تي حملو ڪري فتح ڪندو هو، پر يورپي ملڪن ترقي ڪري مواصلات جا وسيلا تيار ڪري، ٻين ملڪن کي واپار ۽ فوج جي مدد سان غلام بڻائي بيٺڪون ٺاهيون، انهي بيٺڪن، سرمائي ۽ ڦرلٽ جو انداز ڪيئن نه ڪارل مارڪس تفصيل سان سمجهايو آهي. پر هن وقت ته ساري دنيا کي يورپ وارن ۽ خاص ڪري امريڪا ڄڻڪه خريد ڪري ورتو آهي. تون ۽ آئون ۽ ايشيائي، آفريڪي ملڪن جو هر ٻار، هر وڏو، هر خاتون لکن، ڪروڙن ڊالرن جي قرض ۾ ٻڏل ۽ مطيع آهن. اسين روزي روٽي ۾ قيد ٿيل آهيون. ڪميونسٽ انقلاب جو خيال ته هاڻي هڪ ذهني عياشي ٿو لڳي. غريب ملڪ امداد تي گذارو ڪن ٿا ۽ قرض ۾ دٻيل آهن. جنهن جي چومسڪي جهڙا ڪيترائي ليکڪ اهڙين حالتن جي نشاندهي ڪن ٿا. ان تي تنهنجي ڪميونسٽ پارٽي ڪا تحقيق ڪيئي آهي، يا پيپر لکيا ۽ تيار ڪيا آهن. اسين ته زراعت ۾ ساليانو هڪ فصل تي معاش جو ڀروسو رکون ٿا. اسان ته پنهنجا ملڪ، ٻنيون ٻارا، جبل، درياءُ وسيلا گروي رکي ڇڏيا آهن، اسانجي تهذيب ڄڻڪه هٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون بڻجي، اسانکي مفلوج ۽ بيڪار بڻائي ڇڏيو آهي. ان ۾ پاڪستان جا حال ته توهانجي اڳيان آهن، ته ڪيترو نه انسان جسماني خودڪشي ۾ مبتلا آهي. دنيا جي 70 سيڪڙو دولت ته امريڪا وٽ آهي، جن جا مالڪ نيويارڪ جي ٽائيمس اسڪائر ۾ رهن ٿا. مون 2001 ۾ هڪ آڌي رات جو انهن گهٽين ۾ پَسار ڪيو هو ۽ اتي ساري رات روشنيون، راڳ ۽ ناچ ۽ دنيا جي بهار ڏٺيم، دنيا جا وڏا ليکڪ، سائنسدان، فنڪار ته گهڻي ڀاڱي انهي محلي ۾ سڪونت پذير آهن، باقي دنيا هنن جي پيرن ۾ آهي ۽ اسان جا فيصلا اتي ٿين ٿا. اسانجي مقدس روس جي ڪميونزم جا فيصلا به انهي چمڪندڙ اپارٽمينس ۽ آفيسن ۾ ٿين ٿا. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ۽ ٻيا بين الااقوامي فيصلا توڙي گوربوچوف جا پرسٽرائيڪا (Perestroika) ۽ گلاسنوسٽ (Glasnost) اتي ئي لکيا ويا هئا.
امداد: تون ڪو نئون ساز ڇيڙ، نئون نياپو کڻ، الائجي ڪيترو بار تون کڻي سگهين ٿو. تنهنجي دنيا ۾، ٿر ۾ هڪ مهيني ۾ هزار ٻار بک ۽ بيماري وسيلي اجل جو شڪار ٿين ٿا. غزا ۾ هڪ مهيني ۾ ڏيڍ هزار فلسطيني بمباري ۾ مرن ٿا، هزارين معذور ٿين ٿا، ٻيو ته ٺهيو آمريڪا جي دٻاءُ ۾ اتر وزيرستان مان هڪ هفتي ۾ 10 لک ماڻهو اجاڙي گهرن مان ڪڍي لڏائي ڪئمپن ۾ رکيا وڃن ٿا. جتي تنبن ۽ جهڳين ۾ کاڌو پيتو، حاجتون، پاڻي، ٻارن جي تربيت، عورتن جي سنڀال، جهڙوڪ کلي آسمان هيٺ ٿئي ٿي. جتي جا هلڪا ٻار خودڪش جئڪيٽن سان مرن ۽ مارين ٿا. امداد، ڪٿي آهي، انسان کي جياريندڙ ڪميونزم جو نسخو ۽ معجون؟ آمريڪي بلاڪ جي ته صنعتي ۽ عسڪري قوت کي فرسٽ ورلڊ سڏيندا هئا ۽ ڪميونسٽ بلاڪ جي طاقت کي سيڪنڊ ورلڊ سڏيندا هئا ۽ باقي اسان جهڙن بکين جي ٿرڊ ورلڊ هئي. تون هاڻي ڪٿي بيٺو آهين؟
توهان جون ضرورتون آهن، گهرجون آهن، اهي توهان جي هلت چلت تي ڪنٽرول ڪن ٿيون. اوهان کي غلام به بڻائين ٿيون، ڪئين اڳتي وڌجي جو اهي اوهان جون گهرجون ئي، اوهان کي آزاد ڪن. تاريخ جا ليکڪ فرد واحد جي معاش ۽ ضرورت جي اوسر ۽ ارتقا ڪندي، ان جي سماجي ۽ اجتماعي زندگي تي اثر کان بي خبر رهيا آهن. مارڪس کان اڳ وارا فلاسافرته انهي خيال تي رهيا آهن، پر مارڪس خود به پنهنجي فلسفي جي ڌُن ۾ بي خبر ۽ لاتعلق رهيو آهي. ته هن جي مادي کي حد کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ ڪري، هو انساني روحاني ۽ مانسڪ ضرورتن کان لاتعلق رهيو آهي.
رياست جي ۽ حڪومت جي وجود کي مارڪس سمجهايو آهي، ته اها ڪنهن طبقي جي تحفظ لاءِ وجود ۾ ايندي آهي. پر ان جي برعڪس راءِ آهي ته رياست ڪٽنب جي مجموعي صورت ۾ قوم طور هڪ مقدس شخصيت هجي ٿي ۽ آهي. جا انسان جي حفاظت ۽ آزادي جي رکوالي هجي ٿي، اڳي اهو راجا مهاراجا ۽ بادشاھ هوندو هو ۽ هاڻي جمهور آهي. جيڪڏهن ڪا قوم پنهنجي ماحول تي قبضي ڪرڻ کان بيوس آهي، جمهوريت واري اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ ان موجب اڳتي وڌڻ جي لياقت نٿي رکي، ته پوءِ هو آزاد ٿي رهي به ڪو نه سگهندي ۽ سندس لاءِ غلامي جوئي طوق هوندو. دنيا جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀريل آهي، جنهن ۾ اهڙا طبقا ۽ قومون، وڌيڪ بهادر، صالح يا کڻي چئجي ته ظالمن ۽ ڏاڍن جي زير رهندا آيا آهن. ڇڙوڇڙ سوچ کي ڳنڍڻ لاءِ هربرٽ اسپينسر ٽي منزلون ٻڌايون.
(1) ڪامنسينس .Commonsense
(2) سائنس .Science
(3) فلاسافي Philosophy.
امداد سائين، تون پهريون ٻئي منزلون طئي ڪري فلاسافي تي پهتو آهين. انڪري ڪائنات کي ڪُل ۽ ٽوٽل سمجهندو آهين، جتي ڇڙوڇڙ ٿيل سياست، معاش ۽ مذهب گڏ هلي ارتقا جون منزلون طئي ڪندا، ڪچا ڦڪا خيال زوال پذير، عمل ڦٽا ڪري ڪم جهڙا مضبوط ترقي پسند ۽ اعليٰ عمل طرف سفر ٿيندو وڃي ٿو. ڪارل مارڪس اڳيان ڦڪو اوائلي دور جو هلڪو صنعتي انقلاب هو، اهو هاڻي وڏي ٽيڪنالاجي ۽ سرمائي ۾ گهڻو Skilled ماهرمزور جو دور آهي. لينن ۽ اسٽالن واريون حالتون به ناهن بچيون، سوويت روس جي زوال اسان لاءِ نوان چئلينج پيش ڪيا آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ تنهنجي جنرل سيڪريٽري جي منصب تي ۽ توهان تي ذميداري آهي. آئون جيڪر ان دور جي جدلياتي ماديت (Dialectical Materialism)تي لکان ها، پر اهو وري اوکو، ڊگهو ۽ ڳورو فڪر ٿي پوي ها، جيڪو اڳتي وري ڪنهن ٻئي خط جي ذريعي اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس. هن وقت لينن، اسٽالن، خروشيف ۽ گربوچوف واريون تنهنجو ساڳيون ذميداريون آهن. ڇاڪاڻ ته توهان هن وقت ساڳي پارٽيءَ جا سيڪريٽري جنرل آهيو.
جنهن دور تي لينن ۽ اسٽالن حاوي هئا، ان وقت هو ٻين فلاسافرن جي برعڪس ائين سمجهندا هئا ته فلاسافر ته رڳو دنيا ۽ انجي حالتن کي سمجهائين ٿا، پر سوال صرف اهو آهي ته ڪيئن دنيا کي ۽ انجي حالتن کي بدلائجي. اسان اڳيان هن وقت اهو به سوال آهي ته روس جو نومبر 1917 وارو انقلاب هڪ تاريخي حادثو هو يا هڪ سماجي انقلاب هو؟ جيڪڏهن روس جا عظيم ليڊر سماجي انقلاب جون روايتون قائم رکي ڪين سگهيا هئا ته اسانجو ليڊر امداد قاضي ۽ سندس ٽيم ڪيئن هاڻي پوئين پساهن واري سوچ کي وري اُجاري سگهندا. هي ذاتي بهادري ۽ قابليت جي تاريخ نه آهي، پر ساري عوام کي اجتماعي عمل لاءِ تيار ڪرڻ آهي. ڇا اسان توهان جي ليڊرشپ ۾ عوام کي نئين جنگ لاءِ تيار ڪيو آهي؟ ڇا اسانجو عوام توهانجي ڪميونزم کي سمجهي، انجي نفاذ لاءِ ڪنهن قسم سان اوهانجو ساٿ ڏيئي سگهندو؟ توهان ڪڏهن انهي حالتن طرف ڌيان ڏنو آهي، ته جيڪي ڪميونسٽ 1947 جي تقسيم وقت هندوستان جي مسلم اقليتي صوبن مان لڏي، مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ پاڪستان ٺاهي، اتي لڏي آيا هئا ۽ ڪميونزم جا نظرياتي ۽ ذهني اڳواڻ هئا، ته ڇا ان وقت هنن جي ذهن ۾ ڪميونسٽ سماجي تبديلي آڻڻ هو؟ يا اها مسلمانن جي هندوستان مٿان اقتدار جي حاصلات ۽ ان جو نفاذ هئو. ايڏي وڏي لڏپلاڻ ڪهڙي مقصد لاءِ هئي؟ ۽ ڪهڙو معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ هئي؟ ڳالهيون اوهان آڏو واضع آهن. ڇا اوهين روشني ۾ حالتن کي ڏسندا يا حقيقت کان منهن موڙي، اکيون پوري مولانا مودودي ۽ قطب شهيد جي بي عمل سياست، جي وهڪري ۾ وهي ويل سوچ کي، منهن ڏيئي مقابلو ڪرڻ جي سڪت رکندا هئا يا صرف ڪميونزم جي سحر ۾ ذهني عياشي ۾ مشغول رهندا آيا آهيو؟
سوويت روس جي ترقي ۽ ان ۾ روسين جون قربانيون ڪميونزم جي بچاءُ لاءِ هيون يا روس وطن جي دفاع، ترقي ۽ سڌاري لاءِ، قومپرست جذبي تحت هيون؟ ڇا اهو انقلاب روس جي يورپ واري ترقي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سماجي اُٿڪ جو سياسي حصو هئو؟ يا اسان ايشيائي ۽ آفريڪي عوام جي جديد دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ هو؟ ۽ اهو اسان لاءِ ڪيتري قدر ڪارگر هو؟ روس جي 1917 واري ڪميونسٽ انقلاب ۾ اهو حساب به نه ٿو لڳايو وڃي، ته لينن جي اثر واري بولشيوڪ تحريڪ، روسي قومي جذبي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هئي يا ڪميونسٽ پارٽي جي ليڊرن جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ هئي؟ هي ڪو آئون ڪميونزم خلاف ڪيل تنقيد کان متاثر ڪو نه ٿيو آهيان، پر روسي عوام جي انقلاب کي مدد ڪرڻ واري سوچ جو، تجزيو ڪرڻ طرف آيو آهيان. ڇا اسان لاءِ ڪميونزم جي عمل ۽ خيالن جي وهڪري کي سمجهڻ جو وقت اڃا ڪين آيو آهي؟
قاضي صاحب، اوهان جي حيثيت وارن ڪميونسٽ نظريئن جي پکيڙ تي ته ڌيان ڏنو آهي، پر ڇا زميني حقيقتن کي نظر انداز ڪرڻ کپي؟ اسان وٽ هن وقت آئيڊيل (Ideal) به آهي ۽ نظريو به آهي. ڇا عمل جي قوت آهي؟ جو موجوده عوام دشمن طاقتن جي رخن کي سمجهي، اڳتي وڌڻ جي سڪت رکي سگهون.
هن وقت جي جديد دور جي بحران، ۽ پيش ايندڙ خطري جو توهان اندازو لڳايو آهي، ان لاءِ سئزرلينڊ جي جنيوا ڍنڍ لڳ ريسٽورنٽ ۾ ڪافيءَ جي ڪوپ تي سوچيل لينن وارا ساڳيا حل هاڻي ڪم ڪين ايندا. هي جو مذهبي نشي ۾ مسلمان، انڊونيشيا کان، ملائيشيا کان، هندستان کان، پاڪستان کان ٿيندو، نائين اليون تائين وارو اٿيو آهي. غزا جا بم برداشت ڪري ٿو ۽ اهو بحران ڪهڙي طرف رخ ڪري ٿو، يورپ ۽ آمريڪا جا دانشور دنيا کي ڪنهن دوراهي تي مُنجهي بيٺل ڏسي ٿو، هو جو چومسڪي لکي ٿو. ان ساري معاملي تي توهان ڪا رپورٽ گهڙي آهي ته اسان ڇا ڪيون؟ ٻيا ڇا ڪن؟ ۽ ڪيڏانهن پيا گهلبا وڃون؟.
اسانکي روس جي نومبر 1917 جي انقلاب کي صرف لينن ۽ اسٽالن 1953 کانپوءِ جي ڪميونسٽ حڪومت جي دور تي نظر رکڻ سان گڏ ان کان اڳ ۽ پوءِ جي حالتن کي به ڌيان ۾ رکڻ کپي. روس ۾ 1917 کان اڳ مختلف شهنشاهن جي دور ۾ به انقلابي تحريڪون هليون هيون، 1917 وارو انقلاب ڪو روسي تاريخ جو تسلسل نه آهي، پر اهو يورپي فڪر جو نتيجو آهي ۽ لڳي ٿو ته اِهو روسي قومي سوچ مطابق ڪين هئو.
قاضي صاحب، هاڻي به توهان جو انقلاب به پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي تاريخ جو تسلسل هجڻ گهرجي ها، نه ڪه يورپ ۽ روس جي حالتن، سماج ۽ معاشيات مطابق.
توهان جيڪڏهن نظريئن کي، سڀني حقيقتن کي بنا سمجهڻ جي استعمال ڪندا ته لينن جي وڏي ڀاءُ اليگزنڊر وانگر ڦاهي کائي ويندا، پر ”ولادينيرالياف جو پوءِ لينن“ جي نالي سان مشهور ٿيو، وانگر بحران ۽ انجي اوسر لاءِ انتظار ڪندا، صحيح وقت لاءِ تحريڪ منظم ڪري ويندا ۽ نئون مارڪسزم ڳولي ويندا ته شايد ڪامياب وڃو. اُن لاءِ اسٽڊي سرڪلون هُئڻ کپن ۽ معاملي تي گهڻ رخي ويچار جي ضرورت آهي. توهانکي خبر هوندي ته سائنس ۽ پارٽي جي اصولن ۾ تمام وڏي وڇوٽي آهي. مذهب جي روحاني دنيا جون لذتون، هن دنيا جي آسودگي کي بي معنيٰ بڻائين ٿيون. جيئن ته بحران ڪيترو به گهرو هوندو، انقلاب ازخود ڪين اچي سگهندو. ان لاءِ منظم پارٽي جو ضرورت هوندي آهي، الائجي توهان جي ڪيتري منظم ڪيل پارٽي آهي ۽ انجي سيڪريٽري جنرل وٽ ڪيتري علم ۽ عمل جي قوت آهي ۽ تجرباتي تجزيا ڪري سگهيو آهي. لينن جي ڦوڪ ڏيڻ سان، اعلان ڪرڻ سان يا برلن کان جرمن جي مهيا ڪيل ريل ۾ چڙهي روس پهچڻ سان ته انقلاب نه اچي ويو هئو. هو صدين کان زيرزمين انقلابي تحريڪن، ڪارخانن جي ورڪرن جي تنظيمن، انقلابي ليڊرن جي اجتماعي ڪوشش کي ڪٺو ڪري زار جي پيٽروگراڊ واري سياري جي محل تي حملو ڪري، ڪميونسٽ لينن جي قيادت ۾ ڪامياب ٿيا هئا. لينن هڪ ڪتاب 1902 ۾ لکيو هو، ”هاڻي ڇا ڪيون“؟ اهو ضرور توهانجي مطالعي هيٺ آيو هوندو.
روس جي انقلاب جي تحريڪ زار (پيٽر پهريئن)کان شروع ٿيل، سمجهي وڃي ٿي، جا آڪٽوبر 1917 ۾ لينن منزل تي رسائي. جنهن ۾ ان کي هر طرف کان مدد ملي هئي.
خيال اهو به آيو اٿم، ته توهانکي تفصيل سان ٻڌايان ته منهنجي ذهن ۾ ڪميونزم ڪيئن داخل ٿي ۽ مون ان مان ڇا پرايو ۽ ڇا کنيو ۽ ڇا نه کنيو. آئون جنهن گهر ۾ پيدا ٿيو هوئس ۽ جتي منهنجي اوائلي تربيت ٿي هئي، اتي ڌرم، مذهب، سياست، واپار ۽ وڻج ۾ زندگي جي هر دور ۽ مرحلي ۾ اخلاقي اصولن ۽ ضابطن جو پابند ٿي رهڻو هئو. ڌرم گروئن جي پوئلڳي ۽ شهر جي وهنوار ۾ نقصان قبول ڪيو ويندو پر اخلاق ۽ سچائي کي ڪين ڇڏي سگهبو هئو. جڏهن مون بي اي آنرس پاس ڪري M.A ۾ داخلا ورتي، اتي به مون Ethics جي مضمون تي تحقيقي پيپر تيار ڪيو هئو. جيئن ئي مارڪس ۽ لينن بابت ڪاليج ۾ بحث ٿيندا هئا ۽ ڪميونسٽن جا سيل هلندا هئا، ته انهن جي مطالعي جو مون تي هڪ طاقتور اثر ٿي اُڀريو ۽ منهنجي اڳيان تاريخ ۽ سياسي معاملا چٽا ۽ صاف ٿي ظاهر ٿيا. هنن فلسفي ۾ سماجي اوسر معنيٰ واري ۽ ڪارگر ٿي ذهن ۾ ويٺي. مون محسوس ڪيو، ڪهڙو نه سماج جي ارتقا جو، سائنسي سلسلو سمجهه ۾ آيو، مستقبل جي ڌنڌلائپ ۽ اَبهام صاف ٿي چٽا ٿي بيٺا. انصاف ۽ دولت ۽ ڏاڍ جا وڌيل ويڇا ظاهر ٿي بيٺا. اسانجي ڳوٺ مِٺي، جو هاڻي هڪ شهر ٿي پيو آهي، ان ۾ بجير، پنڃارا، ميگهواڙ ڀائرن وانگر لڳندا هئا. توڳو بجير ۽ واگهجي ميگهواڙ منهنجا چاچا هئا. توڳي بجير جي گهر واري نيامت ته مونکي ماءُ جو ساءُ ڏنو، ڇاڪاڻ ته منهنجي ماءُ ٻن سالن جي عمر جو هوس ته وفات ڪري ويئي هئي. جڏهن ڪاليج جي دور ۾ 1945 ۾ مون تي روس جا ٻي جنگ عظيم Second World war ۾ بهادري جا ۽ غريب جي حقن جي حاصلات جا ڪارناما بي حد اثر رکندا هئا. پر پوءِ به اسانجي ڳوٺ جا ڪانگريسي سياستدان چوندا هئا، ته روس موقعي پرست آهي ۽ ڪميونسٽ انگريز سان سلهاڙيل آهي. ڇاڪاڻ ته انهي جنگ ۾ روس انگريز جو ساٿي بنيو هو، ۽ جرمن آريه نسل وارا هندو ويدڪ ڌرم سان، لاڳاپيل سواستيڪا جي نشان وارا هئا. پر روس جو سوويت ڪميونسٽ انقلاب، ايترو ته اثر پذير هئو، جو هن جي شعاع کي وسائي ڇڏڻ مشڪل هو. هنن پنهنجي ڪيل سڌارن، غير جمهوري قدمن، ڊڪٽيٽررانا، ڏاڍ جي باوجود، نئين تاريخ جوڙي هئي. هنن انسان جي عظمت، جيڪا بادشاهي ۽ سرمائيدارانه، ڦرلٽ کي ختم ڪري، هڪ نئون تمدن، ڪلچر، معاشي ۽ سماجي نظام نافذ ڪيو. جنهن سبب يورپ جون بيٺڪي (Colonial) قوتون ڄڻڪ لرزي ويئيون ۽ مظلومن جا چهرا چَمڪي اُٿيا. غلام ملڪن جي آزادي جون تحريڪن ۾ نئون ساھ پئجي ويو.
جيئن ته منهنجي ذهن ۾ انسان جي آزادي ۽ انهن جي شخصيت جو احترام شامل هو، تنهنڪري اهو نظام نافذ ڪرڻ لاءِ جيڪو جبر يا Regimentation استعمال ڪيو ويو هئو، ان سبب منهنجي انسان جي آزادي بابت جذبن ۾ خلل پيدا ٿيندو رهيو، ۽ ائين لڳندو هو ته انهن جي ايتري تڪڙ ۽ جبر مناسب نه آهي. پر شايد ڪميونزم لاءِ آزادي جي جذبي کي روڪڻ ئي، انساني نجات حاصل ڪري سگهڻ لاءِ ضروري هو. مون جيستائين B.A. Hons ۽ LLB پاس ڪيا، تيسين اهي خدشا منهنجي ذهن ۾ قائم رهيا. آئون جيتوڻيڪ محترم نورالدين سرڪي صاحب جي سيل جو ميمبر هوس، ننڍا وڏا تحريڪ ۾ ڪم ڪندو هوس، پر ڪميونسٽ پارٽي جو ڪارڊ هولڊر ميمبر ٿي ڪين سگهيس. جيتوڻيڪ باقائدگي سان بندر روڊ تي پارٽي آفيس ۾ قابل احترام جمال الدين بخاري جون علمي ڳالهيون ڌيان سان ٻڌندو هوس. انهي هوندي به مونکي انقلاب ۾ اميد ڪان ڏسڻ ۾ ايندي هئي، پر ٻيو ڪو رستو به ڪو نه هو. پر سماج، انجي اوسر، ان جي عمل، رد عمل جي باري ۾ نطريا ۽ فلسفا سمجهه ۾ آئيا ٿي. اها خبر پيئي ته سماج جا ارتقائي عمل مرحليوار اوسر ۽ ترقي جي نڪتن جو سلسليوار ظهور ڪيئن ٿو ٿئي. اهو به سمجهه ۾ آيو ته مسئلو ڇا آهي؟ مفروضو ڇا آهي؟ دعويٰ ڇا آهي؟ (Thesis) ڇا آهي؟ ٻن نڪتن ۾ فرق ڪهڙو آهي، Antithesis. مخالف خيالن جو جوڙ يعني خيالن جي پيوندڪاري Synthesis ڇا آهي؟ سبب، ڪارڻ ۽ نتيجي ۾ Cause effect ۾ لاڳاپو ڇا آهي؟ علم منطق جدليات راين جي صداقت پرکڻ جو فن Dialectics ڇا آهي؟ تضادن جي تفتيش ڪئين ڪجي؟ عمل ۾ سگهه ۽ مادي حرڪت ڇا آهي؟ باهمي عمل Interaction ڇا آهي؟ طبعيات (Physics) ۾ ائٽم ۽ زير ائٽم جو هڪٻئي تي ڪهڙو اثر آهي؟ اهو ڪيئن موثر ڪجي؟ ارتقائي عمل، مرحليوار اوسر Evolution ڇا آهي؟ ۽ ائين چئجي ته اسان جو اندازِ فڪر حڪيماڻو ۽ دانشوراڻو هئو.
اسان جي سنڌ يونيورسٽي جيڪا ان وقت پراڻي ڪئمپس (ودياليه هاءِ اسڪول جي بلڊنگ) ۾ هئي، اتي جرمني مان Ph.D. حاصل ڪري آيل پروفيسر هوندو هئو. اهو عجيب ڳالهيون ڪندو هو. جڏهن هو ان وقت جي وائيس چانسلر آءِ آءِ قاضي جي اثر هيٺ آئيو، ته فلسفو ته وسري ويس رڳو مذهب جون ۽ اسلام جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ مون انجي ڪلاس ۾ حاضر ٿيڻ بند ڪري ڇڏيو. ڪميونزم جون ڪي ڳالهيون ته مونکي سمجهه ۾ اينديون هيون ۽ قبول ڪندو هوس، پر آئون ان تي عمل ڪرڻ کي ممڪن نه ڄاڻي صرف نظرياتي سوچ ۾ محو ٿي ويس، مونکي لڳو ته مادي ۽ ذهني ڪشمڪش جي ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ ڪين آئي. منهنجي دعويٰ هئي ته انهي حلقي ۾ اخلاقيات جو فقدان آهي. ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ جيڪي قدر Values هئا، ان موجب مون لاءِ هنن جي تحريڪ ۾ گڏ ڪم ڪرڻ مشڪل هئو، يا ائين چئجي ته مون پنهنجي پاڻ کي انهن جي لائق ڪين ٿي سمجهيو. ان وقت مون لاءِ اهو به بندوبست ٿيو هئو، ته جيئن فلاسافي ۾ Ph.D. ڪرڻ لاءِ روس وڃان. ان لاءِ هتان ڪراچي مان سري لنڪا وڃڻو هئو، جتان ايروفلوٽ جي ڪمرشل فلائيٽ ۾ بنا پاسپورٽ تي ويزا لڳائڻ جي روس روانو ٿيڻو هئو. جنهن لاءِ مون کي همٿ ڪين ٿي ۽ آئون اهڙي طرح آئون پارٽي جي زيرزمين ونگ کان جدا ٿيندو ويس، پر منهنجي ذهن مان ڪميونسٽن جي عملي روشني جي مندي ڪين ٿي.
مونکي ٻاهر نڪري ائين محسوس ٿيو، ته انسان هن ڪائنات جي اسڪيم جو هڪ حصو آهي. فلسفو، سائنس، ٽيڪنالاجي، سماجي علم ۽ خود قانون به سماجي اوسر جو حصو آهن. ان ۾ انسان جو عمل ايترو نه آهي، جيترو ڪامريڊ چون ٿا.
پر قاضي صاحب، آئون اڃا به ڪميونسٽن ۾ اميد رکي ويٺو آهيان ته جيئن منهنجا شڪ دور ٿين.
مون پنهنجي ذهن مان، ماضي جا ڪيترائي ڀاري نقطا ڦٽا ڪيا آهن. تاريخ جي عظمت جو بار ۽ پڻ نواڻ اختيار ڪرڻ مشڪل هجي ٿو. مون هندو ۽ مسلمانن ٻنهي فرقن ۾ پراڻي تاريخ جو ڳورو بار ڦٽو ڪري، ذهن کي نوان خيال ۽ نيون سوچون، اختيار ڪرڻ لاءِ جڳهه ڏيڻ مناسب سمجهيو، هاڻي ته ڪميونسٽ به انهن جي تاريخ کان به ڳورو ماضي جو بار کنيو وتن، ايترو علم جو، نظرين جو، وزن تنهنجي ذهن تي آهي، الائجي ڪيترو تون، اهو جنرل سيڪريٽري جو منصب نڀائي سگهندين؟
شال سدائين شاد هجين، اڳتي وڌين، تون اونهي سمنڊ ۾ گهڙيو آهين، اسين ڪناري تي بيٺل آهيون، ڪهڙا موتي، لال کڻي موٽندين ان لاءِ انتظار ۾ آهيون.
اوهان جي نيازن ۽ پيارن سان
فقط
[b] روچي رام
[/b]