پاڪستان جي وجود جو بنيادي سماجي معاهدو
1ڊسمبر 2014
ڪراچي.
[b]پاڪستان جي وجود جو بنيادي سماجي معاهدو
[/b]
[b]پيارا فضل سليمان،
[/b]توهان جيڪي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي، ان ۾ ورتل موقف سان تڪرار ناهي. توهان وڏي تحقيق ۽ مطالعو ڪيو آهي. ذڪر ڪيل وقت ۽ گذشته حالتن کي روبرو ڏٺو آهي ۽ محسوس ڪيو آهي ۽ آخر اسان کي اهو نتيجو ڪڍي ٻڌايو آهي ته اسين ڪيئن ڪيئن “صدقي جو ٻڪر” ٿيندا آيا آهيون. اهي سمورا واقعا جن بي انصافين کي پيدا ڪيو، واضح ڪري لکيا اٿو، سي عيان ۽ چٽا آهن. پر اهم سوال اهو ناهي، ته اهي ڇو ٿيا آهن ۽ ڇو ٿيندا رهيا آهن؟ پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته انهيءَ حالت تي رسڻ ۾ خود اسان جو ڪردار يا خوشي سان شامل ٿيڻ جي تاريخ پڻ موجود آهي. ڀلا ان طرف ڌيان ڇو نٿو ڏنو وڃي ته اسان ڀُلون ڪيون آهن ۽اسين به قصوروار آهيون. اسان جي مقتل ۾ حاضر ٿيڻ جون به واضح شهادتون موجود آهن. اهي بيان ڪرڻ کان ڇو روگرداني ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته هيڏا سارا وطن دوست، عالم، تاريخدان، تجزيه نگار به موجود آهن، اهي ڀلا ڇو نٿا بيان ڪن؟ توهان خود به انهيءَ ذڪر کان پاسو ڪيو آهي.
پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ، تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي سوال کي ته اهو صحيح هو يا غلط اسان ان کي روڪي سگهڻ جي حالت ۾ هئاسون يا نه ان تي في الحال راءِ زني ڪو نه ٿو ڪريان، ڪيتريون ثابتيون ته روز روشن جيان چٽيون پيون ڏسجن . کڻي بنگلاديش ۽ بلوچستان تي نظر ڪريو. پر آئون انهيءَ سوال جي جواب کان ڪنارو ڪندي ماضي قريب ۽ موجوده سنڌي ذهنيت ۽ عمل بابت ڪجهه لکان ٿو
ڳالهه سمجهڻي آهي ته ڏيارام گدو مل (D.J) سنڌ ڪاليج جي افتتاح کان، سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جي افتتاح کان ، سيٺ وشنداس کان، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي کان، محمد علي جناح کان، بمبئي کان، سنڌ جي جدائي کان، 1935ع واري گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ کان، 1936ع کان، سنڌ جي جدا صوبي ٿيڻ کان،سنڌ جي ڪانگريسي ليڊرن جو آل انڊيا جي سياست طرف جهڪاءُ کان، 1937ع جي اليڪشن کان، منزل گاه فسادن کان، الله بخش سومرو جي شهادت کان، 6 جنوري 1948ع تي ڪراچي جي فسادن کان، سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ کان، ڪراچي ۾ پاڪستان جي گادي قائم ڪرڻ کان، 1946ع جي ٻنهي اليڪشن کان، 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ڪراچي اجلاس ۾ پاڪستان جي گهر ڪرڻ کان، 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي ٺهراءَ کان. سکر بئراج، ڪوٽڙي بئراج ۽ گدو بئراج جي ٺهڻ ۽ انهن جي زمين جي نيڪال کان، سنڌ اسيمبلي طرفان جون 1947ع ۾ شامل ٿيڻ جي ٺهراءَ کان، خان بهادر ايوب کهڙي جي 1948ع ۾ سنڌ جي پرائمنسٽري جي ڊسمس کان، 1955ع ۾ ون يونٽ قائم ٿيڻ کان، ون يونٽ خلاف تحريڪ، ان جي ٽٽڻ ۽ سنڌ جي بحالي کان، ذوالفقار علي ڀٽي جي عظمتن ۽ ڦاسي(شهادت) کان، MRD جي تحريڪ کان اسلامي نالي واري نظام کي جنرل ضياءَ الحق جي اقتدار قائم رکڻ لاءِ استعمال ڪرڻ کان، مولانا مودودي جي آزاد ۽ جهموري پاڪستان بدران ان جي سياست کي مذهب جي تعصب ۾ وڪوڙڻ کان ۽ انهي سڀني جي اثر کان مضبوط سنڌي قومپرست تحريڪ جي قيام تائين سنڌ ۾ وڏو سياسي اڀار پيدا ٿيو آهي ۽ سنڌ بچائڻ لاءِ موثر تدبيرون شروع ٿيون آهن. اسين انهي سنڌ سجاڳ جي سحر جي نشي ۾ مخمور ٿي ويا آهيون. ايڪتا جي پروگرام جي جادو ۾ غرق ٿي ويا آهيون پر پوءِ به قاضي فضل صاحب اها سياست ايترو بااثر ڇو ناهي. اهو هلڪڙو نشو آهي، انهي چيڪ کي سياست ۾ يا اليڪشن ۾ڇو مٽائي نٿو سگهجي.ڇا اهي سنڌي ووٽ جي عمل ۽ سياست لاءِ، ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن
اسان جي نفسيات ۽ بي وسي جي ڪيفيت جيڪا محترم قاضي فضل سليمان توهان جي ڪتاب مان ظاهر ٿي رهي آهي ان جو بنياد بنيادي اثر ۽ حل ڳولي لهڻو آهي. ان لاءِ توهان کي وڌيڪ ڪجهه تحقيق ڪري ريسرچ ڪري نئون ڪتاب لکڻو پوندو. جيئن سنڌ جي مخلوق کي حرڪت ۾ آڻي سگهجي.ذاتي مفاد تاريخي ورثي سان گڏ 1940ع جي لاهور واري پاڪستان جي ٺهراءَ ( Resolution) تحت لکت ۾ هڪ سماجي ۽ سياسي ايگريمينٽ ( social and political contract) ۾ ڀانڱي ڀائيوار آهي ۽ ان جي شرطن جو پابند آهي. جنهن جي پيڙهه تي پاڪستان بيٺل آهي. ان تي عمل کان انڪار ته پاڪستان ۾ شامل صوبا خود مختيار آهن sovereign ۽ Independent ، جنهن جي روگرداني سان پاڪستان جي نفي ٿئي ٿي. اسان انهيءَ “سوشل ڪانٽريڪٽ”، سماجي، سياسي معاهدي جي خلاف ورزي ۽ رد ڪرڻ لاءِ، ڇو ڪين ٿا قلم هلايون؟
وري پاڪستان جي خالق قائد اعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي (جيڪا پاڪستان جي قانون ساز پارليامينٽ به هئي ) ان جي صدر منتخب هجڻ وقت چيو هئو پاڪستان تحريڪ جي تلخين کي وساري تلوارون ڦٽيون ڪريو ۽ سڀ گڏجي پاڪستاني ٿيو، هاڻ مذهب جو سياست سان ڪو واسطو نه رهندو. انهيءَ اصولن کان روگرداني پاڪستان جي اساس جي برخلاف آهي ۽ غير آئيني آهي. ان دليل تي توهان قلم ڇو نه هلايو آهي. پاڪستان جي مخلوق جي خدمت ۽ شهرين جي حڪومت، سياست، پاڪستان جي سياستدانن وٽ امانت آهي. ان ۾ خيانت غير اخلاقي ٿيندي. روز روز نڪي پاڪستان ٺهندو، نڪي ٽٽندو. جيڪو به پاڪستان آهي سو اسان لاءِ مقدس آهي. ان جي بنيادي اساس کان انڪار نامناسب ۽ غير قانوني ٿيندو.
پنجاب ۽ ان جو عوام، سياستدان، مذهبي ليڊر اسان جا هم شهري آهن. هنن کي ڏاڍ ذريعي سنڌ سان بي انصافي نه ٿي ڪرڻ جڳائي. قاضي صاحب توهان جيڪي سوال اٿاريا آهن، سي جائز آهن پر ان لاءِ پاڪستان جي پنجابي ايسٽيبلشمنٽ establishment ۽ سياستدانن، کي ذڪر ڪيل اساس جو پابند ٿيڻ کپي ۽ نه اسان تي غداري جون تهمتون هڻن کپن. مشهور ليڊر ۽ هائوس آف ڪامنس (پارليامينٽ) جي مشهور تقرير باز ايڊمنٽ يرڪ لکيو هو، حڪومت جي سائنس به عملي نوعيت جي سائنس آهي ۽ عملي مقاصد لاءِ قائم ڪيل هوندي آهي. توهان ڪيترائي عقلمند هجو، باريڪ بين هجو، انهي ڄار مان نڪرڻ جو رستو ڳولي ڪين سگهيا آهيو. هٿيار بند تحريڪ هلائڻ جي طاقت توهان ۾ ڪين آهي. جهموري تحريڪ جي سائنس کان واقفيت ناهي. وڌيڪ غور ۽ فڪر جي ضرورت آهي. مذهبي عقيدي، جديد سياست جو قانون ۽ ۽ عدالت جي بااثر هجڻ جي، ان جي مهارت کان، سياسي فڪر جي ڪاريگري کان واقف ناهيو. اسان جي سنڌي دانشورن جو رخ صرف ڪنهن بيٺڪي Colonial حڪومت جي دٻاءَ هيٺ مفاهمتي ۽ احتجاجي لٽرچر جي زبان جو استعمال آهي ۽ نڪي بهادر ۽ وطن دوست سالار جو.
فقط
[b]روچي رام
[/b]