تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سياسي نظريا ۽ سنڌ جي سياست

ڪتاب ”سياسي نظريا ۽ سنڌ جي سياست“ نامياري ليکڪ ۽ سياستدان ڪامريڊ روچي رام جو لکيل آهي.
هي ڪتاب مختلف نظرين ۽ انهن جي عملي پهلوئن تي لکيل آهي، انگريز جي هندوستان ۾ داخلا، سندن حڪومت ۽ حڪمراني جي مثبت ۽ منفي پاسن تي پڻ چڱي طرح بحث ڪيل آهي.جنهن ۾ ڪميونزم جي بنيادي سوچ ۽ ارتقا، ان جي گڏيل هندوستان جي سياسي سوچ ۾ داخلا ۽ گڏوگڏ ان سوچ جي بين القوامي طور عمل درآمد،عروج ۽ زوال جي تاريخ پڻ اچي وڃي ٿي.نيشنلزم جي بنيادي سوچ ۽ عمل، ان جي مثبت ۽ منفي پاسن تي پڻ بحث ڪيل آهي. ان طرح پاڪستان جي بنيادي سماجي معاهدي جي ڳالهه، پاڪستاني وفاق جي اوڻاين، وفاقي ادارن اندر ويٺل، مستقل مفاد گروهن جي چالاڪين ۽ بي اصولين متعلق، اٿاريل سوالن ۽ اعتراضن تي پڻ بحث ڪيو اٿس، پر ان مان ٻاهر نڪرڻ جو گس يا علاج تجويز نه ڪرڻ تي پڻ سوال اٿاريا اٿس.
  • 4.5/5.0
  • 3224
  • 1455
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • روچي رام
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياسي نظريا ۽ سنڌ جي سياست

جمهوريت ۽ انجو پاڪستان ۾ نفاذ

پهريون خط
14 سيپٽمبر 2014.
ڪلفٽن ڪراچي.

[b]جمهوريت ۽ انجو پاڪستان ۾ نفاذ
[/b]
پيارا جلال شاهه،
هن وقت سياسي سوچ، سياسي عمل، سياسي معاش، سماج ۽ حڪومت تي جيڪو خيال حاوي آهي ۽ پڻ نظرياتي طور استعمال ٿئي ٿو، ان کي جمهوريت جو نالو ڏئي استعمال ٿا ڪن ۽ ان جي رهنمائي ۾ ذاتي ۽ اجتماعي زندگي گهارين ٿا. ان جو مرڪزي نقطو آهي. Government of the people, by the people, and for the people اسين مشرقي ملڪن جا ماڻهو جيڪي ملڪ ٺاهي، حڪومت ٺاهي، سماج ٺاهي، تاريخي عمل مان گذريا آهيون، تنهن ۾ اسان جمهوريت جو سياست ۾ استعمال ڪين ڪيو آهي. اهو جمهوريت جو خيال موجوده شڪل ۾ اسان کي يورپ کان انگريزن جي معرفت مليو آهي ۽ اسان انگريزن جي جمهوريت ۽ سياسي جوڙجڪ کي اختيار ڪيو آهي.
اسان جون حڪومتون ۽ حڪمران کڻي فوجي ڏاڍ جي زور تي حاڪم ٿيا هئا، راجا مهاراجا، بادشاهه يا شهنشاهه ٿيا هئا، تن مان ڪيترائي رعيت جي فلاح ۽ بهود جي طرف توجهه ڏيندا هئا، پر حڪومت جي جوڙجڪ، حاڪم جي حاڪمي، جمهوري طريقي سان ختم نه ٿيندي هئي.
اڄ اسين انهي جمهوري فلسفي تي ويچار ڪنداسون، ته ڪيئن اسان اهو اختيار ڪيو، اهو ڇا سمجهي ۽ اسان ان کي پنهنجو ڪيو آهي. هن وقت دنيا ۾ جتي ڪٿي، جمهوريت ۽ جمهور جو چوٻول هلي ٿو. مراعت يافته دولتمند، مذهبي رهنما، فوجي آمر، ڪارخانيدار جيڪو به حڪومت هٿ ڪري ٿو ۽ حڪومت نافذ ڪري ٿو، سو جمهوريت جي نالي ۽ رنگ ۾ حڪومت جي شڪل ٺاهي ٿو.
هن دور ۾ جمهوريت نافذ ڪرڻ جو طريقو اليڪشني آهي، هاڻ ته حڪومت، اليڪشن ۾ اڪثريت وارن کي ئي ملندي ۽ اقليت کي حڪومت ڪين ملندي. پوءِ اها مذهبي هجي، نسلي هجي يا تهذيبي هجي، تمدني هجي يا مختلف ٻولين واري هجي. انهن کي صرف اهي حق ملندا، جيڪي اڪثريت وارن جي قانون پٽاندڙ هوندا. سو ان طرح جمهوريت معنيٰ اڪثريت جي حڪومت آهي. هاڻي جي اڪثريت سٺي حڪومت نه هلائي، انصاف نه ڪري، ارهه زورائي ڪري، ڪرپٽ ٿئي، اقليتن سان ظلم ٿئي، ته پوءِ ان کي ”اڪثريتي ڊڪٽيٽرشپ“ چئبو يا ”اڪثريت جي دهشتگردي“ چئبو. سو جمهوريت ڪا مثالي حڪومت نه ٿي چئي سگهجي، برطانيه جنهن جو سرڪاري نالو يونائيٽڊ ڪنگڊم ((UK آهي، اتي يڪسان (Unitary)، نموني جي پارلياماني جمهوريت آهي. آمريڪا (USA) وفاقي (FEDERAL) جمهوريت آهي. ڪئنيڊا ۾ پارلياماني، وفاقي جمهوريت آهي. ساڳئي نموني هندستان ۽ پاڪستان ۾ وفاقي پارلياماني جمهوريت آهي. روس ۾ جڏهن اڃا ڪميونسٽ حڪومت هئي، جا ”عوامي ڊڪٽيٽرشپ“ Dictatorship of Proletariat هوندي هئي، پر اها به پاڻ کي ”عوامي جمهوريت ۽ وفاق“ سڏائيندي هئي، پر 1945ع کان اڳ روس ۾، هٽلر جي نازي ناليواري جرمني ۽ اٽلي ۾، فاشسٽ (Fascist)نالي واريون حڪومتون هيون، پر سڀ جمهوري طريقي سان اليڪشن ذريعي پاور ۾ آيا هئا. تنهنڪري جمهوريت جا مختلف رنگ، نمونا ۽ شڪليون ٿين ٿيون، حڪومت جا طريقا وڏي فلاسافر افلاطون (Plato) سقراط جي شاگرد پنهنجي ڪتاب ريپلڪ (Republic)۾ جيڪي ٻڌايا آهن، سي هيٺيان پنج آهن.
ايرسٽوڪريسي (Aristocracy).
ٽائيموڪريسي (Timocracy).
آليگارڪي (Oligarchy).
ڊيموڪريسي (Democracy).
ٽيئرني (Tyranny).

1). [b]ايرسٽو[/b] ڪريسي:
ٿيندي آهي، خاص مراعت وارن جي امير شاهي، جاگير شاهي، خانداني، سکر ۽ اشراف ماڻهن جي حڪومت، جنهن ۾ فلاسافر بادشاهه هوندو آهي،جن جو ڄم ۽ تربيت خاص نموني ٿيندي آهي.

[b]2). ٽائيمو ڪريسي:
[/b]انهن جي حڪومت هوندي آهي، جن جو مقصد صرف ذاتي مال ميڙڻ هوندو، جنهن ۾ فلاسافر بادشاهه مان گهٽجي ڪسا ماڻهو ٿي ويندا آهن. جنهن جو ضمير يا روح نه ڪي سون جوهوندو آهي ۽ نه ڪي چاندي جو، پر صرف ذهن فوجي ۽ جنگجو ٿي ويندوآهي. هو حڪومت عقل ۽ شرافت بدران، صرف فوجي قوت، دولت ۽ زبردست طاقت جي استعمال ذريعي هٿ ڪندا آهن. هو اخلاق جي ذريعي مال، واپار يا ظاهري دولت هٿ ڪرڻ کان، نفرت ڪندا آهن. پنهنجي هلت کي صاف ۽ سنئين نموني هٿ ڪين ڪندا آهن. هو صرف پاور کي ئي جائز سمجهندا آهن.

[b]3). آليگارڪي:
[/b]اهي شاهوڪار هٿ ڪندا آهن، جيڪي امير طور غريبن۽ مسڪينن سان نفرت ڪندا آهن، مالدار هجڻ ئي، شرافت جي ڪڙي سمجهندا آهن، انهي ڪري اهي هميشه ڀوءَ ۾ رهندا آهن، ته ڪٿي مسڪين کين ختم نه ڪري ڇڏين. هنن جي حڪومت هميشه هيڻي هوندي آهي، پر ڏيکائي ڏيندا آهن، ته اها طاقتور واري آهي.

[b]4). ڊيموڪريسي:
[/b]مٿي ذڪر ڪيل آليگارڪي ختم ٿيڻ سان، عام قوت سان جمهوريت اڳيان اچي ويندي آهي، آزاد خيالي اڀري پوندي آهي. قلب ۾ وسعت اچي ويندي آهي، برداشت جو مادو وڌندوآهي، عام ماڻهو جي فتح ڏسڻ ۾ ايندي آهي، هلڪا ۽ عام ماڻهو مٿي وڌڻ طرف رخ رکندا آهن، هلڪا ماڻهو هيٺين طبقي جا ماڻهو سهڻا خواب ڏسندا آهن. خود جو ٺڳجڻ ئي سندن مقدر ٿيندو آهي، پوءِ چالاڪ ۽ نالائق مٿي اڀرندا آهن.
5). ٽيئرني:
اهڙا ڪمزور ۽ نااهل ماڻهو جڏهن جمهوريت ذريعي حاڪم بڻجندا آهن، ته انهن ۾سڪت ڪين هوندي آهي، نتيجي ۾ جمهوريت ڏاڍ ۽ دهشتگردي جو شڪار ٿي ويندي آهي. گڙٻڙ CHAOS مونجهاري سان رستا بند ٿي ويندا آهن، طاقتور هٿياربند يا فوجي اهو اچي سمجهندا آهن، ته اسان ئي حقيقي طور نظم رکي سگهون ٿا، هٿياربندن جو حڪومت جي مزي وٺڻ سان، جبر،آمريتي ۽ جارحاڻا طريقا استعمال ڪندا آهن. عوام بيوس ٿي پوندو آهي. پاور جي رواني جي ڪري، هـُو هوش، اکيون، ڪن ۽ قدم وڃائي ڇڏيندا آهن. عام ماڻهن هنن سان نفرت ڪندا آهن، هنن کان حڪومت ڪين هلي سگهندي آهي، حڪومت مان نڪرڻ کانپوءِ هـُو عام ماڻهن سان گڏ رهڻ کان ڊڄندا آهن. باقي حياتي جيلن يا اڪيلائي يا ديس نيڪالي ۾ گذارڻو پوندو اٿن، جيڪو فوجي پنهنجي اوج ۾ رٽائرڊ ٿئي ٿو، ماڻهن سان پيار ڪري ٿو، ته اهو رٽائرڊ ٿيڻ يا پوڙهو ٿيڻ کانپوءِ عزت پرائي ٿو.
”عوام جي مڃتا ۽ حڪومت جو نظم اهي ٻه ٿنڀا آهن، جنهن ذريعي جمهوريت پلجي ۽ قائم رهي سگهي ٿي“. سائين اهو نه وسارڻ کپي، ته آمريڪا ۾ آمريڪي جمهوريت هجي ٿي. جيڪا آمريڪي تاريخ جي روشني ۾ پلجي ٿي ۽ اهڙي ريت انگلينڊ جي انگلينڊ ۾، هندستان جي هندستان ۾، ۽ اسان وٽ پاڪستان ۾ پاڪستان جي جمهوريت، ان جي تاريخ ۽ سپنن سان سرجي ٿي. پاڪستان جي جمهوريت ان جي معيار، ڪسوٽي ۽ پئماني تي جاري رهندي، دهلي کان، لکنو کان، آگري کان ۽ بمبئي کان آندل تاريخي مادو يا زندهه رهڻ، حڪومت ڪرڻ، اليڪشن وڙهڻ سان، جمهوريت نافذ نه ٿي سگهندي. انڪري 23 مارچ 1940ع پاڪستان جي ٺهراءَ طئي ڪيو ته فقط مسلم اڪثريت وارا صوبا گڏجي پاڪستان جوڙيندا، جيڪي خود اختيار ۽ خود مختيار هوندا. حيدرآباد جي دکن کان آيل، دهلي جي جمعيت علماءِ هند جي آفيس مان ٿيندو، گرداس پور ۾ جماعت اسلامي جوڙي پاڪستان جي جمهوريت نٿي ٺاهي سگهجي. جي ايم سيد جهڙي روشن دماغ هندستان، مان يو پي مان، روانو ٿيل پاڪستان جي ٺهڻ واري پاڪستان ۾، هندستان جي مسلمانن طرفان پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اچي، جمهوريت جوڙڻ کان نااميد ٿي، سنڌ جي خودمختياري تي پهتو، ته سمورا رستا صاف ڏسڻ ۾ لڳا. ڏسو ته ڪيئن ٿا، صوبن جا مخالف سر جوڙين، پاليسيون ٺاهين، احتجاج ڪن، ڌرڻا هڻن، سنڌ کي ٽوڙي انتظامي طور ورهائڻ جا ناٽڪ ڪن، داٻو ڪن، دڙڪا ڏين، ڊيڄارين، ڌمڪائين، زوري ڪن، ڌڪ هڻن، راند کيڏن، ماحول جوڙائن، نتيجتن هو به سورن ۾ ۽ اسين به سورن ۾. ڪيئن نه مهذب سماج اپهاج ٿي پيو آهي. ڪيڏانهن وئي پاور ۽ اختيارن جي تقسيم، ڪٿي آهي احتساب، ڪٿي آهي حڪومت جو دٻدٻو ۽ شان، ڪٿي آهي وزيراعظم جي پارليامان ۽ عدالت جو وقار، ساک، شهرت، عزت، صفت ۽ مان، جنهن جي ڇانوَ ۾ عزت سان ساهه کڻي سگهجي.
پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ 1940 جي پاڪستان جي ٺهراءَ موجب وفاق اڪاين کي مليل قومي خودمختياري ۽ خود اختياري کان انڪار ۽ قائد اعظم جي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۽ 11 آگسٽ 1947 جي ڪيل تقرير ۾ واضع ڪيل مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم جي انعقاد کي، خيرباد ڪرڻ سان، نيشنلزم جي نفي ٿي ۽ نتيجي ۾ پاڪستان جون موجوده سياسي بيماريون، عوام جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئيون آهن

[b] روچي رام[/b]