روس جو ڪميونسٽ انقلاب ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (C.P.I)
13 جون 2014.
ڪراچي
[b]روس جو ڪميونسٽ انقلاب ۽
ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (C.P.I)[/b]
[b]پيارا امداد قاضي،
[/b]توهان سان ملاقات بعد ائين محسوس ڪيم، ڄڻ ڪنهن کاهوڙي سان ملي دنيا جي تاريخ جون ڳوڙهيون ۽ ڳريون خبرون هٿ آيون هجن. توهان ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جا جنرل سيڪريٽري آهيو، جنهن عهدي جو مرتبو مٿاهون هجي ٿو. انهي سلسلي جي رشيا (روس) واري پارٽي لينن جي قيادت ۾ آڪٽوبر 1917 ۾ عظيم انقلاب آندو، جنهن انسان جي تاريخ تي وڏو اثر ڇڏيو آهي. روس جي انهي انقلاب بعد انهيءَ کي يونين آف سوشلسٽ سوويت ريپبلڪس (USSR) ڪري سڏيو ويو. انهي انسان ذات ۾ آسرو ۽ اميد پيدا ڪئي. نئين سوچ ڏني. هاري ۽ مزدور کي غلامي مان نجات جو رستو ڏيکاريو. انسان لاءِ معاشي سماجي ۽ سياسي آزادي جون راهون نروار ڪيون. ايشيا ۽ آفريڪا جي مظلوم ۽ غلام قومن کي نجات جا سپنا ڏيکاريا. هو آزاد ٿيندا ويا. 1991 کان وٺي روس ۾ ڪميونسٽ حڪومت ۽ USSR جو ڍانچو ڪري پيو آهي، انهي هوندي به مون توهان جي اکين ۾ اميد جا ڪرڻا ٿي ڏٺا، ڄڻڪ اهو فلسفو ۽ پارٽي اڃا به زنده آهن ۽ اهو ٻيڙو اوهان کنيو آهي. اڃا به ڏتڙيل، پيڙيل ۽ ستايل انسان اوهان ڏوٿين جا پير پيا پُڇن.
توهان جهوني جُهڪيل جهاز جا سڙھ سِبي رهيا آهيو. نوان لاڄو لڳائي رهيا آهيو، پڳهه ڇوڙي هن سنسار جي سمونڊ ۾ طوفانن هوندي سفر تي نڪتا آهيو. الاجي توهان انهي سفر مان ڪهڙو سون، روپو ۽ هيرا کڻي ڪڏهن موٽندا ۽ غريب ته شوڪارا پيا ڀرين، ڳوڙها پيا ڳاڙين، سڪ سان ٻرندڙ اکيون کڻي پيا واجهائين. تون انقلاب جو داعي آهين. تون اهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهين ته ڪو ڪميونزم جو انجڻ کوٽو ٿي پيو آهي يا سڻائو واءُ وري ڪيئن ورندو!
تنهنجو اعتراف آهي ته ”مون درست سياسي رستو چونڊيو آهي“، تو 1972 کان سياست شروع ڪئي ۽ 1985 ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿئين. مون ڪٿي تنهنجو اِهو بيان به پڙهيو هو ته تون 1972 ۾ ئي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿين ها ته تنهنجا اهي 13 سال ضايع نه ٿين ها. انهي کان انڪار ناهي ته 1972 يا 1985 ڌاري ڪميونسٽ پارٽي آف سوويت يونين به زوال پزير هئي، ان ۾ شروع واري جدت ڪين رهي هئي ۽ پوءِ به تنهنجو رايو ۽ رويو ڪميونزم جي قُوعت بابت سلامت رهندو آيو آهي.
[b]روس ۾ ڪميونزم.
[/b]خيال آيو اٿم ته اوهانجي خدمت ۾ عرض رکان ڪميونزم ڇا آهي؟ روس جي انقلاب واري دور ۽ روس جي شروعاتي دور جي لينن ۽ اسٽالن واري ڪميونسٽ پارٽي ۽ حڪومت ڇا هيون؟ اسٽالن جي 1953 ۾ فوت ٿيڻ بعد، روس ۾ ڪميونسٽ ڪيئن هلندا هئا؟ ۽ هاڻي انهي ديڳ ۾ باقي ڪيترو ۽ ڪهڙو معجون بچيو آهي، ان بابت ڪي تاريخي ۽ معروضي حقيقتون پيش ڪيان. توهان کي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿئي ٽيهارو سال اچي ٿيا آهن ۽ هن عهدي تي پهچڻ تائين توهان انجي فلسفي ۽ اثر بابت ڪافي تاريخي مواد سان واقفيت رکندا آيا آهيو، انهي ڪري هن خط ۾ مارڪس، اينجلز، لينن، ٽراٽسڪي ۽ ايم اين راءِ بابت تفصيل سان لکڻ اضافي مواد ٿيندو، پر ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪي حوالا ضرور ڏيڻا پوندا ۽ ذڪر پڻ ڪرڻا پوندا.
سنڌ ۾ ڪميونسٽ سوچ جو سياست تي گهرو اثر رهيو آهي، تنهنڪري توهان، سنڌ جي اِجتمائي نفسيات کان بخوبي واقف هوندا. روس ڪميونزم تي عمل ڪيو، انکي اڳتي آندو. بين الاقوامي حلقي ۾ انساني حقن ۽ معاشي هلچل ۾ طوفان ۽ تولان پيدا ڪيو. سامراجي قوئتن کي جنجهوڙيو، حڪومت ذريعي دنيا ۾ ڪميونزم جي اثر کي تقويت ڏني. مارڪس ۽ لينن ٻنهي پنهنجي حياتي جو، هَر پلُ ۽ ساھ ڪميونزم جي فلسفي جي عملي شڪل آڻڻ ۾ صرف ڪيو. انهي ڪري عالم ۽ فلاسافر هجڻ سان گڏوگڏ هو عمل جا به صاحب هئا. هنن انسان جي ضرورتن ۽ خواهشن کي آزاد معاشري ۾ عمل ڪري ڏيکاريو ۽ هنن کي ڦرلٽ کان بچايو. انسان جا ذاتي حق به اجتمائي حقن سان گڏ جوڙي رکيا. فلسفي کي عالمن جي حلقي کان کڻي، عمل جي حلقي ۾ آڻي اڳتي وڌڻ جا رستا جوڙيا. جڏهن ڪميونسٽ سوچ جي اڳواڻي سوويت يونين وٽ هئي، تڏهن ان تي عمل ۽ انجي ڦهلاءَ لاءِ هنن وٽ ڄاڻ، حڪومت، لشڪر، ورڪر ۽ ڏوڪڙ سڀ وسيلا سڀ موجود هئا، انڪري هوئي سڀ فيصلا ڪندا هئا. اصولي طور ڪميونسٽ فلسفو کڻي دنيا ۾ انقلاب جو داعي هو پر هنن وٽ ٻين ملڪن جا مفاد ٻئي درجي جي حيثيت رکندا هئا، هو صرف روس جي ڪميونسٽ انقلاب کي ئي اهميت ڏيندا هئا. آهستي آهستي دنيا آڏو ٻنهي ڳالهين جو فرق واضع ٿيندو ويو، جنهن سبب ٽراٽسڪي ۽ ايم اين راءِ ڌار ٿي ويا. ٻي عظيم (مهاڀاري) جنگ 1939 ۾ شروع ٿي، ان جو ذڪر شروع ڪرڻ کان اڳ آئون جيڪر شهادت سا به سياست ۾ شهادت جي فلسفي ڀڳت سنگهه جي شهادت ۽ هٿياربند تحريڪ جي باري ۾ ٻه اکر لکان.
ڀڳت سنگهه History of Anarchism ۾ لکيو آهي. ”صرف هڪ اڪيلو واقعو وڏي مشهوري ۽ پروپئگنڊا ڪري سگهي ٿو، بنسبت هزار پمفليٽن ۽ اشتهارن جي“. ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين جي هڪڙي ئي واقعي تاريخ تي ايترو ته وڏو اثر ڇڏيو آهي جو ان هندو پاڪ ۾ هلايل تحريڪن جي هلڪن واقعن کي پوئتي ڇڏي ڏنو. اڃان تائين ڀڳت سنگهه بابت لکيو ۽ دهرايو وڃي ٿو. اسان وٽ ون يونٽ خلاف تحريڪ ايم آر ڊي (MRD) جي تحريڪ، چيف جسٽس افتخار حسين چوڌري جي موقوفي خلاف تحريڪ، جيڪي ٻيا وڏا واقعا ٿيندا آيا آهن يا ٿيندا رهن ٿا سي تاريخ جي ڌارا کي وڌيڪ واضع ڪن ٿا. اسين محترم رسول بخش پليجي، فاضل راهو، ڄام ساقي، بدر ابڙو، شبير شر، امرلال تي فوجي عدالتن ۾ هلايل ڪيس ۽ ان سلسلي ۾ ڏهاڪو سال جيل ۾ گهارڻ جي تاريخ کي ڪيئن وساري سگهون ٿا. اسين چالو حالتن تي راءِ ڏيندي انجي ماضي کان شروع ٿيندڙ تسلسل کي ڪيئن وساري سگهون ٿا. ڪيتريون ڳالهيون ۽ واقعا جيڪي اسانجي تاريخ جا اهم قدم آهن، تن کي وسارڻ سان موجوده دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ڪي نظريا پيش نٿا ڪري سگهون، تحريڪ ۾ جدت پيدا نٿا ڪري سگهون. مٿي لکيو اٿم ته ٻي عظيم جنگ Second world war 1939 ۾ شروع ٿي، انهي جي ۽ ٻين واقعن جي اهميت جي تاريخ ته توهان کي سمجهه ۾ آيل هوندي. پوءِ اچو ته جنهن ڪميونسٽ پارٽي جا توهان جنرل سيڪريٽري آهيو، انجي ماضي جي تاريخ کي ڪجهه سمجهون.
[b]ڪميونزم ۽ جنگ آزادي.
[/b]پنجاب ٻي جنگ عظيم ۾ وڏو رول ادا ڪيو هو. هنن مان ڀرتي ڪيل انگريزن جي انڊين آرمي، جنگ ۾ پنجاب جي سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ وڏو ڦيرو آندو ۽ هو جيڪي هينئر آهن سو انهي جنگ (1939-1945) ۾ ٺهيا آهن، گهڙيا آهن ۽ انهن جو اجتمائي ذهن ۽ نفسياتي رخ بڻيو آهي. ان وقت جي وڏي نظرياتي ڌر ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (پنجاب)، جي ڪيرتي ۽ ڪسان تحريڪون، انڊين نيشنل ڪانگريس، مسلم ليگ پنجاب جي يونينسٽ پارٽي هئا. پنجاب جو وزيراعظم مشهور پنجابي ليڊر سر سڪندر حيات هو. هن 15 جولاءِ 1940 تي پنجاب ليجسليٽو اسيمبلي ۾ چيو ته ”ڪميونسٽ روس جا ايجنٽ آهن ۽ روس هندوستان تي حملو ڪرڻ چاهي ٿو“. ان وقت ميان افتخار الدين جو مشهور ڪميونسٽ پر ڪانگريس جو ليڊر هو، ان زوردار تقرير ڪندي ڪميونسٽن خلاف الزامن کان انڪار ڪيو ۽ انهن جو نقطه نظر پيش ڪيو هو، ۽ ٻين اسيمبلي جي ڪانگريس ميمبرن پڻ ڪميونسٽن جي فائدي ۾ ڳالهايو هو. فيبروري 1940 تي ميان افتخارالدين کي سال 1941 لاءِ ڪانگريس جو صدر ۽ پرتاب سنگهه ڪيرون کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان وقت ڪميونسٽ پارٽي، نازي جرمني ۽ ان جي ليڊر ائڊولف هٽلر جي فائدي ۾ هئي، ڇاڪاڻ ته هو انگريزن خلاف هئو، جيڪي اسان کي غلام رکي ويٺا هئا ۽ پڻ هٽلر جو روس سان 1939 جي امن جي معاهدي ۾ جڙيل هو. اسين ڪميونسٽ ڪانگريس ۽ گانڌي سان ساڳي آزادي جي هلچل ۾ همراھ هئاسون. ان ڳالهه تان ايم. اين. راءِ M.N.Roy هٽلر • جي نازي پارٽي خلاف ٿيو هو، پوءِ انکي به ڪميونسٽن ڪو وزن ڪين ڏنو ڇو ته هو روس ۽ اسٽالن واري ڪميونسٽ پارٽي خلاف ٿي، ان کان جدا ٿي ويو هئو. جيتوڻيڪ ان وقت ڪيترائي ڪميونسٽ جيل ۾ پڻ هئا. ميرٺ سازش ڪيس ۾ جوابدار طور جيل ۾ پڻ هئا. تنهن هوندي به آزادي جي جنگ ۾ پيش پيش هئا.
”وري قصو اُلٽو ٿيو“.
[b]روس تي هٽلر جو حملو
[/b]جيئن ته 22 جون 1941 تي اوچتو جرمن روس تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ روس انگريزن جو ساٿي بڻجي ويو ۽ ٻيئي پاڻ ۾ اتحادي بڻجي ويا. جنهن جي نتيجي ۾ فورن ڪميونسٽ جرمن خلاف انگريز سان ٻٽ ٿي بيٺا ۽ ڪيترائي ڪميونسٽ انگريز فوج سان پڻ سلهاڙيا. فيض احمد فيض ۽ ان جا ساٿي به انگريز جي نوڪري ۾ گهڙي جنگ جا جرمني خلاف مددگار ٿيا هئا. جيتوڻيڪ ڪميونسٽ ڦيرو کائي انگريز جي مخالفت ڇڏي انهن جا ساٿي بڻيا هئا. پراڳيان هلي تاريخ ثابت ڪيو آهي ته سندن اهو فيصلو درست هيو. جيتوڻيڪ ڪانگريس اها دعويٰ ڪئي ”ڪميونسٽن روس جو ايجنٽ ٿي آزادي جي تحريڪ سان غداري ڪئي هئي“. نتيجي ۾ 23 جولاءِ 1942 تي انگريز ڪميونسٽ پارٽي تان بندش لاهي ڇڏي هئي.
1945 کان وٺي انگريز مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ليڊرن سان رابطي ۾ رهيو ۽ هندستان جو سياسي معاملو ۽ انگريز طرفان هندستان کي آزادي ڏيڻ جون ڳالهيون جاري ٿيون. لنڊن جو پارليامينٽري ٽي رڪني وفد اسٽريمفورڊ ڪرپس Stramford Crips جي قيادت ۾ هندستان آيو ۽ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس سان رابطا قائم ٿيا.
[b]ٻي جنگ عظيم بعد مسلم ليگ ۽ ڪميونسٽ پارٽي.
[/b]ڪميونسٽ پارٽي جيڪا جنگ وقت مسلم ليگ سان لاڳاپيل هئي ۽ مسلم ليگ انگريز جي حق ۾ هئي، پوءِ به 1945 ۾ هندستان ۾ هليل اليڪشن ورڪ ۽ جنوري 1946 ۾ ٿيل اليڪشن ۾ سندن ڪا به حيثيت ڪا نه ٺهي سگهي ۽ ان جي نتيجي ۾ مسلم ليگ ۽ انگريز هنن کي درگذر ڪري ڇڏيو، کانئن ڪا به لفٽ ڪا پڇا ڪا نه ڪيائون. ڪميونسٽ ته آزاد خيال، عوام دوست ۽ نظرياتي ورڪر هئا، انهي ڪري هو مسلم ليگ جي مذهبي انتهاپرستي سان نٿي برميچي سگهيا، هنن جا اصول ته ڪانگريس سان ٺهڪندڙ هئا، پر هاڻي هو بحران ۾ اچي ويا هئا ۽ هنن جي مقبوليت ۾ گهٽتائي اچڻ لڳي هئي. هو ته ڪميونسٽ اصولن ۽ نظريات جي حساب سان ڪانگريس کي ويجهو هئا پر سياسي عمل ۾ هو مسلم ليگ سان گڏ بيٺا هئا.
[b]ڪميونسٽ پارٽي
[/b] 1933 ڌاري جرمني ۾ ”نازي فاشسٽ“ پاور ۾ آيا ۽ ٿرڊ ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي ڪانگريس نئين پارٽي لائين جوڙي، ته هنن کي دنيا ۾ خاص ڪري هندستان ۾ کاٻي ڌر جي خيالن وارن سان جڙجڻ کپي. اهو خيال هندستان جي ڪميونسٽن دت، برئڊلي نظريئي Dutt, Bradley Thesis طور اختيار ڪيو، تنهنڪري هنن ڪانگريس ۾ ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ خيالن جي حلقي سان گڏجڻ چاهيو، انڪري هو ڪسان سڀائن ۾ گڏ ڪم ڪندا رهندا هئا. پنجاب جي هارين جي هلچل لاءِ ڪسان ڪاميٽي، ڪيرتي هلچل، اڪالي هلچل وڏيون تحريڪون هيون. جنهن جو توهان بخوبي مطالعو ڪيو هوندو، ۽ اهو به ته ڇو ۽ ڪيئن سنڌ ۾ 1930 کان وٺي هاري پارٽي ۽ پوءِ هاري ڪاميٽي ٺهي ۽ سنڌ ۾ هاري تحريڪ شروع ٿي جنهن جي اوهان کي چڱي ريت خبر آهي.
پنجاب ۾ ڇو ۽ ڪيئن Land Alienation Act 1901 لينڊ ايلينيشن بل پاس ٿيو. انجا ڪهڙا نتيجا ظاهر ٿيا، ڪيئن يونينسٽ پارٽي ٺهي، اهو اوهان جي مطالعي ۾ آيل هوندو.
[b]پنجاب جي نفسيات.
[/b]پنجاب کي سمجهڻ ۽ ان جي نفسياتي عمل جي ڄاڻ لاءِ خاص ڪري ان وقت جي چئن ڌرين جي سوچن بابت ڄاڻڻ ضروري آهي.
• پنجاب جي مسلمان، هندو ۽ سک زمينداري جي ڳٺجوڙ واري يونينسٽ پارٽي. جنهن جا مشهور ليڊر هيا سر فضل حسين، سر سڪندر حيات خان ۽ سر ڇوٽو رام واري سوچ.
• پنجاب جي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڪانگريس جي سوچ.
• هارين جي ڪيرتي ڪسان ڪاميٽي ۽ اڪالي سکن جي پارٽي واري سوچ.
• پنجابين جي فوج ۾ ڪثرت سان شرڪت ۽ فوجي ذهن جو ٺهڻ واري سوچ.
[b]ڪميونسٽ پارٽيءَ جا انقلابي قدم.
[/b]اسين سنڌ ۾ ائين سمجهندا آهيون ته اسان ئي سيڪيولر ۽ عوامي سوچ وارا آهيون. اسان هاري، مزدور تحريڪون ئي هلايون آهن، پنجاب جو ان باري ڪو ڪردار ڪين رهيو آهي، سو صحيح ناهي. صرف هڪڙو مثال ٿو ڏيان. 1938 ڌاري پنجاب ۾ ڪسانن جون تحريڪون پنهنجي اوج تي رسيون، اهڙيون تحريڪون باقي هندستان ۾ به اڀريون ۽ پڻ سنڌ ۾ عبدالقادر کوکر ۽ ساٿين به هلايون (مشهور ٽنڊي ڄام جي تحريڪ آهي). پنجاب جون تحريڪون خاص ڪري ڪئنال ڪالوني ضلعن ۾ هليون. مثال طور ملتان ماٽنگو مري (هاڻي ساهيوال) ۽ نيل ارم ۾ جتي سرڪار زمين جي نيڪال لاءِ ٽينڊر گهرايا، جيئن وڌيڪ اگهه تي زمين جو وڪرو ٿئي ۽ ڪسانن کي زمين نه ملي سگهي ۽ ڪسان انهي نئين خريدار هيٺ ڪسان ٿي رهي. وڏو تفصيلي قصو آهي، هارين ڦٽيون چونڊڻ وغيره کان انڪار ڪيو سڀني چڪن ۾ تحريڪ هلي.
لائلپور (هاڻوڪي فيصل آباد) ۾ به 1938 ۾ تحريڪ هلي جتي 60 کان 550 جا جٿا گڏي ايندا ويا ۽ 15000 ڪسان ميڙ ٿيا. 10 جون 1938 تي جلوس جي شڪل ۾ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ڪٺا ٿيا. جملي 40000 ڪسان جن ۾ اڌ سک ڪسان هئا، ائين تحريڪ زور وٺندي ويئي. جولاءِ 1938 ۾ هنن جي آبادي لاءِ پاڻي وٺڻ جي تحريڪ ٿي واهن جي ماڊيولن کي سڌاريو ويو. ساڳئي وقت امرتسر ۾ ته انهن کان به وڏا جلوس جاري ٿيا، سرڪار مجبور ٿي ساليانو چار لک روپيه واٽر سپلاءِ تي خرچ ڪرڻ قبول ڪيو ۽ انکي وڌايو ويو. قلم 144 لڳو پر تحريڪ هلندي هلي، جٿا ايندا ويا گرفتار ٿيندا ويا، لٺبازي سان زخمي ٿيندا ويا، آخر سرڪار مجبور ٿي هنن جون گهرون قبول ڪيون. ان وقت هنن جو ليڊر اُڌم سنگهه هو ان دور جو مشهور ڪسان ليڊر هو. ان وقت جو ٻيو ليڊر ڪرتار سنگهه هو جنهن کي ڳوٺ ۾ بندش هيٺ رکيو ويو هئو.
سڪندر حيات جي يونينسٽ سرڪار گهڻو زور آزمايو آخر 9 آگسٽ تي خاطري ڏني وئي ته سندن مطالبا منظور ڪيا ويندا. ايئن لاهور ۽ ٻين ضلعن ۾ تحريڪون هليون. آخر ٻي ڪسان ڪانفرنس جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ هاري ڪانفرنسون مختلف شهرن ۾ ٿينديون هيون، سرگوڌا ۾ 5 ۽ 6 سيپٽمبر 1939 تي بابا رُڙ سنگهه MLA جي صدارت هيٺ ٿي. اتي هن بهار ڪسان ڪانفرنس سان يڪجهتي جو اعلان ڪيو. پنجاب ۾ ڪسان تحريڪن ايترو ته زور ورتو جو 16 جون 1939 تي سڀاش چندر بوس ”لاهور مورچي“ جي منتظمين کي وڏو پيغام موڪليو.
جنهن ۾ هن لکيو. ”يونينسٽ گورنمينٽ جي ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي لاهور ضلعي ڪسان ڪاميٽي طرفان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي. مونکي ٻڌايو ويو آهي ته 1700 ڪسان گرفتار ڪيا ويا آهن، جن کي مختلف عرصي جون سزائون ڏنيون ويون آهن. جن ۾ 200 ڪسان عورتون آهن جن مان 75 عورتون اڃا جيل ۾ آهن. انهي تحريڪ ۾ 40 ڪسان شهيد ٿيا آهن، جن ۾ هڪ 7 مهينن جو ٻار ڪامريڊ يوگ راج به آهي. اهي قربانيون جنهن همٿ ۽ بهادري سان ڏنيون ويون آهن، جنهن لاءِ هلچل جي منتظمينن کي سلام پيش ڪجي ٿو. اهو ڏاڍ انگريز جي ڌارين حڪومت طرفان ڪيو وڃي ٿو. ڪسان ترقي پسند قوت آهن، هو همدردي ۽ مدد جا حقدار آهن“.
جيئن 1939 ۾ جنگ شروع ٿي يونينسٽ (Unionist) ٿيندڙ عالمي جنگ جو فائدو وٺي انگريزن جي مدد ۽ هارين تي ظلم ڪرڻ لاءِ سبب بڻائي انجي ليڊر ۽ پنجاب جي پرائيم منسٽر (ان وقت صوبي جي چيف منسٽر کي پرائيم منسٽر چوندا هئا). سڪندر حيات خان آگسٽ 1939 تي اعلان ڪيو ته ”پنجابي پنهنجي سموري قوت ۽ وسيلا انگريز سرڪار جي مدد ۾ پيش ٿا ڪن.“ هاڻي ٻي عظيم جنگ شروع ٿي ته سرڪار تحريڪن خلاف سخت قدم کڻڻ شروع ڪيا. اها مڃيل حقيقت آهي ته ڪميونسٽ ورڪر، ليڊر ۽ سوچ انهي ڪسانن جي تحريڪ جا اڳواڻ هئا. ملڪ ۾ انگريز جي حڪومت هئي ۽ جنگ جاري هئي. ڪميونسٽ انگريز خلاف هئا سندن رخ جرمني ۽ هٽلر ڏانهن هو. پر جيئن ئي 1941 ۾ هٽلر (جرمني) سوويت روس تي حملو ڪيو، ڪميونسٽن جو رخ جرمن خلاف ۽ اتحادين (جن جو اڳواڻ برطانيه هو) جي فائدي ۾ ٿيو جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي.
جنگ ختم ٿي ۽ جنگ جو هيرو ۽ اڳواڻ چرچل 1945 ۾ اليڪشن هارائي گهر ڀيڙو ٿيو ته پوءِ هندستان جي اڳواڻي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کي ملي. جنگ کان ستت پوءِ سرد جنگ Cold war آمريڪا ۽ رشيا وچ ۾ شروع ٿي ته انگريز وٽ ڪميونسٽن لاءِ دل ۾ ڪا جاءِ ڪا نه رهي. هن جا هم خيال ڪافي ڪانگريسي هئا، جن سان هو عوامي تحريڪون گڏ هلائيندا هئا ۽ مسلم ليگ سان سندن ميت ڪان ملندي هئي. پر ڪميونسٽ انگريز جي ٻي عظيم جنگ ۾ مدد ڪرڻ ڪري عوام ۾ مقبول ڪين هئا، انڪري هو انهي جهد ۾ آيا ته هاڻي ڪانگريس سان ساٿ ڏجي.
هاڻي نئون زمانو شروع ٿيو، آزادي جون اميدون جاڳيون ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ ڪانگريس جي ساٿ ۾ اچڻ جي لاءِ ڪوشان ٿيا.
ٻي عظيم جنگ 1939 تي شروع ٿي. پنجاب جي وڏي وزير جنهن کي ان وقت پرائيم منسٽر چوندا هئا. ان پنجاب اسيمبلي ۾ 15 جولاءِ 1940 تي چيو هو ته ”ڪميونسٽ روس جا ايجنٽ آهن ۽ روس هندستان تي حملو ڪرڻ چاهي ٿو. ان وقت ميان افتخارالدين جو به پنجاب اسيمبلي جو ميمبر ۽ ڪانگريس جو صوبائي صدر پڻ هئو، ان زودار تقرير ڪندي ڪميونسٽن خلاف الزامن جو بچاءُ ڪيو ۽ اهڙي طرح ٻين ڪانگريس جي ميمبرن به ڪميونسٽن جي بچاءَ ۾ ڳالهايو.
سرڪار 13 ڊسمبر 1940 تي مشهور ڪميونسٽن نوابزاده محمود علي، ڪرم سنگهه مان ۽ هرڪشن سنگهه سرجيت کي گرفتار ڪيو، ميان افتخارالدين فيبروري 1940 تي سال 1941 لاءِ ڪانگريس جو صدر ۽ پرتاب سنگهه ڪيرون کي جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا. ميان کي نومبر 1940 تي گرفتار ڪيو ويو. 1941 ۾ ڪيترائي ڪميونسٽ ۽ ڪانگريسي جنگ خلاف ۽ فوج ۾ ڀرتي خلاف هجڻ ڪري گرفتار ڪيا ويا. ڪميونسٽ اثر واري شاگردن جي جماعت به انگريزن خلاف ۽ جنگ خلاف تحريڪ هلائي ۽ مُلڪ راج آنند جي صدارت ۾ گرفتاريون ڏنيون. MN Roy ڪميونسٽ پارٽي کان جدا ٿي هٽلر جي نازي پارٽي طرفان جنگ جو مخالف ٿيو پر ڪميونسٽن هن کي ڪو وزن ڪين ڏنو.
[b]روس تي هٽلر جو حملو ۽ ڪميونسٽ پارٽي.
[/b]هاڻي ڏسو ته قصو ڪيئن اُلٽو ٿيو، صبح جو ڪميونسٽ انگريز خلاف هئا. رشيا جرمن سان ٺاھ ڪيو هو انڪري هو جرمن خلاف ڪين هئا. MN Roy جرمن خلاف هو، نازي خلاف هئا. ڪميونسٽ ان کان ناراض هئا، هو انگريز خلاف آزادي جي جنگ ۾ ڪانگريس سان گڏ هئا. پر جيئن ئي 22 جون 1941 تي جرمني روس تي حملو ڪيو. رشيا انگلينڊ سان جنگ ۾ ساٿي ٿيو ته فورن ڪميونسٽن پاسو بدلايو ته هاڻي اها جرمن خلاف پيپلزوار آهي. رشيا (USSR) ۽ سندس ساٿي انگلينڊ جي مدد ڪئي وڃي. وڃي انگريز جي آرمي به ڀرتي ٿيو، هن کانپوءِ هندستان جا سمورا وسيلا جنگ لاءِ ڪم آندا ويندا. سامراج جي جنگ پيپلز (عوامي) جنگ بڻجي ويئي. ته ڇا هيل تائين ائين چوندا رهيا هئا ته انگريز جي هٽلر خلاف جنگ جي مدد ڪين ڪبي، انگريز سامراج جي شڪست سان ئي هندستان کي آزادي ملي سگهندي. ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا محسوس ڪيو ته هيل تائين هو غلط هئا ۽ هاڻي انهي غلطي جو اعتراف ڪندي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا 1 ڊسمبر 1941 تي پارٽي ليٽر شايع ڪيو، ته سندن Polit Beauro دنيا جي مسئلن تي غلط سياسي لائين ورتي آهي. جيڪا لائين هنن بورجوادي نظرين واري ورتي هئي ۽ اها مزدورن انقلابين (Proletariat) جي ۽ مارڪس ۽ لينن واري وارن جي ڪين هئي. هنن (CPI) انهي سوال تي ويچار ظاهر ڪيو ته اسين ڇو جنگ خلاف هئاسون. اسان انگريز خلاف جنگ آزادي جي بورجوادي قومي نفرت کي اپنائي اهو نه سمجهي سگهياسون ته اها جنگ هٽلر ڪو پيپلز وار ڪري لڙندو. انگريز ترقي پسند روس سان گڏ آهي. هٽلر جي نازيزم خلاف وڙهي رهيو آهي. جيتوڻيڪ في الحال اسان اوندهه ۾ هئاسون. ڪانگريس جي بي بنياد قومي آزادي جي خيال پٺيان لڳاسون. اهڙي طرح انهي جنگ ۾ انگريزن جي ساٿ ۾ ڪميونسٽ رهيا. سوين ڪميونسٽ جيلن ۾ هئا جيڪي انگريزن آزاد ڪيا. فيض احمد فيض ۽ سندس ڪيترائي ڪميونسٽ ساٿي انگريز جي فوج ۾ ڀرتي ٿيا.
اهو تاريخ جو اهم فيصلو هئو، توڙي جو ڪميونسٽن ڪانگريس سان وفا نه ڪئي ۽ انگريزن جا مددگار ٿيا هئا، کڻي جو هو ڦيرو هڻي، نئين دڳ تي آيا هئا. پر اڳيان هلي سندن اهڙو فيصلو درست ثابت ٿيو ۽ نتيجي ۾ انگريز حڪومت 23 جولاءِ تي ڪميونسٽ پارٽيءَ تان بندش لاهي ڇڏي.
[b]ڪئٽ انڊيا هلچل Quit India Movement.
[/b]آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي جو مشهور اجلاس بمبئي (هاڻوڪي ممبئي) ۾ 8 آگسٽ 1942 ۾ ٿيو، جتي گانڌي جو پيش ڪيل ڪئٽ انڊيا (هندستان هڪدم ڇڏي هليا وڃو) ٺهراءَ پاس ڪيو. جنهن ۾ ڪانگريس جا سمورا وڏا ليڊر جواهر لال نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، سردار پٽيل ۽ ٻيا سڀ موجود هئا. چند ڪلاڪن اندر سمورا ليڊر گرفتار ڪيا ويا. ڪي ليڊر زيرزمين فرار ٿي ويا. ملڪ ۾ وڏا هنگاما ٿيا، بغاوت جا آثار ڏسڻ ۾ آيا، عام هڙتالون ٿيون، تارون ۽ ٽيليفون تارون ڪٽيون ويون، پوليس ۽ عوام ۾ مقابلا ٿيا، لاٺي چارج ٿيون. في الحال انگريز لاءِ بغاوت کي ڪچلڻ مشڪل ٿي پيو. ڪميونسٽ پارٽي وارن ڪانگريس جي مخالف ڪندي چيو ”هي قدم خودڪشي برابر آهي.“
هتي آئون انهي ڪئٽ انڊيا Quit India واري واقعي جون ڪجهه ضروري ڳالهيون لکان ٿو، جيڪي پوءِ وقت گذرڻ بعد ظاهر ٿيون آهن ۽ اُڀريون آهن. امداد صاحب هي ڳالهيون آئون انهي ڪري ٿو بيان ڪيان، جو مونکي ڪميونسٽ فلسفي ۽ نظريي لاءِ خاص عزت آهي ۽ آئون تاريخي واقعا بيان ٿو ڪيا ته ڪٿي ڪٿي جيتوڻيڪ غلطيون لڳيون پر تاريخ ۽ وقت سندن غير مقبول عملن کي صحيح ثابت ڪيو.
ان وقت ڪانگريس ۽ ڪميونسٽن جا رستا جدا ٿيا هئا. پر ڪميونسٽن هنن ڪانگريسي ليڊرن جي آزادي جي گهر ڪئي ۽ هندستان ۾ جنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سرڪار جوڙڻ جو مطالبا ڪيا. ڪميونسٽن جي ڪانگريس کان پاسيرو ٿيڻ ڪري ڪانگريس وارن جي ٽوڙڦوڙ ۽ تشدد ۾ گهٽتائي آئي. ان وقت جپان جنگ ۾ جرمني سان سلهاڙجي داخل ٿيو هو ۽ ڪميونسٽ انهن کي سامهون ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا رهيا. حالانڪه ڪانگريس جو ليڊر سڀاش چندر بوس ته جاپان جي مدد سان اوڀر هندستان تي فوجي حملو ڪري رهيو هو. انکي ڪانگريس جي مدد هئي پر ڪميونسٽن جي ڪين هئي. ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي طرفان ڪيل ڪئٽ انڊيا فيصلو صحيح هو يا غلط، ان واقعي کي هينئر 72 سال ٿيندا. ڪن جو چوڻ هو ته اهو فيصلو صحيح ڪين هو سي آهن. مولانا ابوالڪلام آزاد جو گانڌي ۽ جواهر لال جي جوڙ جو ليڊر هو. هو به ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر هو. هو به 8 آگسٽ 1942 تي ممبئي ۾ انهي ميٽنگ ۾ موجود هو. هن گانڌي طرفان پيش ڪيل ڪئٽ انڊيا جي ٺهراءُ تي مخالفانه راءِ ظاهر ڪئي هئي. هن جو چوڻ هو ته اڳ ۾ ئي مسلم ليگ ۽ جناح جي سياست انگريز سان سلهاڙيل آهي سي اڃا تائين مٿي ڪين نه اُسريا آهن، سي فائدو حاصل ڪندا ۽ انگريز انهن کي ڪانگريس خلاف استعمال ڪندو. هن اها ڳالهه پنهنجي سوانح عمري (Autobiography) India wins freedom ۾ به لکي آهي.
راجگوپال آچاريه هندستان جي پهرئين گورنر جنرل به اها ڳالهه لکي آهي ۽ ساڳيا دليل ڏنا آهن.
[b]ٻي جنگ عظيم ۽ مسلم ليگ.
[/b]وقت ثابت ڪيو ته مسلم ليگ ان مان فائدو حاصل ڪري اڳتي اثر پيدا ڪري ويئي ۽ انگريز سان جڙي ويئي. انهن ليگ کي مدد ڪئي انهي مدد سان ئي ورهاڱو ٿي سگهيو، جن ڪئٽ انڊيا جي مخالفت ڪئي سي چون ٿا ته جيڪڏهن جنگ ۾ ڪانگريس انگريز جي مدد ڪري ها يا مخالف نه ڪري ها ته پوءِ مسلم ليگ سان انگريز ڳٺجوڙ ڪين ڪري ها، ۽ پاڪستان ممڪن ٿي ڪين سگهي ها.
جيڪي ڪئٽ انڊيا جي فائدي ۾ آهن تن جو چوڻ آهي ته هندستان جنگ جي مخالف ڪري تحريڪ هلائي انگريز کي ذهن نشين ڪرايو ته هو هاڻي هندستان تي قبضو قائم رکي ڪين سگهندا، فوج به کين مدد ڪين ڪندي، هندستان جو عوام انگريز جي غلامي جو طوق لاهڻ لاءِ آتو هو. آزاد ٿيڻ جي واقعي کي وڌيڪ تقويت ملي. انگريز ء۽ مسلم ليگ جي مدد ڪرڻ ۽ جنگ ۾ مدد ڏيڻ ڪري ڪميونسٽ پارٽي جي ساک کي وڌيڪ ڌڪ لڳو. ڪئٽ انڊيا تحريڪ کڻي جو غلط هئي پر اها هندستان جي عوام جي امنگن پٽاندڙ هئي ۽ انڪري ڪميونسٽ في الحال غير مقبول ٿي ويا.
[b]چرچل ۽ واويل جو مسلم صوبو.
[/b]جنگ جي پڄاڻي وقت هندستان جو وائسراءِ گورنر جنرل لارڊ واويل Lord Wavell ۽ انگلينڊ جو پرائيم منسٽر انهي جنگ جو هيرو ونسٽن چرچل هو. اهي ٻئي ذهني ۽ نظرياتي طور ڪميونسٽن جي خلاف هئا ۽ پڻ هندستان کي آزاد ڪرڻ خلاف نوان اٺسٺا ٻڌندا رهيا هئا. ان وقت انگريز جي مدد ڪرڻ ڪري ڪميونسٽ مقبول ڪين هئا. مسلم ليگ لاءِ انگريز منصوبو جوڙيو هو ته پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد (هاڻوڪي خيبرپختونخواھ) کي ملائي هڪ صوبو ٺاهي انکي بيٺڪ (Colony) بڻائي انگريز جي حڪومت کي قائم رکي، باقي هندستان کي آزاد ڪري مهاتما گانڌي ۽ ڪانگريس حوالي ڪري ۽ انگريز جنگي علائقي هئڻ جي موجوده پاڪستان واري حصي کي پنهنجي ڪالوني طور قائم رکن ها. جتان روس جي زور کي وڌڻ کان روڪين ها، اهڙي اسڪيم لارڊ واويل جوڙي هئي ۽ انکي چرچل آشيرواد هئي. پر قدرت کي ٻيو ڪجهه منظور هو. جنگ بند ٿيڻ سان ئي انگلينڊ ۾ اليڪشن رکي ويئي، چرچل سان گڏ ليبر پارٽي جنگ هلندي ڪوئليشن گورنمينٽ ۾ گڏ هئي. جنهن جو پرائيم منسٽر ۽ جنگ جو انچارج چرچل هو. پر 1945 واري اليڪشن ۾ انگلينڊ ۾ چرچل جي ڪنزرويٽو پارٽي کي شڪست آئي ۽ ليبر پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ ائٽلي Atlee وزيراعظم ٿيو. چرچل هٽي ويو ۽ ڪليمنٽ ائٽلي Clement Atlee وڏو وزير ٿيو ۽ هن جي پارٽي کي حڪومت ملي. جيڪي وري ڪانگريس جي فائدي ۾ هئا.
ان وقت هندستان جو وائسراءِ لارڊ ويول هندستان ۾ هندو مسلمان کي ويڙهائي آزادي کان نٽائڻ جا، يا مسلم ليگ جي مدد سان، اسان وارو علائقو جدا ڪري، انگريز جي زيرِ اثر هيٺ رکڻ واري اسڪيم تي عمل پيرا هو. ڪانگريس ۽ گانڌي انهي ڪري هن مان خوش ڪين هئا. انهي ڪري ليبر پارٽي جي پرائيم منسٽر ائٽلي هن کي هٽائي انجي جڳهه تي ليبر پارٽي جو همدرد لارڊ (ائڊمرل) لوئي مائونٽ بيٽن کي گورنر جنرل مقرر ڪيو ۽ پاڪستان ٿيڻ واري علائقي تي انگريز جي حڪومت قائم رکڻ واري اسڪيم پُسي پئي پر ڪامورا ۽ هندستان جا انگريز آفيسر ۽ فوجي آفيسر ته ساڳيا هئا جيڪي ئي تيئن وائسراءِ ۽ گورنر جنرل جا زبردست صلاحڪار ۽ پاليسي هلائڻ وارا هئا.
آمريڪا (USA) طرفان انگلينڊ تي جنگ شروع ٿيڻ سان ئي زور رکندو آيو ته هو هندستان کي آزاد ڪري جيئن هو کُلي طرح جنگ ۾ شريڪ ٿئي ۽ مدد ڪري.
[b]ٻي جنگ عظيم بعد ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ پارٽي.
[/b]”ڪميونسٽ موومينٽ ان پنجاب “ ڪتاب جي ليکڪ ”ڀڳوان جوش“ ص 181 تي زيڊ اي احمد هندستان جي ڪميونسٽ ليڊر جي 28 جون 1945 تي جواهرلال نهرو سان ڪيل ملاقات جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن جو احوال هن پي سي جوشي جي ڪتاب اَ فري هئپي انڊيا A Free Happy India (1946) تان کنيو آهي. اهو گفتگو اکر به اکر هن ريت آهي.
احمد- پهرين آئون شروع ڪندس، اوهانجي ممبئي ۾ ڪيل پريس بيان کان. جنهن جي مونکي نااميدي ٿي ۽ ڏک رسيو ان ڳالهه تي جيڪو اوهان ڪميونسٽن بابت چيو. ڪو ٻيو ائين اسان خلاف چوي ها ته اسانکي تشويش ڪين ٿئي ها، پر توهان ته اسانکي گهڻي وقت کان سڃاڻو ٿا. توهانکي ڪميونسٽن جي بين الاقوامي تحريڪن بابت به ڄاڻ رکو ٿا. تنهنڪري توهان جو چوڻ ته اسان آزادي جي مخالف ڪئي هئي، اسين حقيقت ۾ سوويت روس جا ايجنٽ آهيون، اسين انهي تي انتهائي ڏکارا ۽ متاثرآهيون. مونکي خبر ناهي ته توهان جي دل ۾ ڇا هئو جو توهان ائين بيان ڏنو، ڪميونسٽن جا مخالف ان ڳالهه جو سخت فائدو وٺندا. توهان اسان تي الزام هنيو آهي ته اسين وطن دوست (Patriotic) نه آهيون، مونکي معاف ڪجو توهان اسان سان انصاف نه ڪيو آهي، Unfair.
نهرو- منهنجو اهو مطلب ڪين هو ته توهان ڪو سرڪار سان ملي ويا هئا، منهنجو مطلب هو انهي نازڪ وقت تي جڏهن انگريز سرڪار ۽ قومي تحريڪ ۾ ٽڪراءَ هو، تڏهن توهان قومي تحريڪ طرف ڪين هئا. اهو جدا سوال آهي ته انهي وقت قومي تحريڪ طرفان کنيل قدم صحيح هو يا غلط هو، پر اها حقيقت آهي ته توهان قومي تحريڪ کي ڪا مدد ڪين ڪئي. آئون اهو تاثر ڏيڻ نٿو چاهيان ته توهان ڪو سرڪار جي سخت ۽ جابرانه پاليسي جا مددگار هئا.
احمد- توهان ائين به چيو هئو ته توهان جي پاليسي سوويت روس جي بين الاقوامي پاليسي ئي طئه ڪندو هو. ان مان اهو تاثر ته اسين سوويت روس جا ايجنٽ آهيون، پر مونکي يقين آهي ته توهان قبول ڪندا ته اهو صحيح ناهي. اهو اهڙن حلقن کي هڪ هٿيار طور ڪم ايندو ته جن جو ڪم ئي ڪميونسٽن جي مخالف ڪرڻ آهي.
نهرو- پنهنجو اهو ڪنهن به قسم جو مطلب ڪين هو ته توهان هتي سوويت يونين جا ايجنٽ آهيو. منهنجو مطلب هو ته دفاع سلامتي ۽ مفاد جي معاملي ۾ سوويت يونين سڀني ملڪن جي ڪميونسٽن تي وڏو اثر ٿو رکي.
احمد- اهو برابر درست آهي ته اسين سوويت يونين جي دفاع سلامتي ۽ مفادن کي تمام وڏي اهميت ٿا ڏيون، جيڪا ٻين قومي پارٽين کان به وڌيڪ هوندي آهي، پر اهو اسين انهي ڪري ڪيون ٿا جو اسين سوويت يونين کي سلطنت شاهي خلاف وڏي طاقت سمجهون ٿا. انهي ڪري اهو اسانجي قومي مفادن وٽان هجي ٿو. انهي ڪري اِهو چوڻ ته اسانجون قومي پاليسيون سوويت جي خارجي پاليسين پٽاندڙ ٺهن ٿيون.
نهرو- منهنجو مطلب آهي ته هنن جو سوويت يونين سان لاڳاپي ۽ بين الاقوامي ضرورتن جي تحت هجڻ ڪري ڪميونسٽ باقي قومپرستن کان مختلف هجن ٿا. انهي ڪري قومي مفادن بابت اوهان سان تضاد پيدا ٿين ٿا. بنيادي سوال آهي قومي پارٽين جي من ۾ ملڪي مفاد جي مقدم آهي، پر ڪميونسٽن تي ٻيا ڌاريان مفاد به اثر ڪن ٿا. هنن وٽ سوويت يونين جي سلامتي ۽ دفاع وڏو وزن بڻجن ٿا.
احمد- پر اسانجا عمل قومي مفادن کي تقويت پهچائين ٿا يا انکي ڪمزور ڪن ٿا؟.
نهرو- اڳتي هلي توهانجو رخ کڻي صحيح ثابت ٿئي پر بروقت سوالن ۽ نقتن تي هو عام ڌارا سان ٽڪراءُ ۾ اچن ٿا. 1942 ۾ برٽن خلاف سخت نفرت هئي جنهن ڪري هو انهن خلاف ملڪ گير تحريڪ ۾ شامل ٿيا هئا. ان وقت توهانجي پاليسي جي حق ۾ تمام ٿورا شخص هئا. توهان ڪروڙن انسانن تي ڪو اثر ڪين رکي سگهيا، تنهن ڪري توهان ۽ قومي تحريڪ ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيڻ ڪري عوام ۽ توهان درميان ويڇو وڌي ويو.
احمد- پر هاڻي جي اسين واپس ٿي قومي تحريڪ طرف موٽون ٿا، ته پوءِ اسان ڪنهن به ڪم جا ڪين بچنداسون.
نهرو- سوال واپس ٿيڻ جو ناهي پر حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو، قومي سوچ وڏي طاقت وارا جذبا ٿين ٿا، توهان انهن کي نظرانداز نٿا ڪري سگهو، ان لاءِ آهستگي سان ماحول جڙندو.
[b]روچي رام
[/b]