هن مجموعي ۾ جيڪي ڪهاڻيون شام آهن اهي خاص ٻارن جي لاءِ لکيل آهن جن مان ڪافي ڪهاڻيون ڇپيل آهن. اڄ اسان وٽ ٻارن جي ادب جي تمام کوٽ آهي ڪوبه ٻارن جي لاءِ رسالو نه نڪري رهيو آهي جنهن ۾ ٻار لکي پنهنجي لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگھن. خاص ڪري سنڌي ادب ۾ ٻارن جي ادب جي تمام گھڻي کوٽ آهي. ڪو وقت هوندو هو هر سنڌي اخبار ۾ ٻارن جي لاءِ باقاعده هر هفتي صفحا نڪرندا هئا جن ۾ جيڪي ٻار لکڻ شروع ڪندا هئا اهي اڳتي وڏا اديب بنجي ويا. اڪثر گھڻن ٻارن جي ادب لکڻ سان شروعات ڪئي هوندي. اڳ ٻارن جي لاءِ گل ڦل رسالو نڪرندو هو اهو هن وقت نه اچي رهيو هو. ارچڪ مرچڪ ، گلستان وغيره رسالا نڪرندا هئا. مرحوم اسرار شام ٻارن جي ادب لاءِ هميشه جاکوڙ ڪندو رهيو. پاڻ ٻارن جي لاءِ ٻارڙا پبليڪيشن جي لاءِ رسالو باقاعدگي سان ڪڍندا رهندا هئا. هن وقت ٻارن جي ادب ۽ رسالن جي سخت کوٽ محسوس ٿي رهي آهي.ٻارن جي لاءِ لکڻ سولو نه آهي تمام ڏکيو آهي. ٻارن جي لکڻ لاءِ ٻار ٿي وڃڻو پوي ٿو ، ٻارن جي لاءِ جيڪي به نثر يا نظم لکيو ويندو آهي ان ۾ ٻارن جي لاءِ رهنمائي ۽ نصيحت شامل هوندي آهي. مون به ٻارن جي صفحن کان لکڻ شروع ڪيو. محترم احمد خان شيخ ، محترم لائق سنڌي ، محترم عبدالغني درس ، محترم عرس فقير بهراڻي ، محترم لؤنگ خان عاجز ڀاڻو ،محترم سعدالله سپاهي ابڙو ۽ ٻين منهنجي ڪافي همت افزائي ۽ رهنمائي ڪئي. هر قدم تي منهنجو ساٿ ڏنو. هن وقت محترم محمود مغل صاحب ، محترم محمد سليمان وساڻ ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جا ساٿي منهنجي رهنمائي ۽ همت افزائي ڪري رهيا آهن. آئون انهن ۽ انهن ٻين سڀني ساٿين جو احسان مند آهيان جن جا هتي نالا نه لکيا اٿم پر انهن به منهنجي همت افزائي ڪئي. هي مختصر ٻارن جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪي هتي پيش ڪري رهيو آهيان. منهنجي دوستن کي گذارش آهي ته منهنجي رهنمائي ڪندا رهندا ته سندن وڏا وڙ ٿيندا