ٻاراڻو ادب

هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

هي ڪتاب ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ محترم دوست خادم گهراڻي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
خادم گهراڻو سنڌ سلامت سٿ جو سينيئر ۽ پراڻو دوست آهي. اڄ جڏهن ڪتاب ڇپائڻ عام ليکڪ لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم ٿي چڪو آ، ڇو ته ادبي ادارا مفت ۾ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ناهن، سرڪاري ادارا پنهنجي الڳ پاليسي جوڙيو ويٺا آهن. سنڌ سلامت آنلائين ڪتاب جي سروس آڻي اهڙن ليکڪن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن.
Title Cover of book هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

هيرن جواهرن جو ٿيلهو

هڪ ڳوٺ ۾ احمد نالي هڪ ايماندار ۽ محنتي مزدور رهندو هو.هن جي سچائي ۽ ايمانداري جي سڄي ڳوٺ ۾ هاڪ هوندي هئي.هن جي اڳيان لکين روپيا پيا هجن پر هيءُ انهن کي هٿ به نه لائيندو هو. هيءُ چوندو هو ته جيڪڏهن ڪا به شيءِ رستي تي ملي ته ان کي پنهنجي نه سمجھجي پر ان کي ڪنهن جي امانت سمجھي ان جي مالڪ تائين پهچائجي. جيڪڏهن ان جو مالڪ نه ملي سگھي ته اها امانت ڪري پاڻ وٽ رکجي. هن جو اهو به چوڻ هوندو هو ته هڪ استاد مون کي ٻڌايو هو ته جيڪڏهن لکين روپيا حلال جا هجن ان ۾ هڪ پيسو حرام جو ملائجي ته سڀ حرام ٿي ويندا آهن حرام ۾ برڪت نه هوندي آهي.احمد کي صرف هڪ نياڻي هئي جنهن سان هيءُ بيحد محبت ڪندو هو چوندو هو ته منهنجو پٽ به اها آهي ڌيءَ به اها آهي.ان کي به ايمانداري جو سبق پڙهايو هو.احمد روز شهر ويندو هو جيڪا به مزوري ملندي هئي اها ڪندو هو ڪنهن به ڪم جو جواب نه ڏيندو هو چوندو هومتان ان ۾ منهنجو رزق هجي جيڪو حلال جو ملي اهو سٺو آهي.شام جو وري واپس گھر موٽي ايندو هو هن جي ٿوري ڪمائي تي به هن جو گھر خوشحال هوندو هو. سٺي نموني سان هلي رهيو هو هن کي ڪنهن جي اڳيان به هٿ ٽنگڻ يا قرض گھرڻ جي ضرورت ڪانه پوندي هئي.هيءُ اهو به چوندو ته منهنجي حلال جي ڪمائي ۾ رب پاڪ برڪت وڌي آهي ان جي ڪري آئون سکيو ستابو گذاري رهيو آهيان. هن کي جيڪو ڪم مزوري ڪرڻ جي لاءِ ملندو هو اهو ڪندو هو ، ڪنهن کي جواب نه ڏيندو هو چوندو هو اها رب پاڪ مون ڏانهن روزي موڪلي آهي.هيءُ محنت کي عظمت سمجھندو هو. انهيءَ ڳوٺ ۾ صابو نالي هڪ ڪپڙي جو دوڪاندار هو ان هڪ ڏينهن احمد کي چيو ته هڪ ڀت کڻائڻي آهي ان جي لاءِ تون مون کي بنياد کوٽي ڏي. صابو به هڪ ايماندار دوڪاندار هو. هن جو چوڻ هو ته حڪم ٿيل آهي ته مزور کان گھڻو ڪم نه وٺجي ان جوڪم اجورو هن کي ڏنو وڃي.هيءُ چوندو هو ته جيڪي منهنجي دوڪان ۾ سهڻا ۽ خوبصورت ڪپڙا آهن اهو دنيا جو ڏيک آهي اصل ڪپڙو ڪم جو اهو جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڻ سان کڻي وڃي ٿو.يعني نيڪ ۽ صالح عمل. هن کي ڪوبه اولاد نه هو جنهن ڪري ڳوٺ جي ٻارن سان بيحد پيار ڪندو هو انهن کي پنهنجو اولاد سمجھندو هو جيڪي غريبن جا ٻار پڙهندا هئا انهن جي مدد ڪندو رهندو هو چوندو هيءُ پيسو هٿن جي مير آهي اڄ آهي سڀاڻي نه هوندو. احمد جيئن هن جي گھر جي ڀت لاءِ بنيا کوٽي رهيو هو ته ٽيڪم ڪنهن شيءِ ۾ قابوٿي ويو. هن ان کي کوٽي ڪڍيو ته هڪ ٿيلهو نڪتو جنهن کي هن کوليو ته اهو هيرن جواهرن سان ڀريو پيو هو هيءُ اهو ٿيلهو کڻي صابو وٽ آيو ان کي چيائين ته توهان جي گھر جي حصي مان مون کي هيءُ ٿيلهو مليو آهي جيڪو اوهان جي امانت آهي اهو ڏيڻ آيو آهيان هيءُ مون کان وٺو ته آئون ڪم تي وڃان. صابو چيو ته هن جو آئون مالڪ نه آهيان هيءُ تنهنجو آهي توکي مليو آهي انتي احمد هن کي چيو ته هن جو حقدار آئون نه آهيان جنهن تي صابو چيس ته پوءِ هيءُ ولڻ جو آهي ڇاڪاڻ ته هيءُ گھر مون ان کان ورتو هو هيءُ ٻئي ڄڻا ولڻ ڏانهن ويا رستي ۾ هنن کي ولڻ جو پٽ مليو جنهن کان هنن ولڻ جو پڇيو جنهن هنن کي چيو بابا اسڪول وٽ بيٺو آهي ڇاڪاڻ ولڻ اسڪول وٽ چڻن جو گاڏو هڻندو هو جنهن ۾ هيءُ عيب نه سمجهندو هو چوندو ته اهو به پورهيو آهي. هيءُ ٻئي ڄڻا ولڻ وٽ ويا جنهن کي سڄو قصو ٻڌايو جنهن تي هن صابو ۽ احمد کي چيو ته ان ٿيلهي تي منهنجو حق نه آهي مون پلاٽ صابو کي وڪڻي ڏنو هو هاڻي ان جو مالڪ صابو آهي هيءُ ٿيلهو به صابو جو آهي صابو وري چيو ته هيءُ ٿيلهو منهنجو نه آهي احمد جو آهي جنهن کي بنياد کوٽيندي مليو آهي يا توهان جو آهي جو اڳ پلاٽ توهان وٽ هو هنن جو اهو معاملو هلندو رهيو هرڪو پنهنجي ڳالهه تي قائم بيٺو هو. آخر ولڻ چيو ته هلو ته هلي فيصلو ٿا ڪرايون ته ان ٿيلهي جو حقدار ڪير آهي ؟ هاڻي هيءُ سوچڻ لڳا ته فيصلو ڪرائجي ته ڪنهن کان ڪرائجي ؟ اهڙو ڪو انسان هجي جيڪو حق وارو فيصلو ڪري جيئن جيڪو هن ٿيلهي جو حقدار آهي ان کي هيرن جواهرن وارو اهو ٿيلهو ملي وڃي.ڪهڙو ماڻهو آهي ؟ جنهن وٽ هلجي ٽيئي ڄڻا سوچن ۾ پئجي ويا سوچي سوچي صابو چيو ته هلو ته سائين خان محمد وٽ هلون اهو پنهنجي ڳوٺ ۾ سڀني کان عمر ۾ وڏو آهي ۽ سڄي ڳوٺ جو استاد آهي سڀ ڳوٺ وارا نئين نسل کان سواءِ سائين وٽ پڙهيا آهن ان وٽ هلجي ٽيئي راضي ٿي ويا ٽيئي ڄڻا گڏجي سائين خان محمد وٽ آيا ان کي ان ٿيلهي جو سڄو قصو ٻڌايو هنن جو قصو ٻڌي سائين خان محمد چيو ته مون کي توهان سوچن ۾ وجھي ڇڏيو آهي ڏکيو مسئلو آهي هاڻي ان تي غور ويچار ڪجي ته ان ٿيلهي جو حقدار ڪير آهي ؟ توهان ٽيئي ڄڻا چئوٿا ته اسان ان ٿيلهي جا حقدار نه آهيون توهان مان ڪو به اهو ٿيلهو کڻڻ لاءِ راضي نه آهي.ڪجھه دير کان پو ءِ سائين خان محمد چيو ته جيڪڏهن توهان ناراض نه ٿيو ته منهنجي ذهن ۾ هڪ ڳالهه آئي آهي چئو ته توهان کي ٻڌايا جنهن تي هنن ٽنهي چيو ته سائين توهان اسان جا استاد آهيو ڄڻ اسان جا بابا آهيو توهان جيڪو به فيصلو ڪندا اسان ٽنهي کي قبول آهي. جنهن تي سائين خان محمد چيو ته صابو توکي اولاد نه آهي احمد کي هڪ ڌيءَ آهي ولڻ کي هڪ پٽ آهي ڇو نه پاڻ انهن جي شادي ڪرائي هيءُ مليل ٿيلهو انهن کي ڏيئي ڇڏيون جيئن هو پنهنجو جيون سکيو گذارين. صابو چيو ته سائين منهنجو پنهنجو اولاد نه آهي پر ڳوٺ جا سڀ ٻار منهنجا آهن احمد جي ڌيءَ ۽ ولڻ جو پٽ به منهنجا آهن. هاڻي هيءُ ٻئي ڇا ٿا چون ولڻ چيو سائين جيڪڏهن نصيب ۾ هنن جي شادي لکيل آهي مون کي قبول آهي احمد چيو ته هڪ نه هڪ ڏينهن نياڻي جي شادي ڪرائڻي آهي جيڪڏهن هن جو نصيب ولڻ جي پٽ سان لکيل آهي ته مون کي قبول آهي ٽيئي ڄڻا هن ڳالهه تي راضي ٿيا پر هنن سائين خان محمد کي چيو ته هن شادي جا سربراهه توهان آهيو هيءُ هيرن جواهرن جو ٿيلهو به توهان رکو شادي جي موقعي تي انهن کي توهان ڏجو. وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو هڪ ڏينهن اهو به آيو جڏهن احمد جي ڌي ءَ ۽ صابو جي پٽ جي شادي ٿي. شادي کان پوءِ موڪلاڻي جي وقت سائين خان محمد هنن ٽنهي ڄڻن کي سڏ ڪيو ۽ چارئي گڏجي گھوٽ ۽ ڪنوار وٽ آيا.انهن کي سکئي رهڻ جون دعائون ڏيئي سائين خان محمد اهو ٿيلهو انهن جي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو ته هيءُ هنن ٽنهي جي ايمانداري ۽ سچائي جو انعام آهي جيڪو اوهان جي نصيب ۾ آيو آهي هيءُ وٺو پنهنجي نئين سفر کي سهڻي نموني گذاريو. رخصتي کان پوءِ هنن ٽنهي استاد کي چيو ته سائين واهه جو فيصلو ڪيو آهي توهان جي فيصلي سان دوستي به مضبوط ٿي ۽ اها دوستي رشتيداري ۾ بدلجي ويئي هيءُ اسان جو اولاد ته آهن پر صابو جو به آهن ڇاڪاڻ ته صابو هنن کي پيار ڪيو هنن سان کيڏيو آهي اولاد جي زندگي سکي ٿي پاڻ تان به فرض لهي ويو ان بعد سڀئي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملي پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن مشڪندي روانا ٿيا. هيرن جواهرن جي ٿيلهي جو به معاملو حل ٿي ويو.