ٻاراڻو ادب

هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

هي ڪتاب ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ محترم دوست خادم گهراڻي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
خادم گهراڻو سنڌ سلامت سٿ جو سينيئر ۽ پراڻو دوست آهي. اڄ جڏهن ڪتاب ڇپائڻ عام ليکڪ لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم ٿي چڪو آ، ڇو ته ادبي ادارا مفت ۾ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ناهن، سرڪاري ادارا پنهنجي الڳ پاليسي جوڙيو ويٺا آهن. سنڌ سلامت آنلائين ڪتاب جي سروس آڻي اهڙن ليکڪن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن.
Title Cover of book هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

همدردي

پيا را ٻارو اڄ آئون اوهان کي هڪ رحمدل ۽ همدرد ٻار جي ڪهاڻي ٻڌايان ٿو. هن ٻار جو نالو احسان هو. هن هڪ دفعي پنهنجي استادن کان ٻڌو هو ته هرڪو پنهجي جيون جي لاءِ جيئي ٿو پنهنجي خوشين جي لاءِ ڪوشان رهي ٿو پر اصل زندگي جو مزو تڏهن ايندو آهي جڏهن ماڻهو ٻين ڪاڻ جيئي. رب پاڪ هن جي دل ۾ همدردي جو جذبو اڳ ئي پيدا ڪري ڇڏيو هو جڏهن هن استادن جي ڳالهه ٻڌي ته هيڪاري هن جو جوش جذبو وڌيو هن جي هڪ فطرت هوندي هئي ته صبح جو سوير اٿي ڇت تي ان جا داڻا ڇڏيندو هو جيئن پکي انهن کي چڳن ۽ ڀتين تي پاڻي جا ڪونڊا ڀري رکندو هو جنهن مان پکي پاڻي پيئن رڳو اهو نه پر هن گھر جي ٻاهران به هڪ ڪونڊو رکيو هو جنهن مان ڪتا ۽ ٻيا جانور به پاڻي پيئندا هئا. هر وقت هن کي ٻين سان همدردي ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو. هن جا والدين هن جي ان عمل تي ڏاڍا سرها ٿيندا هئا. هن پنهنجي جيون ۾ ٻين جي لاءِ همدردي جو جزو رکيو آهي هي رڳو پکين جانورن جو نه پر جيت جڻي انسانن جو به خيال ڪندو هو. هر ڪنهن جي مدد ڪندو هو. هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته هيءُ پنهنجي گھر کان نڪري اسڪول طرف وڃي رهيو هو ان ڏينهن هن اهو رستو نه ورتو جتان روز ويندو هو پر اسڪول وڃڻ جي لاءِ ٻيو رستو ورتو جيڪو شهر جي ٻاهران ڦري اسڪول ويندو هو هن روڊ تي هڪ شادي حال ۽ ٻه ٽي هوٽلون هنيون. جيئن ئي هيءُ ان رستي تان اسڪول وڃي رهيو هو ته هن هڪ جاءِ تي ڪجھه ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ٻڌو هيءُ يڪدم ان طرف ڏسڻ لڳو هن ڏٺو ته هڪ ٻار جنهن کي صرف هڪ چڍي پيل هئي اهو شادي حال مان اڇلايل کاڌي مان ڪجھه ڳولي هڪ ٿيلهي ۾ وجھي رهيو هو هن جي ويجھو ڪتا آيا ٿي انهن کي هن ڀتر هنيا ٿي. جڏهن احسان هي منظر ڏٺو ته هن جي دل غمگين ٿي ويئي ته هڪ انسان جو اولاد ڪيئن نه پيٽ باهه وسائڻ لاءِ اڇلايل کاڌي مان پنهنجي ضرورت جو کاڌو چونڊي رهيو آهي. احسان يڪدم ان ٻالڪ طرف روانو ٿيو هن ٻالڪ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ته ان چيو امان بکي آهي ادي بکي آهي انهن جي لاءِ کاڌو پيو ڳوليان جنهن تي احسان ان جي هٿ مان اها ٿيلهي ڦري اڇلي ته اهو ٻالڪ روئڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته امان ادي ٻن ڏينهن کان ڪجھه نه کاڌو آهي مون کي ڏي ته انهن کي کارايان ٻالڪ جي ڳالهين احسان کي هيڪاري اداس وڌو. هن کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي گھر آيو جڏهن هن جي والدين هن کان اسڪول نه وڃڻ جو سبب پڇيو ته هن چيو امان منهنجي لاءِ هن وقت اسڪول کان وڌيڪ هي ڪم آهي. پنهنجي ما ءُ کي سڄو واقعو ٻڌايو ماءُ احسان جي هن عمل تي ڏاڍي خوش ٿي احسان جي ماءُان ٻالڪ جنهن جو بدن ميرو هو جسم تي ڪپڙا به نه هئا ان کي وهنجاري ڪپڙا پائي تيار ڪيو ان بکايل ٻار جي بک ختم ڪرڻ لاءِ ان کي کاڌو کارايو ته ٻالڪ چيو ته آئون هيءُ کڻي ٿو وڃان امان ادي بکايل آهن جنهن تي احسان جي ماءُ چيس پٽ تون کاءُ انهن جي لاءِ به آهي. جڏهن هيءُ ٻالڪ کائي تيار ٿيو ته احسان جي ماءُ ڪجھه ڪپڙا ٿيلهي ۾ وڌا ۽ کاڌو به کنيو هن ٻالڪ سان گڏ احسان ۽ هن جي ماءُ به روانا ٿيا. جڏهن هيءُ در وٽ پهتا ته هن جي ننڍڙي ڀيڻ ڊوڙي اچي ڀاءُ کي چهٽي ۽ چوڻ لڳي ادا بک لڳي آهي جنهن تي هن چيو منهنجي ڀيڻ لاءِ جام ماني جڏهن هي اندر داخل ٿيا ته هن جي ماءُ کٽ تي بيمار پئي هئي جنهن هنن کي هٿ سان سلام ڪيو. جنهن جي اکين مان نير وهي رهيا هئا. احسان جي ماءُ ننڍڙي کي کاڌو ڏنو ۽ انهن جي ماءُ کي پاڻ کارايو ماني کائيندي چيائين ته هنن جو پيءُ گذاري ويو آهي آئون بيماري ۾ پيئي آهيان هاڻي الله کان سواءِ هنن جو ڪير به نه آهي جنهن تي احسان چيو ته رب پاڪ هنن جي مدد جي لاءِ اسان کي موقعو ڏنو آهي. احسان پنهنجي ماءُ جي طرف نهاري چيو ته امان پاڻ کي رب پاڪ سڀ ڪجھه ڏنو آهي اصل ڪم به اهو آهي ته اسان هنن کي خوشيون ڏيون. پاڻ واري گھر جي پٺيان جيڪو ڪمرو آهي اتي هنن کي رهڻ لا وٺي هلون منهنجي خواهش آهي ته هنن جي هٿن ۾ ڪچري تان کاڌو ميڙڻ جون ٿيلهيون نه پر علم جا ڪتاب هجن. ماءُ احسان کي سيني سان لڳايو ۽ هن جي اکين مان خوشي جا لڙڪ وهڻ لڳا ته منهنجي پٽ کي ٻين جي لاءِ ڪيڏي نه همدردي آهي. هاڻي هيءُ احسان جي گھر جي ڀر ۾ رهڻ لڳا هي هنن جي ماءُ جو به علاج ڪرائڻ لڳا احسان روز هنن ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ کي وٺي اسڪول ويندو. احسان جي همدردي جي جذبي جي ڪري ڪنهنجا اهنج سهنجن ۾ بدلجي ويا. جيڪي هنن غريبن جا خواب هئا اهي ساڀيا ٿيڻ لڳا. پيارا ٻارو اسان کي به ڏسڻ گھرجي ته اسان جي پاڙي ۾ به ڪو بکايل ، ڪپڙن بغير جيون گھاريندڙ ۽ ڏکايل ٻار ته نه آهي اهڙو ٻار جيڪو مجبوري سبب اسڪول نه ويندو هجي ته اسان ان جي مدد ڪريون اصل زندگي جو مزو ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ آهي جنهن جو اجورو اسان کي اسان جو رب پاڪ ڏيندو.