ٻاراڻو ادب

هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

هي ڪتاب ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ محترم دوست خادم گهراڻي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
خادم گهراڻو سنڌ سلامت سٿ جو سينيئر ۽ پراڻو دوست آهي. اڄ جڏهن ڪتاب ڇپائڻ عام ليکڪ لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم ٿي چڪو آ، ڇو ته ادبي ادارا مفت ۾ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ناهن، سرڪاري ادارا پنهنجي الڳ پاليسي جوڙيو ويٺا آهن. سنڌ سلامت آنلائين ڪتاب جي سروس آڻي اهڙن ليکڪن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن.
Title Cover of book هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

جذبو

هو ٽنگن کان معذور هو پر هن جا جذبا جوان ھئا. هن ڪڏهن به پنهنجي معذوري کي مجبوري نه سمجھيو هو. هيءُ هر روز اسڪول جي در اڳيان هڪ کوکي ۾ ٻارن جون شيون رکي اچي ويھندو هو. هر ٻار کي غور سان پيو ڏسندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻارن کي ڏسندي هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھڻ شروع ٿي ويندا هئا. هر ڪو هن جي لڙڪن کي پيو ڏسندو هو پر هن کان ڪير به اهو نه پڇندو هو ته هن کي ڪھڙو غم آهي جنهن جي ڪري هن جي اکين مان لڙڪ وهندا رهن ٿا. انھيءَ ئي اسڪول ۾ هڪ ٻار احمد پڙهندو هو هيءُ تمام غريب هوندو هو پر سڄـي اسڪول ۾ هوشيار هو جنهن جي ڪري سڀ استاد هن کي ڀائيندا هئا.هن جي دل به رحم واري هئي. هڪ ڏينهن هن سلو ( معذور ) کي روئندو ڏٺو ته ڪافي وقت هن کي ڏسندو رهيو. هن همت ڪري وڃي هن کان پڇيو ته چاچا توکي ڪھڙو ڏک آهي جو تون روئي رهيو آهين. سلو هن کي چيو ته پٽ تون ننڍڙو آهين توکي غمن جي ڪھڙي خبر. جنهن تي احمد چيو ته چاچا غم اسان جو مقدر آهن اسين به توهان وانگر غريب آهيون منهنجو پيءُ به توهان وانگر معذور آهي هيءُ هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو جتي هن جي ٽنگ ڪٽجي وئي پر اڄ به هنن جي خواهش آهي ته آءٌ پڙهي وڏو ماڻهو ٿيان جنهن ڪري منهنجي ماءُ سخت محنت ڪندي آهي.سلو احمد جي ڳالھه ٻڌي هن جي مٿي تي شفقت جو ھٿ ڦيريو ۽ چيو ته پٽ منهنجو به هڪ پٽ آهي ،جيڪو منهنجو سڀ ڪجھه آهي آءٌ چاھيان ٿو ته اهو به پڙھي پر آءٌ هن کي پڙھائي نٿو سگھان هن کي پڙھڻ جو شوق به ڏاڍو آهي. احمد چيو ته چاچا تون فڪر نه ڪر تون پنهنجي ننڍڙي کي اسڪول موڪل آءٌ هن جي مدد ڪندس خدا چاھيو ته اهو هڪ ڏينھن وڏو ماڻهو ٿيندو.سلو ٻئي ڏينهن پنهنجي پٽ کي اسڪول وٺي آيو احمد هن جي هر طرح جي مدد ڪندو هو هن استادن کي به سڄي ڳالھه ٻڌائي هئي اهي به سلو جي پٽ جي مدد ڪندا هئا سلو معذوري هوندي به پھرين کان وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳو. هن کي پنهنجو خواب پورو ڪرڻو هو. وقت گذرندو ويو احمد سلو جي پٽ کي پاڻ سان گڏ پڙهائيندو رهيو. اڄ هنن پنهنجي ڊاڪٽري جي تعليم پوري ڪئي هئي ۽ ڊگرين ڏيڻ جي لاءِ هڪ سيمينار ٿي رهيو هو.جنهن وقت اعلان ڪيو ته هن سال سڄي ڪاليج ۾ ٻه ڄڻا نمبر کڻي آيا آهن اهي احمد ۽ واجد (سلو جو پٽ) آهن. سڀني هنن جي ڪاميابين تي تاڙيون وڄايون سلو پنهنجو خواب پورو ٿيندي ڏسي خوش ٿي رهيو هو.جڏهن واجد کي ڳالھائڻ جي لاءِ چيو ويو ته هن چيو ته اڄ جيڪو مونکي ايوارڊ ملي رهيو آهي ان جو حقدار آءٌ نه پر احمد ۽ منهنجو پيءُ آهن جن هر قدم تي منهنجي مدد ڪئي. اڄ به منهنجي پيءَ جا جذبا جوان آهن اڄ آءٌ اوهان کي پنهنجي پيءٌ سان ملائيندس اهو ان ڪري جي ڪنهن مسئلي کي مجبوري نه سمجھو پر همت ڪريو جيئن اسان جي سماج ۾ رهندڙ سڀني غريبن جا ٻار پڙهي سگھن. جنهن وقت واجد جي پيءُ کي احمد مٿي اسٽيج تي وٺي آيو ته سڀ حيران ٿي ويا ته احمد جي پيءُ معذور ي هوندي ڪيئن نه پنهنجي پٽ کي پڙھايو آهي.اسان کي به هن جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. هر ٻار کي علم جي لاٽ سان منور ڪرڻ گھرجي.معذُري ڪڏهن به مجبوري نه ٿيڻ ڏجي. پر سلو وانگر ارادا ۽ جذبا مضبوط رکڻ گھرجن. مضبوط جذبن سان ڏکي منزل به آسان ٿي ويندي.