ٻاراڻو ادب

هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

هي ڪتاب ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ محترم دوست خادم گهراڻي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
خادم گهراڻو سنڌ سلامت سٿ جو سينيئر ۽ پراڻو دوست آهي. اڄ جڏهن ڪتاب ڇپائڻ عام ليکڪ لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم ٿي چڪو آ، ڇو ته ادبي ادارا مفت ۾ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ناهن، سرڪاري ادارا پنهنجي الڳ پاليسي جوڙيو ويٺا آهن. سنڌ سلامت آنلائين ڪتاب جي سروس آڻي اهڙن ليکڪن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن.
Title Cover of book هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

معذوري نه آهي مجبوري

واسو جڏهن ڄائو هو ته هن جا مائٽ تمام گھڻو خوش ٿيا هنن جو اڳ به اولاد هو پر هن تي اهي سرها ٿيا هئا هن سان سڀ دل وجان سان پيار ڪندا هئا. هن کي ڪنهن به تڪليف ۾ برداشت نه ڪندا هئا. هڪ ڏينهن هن جي طبيعت خراب ٿي ويئي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويا ڊاڪٽر هن جو علاج ڪيو. پر ڪجھه ڏينهن بعد هن کي هڪ ٽنگ ۾ تڪليف ٿي جڏهن وري ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ويو ته ان چيو ته هن کي پوليو ٿيو آهي اهو ٻڌي هن جي مائٽن جي منهن تان مرڪ ڄڻ کسجي ويئي. ائين وقت خاموشي سان گذرندو ويو هيءُ پنجن سالن جو ٿيو هڪ لٺ جي سهاري تي پنهنجي ڀاءُ جي دوڪان تي اچي ويهندو هو.جتي پنهنجي منهن پيو رانديون ڪندو هو. پر اتي هن جي هڪ عادت هوندي هئي ته صبح جو اسڪول ويندڙ ٻارن کي غور سان پيو ڏسندو هو جڏهن ٻار موڪل مهل اتان لنگھندا هئا ته وري به انهن کي پيو ڏسندو هو.ائين محسوس ٿيندو هو ته هن جي دل ۾ لڪل خواهش آهي ته آئون به انهن ٻارن وانگر اسڪول وڃا ن اتي وڃي پڙهان. هڪ ڏينهن اوچتو صبح جو هن پنهنجي ڀاءُ کي قميص کان جھليو ان کي چيو ته هي ٻار اسڪول پيا وڃن مون کي به اسڪول وٺي هل. ڀاءُ گھڻو ئي پئي نٽايو پر هيءُ ضد ڪري ويهي رهيو ته آئون اسڪول ويندس. هن واسو کي چيو ته ٻار توکان وڙهندا توکي تنگ ڪندا هن چيو ته اهي منهنجا دوست ٿيندا مون سان نه وڙهندا. هن جو ڀاءُ هن کي اسڪول ۾ وٺي ويو ۽ ان استاد سان وڃي مليو جنهن وٽ پاڻ پڙهيو هو استاد کي چيائين ته سائين هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي ضد ڪريو ويٺو آهي ته آئون پڙهندس. استاد ننڍڙي کان پڇيو تنهنجو نالو ڇا آهي هن چيو ته واسو استاد وري پڇيس تون پڙهندين جنهن تي هن چيو ته آئون پڙهندس استاد هن جي ڀاءُ کي چيو ته هن کي پڙهڻ جو شوق آهي هن کي ڇڏيو ته هيءُ پڙهي جنهن تي هن جي ڀاءُ چيو ته سائين هيءُ ته.......... استاد اڌ ۾ ڳالهه ڪٽيندي چيو ته تون چوڻ ٿو چاهين ته هيءُ معذور آهي. پر ٻڌ هيءُ معذور ضرور آهي پر مجبور نه آهي هن جو جذبو زنده ۽ مضبوط آهي ته آئون به پڙهان. هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو سڀ هن جو نالو وٺندا هن جي ايتري عزت ٿيندي جو اوهان ڪڏهن سوچيو به نه هوندو. ائين واسو روز اسڪول وڃڻ لڳو دل و جان سان پڙهڻ لڳو هن جو شمار اسڪول جي تمام هوشيار شاگردن ۾ ٿيڻ لڳو. هڪ دفعي اسڪول ۾ والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ تعليم کاتي جا آفيسر ، شهري ، استاد ۽و الدين شريڪ هئا ان پروگرام ۾ واسو انگريزي ۾ تقرير ڪري سڀني کي ڏيندين آڱريون ڏيئي ڇڏيون هن جو هر لفظ ائين ٿي گونجيو ڄڻ هيءُ انگريزي جو ماهر هجي اهو سڀ استادن جي محنت جو نتيجو هو جن هن کي تيار ڪيو هو هن کي پهرئين نمبر جو ايوارڊ مليو ۽ ڪيترائي روڪ انعام به مليا. ائين هيءُ پنجون پاس ڪري انگريزي اسڪول ۾ ويو جتي به هن پاڻ مڃرايو ۽ مئٽرڪ کان ڪاليج ۾ ويو اتي به هن پنهنجي محنت کي نه ڇڏيو هر سال سٺن نمبرن سان پاس ٿيندو ويو پڙهائي دوران هن کي ڪمپيوٽر سکڻ جو شوق ٿيو هن پنهنجي د ل جي ڳالهه هڪ استاد سان ڪئي جنهن پنهنجي هڪ دوست جي دوڪان تي ڇڏيو جتي به هن محنت ڪئي ٿوري وقت ۾ ڪمپوزنگ ، هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جو ماهر ٿي ويو. انٽر کان پوءِ هن جو شوق هو ته آئون يونيورسٽي ۾ پڙهان هن انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪئي ان ۾ پاس ٿيو هن جي يونيورسٽي داخلا ٿي ويئي اڄ به هيءُ يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو آهي ڪمپيوٽر جي ڪم جو به ماهر آهي جنهن ڪري هن جي پڙهائي جو خرچ نڪري رهيو آهي هيءُ اڳتي وڌي رهيو آهي هن جي محنت جي ڪري اڄ هر ڪنهن جي دل ۾ هن جي عزت آهي هن کي اڄ جيڪا به عزت ملي ٿي اها هن جي محنت جي نتيجي جو ڦل آهي هن پنهنجي مغزوري کي ڪڏهن به مجبوري نه سمجھيو آهي هن مان اسان کي سبق وٺڻ گھرجي. جيڪو هن سبق ڏنو آهي ته معذوري مجبوري نه آهي. محنت سان هر مشڪل آسان ٿي ويندي آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اسان هن کي ڪنهن وڏي عهدي تي ڏسنداسين.