ٻاراڻو ادب

هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

هي ڪتاب ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ محترم دوست خادم گهراڻي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
خادم گهراڻو سنڌ سلامت سٿ جو سينيئر ۽ پراڻو دوست آهي. اڄ جڏهن ڪتاب ڇپائڻ عام ليکڪ لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم ٿي چڪو آ، ڇو ته ادبي ادارا مفت ۾ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ناهن، سرڪاري ادارا پنهنجي الڳ پاليسي جوڙيو ويٺا آهن. سنڌ سلامت آنلائين ڪتاب جي سروس آڻي اهڙن ليکڪن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن.
Title Cover of book هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

ڌنار جو عقلمند پٽ

ڳالھه ڪندا آهن ته هڪ ملڪ ۾ هڪ بادشاھ ۽ هڪ ڌنار رهندو هو. بادشاھ کي صرف هڪ نياڻي هئي ۽ ڌنار کي هڪ پٽ هو. جيڪو پنهنجي پيءُ سان گڏ ڌنار وارو ڌنڌو ڪندو هو ڌڻ ڪاهڻ ۾ پنهنجي پيءُ جي مدد ڪندو هو. هن ڪجھه تعليم به حاصل ڪئي هئي. ڌنار هر وقت پنهنجي پٽ کي دعائون ڪندو رهندو هو ته هو منزل ماڻيندو. هن طرف بادشاھ کي هڪ نياڻي هئي اها به اچي جوان ٿي بادشاھ کي هر وقت هن جو فڪر هوندو ته هن جا هٿ پيلا ڪري پنهنجو فرض پورو ڪريان. پر بادشاھ کي ڪو اهڙو رشتو نه مليو ٿي. هڪ ڏينهن بادشاھ پنهنجي خاص وزير کان ڳالھه ٻولهه ڪئي جنهن بادشاھ کي چيو ته آئون ڪجھه سوال اوهان کي ٻڌايان ٿو اوهان شهر ۾ ۾ پڙو ڏياريو ته جيڪو به انهن سوالن جا جواب ڏيندو آئون پنهنجي ڌيءَ جي شادي ان سان ڪندس. ٻئي ڏينهن بادشاھ شھر ۾ پڙو ( ڌنڌورو ) ڏياريو. مقرر وقت تي ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا. جيڪي پنهنجي نصيب کي آزمائڻ آيا هئا. هن طرف ڌنار جي پٽ پنهنجي پيءُ کان اجازت ورتي ته مون کي اجازت ڏيو ته آئون به پنهنجو نصيب آزمائي ڏسان. ڌنار پنهنجي پٽ کي دعائون ڏيندي اجازت ڏني. بادشاھ جي محل ۾ ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا. بادشاھ انهن کي چيو ته جيڪو به منهنجي پنجن سوالن جا جواب صحيح ڏيندو آئون پنهنجي ڌيءُ جي شادي ان سان ڪندس جيڪو جواب نه ڏيندو ان تي ڪجھه ڏنڊ وڌو ويندو. سڀني اها بادشاھ جي ڳالهه مڃي. پوءِ بادشاھ چيو ته هاڻي سوال غور سان ٻڌو پهريون سوال آهي ته اها ڪهڙي هستي آهي جنهن کان پوءِ دعا جا در ڄڻ بند ٿيو وڃن ؟. ٻيو سوال آهي ته ڪهڙو اولاد سڀ کان وڌيڪ پنهنجي ماءُ پيءُ جي مٿان گھور ويندو آهي ؟ ٽيون سوال آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا وڍجڻ سان نٿي وڍجي ؟ چوٿون سوال آهي ته انسان زندگي کي ڪيئن گذاري ؟ پنجون سوال آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا امير ۽ غريب جي گھر تي اچي ٿي ؟ سوال ڏيئي بادشاھ آيل سڀني کي چيو ته هاڻي سڀني کان واري واري سان سوالن جا جواب پڇبا پر ان کان اڳ ڪجھه وير آئون فيصلي لاءِ مقرر ڪريان ٿو جيڪي اهو فيصلو ڪن ته ڪنهن جا جواب صحيح آهن. وزير مقرر ڪرڻ کان پوءِ بادشاھ هر ڪنهن کان واري واري سان سوال ڪندو رهيو جيڪي انهن جواب ڏنا اهي وزير لکندا ويا آخر ۾ ڌنار جو پٽ بيٺل هو ان کان سوالن جواب معلوم ڪيا ويا. آخر ۾ وزيرن چيو ته هن ڌنار جي پٽ جي سڀ سوال صحيح آهن. پهريون سوال هو ته اها ڪهڙي هستي آهي جنهن کان پوءِ چڻ دعا جا در بند ٿيو وڃن ؟ ان جو جواب هن ڏنو ته اها ماءَ جي هستي آهي. ٻيو سوال اهو هو ته ڪهڙو اولاد سڀ کان وڌيڪ پنهنجي ماءُ پيءُ مٿان گھور ويندو آهي ؟ ان جو جواب هن ڏنو ته اها ڌيءَ آهي جيڪا والدين مٿان گھور ورندي آهي اهو هن جو جواب صحيح آهي ڇاڪاڻ ته ڌيءَ پنهنجي والدين کي تڪليف نه ڏسڻ چاهيندي آهي. ٽيون سوال هو ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا وڍجڻ سان نٿي وڍجي ؟ هن جواب ڏنو ته اهو پاڇو آهي هن جو اهو جواب به صحيح آهي ڇاڪاڻ ته پاڇي کي ڪيترا به ڌڪ هڻواهو نه وڍبو آهي. چوٿون سوال هو ته انسان زندگي ڪيئن گذاري ؟ هن جو جواب هو ته انسان ان شمع وانگر زندگي گذاري جيڪا پاڻ ته جلندي آهي پر ٻين کي سهائو ڏيندي آهي مطلب ته انسان پنهنجي لاءِ نه پر ٻين جي لاءِ به سوچي ٻين جي ڏکن درمانن کي پنهنجو سمجھي ٻين جي مدد ڪندو رهي. پنجون سوال هو اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا امير ۽ غريب جي گھر اچي ٿي ؟ هن جواب ڏنو ته اها سج ۽ چنڊ جي روشني آهي جيڪا گلن تي پوي ته ڪنڊن تي به پوي ٿي امير جي گھر به اچي ٿي ۽ غريب جي گھر به اچي ٿي. بادشاھ وزيرن جو فيصلو ٻڌي ڌنار جي پٽ کي چيو ته اڄ تون ڪامياب ٿيو آهي هاڻي منهنجي ڌيءَ تنهنجي آهي ان سان تنهنجي شادي ڪرائيندس ۽ جيڪا تنهنجي خواهش هجي ته اها ٻڌايو ته ان کي پورو ڪريان. جنهن تي هن چيو بادشاھ سلامت توهان چيو هو ته جيڪو سوالن جا صحيح جواب نه ڏيندو انهن کان ڏنڊ ورتو ويندو منهنجي خواهش آهي ته هنن کان ڏنڊ نه ورتو هنن کي ڇڏيو وڃي. جنهن تي بادشاھ چيو ته ها هنن کي ان شرط تي ڏنڊ نه ورتو ويندو ۽ ڇڏيو ويندو ته هيءُ سڀ منهنجي ڌيءَ جي شادي ۾ شرڪت ڪندا. انهن آيل سڀني بادشاھ جي اها دعوت قبول ڪئي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ بادشاھ جي ڌيءَ جي شادي وڏي شان شوڪت سان ڌنار جي پٽ سان ٿي. هاڻي محل ۾ ڌنار پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ خوش گذارڻ لڳو. ڪجھه وقت کان پوءِ بادشاھ پنهنجي بادشاهت جي واڳ به هن جي حوالي ڪري ڇڏي هن اهڙي نموني حڪومت هلائي جو سڀ عوام هن مان خوش ٿي ۽ اهو ملڪ ترقي ڪندو ويو. ٻارو اسان کي به هنن سوالن تي غور ڪرڻ گھرجي هنن ۾ نصيحت به آهي ته ڄاڻ به آهي